او ڀٽائي بادشاهه
تنهنجي ورسيءَ تي اچي، پڙهجي ته پڙهجي ڇا ڀلا،
توتي شاعر قوم جا، لکجي ته لکجي ڇا ڀلا،
توسان سورن جو سبق، سَلجي ته سَلجي ڇا ڀلا،
توکي دل جو حال هي چئجي ته چئجي ڇا ڀلا،
جو چوڻ چاهيون ٿا، تنهن جي ناهه موسم مند يار،
باقي ساريءَ سنڌ تي ٿيا، سهنج سانوڻ ۽ سڪار.
دل چوي ٿي مورڙي جي ماڳ تي جايون هُجن،
مڇ کي مارڻ جي لئي، سعيا ۽ سانباهيون هُجن،
گهيڙ ۾ گهاتن سنديون، گهاين مٿان گهايون هُجن،
بحر جي بندر مٿي، پنهنجون ئي بادشاهيون هجن،
جيئن هُجڻ چاهيون ٿا، تنهن جي ناهه موسم منديار،
باقي ساريءَ سنڌ تي ٿيا، سهنج سانوڻ ۽ سڪار.
دل چوي ٿي ڪَر سسئي جي سگهه جون ڳالهيون ڪريان،
پاڻ پهڻن سان وڙهان ۽ ڏاڍ جا ڏونگر ڏريان،
هوت کي حاصل ڪرڻ لئه، هي ڇپر سارو ڇڙيان،
ڏاڻ ڏاگهن کي ڏيان، ڏيرن کي قيدن ۾ ڪڙيان،
جيئن ڪرڻ چاهيون ٿا، تنهن جي ناهه موسم منديار،
باقي ساريءَ سنڌ تي ٿيا، سهنج سانوڻ ۽ سڪار.
دل چوي ٿي عُمر جي آزار جون ڳالهيون ڪريان،
پنهنجي مارن تي مصيبت مار جون ڳالهيون ڪريان،
ڏوٿين تي ڏاڍ جي ڏهڪارجون ڳالهيون ڪريان،
۽ وڌي ڪنهن ويڙهه جي ويچار جون ڳالهيون ڪريان،
جيئن وڌڻ چاهيون، تنهن جي ناهه موسم منديار،
باقي ساريءَ سنڌ تي ٿيا، سهنج سانوڻ ۽ سڪار.
دل چوي ٿي ماروين تان مشڪلاتون لاهجن،
قهر واري ڪوٽ جا سڀ، محل ماڙيون ڊاهجن،
چور چوڪيدار چونڊي، ڳاهه وانگر ڳاهجن،
عدل ۽ انصاف وارا، ڪي ٺڪاڻا ٺاهجن،
جيئن ٺهڻ چاهيون ٿا، تنهن جي ناهه موسم منديار،
باقي ساريءَ سنڌ تي ٿيا، سهنج سانوڻ ۽ سڪار.
دل چوي ٿي ديس جا سڀ هاري ناري خوش ڏسان،
ڪوڏرين ڪهاڙين سان سڀ ڪُڙمي ۽ ڪاري خوش ڏسان،
دل گهرئي هن ديس جي هر ناري ناري خوش ڏسان،
سر سبز سائي سدا هيءَ سنڌ ساري خوش ڏسان،
جيئن ڏسڻ چاهيون ٿا، تنهن جي ناهه موسم منديار،
باقي ساريءَ سنڌ تي ٿيا، سهنج سانوڻ ۽ سڪار.
دل چوي ٿي ديس جي دشمن جي ٻيڙي ٻوڙجي.
واڳ پنهنجي ماڳ جي، منزل سڌيءَ ڏانهن موڙجي.
جو ٽڪر ٽَڪرون هڻي، بس ان ٽڪر کي ٽوڙجي.
جان جيءَ کي ڏيئي جفا، جيئڙو وطن سان جوڙجي.
جيئن جُڙڻ چاهيون ٿا، تنهن جي ناهه موسم منديار.
باقي ساريءَ سنڌ تي ٿيا، سهنج سانوڻ ۽ سڪار.
دل چوي ٿي رهزنن جي رت کي پيئڻ کپي،
ساهه سر ۽ ست سارو سنڌ کي ڏيئڻ کپي،
ويرين سان ويڙهه جو وعدو وچن ٿيئڻ کپي،
سندرو ثابت ٻڌي ۽ مُڙس ٿي بيهڻ کپي،
جيئن بيهڻ چاهيون ٿا، تنهن جي ناهه مند يار،
باقي ساريءَ سنڌ تي ٿيا، سهنج سانوڻ ۽ سڪار.
دل چوي ٿي ديس ۾ آباد ماروئڙا هجن،
اهنج ۽ ايذاءُ کان آزاد ماروئڙا هجن،
شال شوڪت شان سان سڀ شاد ماروئڙا هجن،
ڪُل فرعوني فان ڪن، فولاد، ماروئڙا هجن،
جيئن هجڻ چاهيون ٿا، تنهن جي ناهه موسم منديار،
باقي ساريءَ سنڌ تي ٿيا، سهنج سانوڻ ۽ سڪار.
ملڪ جن جو آهي، تن کي ناهي ڪا ماني نصيب،
ٿي پنوهارن کي رڳو آهي پريشاني نصيب،
بک بيماريون مٿن هر حال حيراني نصيب،
اي به ڪو آهي ڀلا، اڄ ڪالهه انساني نصيب،
خوش رهڻ چاهيون ٿا، تنهن جي ناهه موسم منديار،
باقي ساريءَ سنڌ تي ٿيا، سهنج سانوڻ ۽ سڪار.
پنهنجي عزت آبرو ۽ خير عافيت ٿا گهرون،
پنهنجون ٻنيون ۽ ونيون سالم سلامت ٿا گهرون،
پنهنجي ٻوليءَ منجهه ٻولڻ تا قيامت ٿا گهرون،
سنڌ جا ”سرويچ“ آهيون سنڌ ثابت ٿا گهرون،
حق وٺڻ چاهيون ٿا، تنهن جي ناهه موسم منديار،
باقي ساريءَ سنڌ تي ٿيا، سهنج سانوڻ ۽ سڪار.