اسانجو نوجوان ساقي!
نٿو هر دم لهين منهنجي، سڄڻ! تون دل مٿان ساقي!
سدا صورت تصور ۾، پيو تنهنجي ڏسان ساقي!
سجاول کي وري شايد، ڪو ملندو تو جهو مانجهي،
وڏي مشڪل سان تو جهڙا، ملن ٿا سخندان ساقي!
ڏنا تو درس ٿي هردم، صداقت ۽ سياڻپ جا،
عمل پيرا اُنهن تي شل! رهون هردم اَسان ساقي!
گهڻا ”ساقي“ ڏٺا مون، جن پياري سُرڪ اَڌ مس ٿي،
مگر تنهنجيءَ سخاوت جو، ڪيان ڪهڙو بيان ساقي!
پياريا مئي اَدب جا تو، پيالا بي حساب آهن،
ٿيا سرشار سائل سَوَ، سدا تُنهنجي هٿان ساقي!
نه مون اَهڙو ڏٺو هن کان، ڪو هو اڳ دل سخي ساقي،
پياريا مئي اَدب جا تو، پيالا ٽٻ ٽٻان ساقي!
هئي ٽمٽار ٽهڪن سان، سموري زندگي تنهنجي،
رهين نا مهربان تي ٿي هميشه مهربان ساقي!
ڪيو جنهن ڪاروان هو، عزم پهچڻ راههِ مقصد تي،
سدا اُن ڪاروانِ، قوم جو تون ساربان ساقي!
اچي سرهاڻ جن گلڙن منجهان ٿي، ديس واسين کي،
اُنهيءَ باغ اَدب جو هئين، برابر باغبان ساقي!
رهيون منور هميشه ٿي، اَدب جون محفلون توسان،
اَدب جي هر اِشاعت جو، به تون روح روان ساقي!
سدا تون صاحب سيرت، اَدب اطوار جو ڪوڏيو،
اسان جهڙن جي لاءِ سچ! ته هئين پارس سَمان ساقي!
ڪئي بي لوث خدمت، قوم جي هر حال ۾ توئي،
سچو اُستاد عالي تون، مثال گُل خندان ساقي!
جي دولت هئي ته، اَخبارن، ڪتابن ۽ رسالن جي،
اُنهيءَ دولت مٿي هردم، رهئين تون شادمان ساقي!
چوان مان ڪيئن ته، تنهنجي اَڄ اَسان کان الوداعي آ،
اَسان جي تان دلين ۾ تون، رهين ٿو جادوان ساقي!
ڏسڻ تو ٿي گهريو، سنڌي اَدب کي اوج تي هردم،
پياري ساهه کان توکي هئي، سنڌي زبان ساقي!
کسي ڇو وئين؟! اڙي! ظالم اَجل تون ان عمر ۾ ئي،
اسان کان مشڪندڙ چهرو، اسانجو نوجوان ساقي!
ملون ها پاڻ ۾ جيڪر، ڪريون ها موڪلاڻي پر،
وڃڻ جو ڪونه هو تُنهنجي، اَسان وهم و َگمان ساقي!
اديبِ سنڌ اَڄ تولئه، سڀئي ارمان ۾ آهن،
اسان جا هم وطن ساقي! اسان جا همزبان ساقي!
ويا تُنهنجي وڃڻ کانپوءِ، گهڻا اهل قلم آهن،
اُنهن جي داغ فرقت پڻ، ڪيا دل تي نشان ساقي!
ستارا سنڌڙيءَ جا، بس وڃن پيا موڪلائيندا،
اَلاجي ڇو؟ وساري سنڌ کي، ويٺا اَوهان ساقي!
اوهان جي ماءُ اوهان لاءِ، ڪري ٿي اڄ به اوسيئڙا،
پُڇائي پانڌين کان پيئي، اوهان جا آستان ساقي!
وڃڻ کي بس ويا جانب! وساري سچ سڄڻ ويٺا،
نٿا ڪو موڪليو ماڳهين، نياپو ۽ نشان ساقي!
مان ڀانيا ٿو ته ايڏانهين، اوهانکي ٿيو سڪون حاصل،
تڏهن جلدي ڇڏيندا پيا وڃو، ير! هي جهان ساقي!
هتي جي زندگي اي دوستو! اَڳ کان به اڄ مشڪل،
ڏسي جيڪا ويا آهيو، اهائي ڪشڪشان ساقي!
اهو انسان اڳئين وانگر، اڃان پيو پيڙجي سائين!
اهائي ظلم جي بارش، سندي آ وس وسان ساقي!
اهائي قوم فاقن ۾، اڃا تائين سڄڻ آهي،
اهائي عصمتن جي اڄ به، آهي لُٽ لُٽان ساقي!
اهي معصوم ڌيئر اڄ، سُڪَلَ لولي جي لئه سڏڪن،
اَٻاليون او! اَديون اڄ پڻ، ڏسان ڪپڙن منجهان ساقي!
اهو محشر بپا آهي، اهائي تڙپ دلين ۾،
ِلِکيو جنهن تي اوهان پڻ ٿي، ويهي رات وَ ڏينهان ساقي!
اوهان جي روح کي ايڏانهن، رسائي شل ڌڻي راحت،
هتي جو ڪين پُڇ، باقي اَدا! تون داستان ساقي!
جو گذريو وقت آهي سو، گهڙي گهٽ ڪينَ جهنم کان،
ٻڌائي ڇا ٻيو ”سرويچ“، آهين رازدان ساقي!
[مرحوم ساقي سجاولي (غلام احمد عرف عارب داروغو) جي ادبي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪندي لکيو ويو. ساقي سجاولي 16 سيپٽمبر 1960ع تي وفات ڪئي. هن ڪيترائي ڪتاب لکيا. جن ۾ ’ماهر‘، ’سندري‘ پيغامبر (خليل جبران جي ناول جو ترجمو) وغيره شامل هو. ورهاڱي کانپوءِ ساقي سجاولي پهريون ترقي پسند ادبي رسالو ”اهل قلم“ به شايع ڪيو.]