ڪتاب جو نالو: ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون
مصنف: سرويچ سجاولي
ڇپائيندڙ: سرويچ سجاولي اڪيڊمي- سنڌ
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2008
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: آچر، 12 جنوري 2020 ع
پڙهيو ويو: 610 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 166 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ھي ڪتاب سنڌ جي عوامي شاعر سرويچ سجاولي جي شاعريءَ جو مجموعو آھي. سرويچ سجاولي صاحب جو ھي مجموعو غزلن، نظمن، گيتن، وأين، ڪافين ۽ ڪجھھ محبوب شخصيتن کي ڏنل ڀيٽا وارن شعرن تي مشتمل آھي، جيڪي وقت بوقت سرويچ جي اندر مان اڀري اکرن جي صورت وٺي ڪورن ڪاڳرن تي ظاھر ٿيا. سرويچ سجاولي جي شاعري، سنڌ جي شعور جي علامت، قومي حقن لاءِ اُٿندڙ آواز ۽ طبقاتي ڦُرلُٽ جي خلاف احتجاج جو سگھارو آواز آھي. سندس شاعري ۾ نه رڳو پنھنجي وطن، پر ان جي پورھيتن، ڪمين ڪاسبين، ھارين، نارين، عورتن، ٻارن، ٻڍن، جي اھنجن، ايذائن ۽ سورن جي ڳالھ ڪيل آھي، پر انھن جو درمان به ڏسيل آھي. ۽ بي باڪي ۽ دليريءَ سان پنھنجي حقن کي ڇني وٺڻ جي واٽ به ڏسيل آھي. سرويچ جي شاعري فڪري حوالي سان قومپرست ترقي پسند ۽ جمهوريت پسند فڪر جي ترجماني آھي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا محفوظ
  • سنڌ سلامت پاران
  • پنھنجي پاران
  • مھاڳ: عوامي، قومي ۽ انقلابي شاعر
  • غزل

  • هيءَ نه ويل وڃڻ جي هُئي.
  • سرويچ پنهنجي شاعريءَ ۾ معجزا پيدا ڪي ڪر
  • انقلاب آيو کپي
  • سراپا احتجاج آهيان
  • عذابن ۾ ڌرتي
  • حُسن و شباب ۽ انقلاب
  • عورت
  • نگاهون گُليلي
  • ڀلاڙي عشق اڻ جهليا
  • جت نه پهرا پيار تي
  • هستيون جُدا جُدا
  • ساهه توتان سِنڌڙي
  • چُم پيو قُرآني سٽن کي
  • پردا ڪري ڪري
  • پُڪارون
  • خزانا کيٽ مان نڪتا
  • شافع شفيق اکيون
  • منهنجي چاهت تنهنجا چپَ
  • هينئن هرڪڻي مان
  • تنهنجي گُهور مان نڪتو
  • آواز فضا ۾
  • جذبن ٿي ڊوڙون پاتيون
  • سنڌ امڙ تان سرڙا گهوري
  • حق کپي ٿو هير ئي هير
  • پنهنجي نجات سمجهي
  • ڪينجهر منڇر گهمنداسين
  • ساجن سِڪي سِڪي
  • چنڊ لڪندي مون ڏٺا
  • لکان ته ڇا لکان ڀلا
  • هيرا لکين هاري ڇڏيئه
  • نينهن وڪبو ناهه ڪڏهن
  • تنهنجي شهر ۾
  • اڪيلي هلي آ
  • ڪڏهن آهيان ڪڏهن ناهيان
  • راڻيون آهن اکڙيون تُنهنجون
  • عشق اڙانگو اوکو ارڏو
  • ورايان هاڻ سا ڪيئن دل
  • وچولا وچوٽا
  • تنهنجي اکين جي اڳيان
  • محبوب رب وٽ شل
  • حشر هر هر ڪري ٿي دل
  • اکرن کان گهڻو اڳتي...
  • آزاديءَ جا اولاڻا
  • لوڙهيون ڪڍي ڪڍي
  • ساجن هڪڙو تون ئي تون
  • ڇورا ڇـِتا ٿي پوندا...
  • راتيون ڦڪيون ڦڪيون
  • جي ڀُوريون ملن..
  • عجب چيز آهين
  • جڏهن کان پيم دل
  • مِٺيون مِٺيون ڪي ڳالهيون ڪر
  • چنڊ کڙيا چمڪارڪري
  • ڇا حاصل؟
  • فــريــاد
  • رُت سانـوڻـي
  • تترن جي تاڙ ۾
  • مون کي سنڌ ٿي گُهرجي
  • سِريون سوريءَ لئي سينگاري
  • وڙهندين نه وڙهندين
  • چاهت جا ٿيا چيٽ چٽا
  • عظيم عورت
  • بيشڪ بهادر عورتون
  • معمار هاري مرحبا
  • واهه ڙي ماڻهون موتي داڻا
  • سجاول سب ڊويزن ۾
  • جَهل وِڄون جلشان...........!
  • ڇا ياد ڪندين!
  • ستر سٺ ڪروڙ وڏيرا
  • ته ٻيو ڇا ڪن!
  • دلاسـو
  • ساهڙ کي سڏ
  • حـسـاب اُبـتـو
  • ٺٽو شگرمل
  • نظم

  • ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون
  • قوم پرستي زنده باد
  • احمد – لطيف - سچل
  • نيون سوڍيون نوان سوڍا
  • تون آن رسالو شاهه جو
  • ڪير گهڻا؟
  • آجي سنڌ سڀاڻي هوندي
  • جـاڳـي پـيـا
  • امام انقلاب جا
  • سلام سنڌ لئي لکان،
  • او! دُشمن
  • آجاين کي اوڏا اوڏا
  • ويڪو وڏيرن ڏانهن
  • ڌرتـيءَ ڌيـئـون
  • پاڻ ته سادا سُودا آهيون
  • قلندر پنهنجي نگريءَ ۾
  • اهڙو گهرجي ڪونه نظام
  • ووٽن جو وقت آهي
  • سگهارن جا قبضا
  • قوم پرست
  • ملاح توڙي شاهه ٻئي
  • محبت سنديون ڪي ماٽيون
  • گهمن پيا چور چوهڙ ۽ لاڏين ۾
  • هاريءَ جي عظمت
  • سزائون تو سنڌ لئه
  • اي منهنجي وطن جا ماڻهو جاڳو!
  • عظمت سنڌ
  • نعره حُر
  • جاني وطن
  • ٺاٺ ٻيو ڪو ٺاهبو
  • او ڀٽائي بادشاهه
  • او ڌرتي او سنڌ
  • وڏن جا وات ڦاٽي ويا
  • پِٿون ٿيمَ پير پٿرن ۾
  • تون ڇو ٿو ٿينءَ دلگير پرين
  • جرنل تنهنجي ڦٽي آ
  • هڪ مظلوم ۽ مسڪين ماءُ جي
  • مــورو
  • گيت

  • جيئو جيئو اي غازيو! مجاهدو! سدا جيئو،
  • سنجها ٽاري، لوڪ سمهاري
  • اکين جا انقلاب
  • تنهنجي حُسن سندي، هرپار هَلا،
  • مُلان مانين چُور!
  • وِهان ڪيئن گُلن گُلشنن ۾ اڏي.
  • رات وِهامڻ کي آ پهتي،
  • ته باقي ڇا؟
  • ڪافيون

  • تنهنجون سانڍيو گُهمان، ساهڙ ساهه ۾ سِڪُون!!
  • توکي ساريو سڄڻ
  • سي ڪيئن ويهي وساريان آئون سانگي سڄڻ،
  • آهه زاري سنڌڙي
  • مٺي ميهار کي پرتيس
  • عمر آهي ڪوٽن ۾، منهنجو ڪُڄاڙو!
  • جَبَل! تو ڪو ڏٺو منهنجو؟ هِتي هو يار جانب جَت.
  • باتِ ٻُڌو هيءَ ڀينر مُنهنجي،
  • هيڻي هوتن سان، ڪهڙي هام هَڻي.
  • جَتن کان ته مونکي، نهَ جيڏيون جهَليوڙي.
  • پُنَهلَ پَنڌ ۾ تون، ٿِجئين ٻانهن ٻيلي.
  • وايون

  • جيسين جياسين، تيسين هئاسين، سجن چنڊن تارن وانگر
  • آمر آمر سان او ساٿي، اکرين ٽَڪرين اٽڪياسين،
  • ڪالهه به لِکيم، اڄ به لکان پيو
  • مارن مسڪينن جي لاءِ، لکندي لکندي پوڙها ٿياسين
  • هر هر پنهنجي حقن لاءِ پيو هيڏي هوڏي هٿ هڻان،
  • جوڌا جاڳائن پيا جُو، تن جي ڳاڙهين ڳالهين کان تو
  • ڪالهه به پُـٽـڙا ڪُٺا،
  • ڪينجهر ٻنهين ڪنڌئين، جڏهن نوريون ڪنديون ناز
  • کيٽ کڙيا چيٽ ٽڙيا، دل ۾ وڄن چنگ
  • موٽِ سگهو ميهار،
  • مِٽَ نه موٽيم ڪوئي، حالَ وِڃايَم روئي.
  • هَر دَم هينئڙا يارَ
  • شخصيتن کي ڀيٽا

  • پيل توکي ڀُٽا صاحب گلي ۾ گُل رَتا هوندا.
  • جس هجيئه او مارئي ٻاگهي
  • تون آن شهيد اعظم
  • شال سدا پئي سوڀون ماڻيئين
  • بينظير اچي پئي، بينظير اچي پئي
  • نُصرت عظيم آهي
  • مسڪين قوم جي هيءَ امڙ امام آهي
  • شهداءُ جو سلسلو آ
  • سو راڻل فاضل راهو هو
  • پليجو پنڌ ۾ آهي
  • نڪري ٿي نروار سسئي
  • فاضل مست قلندر هو
  • هڪڙو ڏاهو
  • سري ديوي
  • کيت ادب جا کيڙي ويٺو
  • موج ڀريو مهراڻ مجيدي
  • اسانجو نوجوان ساقي!
  • روزانه شام لاءِ
  • روزانه عوامي آواز لاءِ
  • مُنهنجي شاعري، لِڪي نه لِڪندي،
  • سنڌ سلامت
  • بئڪ ٽائيٽل

  • حق ۽ واسطا محفوظ

    ڪتاب جو نالو : ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون
    موضوع : شاعري
    شاعر : سرويچ سجاولي
    سهيڙ ۽ ترتيب : يوسف سنڌي، سورج سجاولي
    ايڊيشن : پهريون آڪٽوبر، 2008ع
    ڊزائين/ لي آئوٽ : مور ساگر
    ڪيليگرافي : هرجي
    ڪمپوزنگ : منظور احمد جوڻيجو، شاهد شاهه
    (الرزاق ڪمپيوٽر رابعه اسڪوائر حيدرآباد)
    ڇپائيندڙ : سرويچ سجاولي اڪيڊمي، سنڌ.
    ڇپيندڙ : الرزاق پرنٽنگ ايجنسي حيدرآباد.
    ڊجيٽل ايڊيشن : 2020ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر books.sindhsalamat.com

    قميت= /300 روپيه

    ھيءُ ڪتاب ڊجيٽل ايڊيشن جي صورت ۾ محمد سليمان وساڻ، سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام ڪراچيءَ پاران پڌرو ڪيو.


