شاعري

ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون

ھي ڪتاب سنڌ جي عوامي شاعر سرويچ سجاولي جي شاعريءَ جو مجموعو آھي. سرويچ سجاولي صاحب جو ھي مجموعو غزلن، نظمن، گيتن، وأين، ڪافين ۽ ڪجھھ محبوب شخصيتن کي ڏنل ڀيٽا وارن شعرن تي مشتمل آھي، جيڪي وقت بوقت سرويچ جي اندر مان اڀري اکرن جي صورت وٺي ڪورن ڪاڳرن تي ظاھر ٿيا. سرويچ سجاولي جي شاعري، سنڌ جي شعور جي علامت، قومي حقن لاءِ اُٿندڙ آواز ۽ طبقاتي ڦُرلُٽ جي خلاف احتجاج جو سگھارو آواز آھي. سندس شاعري ۾ نه رڳو پنھنجي وطن، پر ان جي پورھيتن، ڪمين ڪاسبين، ھارين، نارين، عورتن، ٻارن، ٻڍن، جي اھنجن، ايذائن ۽ سورن جي ڳالھ ڪيل آھي، پر انھن جو درمان به ڏسيل آھي. ۽ بي باڪي ۽ دليريءَ سان پنھنجي حقن کي ڇني وٺڻ جي واٽ به ڏسيل آھي. سرويچ جي شاعري فڪري حوالي سان قومپرست ترقي پسند ۽ جمهوريت پسند فڪر جي ترجماني آھي.
Title Cover of book ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون

سو راڻل فاضل راهو هو

سو راڻل فاضل راهو هو

هو ماري هو مردارن جو، ۽ قاتل سوئر ڪارن جو،
جو قاتل سوئر ڪارن جو، سو ڦورن لاءِ ڦاهو هو،
جو ڦورن لاءِ ڦاهو هو، سو راڻل فاضل راهو هو،
هو ڏاڍو ڏاهو ڏاهو هو.
هن راهوڪيءَ جو راهو هو.

هو ماري هو هر ماريءَ جو، هو ننگ ته ننگر ناريءَ جو،
جو ننگ ته ننگر ناري جو، سو ڍيڍن لاءِ ڊاهو هو،
جو ڍيڍن لاءِ ڊاهو هو، سو راڻل فاضل راهو هو،
هو ڏاڍو ڏاهو ڏاهو هو.
هن راهوڪيءَ جو راهو هو.

هُو ڪُوپو هو، هُو ڪو ڪرنل هو، هُو جرنيلن جو جنرل هو،
هو پاڻ ”ڪماني“ جاني هو، ۽ قوم سڄيءَ جو ڪاهو هو،
جو قوم سڄيءَ جو ڪاهو هو، سو راڻل فاضل راهو هو،
هو ڏاڍو ڏاهو ڏاهو هو.
هن راهوڪيءَ جو راهو هو.

هر ڀاڳئي سان هُو ڀيڙو هو، هو هڪ نه پر ڪو ميڙو هو.
هو مارُن لاءِ ماندو هو، پر ٽڪارن لا ٽاهو هو،
جو ٽِڪارن لا ٽاهو هو، سو راڻل فاضل راهو هو،
هو ڏاڍو ڏاهو ڏاهو هو.
هن راهوڪيءَ جو راهو هو.

هر ڌارئي کي هن ٽاريو هو، هن لُچن کي للڪاريو هو،
هو پنهنجي سنڌي ماڻهن جي، يَرَ آزادي جو چاهو هو،
جو آزاديءَ جو چاهو هو، سو راڻل فاضل راهو هو،
هو ڏاڍو ڏاهو ڏاهو هو.
هن راهوڪيءَ جو راهو هو.

