سرويچ پنهنجي شاعريءَ ۾ معجزا پيدا ڪي ڪر
سرويچ! پنهنجي شاعريءَ ۾ معجزا پيدا ڪي ڪر،
جيئن همٿون هيڻا وٺن سي حوصلا پيدا ڪي ڪر.
قلمن ۾ اهڙيون قوتون ۽ قدرتون ڪُڏڪار ڪن،
جو سڀ سٽون سرڪش هجن، سي سلسلا پيدا ڪي ڪر.
وِک وِک مٿي لکَ لکَ لڀن، ويڙهيون ڪندڙ ويڙهاڪ پُٽ،
سانگا نه جن کي ساهه جا، سي سِر ڦِريا پيدا ڪي ڪر.
زوراورن جي زور کان، لِڱَ لِڱَ لُٽيرن جا لُبن،
عرشن زمينن ۾ ته اهڙا، زلزلا پيدا ڪي ڪر.
واين ۾ وائي وڍ وڍان، بيتن ۾ بُو بارود جي،
نظمن جي هرهڪ نقطي ۾، وَڳ ولولا پيدا ڪي ڪر.
ڀيلي نه جيئن هن ڀونءَ کي، ڪو ڀاڙ کيندڙ بد نظر،
ڀاڻن ڀٽن ڀاڳين منجهان، تون ڀرجهلا پيدا ڪي ڪر.
سڀ مشڪلون ميسارجن ۽ منزلون مُرڪي ملن،
ماري مڙئي موڃاٽجن سي مرحلا پيدا ڪي ڪر.
جهونگار جن جي جستجو ۽ سوڀ جن جي ساهيڙي،
ثابت ٻڌن جي سندرا، سي مرحلا پيدا ڪي ڪر.
برپٽ بُکون توڙي اُڃون، وِنگو نه جن جو وار ڪن،
نيزن مٿي جيڪي نچن سي، نينگرا پيدا ڪي ڪر.
ها، اُٿڪون جن جون اَجهل، گِهيڙان گِهڙڻ جي گَت نه جن،
هرهنڌ تان ٿئي ”هٽ پري“، سي هوڪرا پيدا ڪي ڪر.
هي موملون هي مينڌرا، پنهنجي مرڻ جيئڻ جي لئه،
سڀ وڏڦڙا واچوڙ ويرون، وهڪرا پيدا ڪي ڪر.
هر چؤڪ تي چاري چُغل، چارئي طرف چورن جي هٿ،
چنجور سان چيرڻ لئه تن کي، چلولا پيدا ڪي ڪر.
جي جيجلن جوين ۽ توڙي، جُو مٿان جهيڙاند ڪن،
سي جُنگ جوڌا جَنگ لاءِ، جابجا پيدا ڪي ڪر.
تون پنهنجي ڏاهيءَ ڏات سان، ڏوٿين مٿان سڀ ٽار ڏُک،
سانگين مٿان سُک سهنج جا، سج سوجهرا پيدا ڪي ڪر.
آزاديون آباديون، آسودگيون عيدون هُجن،
آسون ڪُڏن عرشن مٿي، سي آسرا پيدا ڪي ڪر.
تون سنڌڙي ساري سان گڏ، سڏجين سجاول جو به سڏ،
هر حال ۾ جي هڪ هُجن، سي همنوا پيدا ڪي ڪر.