شاعري

ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون

ھي ڪتاب سنڌ جي عوامي شاعر سرويچ سجاولي جي شاعريءَ جو مجموعو آھي. سرويچ سجاولي صاحب جو ھي مجموعو غزلن، نظمن، گيتن، وأين، ڪافين ۽ ڪجھھ محبوب شخصيتن کي ڏنل ڀيٽا وارن شعرن تي مشتمل آھي، جيڪي وقت بوقت سرويچ جي اندر مان اڀري اکرن جي صورت وٺي ڪورن ڪاڳرن تي ظاھر ٿيا. سرويچ سجاولي جي شاعري، سنڌ جي شعور جي علامت، قومي حقن لاءِ اُٿندڙ آواز ۽ طبقاتي ڦُرلُٽ جي خلاف احتجاج جو سگھارو آواز آھي. سندس شاعري ۾ نه رڳو پنھنجي وطن، پر ان جي پورھيتن، ڪمين ڪاسبين، ھارين، نارين، عورتن، ٻارن، ٻڍن، جي اھنجن، ايذائن ۽ سورن جي ڳالھ ڪيل آھي، پر انھن جو درمان به ڏسيل آھي. ۽ بي باڪي ۽ دليريءَ سان پنھنجي حقن کي ڇني وٺڻ جي واٽ به ڏسيل آھي. سرويچ جي شاعري فڪري حوالي سان قومپرست ترقي پسند ۽ جمهوريت پسند فڪر جي ترجماني آھي.
Title Cover of book ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون

سجاول سب ڊويزن ۾

سجاول سب ڊويزن ۾

مچي هرجاءِ ويو محشر، سجاول سب ڊويزن ۾،
لکين برباد ٿي ويا گهر، سجاول سب ڊويزن ۾.

مُسلسل چئن سالن کان، ڪَتي ۽ چيٽ بلڪل چٽِ،
لکين ٿي ناس ويا نمبر، سجاول سب ڊويزن ۾.

گڏر، ڪوئي، رتي روڙي ۽ مهلي مُستقل سائين!
بَنايو آهه پنهنجو گهر، سجاول سب ڊويزن ۾.

اچي هن پار کان پيئي، رُڳي اڄ رت جي ٿي بُوءَ،
ڏُڪر جا پيا ٽٽي ڏونگر، سجاول سب ڊويزن ۾.

لڳو لڳ چئن سالن جي، تباهيءَ تنگ ڪيو ڏاڍو،
بَني حالت بنهه اَبتر، سجاول سب ڊويزن ۾.

ڪلر ۽ سم جي سببان، ستيا ٿي ناس ڌرتيءَ جي،
زمينون سڀ بنيون بنجر، سجاول سب ڊويزن ۾.

هِتي مرضن ۽ مهٽن، ملڪ جو ليکو ڇڏيو لاهي،
ويو بنجي مثالِ ٿر، سجاول سب ڊويزن ۾.

سڄي ايريا اُجڙ ٿي ويئي، وسندين مان ٿيون ويرانيون،
پسون هر هنڌ رُڳا کنڊر، سجاول سب ڊويزن ۾.

ڀلا ٻن ٽن مڻن مان، ڇا ڏجي ڍل ۽ ڇا رکجي ٻج،
پنڻ پيو پيٽ جي خاطر، سجاول سب ڊويزن ۾.

سڄا ئي سترهن روپيه ڏيون ڍل، هڪڙي ايڪڙ تي،
مناسب ناهه سا ڪنهن پر، سجاول سب ڊويزن ۾.

هتي ڍل وڌ ۾ وڌ وٺجي، اڍائي يا ڪِ ٽي روپيا،
تڏهين بيهنداسون پيرن ڀر، سجاول سب ڊويزن ۾.

سَوَن آبادگارن جي، تپيدارن جي در تي اڄ،
لڳي پيئي آ گلو گيهر، سجاول سب ڊويزن ۾.

وسي سانوڻ جي بارش جيئن، ايئن آبادگارن جي،
وهي اکين منجهان پيو جر، سجاول سب ڊويزن ۾.

مدامي مرض پوکن تي، ڏسي مايوس ٿيا بلڪل،
ڇڏيا هارين ته ڇوڙي هر، سجاول سب ڊويزن ۾.

اها حالت اڃا جيڪر، هلي ڪو سال کن باقي،
ته پوءِ سڀني ڪُلهي ڪوڏر، سجاول سب ڊويزن ۾.