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”ٻئي ڪنڌيون مھراڻ جون“ اوهان اڳيان پيش آهي. ھي ڪتاب سنڌ جي عوامي شاعر سرويچ سجاولي جي شاعريءَ جو مجموعو آھي.
    سرويچ سجاولي صاحب جو ھي مجموعو غزلن، نظمن، گيتن، وأين، ڪافين ۽ ڪجھھ محبوب شخصيتن کي ڏنل ڀيٽا وارن شعرن تي مشتمل آھي، جيڪي وقت بوقت سرويچ جي اندر مان اڀري اکرن جي صورت وٺي ڪورن ڪاڳرن تي ظاھر ٿيا. سرويچ سجاولي جي شاعري، سنڌ جي شعور جي علامت، قومي حقن لاءِ اُٿندڙ آواز ۽ طبقاتي ڦُرلُٽ جي خلاف احتجاج جو سگھارو آواز آھي. سندس شاعري ۾ نه رڳو پنھنجي وطن، پر ان جي پورھيتن، ڪمين ڪاسبين، ھارين، نارين، عورتن، ٻارن، ٻڍن، جي اھنجن، ايذائن ۽ سورن جي ڳالھ ڪيل آھي، پر انھن جو درمان به ڏسيل آھي. ۽ بي باڪي ۽ دليريءَ سان پنھنجي حقن کي ڇني وٺڻ جي واٽ به ڏسيل آھي. سرويچ جي شاعري فڪري حوالي سان قومپرست ترقي پسند ۽ جمهوريت پسند فڪر جي ترجماني آھي.
    هي ڪتاب 2008ع ۾ سرويچ سجاولي اڪيڊمي پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پياري اسد مھراڻويءَ جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ لاءِ موڪلي.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پنھنجي پاران

    پنهنجي پاران

    سنڌ وطن جي سچار ساٿي، امر، عوامي ۽ انقلابي شاعر مرحوم سرويچ سجاوليءَ جو پهريون چونڊ شعري مجموعو ”آليون اکيون اڻڀا وار“ 1972 ۾ڇپيو جنهن کانپوءِ حالتون اهڙيون بيٺيون جو ڪيترين ئي ڪوششن جي باوجود سندس ٻيو شعري مجموعو ”ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون“ سندس جيئري ڇپجي نہ سگهيو. هونءَ سرويچ جي شاعري چئن مجموعن جيتري ٿيندي. جيڪا هاڻ سندس ڪجه درياھ دل ۽ ساڃاھ وند دوستن جي ساٿ ۽ سهڪار سان، اوهان مارن ۽ مظلوم ماڻهن تائين پهچائڻ جو ذمون کنيو آهي. انهيءَ جي پهرين قدم طور ”ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون“ اوهان جي سڀاڳن هٿن ۽ آهي. سرويچ سجاولي صاحب جو هي مجموعو غزلن، نظمن، گيتن، وأين، ڪافين ۽ ڪجھه محبوب شخصيت کي ڏنل ڀيٽا وارن شعرن تي مشتمل آھي، جيڪي وقت بوقت سرويچ جي اندر مان اڀري اکرن جي صورت وٺي ڪورن ڪاڳرن ٿي ظاهر ٿيا.
    هن ڪتاب ۾ سرويچ جي شاعريءَ جي چونڊ 1965ع کان وٺي آخر تائين ڪيل شاعريءَ مان ڪئي ويئي آهي ۽ هن ڪتاب ۾ اوهان کي ضيائي آمريت کان وٺي اڄ تائين سنڌ ۽ ملڪ سان جيڪي ڪربلائون ڪيون ويون آهن، ۽ وطن سان ۽ اُن جي مارو ماڻهن جي ڏکن ڏولاون، سورن، صدمن، آهُن، دانهُن، سڏڪن، لڙڪن جو عڪس چٽيل نظر ايندو. ساڳئي وقت سنڌ جي فطري سونهن، ثقافت، ريتن ۽ رسمن جي پڻ ڀرپور منظرنگاري نظر ايندي. هن ڪتاب ۾ جتي ڏاڍ، ڏمر، جبر، انياءُ ۽ آمريت تي ڦٽڪار آهي. اتي انقلاب جو چٽو عڪس، اميد، آس ۽ يقين پڻ نظر ايندو. پڪ سان هي ڪتاب سنڌ جي سورن، مشُڪلاتن، مصيبتن، ڏکن ۽ ڏولاون ۾ آجپ ۽ اُتساھ جو ڪم ڏيندو.
    هن ڪتاب کي اوهان جي هٿن تائين پهچائڻ ۾ سرويچ جي نظمن جي سورمي، منهنجي بهادر ۽ قابل رشڪ ڀيڻ محترمہ سسُئي پليجو صاحبہ ۽ سندس والد محترم چاچا غلام قادر پليجو صاحب جي درياھ دلي، ادب دوستي، پنهجائِپ ۽ ذاتي دلچسپي شامل آهي. نہ تہ اڃا الائجي ڪيترو عرصو سرويچ جو ڪلام ڪاڳرن جي قيد ۾ هجي ها.
    هن ڪتاب جي سهيڙڻ ۾ محترم يوسف سنڌيءَ جي سرويچ ۽ ان جي ڪلام سان ويجهڙائپ ۽ دلچسپيءَ وڏو ڪم ڪيو. تنهن کانسواءِ محترم اياز امر شيخ، ساحل سنڌي، سڄڻ سرائي ۽ محمد ٻارڻ جي محنت ۽ هٿ ونڊ، ترت اُڪلاءَ جو سبب بڻي.
    ڪتاب جي ڇپائيءَ جا اڻانگا مرحلا محترم يوسف سنڌي جي ساٿ ۽ سهڪار ۽ محنت سبب سهنجا ٿي پيا ۽ اينئن کڻي چوان تہ سندس ساٿ، محنت ۽ دلچسپيءَ، پروف ريڊنگ ۽ ايڊيٽنگ کانسواءِ هي ڪتاب ايترو جلد اوهان جي هٿن ۾ اچڻ ممڪن نہ هو.
    ساڳئي وقت آئون ڌرتيءَ ماءُ جي مهان ليکڪ محترم شمشيرالحيدري صاحب جو بہ نهايت ٿورائتو آهيان جنهن تمام مختصر وقت ۾ پنهنجون سموريون مصروفيتون ترڪ ڪري هن ڪتاب جو مهاڳ لکڻ جي عنايت ڪئي آھي.
    ڪمپوزنگ جا مرحلا محترم مور ساگر جي محنت، محبت، ذاتي دلچسپي سبب ئي مڪمل ٿي سگهيا.

