شاعري

ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون

ھي ڪتاب سنڌ جي عوامي شاعر سرويچ سجاولي جي شاعريءَ جو مجموعو آھي. سرويچ سجاولي صاحب جو ھي مجموعو غزلن، نظمن، گيتن، وأين، ڪافين ۽ ڪجھھ محبوب شخصيتن کي ڏنل ڀيٽا وارن شعرن تي مشتمل آھي، جيڪي وقت بوقت سرويچ جي اندر مان اڀري اکرن جي صورت وٺي ڪورن ڪاڳرن تي ظاھر ٿيا. سرويچ سجاولي جي شاعري، سنڌ جي شعور جي علامت، قومي حقن لاءِ اُٿندڙ آواز ۽ طبقاتي ڦُرلُٽ جي خلاف احتجاج جو سگھارو آواز آھي. سندس شاعري ۾ نه رڳو پنھنجي وطن، پر ان جي پورھيتن، ڪمين ڪاسبين، ھارين، نارين، عورتن، ٻارن، ٻڍن، جي اھنجن، ايذائن ۽ سورن جي ڳالھ ڪيل آھي، پر انھن جو درمان به ڏسيل آھي. ۽ بي باڪي ۽ دليريءَ سان پنھنجي حقن کي ڇني وٺڻ جي واٽ به ڏسيل آھي. سرويچ جي شاعري فڪري حوالي سان قومپرست ترقي پسند ۽ جمهوريت پسند فڪر جي ترجماني آھي.
Title Cover of book ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون

مــورو

مــورو

مورو ته آهي مورو، ڙي ڍولڻ مورو ويٺي ڏيانءِ،
ماري ٿو تنهنجو جهورو، ڙي ڍولڻ مورو ويٺي ڏيانءِ.

دريا تي واري، او دريا تي جا واري،
تنهنجي ڳڻتين آهيان ڳاري، ڙي ڍولڻ مورو ويٺي ڏيانءِ.

دريا تان جا واهه، او دريا تان جا واهه،
سڪي ٿو تولئه ساهه، ڙي ڍولڻ مورو ويٺي ڏيانءِ.

دريا تي جو جهنگ، او دريا تي جو جهنگ،
روئي ته ويم رنگ، ڙي ڍولڻ مورو ويٺي ڏيانءِ.

دريا تي جي مينهون، او دريا تي جي مينهون
ڦاٽي ٿو تولئه هينئون، ڙي ڍولڻ مورو ويٺي ڏيانءِ.

دريا جون تان لهريون، او دريا جون تان لهريون،
منهنجو پيچ ته توسان پهريون، ڙي ڍولڻ مورو ويٺي ڏيانءِ.

دريا ۾ تان مينهن، او دريا ۾ تان مينهن
نئون ته توسان نينهن، ڙي ڍولڻ ويٺي ڏيانءِ.

دريا جون تان ڀِڪون، او دريا جون تان ڀِڪون،
مون لاٿيون نه اڃا سِڪون، ڙي ڍولڻ مورو ويٺي ڏيانءِ.

دريا تي جي ٽارا، او دريا تي جي ٽارا،
ڳڻيان ته ويٺي تارا، ڙي ڍولڻ مورو ويٺي ڏيانءِ.

دريا تي جا مَڏي، او دريا تي جا مَڏي
جياري ته وڃ هيءَ جَڏي، ڙي ڍولڻ مورو ويٺي ڏيانءِ.

دريا تي جي دونهان، او دريا تي جي دونهان،
آءٌ رت ٿي تولئه روئان، ڙي ڍولڻ مورو ويٺي ڏيانءِ.

دريا جي تان ڪنڌي، او دريا جي تان ڪنڌي،
منهنجي ڪانهي تو ريءَ ڪنڌي، ڙي ڍولڻ مورو ويٺي ڏيانءِ.

دريا تي جا موري، او دريا تي جا موري،
ڇني نه ڇڏ هيءَ ڇوري، ڙي ڍولڻ مورو ويٺي ڏيانءِ.

دريا جون تان ڇاڙون، او دريا جون تان ڇاڙون،
توسان ملڻ جون ٿم ٻاڙون، ڙي ڍولڻ مورو ويٺي ڏيانءِ.

دريا جي تان ڪيٽي، او دريا جي تان ڪيٽي،
ڇني ڇڏ نه ننڍي نيٽي، ڙي ڍولڻ مورو ويٺي ڏيانءِ.

دريا ۾ تان دَنگي، او دريا ۾ تان دَنگي،
تنهنجي ورهه آهيان وَنگي، ڙي ڍولڻ مورو ويٺي ڏيانءِ.

دريا جون تان آرون، او دريا جون تان آرون
توکي ڪريان پيئي پڪارون، ڙي ڍولڻ مورو ويٺي ڏيانءِ.

دريا جون تان ڀيڙون، او دريا جون تان ڀيڙون
مُڪيم ته توڏي ميڙون، ڙي ڍولڻ مورو ويٺي ڏيانءِ.

