جَهل وِڄون جلشان...........!
جَهل وڄون جلشّان، هاڻي مال ماڻهون ٿا مرن،
رحم ڪر رحمّان، هاڻي مال ماڻهون ٿا مرن.
پنجويهن جولاءِ کان، پهرين ڏٺي آگسٽ جي،
روز مينهن طوفان، هاڻي مال ماڻهون ٿا مرن.
مينهن هيءُ، يا ملڪ تي، آيو الاهي ڪو عذاب،
مهر ڪر منان، هاڻي مال ماڻهون ٿا مرن.
گهَر ڪِريا، گهارا پيا، هَر گهَر ۾ گهوڙا ويڪ ٿي،
وسنديون ويران، هاڻي مال ماڻهون ٿا مرن.
مُلڪ لاهو لاهه سارو، لَهر ٽڪري لهر سان،
سير ۾ سامان، هاڻي مال ماڻهون ٿا مرن.
بحر بارش جي اي باري، بيديون بندن سان ڪيون،
”ڀون“ سڄي بيران، هاڻي مال ماڻهون ٿا مرن.
ٻوڏ، ٻهراڙين کي ٻوڙيو، ٿا ٻُڏن اڄ ٻار ۾،
ٻارڙا ٻلوان، هاڻي مال ماڻهون ٿا مرن.
گهَر گهڻا ٿي گار ويا، ۽ مينهن ٻوڙيا ماڳ ڪئين،
فصل ڪُل ٿيا فان، هاڻي مال ماڻهون ٿا مرن.
ڇڇ بنيا ڇوهو وٺو ۽ ڇوليون ڇڇڪارڪن،
اَڇ اڱڻ ايوان، هاڻي مال ماڻهون ٿا مرن.
ويا غريبن کي اَچي آهن، ٻچا اڄ وات ۾،
ڪل لهي ڪوڪان، هاڻي مال ماڻهون ٿا مرن.
ٿي غريبن جا ويا اَڄ، جَهڻ جُهڳا چَٽ جهوپڙيون،
جوکمي تن جان، هاڻي مال ماڻهون ٿا مرن.
ڪيترائي جُنگ جوڌا، جهوپڙين ۾ ٿي ويا،
جان کان بيجان، هاڻي مال ماڻهون ٿا مرن.
سارين جي پوک ساري، سَرِ بَسر ويئي سڙي،
مُلڪ ڪُل ميدان، هاڻي مال ماڻهون ٿا مرن.
بارشن جي بحر ٽوڙيا، بند رستا ۽ براج،
باغ چٽ بُستان، هاڻي مال ماڻهون ٿا مرن.
بند بازاريون ٿيون ۽ ٿي ويو ڪاروبار بند،
هر بندو حيران، هاڻي مال ماڻهون ٿا مرن.
ڪانه مزدوري ملي ٿي، ڪيئن ڀلا مزدور ڪن،
پيٽ جو گُذران، هاڻي مال ماڻهون ٿا مرن.
مينهن ۽ مهنگائيءَ، مارن کي آ، گڏجي ماريو،
بند روٽي نان، هاڻي مال ماڻهون ٿا مرن.
هر طرف تي تڙ ترايون، تار ۽ تاڙيل تلاءُ،
بحر بي پايان، هاڻي مال ماڻهون ٿا مرن.
ڍوريون ڍورا ڍنڍون، ڍورن جي ڀريا ڍونڍ سان،
۽ اَڃان اِمڪان، هاڻي مال ماڻهون ٿا مرن.
گَسَ ڦٽا گاري گچڻ کان، گندگيءَ ۽ گپ تي،
مک مڇر مستان، هاڻي مال ماڻهون ٿا مرن.
تِرڪڻيون هر طرف توبهه، تُرت تارونءَ ڀَر ڪِرون،
ڪنڌ چٽ رت ران، هاڻي مال ماڻهون ٿا مرن.
ڀِت ڀران بيهو ڀڳت، ٿا ڀؤ ڪنان ڀُڻڪيو چون،
رک ڀرم ڀڳوان، هاڻي مال ماڻهون ٿا مرن.
خوف تنهنجي کان اي خالق!، پيا پڙهن توبھ نماز،
خاندانان خان، هاڻي مال ماڻهون ٿا مرن.
”شاهه بندر“ سب ڊويزن، پوري پاڻيءَ جي نظر،
گام گهر غلطان، هاڻي مال ماڻهون ٿا مرن.
ٿيو ڪراچي شهر آهي، ڪن ڪلاچيءَ جي مثال،
ڪيئن ڦِٽا نشان، هاڻي مال ماڻهون ٿا مرن.
ساڪرو، ٺٽو ڪراچي، سن سجاول ڪوٽڙي،
تار ڪئي سان تان، هاڻي مال ماڻهون ٿا مرن.
”کورواهه“، ”بلڙي“، ”بديڻا“، لهرين منجهه لپيٽ،
”ٽنڊو محمد خان“، هاڻي مال ماڻهون ٿا مرن.
”ڀيڄ مولا ڀيڄ“ بدران، بخش باري ڪر خطا،
ايئن چون انسان، هاڻي مال ماڻهون ٿا مرن.
کيل کنوڻين جا نه گهرجن، جهل سگهو سائين صمد،
گوڙيون گهمسان، هاڻي مال ماڻهون ٿا مرن.
سنڌ ساريءَ جا اي سائين، فصل ٻوڙيا ٻوڏ مينهن،
ٻيا به ڪئين نقصان، هاڻي مال ماڻهون ٿا مرن.
سنڌ ساريءَ جون کُتيون، امداد تنهنجيءَ ۾ اَکيون،
او صدر! افغان! ، هاڻي مال ماڻهون ٿا مرن.
عاجزيون ۽ آهه وَ زاريون، عرض سڻ الله عليم،
ڪر عفو عصيان، هاڻي مال ماڻهون ٿا مرن.
ملڪ جا مالڪ مٺا تون، هر مصيبت ڪر معاف،
ننگ رک نگران، هاڻي مال ماڻهون ٿا مرن.
سوال هي ”سرويچ“ جو، مينهن موڙ ٻي ڪنهن ملڪ تي،
او! سچا سبحان، هاڻي مال ماڻهون ٿا مرن.
[جولاءِ 1967ع جي پنجويهين تاريخ کان وٺي آگسٽ جي پهرين تاريخ تائين جمله 8 ڏينهن جيڪا برسات پيئي هئي، جنهن سبب ڪراچي، ٺٽو، سڄي شاهبندر سب ڊويزن ۽ ٽنڊو محمد خان سب ڊويزن سڄي آفتزدہ علائقا ليکيا ويا هئا، اُن کان متاثر ٿي هي شعر لکيو ويو آهي.”سرويچ“.]