    ساٿ سلامت -- سنڌ سلامت
    سورج سجاولي
    چيئرمين
    سرويچ سجاولي اڪيڊمي _ سجاول سنڌ.
    03003481767

    پنهنجي پاران

    سنڌ وطن جي سچار ساٿي، امر، عوامي ۽ انقلابي شاعر مرحوم سرويچ سجاوليءَ جو پهريون چونڊ شعري مجموعو ”آليون اکيون اڻڀا وار“ 1972 ۾ڇپيو جنهن کانپوءِ حالتون اهڙيون بيٺيون جو ڪيترين ئي ڪوششن جي باوجود سندس ٻيو شعري مجموعو ”ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون“ سندس جيئري ڇپجي نہ سگهيو. هونءَ سرويچ جي شاعري چئن مجموعن جيتري ٿيندي. جيڪا هاڻ سندس ڪجه درياھ دل ۽ ساڃاھ وند دوستن جي ساٿ ۽ سهڪار سان، اوهان مارن ۽ مظلوم ماڻهن تائين پهچائڻ جو ذمون کنيو آهي. انهيءَ جي پهرين قدم طور ”ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون“ اوهان جي سڀاڳن هٿن ۽ آهي. سرويچ سجاولي صاحب جو هي مجموعو غزلن، نظمن، گيتن، وأين، ڪافين ۽ ڪجھه محبوب شخصيت کي ڏنل ڀيٽا وارن شعرن تي مشتمل آھي، جيڪي وقت بوقت سرويچ جي اندر مان اڀري اکرن جي صورت وٺي ڪورن ڪاڳرن ٿي ظاهر ٿيا.
    هن ڪتاب ۾ سرويچ جي شاعريءَ جي چونڊ 1965ع کان وٺي آخر تائين ڪيل شاعريءَ مان ڪئي ويئي آهي ۽ هن ڪتاب ۾ اوهان کي ضيائي آمريت کان وٺي اڄ تائين سنڌ ۽ ملڪ سان جيڪي ڪربلائون ڪيون ويون آهن، ۽ وطن سان ۽ اُن جي مارو ماڻهن جي ڏکن ڏولاون، سورن، صدمن، آهُن، دانهُن، سڏڪن، لڙڪن جو عڪس چٽيل نظر ايندو. ساڳئي وقت سنڌ جي فطري سونهن، ثقافت، ريتن ۽ رسمن جي پڻ ڀرپور منظرنگاري نظر ايندي. هن ڪتاب ۾ جتي ڏاڍ، ڏمر، جبر، انياءُ ۽ آمريت تي ڦٽڪار آهي. اتي انقلاب جو چٽو عڪس، اميد، آس ۽ يقين پڻ نظر ايندو. پڪ سان هي ڪتاب سنڌ جي سورن، مشُڪلاتن، مصيبتن، ڏکن ۽ ڏولاون ۾ آجپ ۽ اُتساھ جو ڪم ڏيندو.
    هن ڪتاب کي اوهان جي هٿن تائين پهچائڻ ۾ سرويچ جي نظمن جي سورمي، منهنجي بهادر ۽ قابل رشڪ ڀيڻ محترمہ سسُئي پليجو صاحبہ ۽ سندس والد محترم چاچا غلام قادر پليجو صاحب جي درياھ دلي، ادب دوستي، پنهجائِپ ۽ ذاتي دلچسپي شامل آهي. نہ تہ اڃا الائجي ڪيترو عرصو سرويچ جو ڪلام ڪاڳرن جي قيد ۾ هجي ها.
    هن ڪتاب جي سهيڙڻ ۾ محترم يوسف سنڌيءَ جي سرويچ ۽ ان جي ڪلام سان ويجهڙائپ ۽ دلچسپيءَ وڏو ڪم ڪيو. تنهن کانسواءِ محترم اياز امر شيخ، ساحل سنڌي، سڄڻ سرائي ۽ محمد ٻارڻ جي محنت ۽ هٿ ونڊ، ترت اُڪلاءَ جو سبب بڻي.
    ڪتاب جي ڇپائيءَ جا اڻانگا مرحلا محترم يوسف سنڌي جي ساٿ ۽ سهڪار ۽ محنت سبب سهنجا ٿي پيا ۽ اينئن کڻي چوان تہ سندس ساٿ، محنت ۽ دلچسپيءَ، پروف ريڊنگ ۽ ايڊيٽنگ کانسواءِ هي ڪتاب ايترو جلد اوهان جي هٿن ۾ اچڻ ممڪن نہ هو.
    ساڳئي وقت آئون ڌرتيءَ ماءُ جي مهان ليکڪ محترم شمشيرالحيدري صاحب جو بہ نهايت ٿورائتو آهيان جنهن تمام مختصر وقت ۾ پنهنجون سموريون مصروفيتون ترڪ ڪري هن ڪتاب جو مهاڳ لکڻ جي عنايت ڪئي آھي.
    ڪمپوزنگ جا مرحلا محترم مور ساگر جي محنت، محبت، ذاتي دلچسپي سبب ئي مڪمل ٿي سگهيا.