نه ”شاهن“ جي رهي ”شاهي“، نه ”رئيسن“ جي ”رئيسي“ ڪا،
سڀئي مايوس ۽ مضطر، سجاول سب ڊويزن ۾.

نڪي ”ارباب“ آرامي، نه ”خواجن“ جي ٿي ٻُڌجي کِل،
”پليجا“ خوش نه هِڪ پل ڀر، سجاول سب ڊويزن ۾.

نه ”چانڊين“ جو اُهو چرچو، نه ”اوٺن“ ۾ اڳوڻو دم،
”خليفن“ شاهه جو جهليو در، سجاول سب ڊويزن ۾.

نه ”صوفين“ کي ڪو سک آهي، نه ”ملڪاڻي“ مزي ۾ اڄ،
نه ”ڪيهر“ خوش رهن ڪنهن پر، سجاول سب ڊويزن ۾.

نڪي ”پيرن“ جي ٿئي پوري، نڪي ڪي ”ڀرڳڙين“ جو اڄ،
پُڄي ٿو پورو پٽڪي ور، سجاول سب ڊويزن ۾.

ٻنيون چَٽ ”ٻانهي پوٽن“ جون، ”گُگُن“ جي ٿي گُندئين اَنَ جي،
ضرر ۾ ”زؤر“ ۽ ”زرگر“، سجاول سب ڊويزن ۾.

نڪي ”ٻارڻ“ ۽ ”چارڻ“ خوش، نڪي ”ميمڻ“ مزي ۾ اڄ،
ڏسان مايوس ٿو ”ٽڳر“، سجاول سب ڊويزن ۾.

نڪي ”شورا“، ”ٻجورا“ خوش، نڪي ”نهڙيا“ ۽ ”دايا“ خوش،
ڇڏي سڀ ”سومرن“ چُر پُر، سجاول سب ڊويزن ۾.

کُٽي ويا ڪئين ”کٽي“، ”ڪوري“، ”هندو“، ”هٿيار“ ۽ ”ماڇي“،
پسان فڪرات ۾ ”پنوهر“، سجاول سب ڊويزن ۾.

”نوابن“ جون ننڊون چٽ ۽ ”اميرن“ کي لکين اُلڪا،
سڄو تبديل ٿيو منظر، سجاول سب ڊويزن ۾.

مهانگائي وڌي ويئي، ”اٽي“ ۽ ”اَن“ جي خاطر،
رُلن ”انسان“ پيا اڪثر، سجاول سب ڊويزن ۾.

چڙهيا ٿي ڪالهه ”جيپن“ ۾، وڏي ٺٺ ٺاٺ سان جيڪي،
اُنهن جا پيا جهڪي اڄ ڪر، سجاول سب ڊويزن ۾.

لُڏيا ٿي جي ”هندورن“ ۾ ۽ ”ڪوچن“ تي ڪُڏيا صاحب،
ڏسان ”حيران“ سي هرهر، سجاول سب ڊويزن ۾.

سدا پيتي ٿي جن ”وِسڪي“، وڏي ئي گُهنڊ گُهمنڊ سان،
ملي تن کي نه ”ڀَنگ“ هينئر، سجاول سب ڊويزن ۾.

سدا جن جي ته ”کيسن“ ۾، ڏٺا ٿي نوٽ ”سؤ سؤ“ جا،
اُهي اڄ ”جوان جوکا تر“، سجاول سب ڊويزن ۾.

هئا جن جي ”طنبيلن“ ۾، ٻڌل هردم ڀلا گهوڙا،
نه تن وٽ اڄ ”گڏهه جو ڦر“، سجاول سب ڊويزن ۾.

وڏيرن جي ته ”جيپن“ جو، ڪريان ڪهڙو بيان آئون،
سڀئي ”پرزا“ سندن پنچر، سجاول سب ڊويزن ۾.

هنڊل هڻندي ته ويچاري ڊرائيور سندا ٻيئي،
سُڄي پيا سور کان ڏيڏر، سجاول سب ڊويزن ۾.

اڳي جنهن ”خانصاحب“ کي، پيل هو روز مُنهن ۾ گُهنڊ،
نه اڄ ”بت“ ۾ ڪو تنهن کي سر، سجاول سب ڊويزن ۾.

اسانجي اڄ ته ”سکرن“ جون، گتيون ٿيون سون کان بهتر،
ڇڏيو سڀني ڏَڏو ڏيڪر، سجاول سب ڊويزن ۾.