هو جنگي جوڌو جانٺو هو، ۽ بدڪارن لاءِ بانٺو هو،
هر ڏاڍ جي ڏونگر ڏاڍي سان، هو سورهيه سيني ساهو هو،
هو سورهيه سيني ساهو هو، سو راڻل فاضل راهو هو،
هو ڏاڍو ڏاهو ڏاهو هو.
هن راهوڪيءَ جو راهو هو.

هو ويرين کي ته وڍيندڙ هو، هُو صالح سنڌ اَڏيندڙ هو،
هو پنهنجي ٺاڻن ڀاڻن جو، ڪو ٺاٺارو ۽ ٺاهو هو،
جو ٺاٺارو ۽ ٺاهو هو، سو راڻل فاضل راهو هو،
هو ڏاڍو ڏاهو ڏاهو هو.
هن راهوڪيءَ جو راهو هو.

هُو راڻو هو ڪُل راڄن جو، ۽ عاشق قومي ڪاڄن جو
هُو سنڌ سڄي جي سونهپ هو، ۽ پَرمارن لاءِ پاهو هو
جو پَرمارن لاءِ پاهو هو، سو راڻل فاضل راهو هو،
هو ڏاڍو ڏاهو ڏاهو هو.
هن راهوڪيءَ جو راهو هو.

هُو ڪوسيءَ توڙي ٿڌيءَ ۾، هو قوم سان ٻڌل ٻڌيءَ ۾،
هو سڏ ۾ ڏيندو سڏ هئو، هو ڪڙمين جو ڪَرلاهو هو،
جو ڪڙمين جو ڪَرَلاهو هو، سو راڻل فاضل راهو هو،
هو ڏاڍو ڏاهو ڏاهو هو.
هن راهوڪيءَ جو راهو هو.

هن ٽڪر ڪيئي ٽوڙيا هئا، ۽ اوکا ڪوٽ اُکوڙيا هئا،
جن کاهوڙين سان کؤنس ڪئي، تن کوٽن لاءِ کاهو هو،
جو کوٽن لاءِ کاهو هو، سو راڻل فاضل راهو هو،
هو ڏاڍو ڏاهو ڏاهو هو.
هن راهوڪيءَ جو راهو هو.

هو ڪولهين ڀيلن يار هئو، هُو ماڻهو مڻيادار هو،
هو ڏکن ڏاريل ڏوٿيئڙن جي، آس وڏي ۽ آهو هو،
جو آس وڏي ۽ آهو هو، سو راڻل فاضل راهو هو،
هو ڏاڍو ڏاهو ڏاهو هو.
هن راهوڪيءَ جو راهو هو.

هو قول جو پختو پڪو هو، ۽ ٿَڪ نه ڪنهن کان ٿَڪو هو،
هو هارين سان گڏ هاري هو ۽ هيڻن جو همراهو هو،
جو هيڻن جو همراهو هو، سو راڻل فاضل راهو هو،
هو ڏاڍو ڏاهو ڏاهو هو.
هن راهوڪيءَ جو راهو هو.

هو ڏاڍو ڪو محبوب مٺو، هو ماروئڙن کي خوب مٺو،
هو من جو اڇو اُجرو هو، ۽ ماکيءَ مکڻ ماهو هو،
جو ماکيءَ مکڻ ماهو هو، سو راڻل فاضل راهو هو،
هو ڏاڍو ڏاهو ڏاهو هو.
هن راهوڪيءَ جو راهو هو.

هو سوڍو ۽ ”سرويچ“ سچو، هو سانول سنڌي ٻچو هو،
هو رهزن رت پياڪي لاءِ، هو راڻو ڄڻ راتاهو هو،
جو رهزن لاءِ راتاهو هو، سو راڻل فاضل راهو هو،
هو ڏاڍو ڏاهو ڏاهو هو.
هن راهوڪيءَ جو راهو هو.


[شهيد عوام محمد فاضل راهوءَ جي پهرين ورسيءَ جي موقعي تي راهوڪي ۾ جلسه عام ۾ پڙهيو ويو.]