    ساٿ سلامت -- سنڌ سلامت
    سورج سجاولي
    چيئرمين
    سرويچ سجاولي اڪيڊمي _ سجاول سنڌ.
    03003481767

    پنهنجي پاران

    سنڌ وطن جي سچار ساٿي، امر، عوامي ۽ انقلابي شاعر مرحوم سرويچ سجاوليءَ جو پهريون چونڊ شعري مجموعو ”آليون اکيون اڻڀا وار“ 1972 ۾ڇپيو جنهن کانپوءِ حالتون اهڙيون بيٺيون جو ڪيترين ئي ڪوششن جي باوجود سندس ٻيو شعري مجموعو ”ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون“ سندس جيئري ڇپجي نہ سگهيو. هونءَ سرويچ جي شاعري چئن مجموعن جيتري ٿيندي. جيڪا هاڻ سندس ڪجه درياھ دل ۽ ساڃاھ وند دوستن جي ساٿ ۽ سهڪار سان، اوهان مارن ۽ مظلوم ماڻهن تائين پهچائڻ جو ذمون کنيو آهي. انهيءَ جي پهرين قدم طور ”ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون“ اوهان جي سڀاڳن هٿن ۽ آهي. سرويچ سجاولي صاحب جو هي مجموعو غزلن، نظمن، گيتن، وأين، ڪافين ۽ ڪجھه محبوب شخصيت کي ڏنل ڀيٽا وارن شعرن تي مشتمل آھي، جيڪي وقت بوقت سرويچ جي اندر مان اڀري اکرن جي صورت وٺي ڪورن ڪاڳرن ٿي ظاهر ٿيا.
    هن ڪتاب ۾ سرويچ جي شاعريءَ جي چونڊ 1965ع کان وٺي آخر تائين ڪيل شاعريءَ مان ڪئي ويئي آهي ۽ هن ڪتاب ۾ اوهان کي ضيائي آمريت کان وٺي اڄ تائين سنڌ ۽ ملڪ سان جيڪي ڪربلائون ڪيون ويون آهن، ۽ وطن سان ۽ اُن جي مارو ماڻهن جي ڏکن ڏولاون، سورن، صدمن، آهُن، دانهُن، سڏڪن، لڙڪن جو عڪس چٽيل نظر ايندو. ساڳئي وقت سنڌ جي فطري سونهن، ثقافت، ريتن ۽ رسمن جي پڻ ڀرپور منظرنگاري نظر ايندي. هن ڪتاب ۾ جتي ڏاڍ، ڏمر، جبر، انياءُ ۽ آمريت تي ڦٽڪار آهي. اتي انقلاب جو چٽو عڪس، اميد، آس ۽ يقين پڻ نظر ايندو. پڪ سان هي ڪتاب سنڌ جي سورن، مشُڪلاتن، مصيبتن، ڏکن ۽ ڏولاون ۾ آجپ ۽ اُتساھ جو ڪم ڏيندو.
    هن ڪتاب کي اوهان جي هٿن تائين پهچائڻ ۾ سرويچ جي نظمن جي سورمي، منهنجي بهادر ۽ قابل رشڪ ڀيڻ محترمہ سسُئي پليجو صاحبہ ۽ سندس والد محترم چاچا غلام قادر پليجو صاحب جي درياھ دلي، ادب دوستي، پنهجائِپ ۽ ذاتي دلچسپي شامل آهي. نہ تہ اڃا الائجي ڪيترو عرصو سرويچ جو ڪلام ڪاڳرن جي قيد ۾ هجي ها.
    هن ڪتاب جي سهيڙڻ ۾ محترم يوسف سنڌيءَ جي سرويچ ۽ ان جي ڪلام سان ويجهڙائپ ۽ دلچسپيءَ وڏو ڪم ڪيو. تنهن کانسواءِ محترم اياز امر شيخ، ساحل سنڌي، سڄڻ سرائي ۽ محمد ٻارڻ جي محنت ۽ هٿ ونڊ، ترت اُڪلاءَ جو سبب بڻي.
    ڪتاب جي ڇپائيءَ جا اڻانگا مرحلا محترم يوسف سنڌي جي ساٿ ۽ سهڪار ۽ محنت سبب سهنجا ٿي پيا ۽ اينئن کڻي چوان تہ سندس ساٿ، محنت ۽ دلچسپيءَ، پروف ريڊنگ ۽ ايڊيٽنگ کانسواءِ هي ڪتاب ايترو جلد اوهان جي هٿن ۾ اچڻ ممڪن نہ هو.
    ساڳئي وقت آئون ڌرتيءَ ماءُ جي مهان ليکڪ محترم شمشيرالحيدري صاحب جو بہ نهايت ٿورائتو آهيان جنهن تمام مختصر وقت ۾ پنهنجون سموريون مصروفيتون ترڪ ڪري هن ڪتاب جو مهاڳ لکڻ جي عنايت ڪئي آھي.
    ڪمپوزنگ جا مرحلا محترم مور ساگر جي محنت، محبت، ذاتي دلچسپي سبب ئي مڪمل ٿي سگهيا.

