شاعري

ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون

ھي ڪتاب سنڌ جي عوامي شاعر سرويچ سجاولي جي شاعريءَ جو مجموعو آھي. سرويچ سجاولي صاحب جو ھي مجموعو غزلن، نظمن، گيتن، وأين، ڪافين ۽ ڪجھھ محبوب شخصيتن کي ڏنل ڀيٽا وارن شعرن تي مشتمل آھي، جيڪي وقت بوقت سرويچ جي اندر مان اڀري اکرن جي صورت وٺي ڪورن ڪاڳرن تي ظاھر ٿيا. سرويچ سجاولي جي شاعري، سنڌ جي شعور جي علامت، قومي حقن لاءِ اُٿندڙ آواز ۽ طبقاتي ڦُرلُٽ جي خلاف احتجاج جو سگھارو آواز آھي. سندس شاعري ۾ نه رڳو پنھنجي وطن، پر ان جي پورھيتن، ڪمين ڪاسبين، ھارين، نارين، عورتن، ٻارن، ٻڍن، جي اھنجن، ايذائن ۽ سورن جي ڳالھ ڪيل آھي، پر انھن جو درمان به ڏسيل آھي. ۽ بي باڪي ۽ دليريءَ سان پنھنجي حقن کي ڇني وٺڻ جي واٽ به ڏسيل آھي. سرويچ جي شاعري فڪري حوالي سان قومپرست ترقي پسند ۽ جمهوريت پسند فڪر جي ترجماني آھي.
Title Cover of book ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون

جـاڳـي پـيـا

جـاڳـي پـيـا

هن ڀُونءَ منجهان باکون ڦٽن، گهر گهر منجهان گوليون ڇُٽن،
پيا ڏاڍ جا ڏينهڙا کٽن، ظلمن جون زنجيرون ٽُٽن،
هيءَ جا پِرهه پئدا ڪئي، پڙ ۾ ڪُڏي پاڏن پُٽن،
هو هاڻ ڪيئن سگهندو بچي، هي هيترا جاڳي پيا.
اي دوست! پنهنجي سنڌ جا ڇيڙا سِرا جاڳي پيا.
آسون ڪَرون موڙي اُٿيون ۽ آسرا جاڳي پيا.

آ مڇ تي مارو متل، سڀ رَڇَ راڇين جا رتل،
ڪونهي ڪلاچي ڪُن بُتل، آ ڪوس ڪوسان ۽ قتل،
مانگر- مرو مارڻ جي لا، ڪيڏو نه آهي رت تتل،
هر مياڻ مان هي، مورڙا ۽ منڇرا جاڳي پيا.
اي دوست! پنهنجي سنڌ جا ڇيڙا سِرا جاڳي پيا.
آسون ڪَرون موڙي اُٿيون ۽ آسرا جاڳي پيا.
هي سامراجين کي سڏي، ويڙهيون پيا ڪن واڪي وڏي،
هو ڪوڙ تي ڪوڙهيو ٽـڏي، هي سچ تي بيٺا اڏي،
جي سنڌ جا ويري وڏا، تن کي ته ڏيندا ڪيئن ڇڏي،
هي موملون جاڳي پيون، هو مينڌرا جاڳي پيا.
اي دوست! پنهنجي سنڌ جا ڇيڙا سِرا جاڳي پيا.
آسون ڪَرون موڙي اٿيون ۽ آسرا جاڳي پيا.

ڇا ساٿ ۾ آ سرڪشي، ٿي غير کي جنهن کان غشي،
سوڙهو سُڪي ٿيو سازشي، جوتون ڪُٽي پيو جوتشي،
هت هر صبح سوڀون ڄمائڻ لاءِ، ڪمر ڪوپن ڪشي،
هي اڙٻنگا جاڳي پيا، هو اونٿرا جاڳي پيا.
اي دوست! پنهنجي سنڌ جا ڇيڙا سِرا جاڳي پيا.
آسون ڪَرون موڙي اٿيون ۽ آسرا جاڳي پيا.

جُو جُو منجهان جوڌا اُٿيا، سَرَ سَرَ منجهان سوڍا اٿيا
ديهه ديهه منجهان دودا اُٿيا، سر جا ڪرڻ سودا اٿيا.
هي ڳاٽ اوچي ساڻ ڳوٺن مان، لکين ڳوڌا اٿيا،
هي بي ڊپا بانڪا بهادر بانورا جاڳي پيا.
اي دوست! پنهنجي سنڌ جا ڇيڙا سِرا جاڳي پيا.
آسون ڪَرون موڙي اٿيون ۽ آسرا جاڳي پيا.

جو لوڏ ۾ ٻچڙو لُڏي، سوڀي ڪهاڙيءَ سان ڪُڏي،
ٿو ڄاڻ ٿاڻن کي ٿُڏي، ٻيڙو ٿو ظالم جو ٻُڏي،
هي شينهن ايندڙ ڏينهن تي، هر غير کي رکندا گُڏي،
هي ڇوڪريون جاڳي پيون، هو ڇوڪرا جاڳي پيا.
اي دوست! پنهنجي سنڌ جا ڇيڙا سِرا جاڳي پيا.
آسون ڪَرون موڙي اٿيون ۽ آسرا جاڳي پيا.

هي وڳ واڙڻ کان گهڻا، قيدن ۾ ڪاڙهڻ کان گهڻا،
گهاڻن ۾ پيڙهڻ کان گهڻا، ڦاهين تي چاڙهڻ کان گهڻا،
هي چوٽ تي وڙهندا چڙهي، تنهنجي چٻاڙڻ کان گهڻا،
هي اڻ ڳڻيا ارڏا چريا، اڀرا ڀِرا جاڳي پيا.
اي دوست! پنهنجي سنڌ جا ڇيڙا سِرا جاڳي پيا.
آسون ڪَرون موڙي اٿيون ۽ آسرا جاڳي پيا.

ماڻهو امر مهراڻ جا، قاتل اصل ڪاراڻ جا،
چورين سُر چانڊاڻ جا، راڳي سدا رت ڇاڻ جا،
وارث سَوَن صدين ڪنان، پٽڪي لُنگي پهراڻ جا.
ڏک ڏوجهرن ۾ ڏرجندي، هي سوجهرا جاڳي پيا.
اي دوست! پنهنجي سنڌ جا ڇيڙا سِرا جاڳي پيا.
آسون ڪَرون موڙي اٿيون ۽ آسرا جاڳي پيا.

”سرويچ“ سانوڻ سنڌ جا، لافان لالڻ سنڌ جا،
آوڻ ۽ جاوڻ سنڌ جا، ڳائڻ وڄائڻ سنڌ جا،
قلمن ڌڻي ڪاغذ کڻي، بنجي پيا چارڻ سنڌ جا،
ڪک پن پنا پينون، پٽيون پٽ پيچرا جاڳي پيا.
اي دوست! پنهنجي سنڌ جا ڇيڙا سِرا جاڳي پيا.
آسون ڪَرون موڙي اٿيون ۽ آسرا جاڳي پيا.