ٺاٺ ٻيو ڪو ٺاهبو
قوم جا ڪونڌر جن به ڪٺا تن ڪاساين تي ڪاهبو،
پاپ ڪيو جن پاڻ مٿي تن پاپين کي هت پاهبو،
لچن لورن لوڀين جو هت ليکو ٺاهي لاهبو،
ڳاهيو آ جن ڳوٺاڻن کي ڳاهي تن کي ڳاهبو،
هي ظلم جو ڍانچو ڊاهبو
هت ٺاٺ ٻيو ڪو ٺاهبو.
مظلومن ۽ مجبورن کي مان ڏبو ۽ مرڪائبو،
ملُڪ مٺي جا ماري ماري ٿڃ جو ٿورو لاهبو،
ڪوڙ جو ڪرنگهو ڪُڪُرا ٿيندو سچ جڏهن سامائبو،
آزاديءَ شهزاديءَ سان هر پورهيت کي پرڻائبو،
هي ظلم جو ڍانچو ڊاهبو
هت ٺاٺ ٻيو ڪو ٺاهبو.
اَجرڪ واري جهنڊي کي، هت فاتح ٿي ڦڙڪائبو،
پنهنجو حق وٺڻ جي لا، هر ڀاڳئي کي ڀڙڪائبو،
ڪوس ڪلاشن ڪوفن سان هر قاتل تي ڪڙڪائبو،
ڦاسيون ڏيئي ڦورن جي هت لاشن کي لڙڪائبو،
هي ظلم جو ڍانچو ڊاهبو
هت ٺاٺ ٻيو ڪو ٺاهبو.
هارين ۽ مزدورن جو هت ميڙو خوب مچائبو،
واگهه وڏيرن ويرن کي، هت جوڙن منجهه وهائبو،
مِل جي مالڪ موذيءَ کي هت ننگو ناچ نچائبو،
رشوت کيندڙ ڪاموري کي گهاڻن ۾ پيڙهائبو،
هي ظلم جو ڍانچو ڊاهبو
هت ٺاٺ ٻيو ڪو ٺاهبو.
ديس جي دلن دلالن کي ڌوڙين منجهه دسائبو،
ماس انهن مردارن جو هت ڪتن کي کارائبو،
ويريءَ ويريءَ کي هت ونگي چوراهن تي چيرائبو،
ڪوس ٿئي جت ڪڙمين جو تن ٿاڻن کي ٿڙڪائبو،
هي ظلم جو ڍانچو ڊاهبو
هت ٺاٺ ٻيو ڪو ٺاهبو.
حُر حسيني بنجي هرهر شمرن کي شرمائبو،
شعلا شعلا شعر لکي اڄ گهر گهر کي گرمائبو،
آزادي جا چنگ وڄائي، تن تن کي تڙپائبو،
سنڌ تڏهن ئي جيئندي جڏهن سر جو سانگو لاهبو،
هي ظلم جو ڍانچو ڊاهبو
هت ٺاٺ ٻيو ڪو ٺاهبو.
مڙسن مڻيادارن جو هت ميڙو خوب ملهائبو،
شاهه بلاول دودي وانگر دشمن کي ته دٻائبو،
ڀٽو يا ڪه پليجو بڻجي قيد ڪڙن کي ڪنبائبو،
جنهن جو ڪوبه نظير نه آهي تنهن سان نينهن نڀائبو،
هي ظلم جو ڍانچو ڊاهبو
هت ٺاٺ ٻيو ڪو ٺاهبو.
جي ايم، فاضل، ساقي بڻجي، ٽڪر سان سر ٽڪرائبو،
ڏيهه ڏهيسر مڙسن جي جو، ڌاڪو خوب دمائبو،
يونيورسٽي ۽ ايل. ايم. سي. جي جوانن کي جاڳائبو،
”سرويچ“ سجاول واري جو، هر شعر سدا پيو ڳائبو،
هي ظلم جو ڍانچو ڊاهبو
هت ٺاٺ ٻيو ڪو ٺاهبو.