    ساٿ سلامت -- سنڌ سلامت

    سورج سجاولي
    چيئرمين
    سرويچ سجاولي اڪيڊمي _ سجاول سنڌ.
    03003481767


    مھاڳ: عوامي، قومي ۽ انقلابي شاعر

    هي فقير سچ پڇ تہ ڏات ڌڻي ڪونهي، پر روزگار سانگي لکت، پڙهت جي ادارن ۾ رهندي ۽ فن ۽ گُن جي اڪابرن جون صحبتون ماڻيندي، لکڻ جو ڏانءُ کيس اچي ويو آھي.
    سو، شعر ۽ نثر جون مختلف صنفون، ڪالم ۽ ايڊيٽوريل لکڻ جو تجربو ٿي ويو اٿس. پر جيڪا شئي لکڻ کيس مُور نہ آئي، سا آهي ڪنهن ڪتاب تي ٻہ اکر لکڻ. مهاڳ يا ٻہ اکر يا تعارف لکيا تہ بيشڪ اٿس، پر ڳيتون ڏيئي، لنوائيندي، گسائيندي، زوربار سان، جڏهن لکڻو بہ پيو اٿس تہ ڪنهن يار کي ڇِھه_اٺ مهينا تہ ڪنهن کي سال - ٻہ سال ليکا ڏيڻ کان پوءِ. هڪڙي شاعر دوست کي تہ ڀريا اوڻيھه سال انتظار ۾ گذري ويا ! هونئن ڪتاب ڇپائڻ ۾ تہ هن پاڻ بہ دير ڪئي، پر رڪاڊ هن فقير بہ ٽوڙي ڏيکاريو. وري مهاڳ وغيره لکڻ جو ڏانءُ بہ ڪو فقير وٽ اهڙو اڍنگو آهي جو اڪثر يارن، ڪٽ شٽ ڪري، رڳو اُهي ٽڪرا شايع ڪيا، جيڪي سندن شان وٽان هئا.
    هاڻي جڏهن سرويچ سجاوليءَ جي ڪتاب ”ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون“ جو مواد سندس فرزند ارجمند سورج سجاوليءَ پاڻمرادو ڏياري موڪليو آهي، تڏهن فقير ويچار ۾ وٺجي ويو آهي تہ معاملو ڪيئن بنائجي. اول تہ سرويچ سان ويجها واسطا، ٻيو تہ هو پاڻ هن جهان ۽ نہ رهيو آهي ۽ سڀ کان وڏي ڳالھ تہ هو ايڏو قدآور شاعر آهي، جو سندس مڪمل اڀياس بنا ڪجھه لکڻ سخت بي انصافي ليکبي. وري ڪتاب جي مهورت ۾ ڪي ڏينهن وڃي رهيا آهن.
    انهيءَ ويچار ۾ فقير جڏهن ڪتاب جي مواد جا صفحا تڪڙا تڪڙا ورائڻ شروع ڪيا تہ مسئلو هڪ منٽ اندر حل ٿي ويو ۽ اِهو مسئلو خود سرويچ ئي حل ڪيو. هن تہ پنهنجيءَ شاعريءَ ۽ شخصيت جو خود ئي اهڙو ڀرپور تعارف لکي ڇڏيو آهي، جنهن جهڙو ٻيو لکي نٿو سگهي.
    سرويچ جي انهيءَ پاڻ _سڃاڻپ وارين منظوم سٽن کان وڌيڪ ڪا هڪ سٽ بہ لکڻ لاءِ فقير پاڻ کي عاجز ٿو سمجهي. سرويچ پنهنجيءَ جي بنياد تي سچ پڇ تہ اُهو ئي آهي. جيڪو هن پنهنجي لاءِ ڄاتو آهي. ڪوبہ شخص ڄاڻي ٻجهي پنھنجو ڪنڌ اڏيءَ تي نٿو رکي سحي، جيستائين سندس اندر ۾ ڪنهن آدرش جي اُڇل نہ هجي. سرويچ جي شخصيت ۽ ڪردار جيترو سندس شاعريءَ مان بَکن ٿا، اوترو ڪن ورلي شاعرن جي شاعريءَ ۾ نظر ايندو.
    محمد خان مجيدي، ابراهيم منشي ۽ سرويچ سجاولي پنهنجي ٻوليءَ ۽ انداز ۾ بنھه نرالا آهن. اهڙيءَ ٽِمورتيءَ جهڙو مثال سنڌي شاعرن ۾ ڪٿي بہ ڪونھي. لاڙ پَٽ کي جيئن مولانا حاجي احمد ملاح ڪيل قرآن شريف جي مڪمل ۽ منظوم ترجمي جو شرف حاصل آهي. تيئن لاڙ کي انهن ٽن شاعرن جي منفرد مزاحمتي شاعريءَ جو فخر حاصل آهي. تمام ضروري آهي تہ چئني شاعرن جي لساني مطالعي سان گڏ، مزاحمتي شاعرن جي ٽمورتيءَ جو، سندن وقت جي سياسي ۽ سماجي پس منظر سان ڀرپور اڀياس ڪيو وڃي.
    مزاحمتي شاعريءَ ۾ تہ ”سرويچ“ پنهنجي نالي کي موکيو آهي، پر سندس جمالياتي شاعري بہ اعليٰ پائي جي آهي. پنهنجي ديس ۽ ديس جي ماڻهن جي فطري سونهن جا جيڪي چِٽَ هن چِٽيا آهن، سي کيس هڪ ”مصور شاعر“ جو درجو ڏين ٿا. سندس محبوب تہ عجب جي حد تائين ايڏو سهڻو آهي. جنهن تي هر ڪنهن پيار ڀريءَ دل ۾ ضرور رشڪ پيدا ٿيندا.
    سرويچ جي ڪلام جي جيڪا واقعاتي اهميت آهي، سا سندس الڳ خصوصيت آهي. شاعراڻي ترنم، لهجي جي سختيءَ ۽ اظهار جي بيحد بيباڪيءَ ۽ بيخوفيءَ سندس شاعريءَ کي عوامي ورثي جو درجو ڏيئي ڇڏيو آهي. هو عوامي، قومي ۽ انقلابي، ٽنهي حيثيتن جو شاعر آهي.
    اهڙي باحيثيت شاعر جي تعارف لاءِ فقير کي اهو ئي بهتر طريقو سمجھه ۾ اچي ٿو تہ خود سندس ڪلام منجهان ئي سندس عوامي، قومي ۽ انقلابي ڪردار جو عڪس جوڙجي ...

