فاضل مست قلندر هو
فاضل شاهه عنايت هو ۽ فاضل مست قلندر هو،
فاضل دولهه دودو هو ۽ فاضل ڀونگر ننگر هو،
فاضل ڀونگر ننگر هو ۽ فاضل مست قلندر هو.
فاضل عاقل عالم هو ۽ فاضل ڄڻڪ فرشتو هو،
فاضل سچ ۽ سوجهاڪي جو سالم صاف سرشتو هو،
فاضل جو ڪل راڄن سان هت روحاني ڪو رشتو هو،
فاضل مڙني ماڻهن جي لئه، مسجد هو ۽ مندر هو،
مسجد هو ۽ مندر هو، فاضل مست قلندر هو.
فاضل اوندهه اوجهڙ منجهان، پار اُڪارو رستو هو،
فاضل ڏاڍو مهانگو هو، پر سانگين ڪاڻ ته سستو هو،
فاضل هڪڙو گُل نه هو ڪُل گُلڙن جو گلدستو هو،
فاضل جهڙو ٻاهر هو ۽ اهڙوئي سو اندر هو،
اهڙوئي سو اندر هو فاضل مست قلندر هو.
فاضل جو ڪم ڪيڏو هو ۽ فاضل جو قد ڪيڏو هو،
فاضل هيڏو هيڏو هو ۽ جاڙن جبلن جيڏو هو،
جيڏو اوچو عرش الله جو، هو پڻ اوچو ايڏو هو،
مٿو ماٿيلي کان اڳتي، قدم ڪيٽي بندر هو،
قدم ڪيٽي بندر هو، فاضل مست قلندر هو.
فاضل وانگي وانگيءَ جي لا، واءُ جهليندڙ ويڙهو هو،
فاضل ڀاڄ نه کاڌي ڀئو کان، ڀٽَ ڀڙي تي ڀيڙو هو،
دلبر هن ڌوپاري جو بس دنگ نه ڪوئي ڇيڙو هو،
اونهائي ۾ اونهو ايڏو، سمجهو ڄڻ ته سمندر هو،
سمجهو ڄڻ ته سمندر هو، فاضل مست قلندر هو.
فاضل پنهنجي وجهه ۽ وپ ۾، ويڙهاڪو وڻجارو هو،
فاضل ويرين وردين لاءِ وڏ ڦڙو وسڪارو هو،
فاضل پنهنجي گفتن اندر گولين جو گجڪارو هو،
قوم جي ڪارڻ اڌ عمر، قابو ڪوٽن اندر هو،
قابو ڪوٽن اندر هو، فاضل مست قلندر هو.
هر هڪ آمر جا جابر سان هو، جهيڙيندڙ ۽ اڻ جهل هو،
گفتي گفتي ۾ سو غازي، گُهرندو پيو سنڌ جيجل هو،
پنهنجي ٻنيءَ ٻولي جو هُو، ٻيلي هو ۽ ٻيجل هو،
پنهنجي ڀُونءَ جو ڀڳت ڪنور يا هو ڀڳت چندر هو،
يا هو ڀڳت چندر هو، فاضل مست قلندر هو.