سياست کان صفا صوفي ”سُنت“ ۽ فرض تي پورا،
ڏسان ”مسجد“ ۾ سي منهن ڀر، سجاول سب ڊويزن ۾.

ڪيون ”سنهڙي گڏر“ آهن، مَين جون چٽ مهميزون،
جُهڪائي تنهن وڌا ڪيئن نَر، سجاول سب ڊويزن ۾.

مزدورن هارين جي هِت، ٿي گُذري زندگي هِنَ پَر،
سنجهي فاقا صبح اُوبَر، سجاول سب ڊويزن ۾.

نڪا پوري مزوري آ، نڪو مزدور کي ڪوڏي،
گهڙي کن جي لئه اوڌر، سجاول سب ڊويزن ۾.

ڍلن توڙي تقاوين جي، معافي ڏيو سڄڻ سائين!
ڪو ڦوڪيو ساهه اڄ نئين سر، سجاول سب ڊويزن ۾.

ڏکن مرضن ۾ ٿي هردم، مري مخلوق مکين جيئن،
ڪريو انصاف ”آفيسر“، سجاول سب ڊويزن ۾.

اُگهاڙا ۽ بُکيا ”انسان“، وتن در در تي ڀٽڪندا،
اٽي ۽ اَن جي خاطر، سجاول سب ڊويزن ۾.

پُڇو جي سڄڻ ٿا، تان فقط هڪ وال ڪپڙي ۾،
وتن ويڙهيا وني ۽ وَر، سجاول سب ڊويزن ۾.

ڏسون واپارين جي ٿا، دڪانن تي ته اڄ هي وَڙَ،
دٻا خالي، ردي ڪاڳر، سجاول سب ڊويزن ۾.

سڄو ڏينهن ”سيٺ صاحب“ ڏي پيو، ٿو خالي اوٻاسيون،
ڍڳي جيئن پيو وٽي اوڳر، سجاول سب ڊويزن ۾.

اُجهامي هوٽلون وييون، ڇڏيا سيٺن سڀئي وڪڻي،
ٽپايون ڪوپ ۽ ساسر، سجاول سب ڊويزن ۾.

نه مرشد کي ملي ٿو ڪجهه، مريدن مان ٽڪو آنو،
ٿيو بزرگ سو گوڏن ڀر، سجاول سب ڊويزن ۾.

ڪِريو پينو فقير کي پَوَن، اڄ لڙڪ لک لک ٿا،
جڏهين موٽن ٺلها ٿا گهر، سجاول سب ڊويزن ۾.

هتي جا ڪاسبي ڪُڙمي، وڃن ڪمزور ٿيندا پيا،
بنيا بيڪار ڪاريگر، سجاول سب ڊويزن ۾.

اسانکي او سڄڻ سائين! انهيءَ جيئڻ ڪنان بلڪل،
لڏڻ سچ پچ ته ٿيو بهتر، سجاول سب ڊويزن ۾.

هتي جي زندگيءَ ۾، ڪانه ٿي ڏسجي زنده دلي،
حياتيءَ جي نه ڪا ”چُرپُر“، سجاول سب ڊويزن ۾.

خدايا! خلق هيءَ تنهنجي، پريشان حال اڄ آهي،
وسائي رحمتون پَرور، سجاول سب ڊويزن ۾.

اسانجو مؤدبانه عرض، ”گورنر“ صاحب کي آهي،
ڪريو ”معافيءَ“ جو ڪو آرڊر، سجاول سب ڊويزن ۾.

سراسر قحطه هيءُ ڪارو، اچي الله لڳ ڏس تون،
”حسن“ ”مسرور“ ”ڪمشنر“، سجاول سب ڊويزن ۾.

مرن ٿا مال ۽ ماڻهو، ”مبّشر خان“ ري مرڻي،
اسانجا ”رحمدل ڪلٽر“، سجاول سب ڊويزن ۾.

ڪسمپرسيءَ جي حالت هيءَ ڏسي وڃجو خداڪارڻ،
او اخبارن جا ”ايڊيٽر“، سجاول سب ڊويزن ۾.

اسانجا عيوضي چونڊيل، نٿا ڏسجن صفا ٽيئي،
پيارا ”محترم ميمبر“، سجاول سب ڊويزن ۾.

گهرن ٿا ربّ کان هردم دعا، ”سرويچ“ ”گل“ گڏجي،
ڪرم جي ڪر نظر قادر، سجاول سب ڊويزن ۾.