    • ھو سراپا احتجاج ۽ سراسر انقلاب آھي،
    • ھو سنڌ ڌرتيءَ جي حسابن جو ڪتاب آھي
    • هو ساريءَ قوم لاءِ ڪڙهي ٿو، سٻاجهن سانگين لاءِ سڙي ٿو: انهن جي ويرين سان وڙهڻ ۾ ڏوه ثواب نٿو ڏسي۔
    • هو هر تخليق ۾ حسن ۽ شباب سان گڏ انقلاب کي لازم ٿو ڄاڻي: کٿوريءَ جي خوشبوءِ هجي ۽ موتئي سان گڏ گلاب.
    • اونده ۽ اوجهڙ منجهان انڊلٺون اُڀارڻ وارو کپي. جيڪو واٽن منجهيل ماڻهن لئہ آفتاب ۽ ماهتاب بنجي پئي۔
    • (اهڙو ماحول هجي، جنهن) محبوب ۽ معشوق موجن سان گهمندا وتن: هر منهن منجهان خوشحاليون ۽ خوشيون ڦٽنديون رهن.
    • جيڏيون سرتيون کھنبن ويسن وڳن سان وهسنديون ۽ وڙڪنديون رهن: کوهن وٽ بي حجاب ڀوڳ چرچا ڪنديون رهن.
    • پنهنجيءَ هن سيم ۾ ڪئين صدين تائين ساوڪون هجن: محبتن جا مينهن وسن ۽ پيار جا ڪتاب پڙهبا رهن.
    • اي ”سرويچ“، تنهنجا سڀِ سخن سوڀن ۽ سجاڳين جا سبق آهن: اهي جيئن جيئن پيا پڙھبا، تيئن تيئن سنڌ صحتياب ٿيندي رھندي.

    اهو هو سرويچ ۽ سرويچ جي خواهشن جي دنيا جو پاڻ چٽيل منظر۔

    هو بنيادي طرح سونهن جو شاعر آهي، ۽ سندس سموري شاعريءَ جو محور پنهنجي آسپاس جي سونهن کي سلامت رکڻ ۽ نکارڻ جي عزم جو اظهار آهي، جنهن کي هن بيحد سچائيءَ ۽ بيباڪيءَ سان پنهنجو مقصد بنايو آهي۔

    چيا قومي ڪلام آهن، گڏوگڏ انقلابي پڻ،
    عوامي شاعريءَ اندر، مان اوچو آفتاب آهيان.
    (سرويچ)

    شمشير الحيدري
    09-12-2007
    ڪراچي، سنڌ


    غزل

    هيءَ نه ويل وڃڻ جي هُئي.

    هيءَ نه ويل وڃڻ جي هُئي.

    ڏاڍو ڏور هليو وئين پٽڙا، هيءَ نه ويل وڃڻ جي هُئي.
    منهنجا محمد خان او مٺڙا، هيءَ نه ويل وڃڻ جي هُئي.

    جهوريءَ تنهنجيءَ جان جگر کي، جهوري جهوري جهير وڌا،
    هاڻي جيئندا ڪيئن هي جڏڙا، هيءَ نه ويل وڃڻ جي هُئي.

    ڳاڙها ڪوسا لُڙڪ اکين مان، لارون لارون ٿي لڙڪن،
    نير ٽمائن ننڍا وڏڙا، هيءَ نه ويل وڃڻ جي هُئي.

    پيءُ ۽ ماءُ، ڀيڻون ڀائر، چاچا، ماما، سؤٽ ۽ ساٿي،
    ساعت ساعت ۾ ڪن سڏڙا، هيءَ نه ويل وڃڻ جي هُئي.

    کِلندي کِلندي، ڪُڏندي، ڪُڏندي، مُرڪي، مُرڪي من وئين موهي،
    گهوٽ گلابي، گل، مک، گلڙا، هيءَ نه ويل وڃڻ جي هُئي.

    مُرڪ سندءِ ۾ ماکيون مصريون، ڪامڻ ڪُنڍين اکڙين ۾،
    موتين جهڙا ڏند ته اڇڙا، هيءَ نه ويل وڃڻ جي هُئي.

    نڪ ڪُنڍو ۽ جاڙا اَبرو، جوڀن نس نس ۾ پئي نپنو،
    پَٽَ پٽيهر پير ۽ هٿڙا، هيءَ نه ويل وڃڻ جي هُئي.

    قد ۽ ڪاٺي اَڱ ۽ عُضوا، علم، عقل ۽ اکر تنهنجا،
    واهه واهه جهڙا، وار ۽ چپڙا، هيءَ نه ويل وڃڻ جي هُئي.

    تُنهنجي سونهن ۽ سيرت کي مان، واکاڻيو پيو واکاڻيان،
    واکاڻين پيا وڏڙا، ننڍڙا، هيءَ نه ويل وڃڻ جي هُئي.

    تنهنجو منهنجو ميلو ٿيندو، مولا منهدان محشر ڏينهن،
    توکي چُميو چُمندس منڙا، هيءَ نه ويل وڃڻ جي هُئي.

    تون ئي منهنجو آئيندو ۽ تون ئي منهنجو عاشق هئين،
    تون ئي هُئين ”سرويچ“ او ٻچڙا، هيءَ نه ويل وڃڻ جي هُئي.


    [30 مئي 1983ع تي اکين جي نُور، ساهه جي سرور گهوٽ پٽ شهيد محمد خان سرويچ جي بي وقتائتي لاڏاڻي تي اکين مان آب هاريندي لکيو ويو]


    سرويچ پنهنجي شاعريءَ ۾ معجزا پيدا ڪي ڪر

    سرويچ پنهنجي شاعريءَ ۾ معجزا پيدا ڪي ڪر

    سرويچ! پنهنجي شاعريءَ ۾ معجزا پيدا ڪي ڪر،
    جيئن همٿون هيڻا وٺن سي حوصلا پيدا ڪي ڪر.

    قلمن ۾ اهڙيون قوتون ۽ قدرتون ڪُڏڪار ڪن،
    جو سڀ سٽون سرڪش هجن، سي سلسلا پيدا ڪي ڪر.

    وِک وِک مٿي لکَ لکَ لڀن، ويڙهيون ڪندڙ ويڙهاڪ پُٽ،
    سانگا نه جن کي ساهه جا، سي سِر ڦِريا پيدا ڪي ڪر.

    زوراورن جي زور کان، لِڱَ لِڱَ لُٽيرن جا لُبن،
    عرشن زمينن ۾ ته اهڙا، زلزلا پيدا ڪي ڪر.

    واين ۾ وائي وڍ وڍان، بيتن ۾ بُو بارود جي،
    نظمن جي هرهڪ نقطي ۾، وَڳ ولولا پيدا ڪي ڪر.