دريا جي تان ڇولي، او دريا جي تان ڇولي،
تنهنجي گهر جي آهيان گولي، ڙي ڍولڻ مورو ويٺي ڏيانءِ.

دريا تي جا لاڻي، او دريا تي جالاڻي،
تنهنجي دَر جو ڀريان پاڻي، ڙي ڍولڻ مورو ويٺي ڏيانءِ.

دريا جا تان ڪوڏا، او دريا جا تان ڪوڏا،
تو لئه دل ٿي کائي لوڏا، ڙي ڍولڻ مورو ويٺي ڏيانءِ،

دريا جون تان سُتيون، او دريا جون تان سُتيون،
توسان من جون ميخون کُتيون، ڙي ڍولڻ مورو ويٺي ڏيانءِ.

دريا جا تان ڪُن، او دريا جا تان ڪُن،
منهنجو تن ته ٿيو آ، تن، ڙي ڍولڻ مورو ويٺي ڏيانءِ.

دريا جا تان ٻيلا، او دريا جا تان ٻيلا
تولئه روح ٿو کائيم ريلا، ڙي ڍولڻ مورو ويٺي ڏيانءِ.

دريا ۾ تان ٻيڙي، او دريا ۾ تان ٻيڙي،
هُجان توسان شل ڀيڙي، ڙي ڍولڻ مورو ويٺي ڏيانءِ.

دريا جون تان ڀِٽون، او دريا جون تان ڀٽون،
چُمان ته تنهنجو مِٽون، ڙي ڍولڻ مورو ويٺي ڏيانءِ.
دريا جا تان ڪَپ، او دريا جا تان ڪَپَ.
چُمان ته تنهنجا چَپ، ڙي ڍولڻ مورو ويٺي ڏيانءِ.

دريا جا تان ڇَڇَ، او دريا جا تان ڇَڇَ،
توکي ڪُڏي ته کڻان ڪَڇ، ڙي ڍولڻ مورو ويٺي ڏيانءِ.

دريا جون تان ٻوڏون، او دريا جون تان ٻوڏون،
پاڻ لُڏون ٻَڌي لوڏون، ڙي ڍولڻ مورو ويٺي ڏيانءِ.

دريا ۾ تان ڪَکَ، او دريا ۾ تان ڪَکَ
توکي ڏاڍا ته وجهان ٻَکَ، ڙي ڍولڻ مورو ويٺي ڏيانءِ.

دريا ۾ تان ٻيريون، او دريا ۾ تان ٻيريون،
ڇو ٿو دوست وجهين تون ديريون، ڙي ڍولڻ مورو ويٺي ڏيانءِ.

دريا ۾ جي واڳون، او دريا ۾ جي واڳون،
منهنجون وس ته تنهنجي واڳون، ڙي ڍولڻ مورو ويٺي ڏيانءِ.

دريا تي جي ٽالهيون، او دريا تي جي ٽالهيون،
تنهنجون ڳڻيان ويٺي ڳالهيون، ڙي ڍولڻ مورو ويٺي ڏيانءِ.

دريا جا تان ڍورا، او دريا جا تان ڍورا،
ڳايان ويٺي تنهنجا ٿورا، ڙي ڍولڻ مورو ويٺي ڏيانءِ.

دريا جون تان ڪوڀون، او دريا جون تان ڪوڀون،
توکي سائين ته ڏيندو سوڀون، ڙي ڍولڻ مورو ويٺي ڏيانءِ.

دريا ۾ تان چنڊ، او دريا ۾ تان چنڊ،
ماريئي ته هَڻي مَنڊ، ڙي ڍولڻ مورو ويٺي ڏيانءِ.

دريا تي جا ڪانهين، او دريا تي جا ڪانهين،
تنهنجي در تي آيس دانهين، ڙي ڍولڻ مورو ويٺي ڏيان،

دريا ۾ تان ٻيڙا، او دريا ۾ تان ٻيڙا،
پنهنجا مولا ته ڪندو ميڙا، ڙي ڍولڻ مورو ويٺي ڏيانءِ.

دريا ۾ تان پاڻي، او دريا ۾ تان پاڻي،
مون سان سهڻل ٿي ساڻي، ڙي ڍولڻ مورو ويٺي ڏيانءِ.

دريا تي هيءَ چَري، او دريا تي هيءَ چري،
وڃان نه مَتان مَري، ڙي ڍولڻ مورو ويٺي ڏيانءِ.

دريا ۾ تان ٻانڌي، او دريا ۾ تان ٻانڌي،
تون ڪُلهي ته ٿجئين ڪانڌي، ڙي ڍولڻ مورو ويٺي ڏيانءِ

دريا ۾ تان هُل، او دريا ۾ تان هُل،
اچي قبر تي پڙهجئين قل، ڙي ڍولڻ مورو ويٺي ڏيانءِ.

دريا جو تان پيچ، او دريا جو تان پيچ،
هي ساريئي ٿو ”سرويچ“،ڙي ڍولڻ مورو ويٺي ڏيانءِ.