شاعري

ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون

ھي ڪتاب سنڌ جي عوامي شاعر سرويچ سجاولي جي شاعريءَ جو مجموعو آھي. سرويچ سجاولي صاحب جو ھي مجموعو غزلن، نظمن، گيتن، وأين، ڪافين ۽ ڪجھھ محبوب شخصيتن کي ڏنل ڀيٽا وارن شعرن تي مشتمل آھي، جيڪي وقت بوقت سرويچ جي اندر مان اڀري اکرن جي صورت وٺي ڪورن ڪاڳرن تي ظاھر ٿيا. سرويچ سجاولي جي شاعري، سنڌ جي شعور جي علامت، قومي حقن لاءِ اُٿندڙ آواز ۽ طبقاتي ڦُرلُٽ جي خلاف احتجاج جو سگھارو آواز آھي. سندس شاعري ۾ نه رڳو پنھنجي وطن، پر ان جي پورھيتن، ڪمين ڪاسبين، ھارين، نارين، عورتن، ٻارن، ٻڍن، جي اھنجن، ايذائن ۽ سورن جي ڳالھ ڪيل آھي، پر انھن جو درمان به ڏسيل آھي. ۽ بي باڪي ۽ دليريءَ سان پنھنجي حقن کي ڇني وٺڻ جي واٽ به ڏسيل آھي. سرويچ جي شاعري فڪري حوالي سان قومپرست ترقي پسند ۽ جمهوريت پسند فڪر جي ترجماني آھي.
Title Cover of book ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون

ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون

ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون

وهواهه هي منهنجو وطن، چارئي ڪُنڊون جنهن جون چمن،
سَوَ سَوَ منجهس پوکون پچن، واهڻ وستيون جنهن جون وسن،
ماڻهو جتي جا محبتي، سورهيه سگهارا صحبتي،
سڀ مرد مايون محنتي، ۽ قول تن جا قيمتي،
ويهي رڳو واکاڻجن، ٻيلا ٻنيون مهراڻ جون،
جنت الفردوس آهن، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون.

جت جيڏڙيون جنسار ڪن، سَت سَت رنگا سينگار ڪن،
هٿ منهن ڌوئي هسهار ڪن، تان گس گهٽيون گلزار ڪن،
جلوا ٿا پَسجن جُو به جُو، سُرهاڻيون پڻ سُو به سُو،
درشن ٿين جي دوبدو، ته ڄڻ ڪه حورون هوبهو،
سبحانھ سبحانھ! سي سوڍيون مهراڻ جون،
جنت الفردوس آهن، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون.

سُرما وجهي، ڏيئي ڦڻيون، پاڻيءَ ڀرڻ لئه پدمڻيون،
گڏجيو هلن پنج ست ڄڻيون، هيڏن ڪنڌن سان ڪامڻيون،
ڪِن کي نٿون، ڪِن وينڍڙا، سِر تي سمورين سينهڙا،
گُجرن ڀريا پاڻيءَ گهڙا، ڪِن ڪَڇ تي، ڪِن ٻيلهڙا،
هو لاڏ مان لُڏنديون اچن، ڏس لاڏليون مهراڻ جون،
جنت الفردوس آهن، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون.

جي ٻوليون تن جون ٻُرن، ٿا چنگ ڪر چالن چُرن،
يا ساز ڪنهن تي هٿ سُرن، يا روهه تان برفون ڀُرن،
يا گيت پيو ڪو ڳائجي، يا وائي پئي ورجائجي،
يا لهر پئي ٽڪرائجي، يا ڪنوار پئي پرڻائجي،
يا چيٽ ۾ چُڻ ڀُڻ ٿيون ڪن، ڪي چاڳليون مهراڻ جون،
جنت الفردوس آهن، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون.

خوش ٿي کٿيريون کِلن، تان ماڻڪن جا مڻ ملن،
جي ٽول پائي ٿيون ٽِلن، تان ساڙ ۾ ڊيلُون جَلن،
هو سنڌ تان گهوريو گُهمن، ۽ ملڪ جي مٽي چُمن،
هو سنڌ جي خاطر جيئن، ۽ سنڌ جي خاطر ڄمن،
شل جيئنديون ٻئي جڳ رهن، هي جوڌيون مهراڻ جون،
جنت الفردوس آهن، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون.

ڳڀرو اُچن ڳاٽن سان جِت، ڏوٿي اُڀن ڏاٽن سان جِت،
گهوٽيا گُهمن گهاٽن سان جِت، ۽ گهوٽ گهوٻاٽن سان جِت،
اوڍيو گُهمن سي اجرڪون، ٽوپين تي موتي ۽ ٽِڪون،
ڇا بُت بدن جون بيهڪون، ٿا سونهن جون لاهن سِڪون،
اهڙا ٻچا اڄ ڀي ڄڻين، اڪثر اَميون مهراڻ جون،
جنت الفردوس آهن، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون.

جن جا جري ۽ جُواڻ پُٽ، ڳاڙها جيها حُلواڻ پُٽ،
رانديون ڪُڏن رت ساڻ پُٽ، ”سرويچ“ پُٽ سرواڻ پُٽ،
هِڪ هِڪ سندا هيڏا جگر، هِڪ هِڪ ڇڏي ٽوڙي ٽڪر،
هِڪ هِڪ اٿيئي سيني سَپَرَ، هِڪ هِڪ ڪري ڇيهون ڇپر،
هِڪ هِڪ سنديءَ مستيءَ ۾، ڏس مستيون مهراڻ جون،
جنت الفردوس آهن، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون.