ته ٻيو ڇا ڪن!
اسانجي ملڪ جا ماڻهو، نه هڙ چٽ ڪن ته ٻيو ڇا ڪن،
چرين جهڙا سڄو ڏينهن ڪم، نه چرٻٽ ڪن ته ٻيو ڇا ڪن؟
ڇڏي پنهنجي حسين جُوءِ، ڪنهن واهياڻيءَ يا دائيءَ مان،
وڏيرا سِج نئين جيڪر، نه نئين وَٽ ڪن ته ٻيو ڇا ڪن؟
پُوليسي بي ريا آفيسر، ڀڄائي چُور کي هَٿ سان،
مڇون پو ٻيئي نه ڀاڳين جون، پٽي پَٽ ڪن ته ٻيو ڇا ڪن؟
نياڻيون قوم جون اڄڪلهه، وڍائي وار واسينگي،
دِليپي دوُر هن ۾، سي نه جي ڪٽ ڪن ته ٻيو ڇا ڪن؟
مِلي جن ماءُ کان لولي، گهُمو ڪِلبَن ڪِلفٽن ۾،
ڇڏي سڀ ننگ سي ناريون، نه جي نٽ ڪن ته ٻيو ڇا ڪن؟
سُڻي سؤ ڪوهه تي سَڻڀي، ڪنهن دعوت جو مُلان مُفتي،
چَٽي مسجد ۾ پنهنجا هَٿ، نه سي چٽ ڪن ته ٻيو ڇا ڪن؟
قضا سان ڪي ميانجي، جي پَوَن اَٽڪي ڪنهن ٻُوٽيءَ تان،
پَٽي هڪٻئي سنديون ڏاڙهيون، نه سي پَٽ ڪن ته ٻيو ڇا ڪن؟
سَڄو ئي ڏينهن ڪو واندومل، وِجهي وِهي واٽ تي چوئي،
نه پوءِ ڪنهن ناز واريءَ سان، اکيون اَٽڪن ته ٻيو ڇا ڪن؟
هُجي ڪنهن چيز جو هڪڙو ئي، هلندڙ اگهه هرجاءِ،
ته کوٽا پوئي واپاري نه جي، وَٽ ڪن ته ٻيو ڇا ڪن؟
مِلَن جي چئن آنن ۾، سڄيون ئي ويهه سگريٽون،
نه ڦِڦڙن ۾ ڀَلا سي جي، وڏا ڦَٽ ڪن ته ٻيو ڇا ڪن؟
ڪُتن ڪُڪڙين جي ويڙهين تان، رڇن بازن جي بازين تان،
ڏِهاڙي خون ۽ جهيڙا، نه جي ڄَٽ ڪن ته ٻيو ڇا ڪن؟
سَتائين راهه ويندي، ٽرڙا عاشق جي نياڻين کي،
ته پوءِ تِن مَٿي سئنڊل، نه سَٽ سَٽ ڪن ته ٻيو ڇا ڪن؟
نه ٿي اَڄ ڪلهه جي ڪامورن جي، ٿئي پُورت پگهارن مان،
ته پوءِ لاچار رشوت مان، نه پَٽ سَٽ ڪن ته ٻيو ڇا ڪن؟
هجي جت نينهن ناڻي جو، اُتي ڪنهن جُوکي عاشق کي،
ڌِڪا ڏيئي دَر مٿان دِلبر، نه هَٽ هَٽ ڪن ته ٻيو ڇا ڪن؟
گهڻائي جُوان جُو کا تر، ڇِنل ڪنهن بُوٽ پنهنجي جي،
جُمع جي ڏينهن مسجد ۾، نه مَٽ سَٽ ڪن ته ٻيو ڇا ڪن؟
لٿا مُرشد هَڻي منزل، وٺي ٽولا خليفن جا،
جُهڳوئي جَهڻ مُريدن جو، نه جَهٽ پَٽ ڪن ته ٻيو ڇا ڪن؟
زماني جي ڏسي حالت، اَچي وئي ماسترن کي مَت،
پَنا ۽ پينون وِڪڻي، نه سي پَٽ ڪن ته ٻيو ڇا ڪن؟
جُوارين جُوءِ جا ڪپڙا، به ڇڏيا راند ۾ وڪڻي،
نه سي نيلام جي هاڻي، گهڙا مَٽ ڪن ته ٻيو ڇا ڪن؟
ادب جي آڙ ۾ آهي، اديبن جي لڳي اَڻ وَڻ،
هڻي الزام هِڪٻئي تي، نه وڌ گهٽ ڪن ته ٻيو ڇا ڪن؟
صحافي ڪي صحافت جا، ويا ليڪا لتاڙي سڀ،
رُڳوئي ماڻهيان ڀيڻهيان، نه سي ڀَٽ ڪن ته ٻيو ڇا ڪن؟
گهڻيون اَڄ ڪَلهه جون اخبارون، رُڳوئي اشتهارن لئه،
وَزيرن جي درن تي جي، نه واڄٽ ڪن ته ٻيو ڇا ڪن؟
ڪٿان جا ڪيئي ڪامورا، ڪَمائڻ لئه هِتي آيا،
ڦُري سي سنڌ کي بلڪل، نه بَرپٽ ڪن ته ٻيو ڇا ڪن؟
اسان جا ريڊيا، ٽي.ويون، ٽڪي پئسي تي وڪجي ويا،
ڪُتن وانگي، ڪِني هَڏ تي، نه ڪونڪٽ ڪن ته ٻيو ڇا ڪن؟
سياست سِنڌ جي ميرن، وڏيرن، رئيسن پيرن، وٽ،
سڄو ڏينهن سينڌ جا سودا، نه سُوٻٽ ڪن ته ٻيو ڇا ڪن؟
ڏسي اڄ سنڌ جي حالت، صفا ”سرويچ“ چَوڻو پيو،
اسان سان اسانجا ئي، نه تَرڪٽ ڪن ته ٻيو ڇا ڪن؟