جاني وطن
جيءَ چئي توکي ڏيان، آءُ جان ۾ جايون وطن،
تنهنجي عظمت جي اڳيان ٿا ڪنڌڙو نايون وطن،
ڇو نه توسان پيچ پُختا پرت جا پايون وطن،
تنهنجا ڳُڻ ڳالهيون ٿا ڳيچ ڳچ ڳايون وطن،
تنهنجي پيدائش مان پُڻ، پوشاڪ پٽ پايون وطن،
تنهنجي اَن وَ ڌن، مان ٿا کائون کارايون وطن،
آهه عام و خاص تي ٿي تنهنجي احساني وطن!!
جان ۾ جانڪي رکان توکي سدا جاني وطن!!
تنهنجي احسانن سندو، اذڪار هردم ٿو ڪيان،
تنهنجي سوڀيا سونهن جي سچ ساک سارو ڏينهن ڏيان،
پيو ثنا تنهنجي ڪندس، جا سين ٿو جانب مان جيان،
تنهنجي سيرت تان سونهارا، سؤ لڱا صدقي ٿيان،
جا بجا جنسار تو ۾، آهين تون جنت جيان
ٿي اچي هٻڪار عنبر هر گهٽي هرگس منجهان
واٽ ور تان ٿو اچي، وهه واس ريحاني وطن!!
جان ۾ جانڪي رکان توکي سدا جاني وطن!!
آب تنهنجو آهه سچ پچ، آب ڪوثر کان وڌيڪ،
تنهنجا واريءَ جا ڪڻا ٿيا، مُشڪ و عنبر کان وڌيڪ،
تنهنجي هر هڪ سِرَ مٽيءَ جي سنگ مرمر کان وڌيڪ،
تنهنجا پٿر پهڻ پيارا لعل و گوهر کان وڌيڪ!
تنهنجا ڪوڏا ۽ مڻيا الماس احمر کان وڌيڪ،
تنهنجا ڪانڊيرا ۽ ڪنڊا مون لئه ٽانگر کان وڌيڪ
تنهنجو ”ڪوڏيون ۽ ٽِڪون“ لعلون بدخشاني وطن!
جان ۾ جانڪي رکان، توکي سدا جاني!
تنهنجي ڌرتي پاڪ پياري ۽ وڻي پاڻي پلر،
تنهنجي هارين جي ٿي وئي هر ڪار لابارو هلر،
تنهنجون ”چوڙيليون وڻن جي ٿيون، ڪُڏن ڪوڏي چلهرُ،
تنهنجو اکين ۾ وجهان سُرمون ڪري ڪارو ڪلر،
تنهنجي هر هڪ چيز چوکي، ڀل هُجن ڇوڏا ڇلر،
تنهنجا مون کي ٿا وڻن ٿا، ڌڻ مال جا وڳڙا ولر،
۽ وڻن ٿا دلگهريا، دلدار دهقاني وطن!
جان ۾ جانڪي رکان، توکي سدا جاني وطن!
تنهنجون البيليون ۽ ساديون، سانگياڻيون دل صفا،
باوفا تو ساڻ آهن، ڀاتين سان باوفا،
بُرد باريءَ ۾ نه تن سان، ڪو ڪري سگهندو جٽا،
ڏينهن جو ڪن هاج گَهر جي، جان کي ڏيئي جفا،
رات جو ”اَٺ نَوَ ڄڻيون“ سُر سان چَون سهرا مِٺا،
۽ محبت ميٺ جي تن وٽ نه ماڳهين کوٽ ڪا،
ڪن ڪُماريون قرب واريون، تو ۾ قرباني وطن!!
جان ۾ جانڪي رکان، توکي سدا جاني وطن!!
اي وطن! تنهنجا سڀئي نرمل نظارا واهه واهه،
سبز پوشاڪن سان ساوا، ساوا ٻارا واهه واهه،
وَرَ وَڪڙ واهڻ ڪَسيون ڪوڀون ڪنارا واهه واهه،
بحر، بر، باغات بستيون، شهر سارا واهه واهه،
تڙ، ترايون، ڍوريون، ڍورا ۽ چارا واهه واهه،
پوک لڳ پوکون پڪيون، پسجن پسارا واهه واهه.
هر فصل جي آهه تو ۾، ٿي فراواني وطن!
جان ۾ جانڪي رکان، توکي سدا جاني وطن!
تنهنجي ڌرتي پاڪ جي مان، ٻاريءَ ٻاريءَ تان نثار،
تنهنجي مان مزدور مُفلس، هاريءَ هاريءَ تان نثار،
تنهنجي هر هڪ نيڪ بيبي، ناريءَ ناريءَ تان نثار،
ديس وارن جي ته آئون، دستڪاريءَ تان نثار،
اي سونهاري سنڌ! تنهنجي سونهن ساريءَ تان نثار
ابتدا کان تنهنجي آهيان، آب و واريءَ تان نثار،
تنهن ڪري تنهنجي ڪريان، هردم ثنا خواني وطن،
جان ۾ جانڪي رکان، توکي سدا جاني وطن!
رب جي رحمت مٿئه، برساتيون تو ۾ وَسَن،
تڙ تراين تار ۾ تارُو به ري تُرهن ترن،
مست موسم مينهن ۾، مهراڻ تنهنجو موجزن،
پي پلر پهريون وليون، پوشاڪ پهري سر پٽن،
ويس سائو ٿيو وڻن، وانگي وڻن، وانڍيون وڻن،
هر ڳلي موتين ڳُتي، هر ڳوٺ مُلهه موتي مڻن،
ٿي ثنا ”سرويچ“ آهي فرض انساني وطن!
جان ۾ جانڪي رکان توکي سدا جاني وطن!