    ڀيلي نه جيئن هن ڀونءَ کي، ڪو ڀاڙ کيندڙ بد نظر،
    ڀاڻن ڀٽن ڀاڳين منجهان، تون ڀرجهلا پيدا ڪي ڪر.

    سڀ مشڪلون ميسارجن ۽ منزلون مُرڪي ملن،
    ماري مڙئي موڃاٽجن سي مرحلا پيدا ڪي ڪر.

    جهونگار جن جي جستجو ۽ سوڀ جن جي ساهيڙي،
    ثابت ٻڌن جي سندرا، سي مرحلا پيدا ڪي ڪر.

    برپٽ بُکون توڙي اُڃون، وِنگو نه جن جو وار ڪن،
    نيزن مٿي جيڪي نچن سي، نينگرا پيدا ڪي ڪر.

    ها، اُٿڪون جن جون اَجهل، گِهيڙان گِهڙڻ جي گَت نه جن،
    هرهنڌ تان ٿئي ”هٽ پري“، سي هوڪرا پيدا ڪي ڪر.

    هي موملون هي مينڌرا، پنهنجي مرڻ جيئڻ جي لئه،
    سڀ وڏڦڙا واچوڙ ويرون، وهڪرا پيدا ڪي ڪر.

    هر چؤڪ تي چاري چُغل، چارئي طرف چورن جي هٿ،
    چنجور سان چيرڻ لئه تن کي، چلولا پيدا ڪي ڪر.

    جي جيجلن جوين ۽ توڙي، جُو مٿان جهيڙاند ڪن،
    سي جُنگ جوڌا جَنگ لاءِ، جابجا پيدا ڪي ڪر.

    تون پنهنجي ڏاهيءَ ڏات سان، ڏوٿين مٿان سڀ ٽار ڏُک،
    سانگين مٿان سُک سهنج جا، سج سوجهرا پيدا ڪي ڪر.

    آزاديون آباديون، آسودگيون عيدون هُجن،
    آسون ڪُڏن عرشن مٿي، سي آسرا پيدا ڪي ڪر.

    تون سنڌڙي ساري سان گڏ، سڏجين سجاول جو به سڏ،
    هر حال ۾ جي هڪ هُجن، سي همنوا پيدا ڪي ڪر.


    انقلاب آيو کپي

    انقلاب آيو کپي

    ڇا ڪنڌ قاتل پيو ڪپي، ڇا لال لٽَ ۾ پيو لپي،
    بس! انقلاب آيو کپي، هُو انقلاب آيو کپي.

    جيئن جيئن جبر جورو ٿئي ۽ قهر نت ڪورو ٿئي،
    تيئن تيئن ٿي ڌرتي تپي، بس! انقلاب آيو کپي.

    ڇا رَت راڻن جو تتل، جهوري جبل آيا ڳپل،
    مڙسن ڇڏي منزل مپي، بس! انقلاب آيو کپي.

    هي جيئرا جذبا ته پس ڪاتن ڪهاڙن تي نه ڪس،
    يارن کنيا ٺوڪي ٺپي، بس! انقلاب آيو کپي.

    سوڍن جي سر سونهن جو قسم، بدڪار جا بارود بم،
    جوڌن پٽن ورتا جهپي، بس! انقلاب آيو کپي.

    هرهڪ ٻچو سنڌ سان سچو، سينو ڪڍيو چئي پيو اچو،
    ٽينڪن اڳيان بيٺو ٽپي، بس! انقلاب آيو کپي.

    سوريءَ چڙهڻ سڀ پيا سکن، ”سرويچ“ سوڀن لئه لکن،
    ۽ ڇاپڻي ڇاپئي ڇپي، بس! انقلاب آيو کپي.


    سراپا احتجاج آهيان

    سراپا احتجاج آهيان


    سراپا احتجاج آهيان، سراسر انقلاب آهيان،
    مان پنهنجي سنڌ ڌرتيءَ جي، حسابن جو ڪتاب آهيان.

    ڪڙهان ٿو قوم ساريءَ لئه، سڙان سانگين سٻاجهن لئه،
    وڙهڻ ۾ تنهنجي ويرين سان، نه ڏسندو ڏوهه ثواب آهيان.

    وجهن جي ونگ وانگين کي، هڻن سنگهرون سنگهارن کي،
    انهن لُچن لُٽيرن لئه، وڏو جنگي جواب آهيان.

    پيو هر سنڌ واسيءَ جي، اُکوڙيان ننڊ اکڙين جي،
    جو جاڳائي جُڳن تائين، اهو چنگ و رباب آهيان.

    وٺڻ لئه حق هرهنڌان، ڀڀڙ ڀُون تي پيو ڀڙڪايان،
    عداوت سنڌ سان جن جي، انهن جي لئه عذاب آهيان.

    جڏهن جنگين جي پڙ اندر، لڳن ٿا گهاوَ گهوٽن کي،
    وهي تن جي جو بُت مان رت، اهو گهرو گلاب آهيان.

    هي منهنجا ليک سڀ آهن، لٺيون لوڙهيون ۽ للڪارون،
    بُرن بَدخواه ماڻهن لئه، بکايل ڄڻ عُقاب آهيان.

    چيا قومي ڪلام آهن، گڏوگڏ انقلابي پڻ،
    عوامي شاعري اندر مان، اوچو آفتاب آهيان.

    گهڻا نقال نڪ نِرجا، نسورو ڪن نقل مون تان،
    انهن ڪم چور ڪوڙن کي ته، ڪندو بي نقاب آهيان.

    سُهاڳڻ سنڌ جو سوڍو، سگهو ”سرويچ“ سوڀارو،
    نه پيريءَ جو مٿم پاڇو، شباب ئي بس شباب آهيان.


    عذابن ۾ ڌرتي

    عذابن ۾ ڌرتي

    اُٿي جاٽ جوڌا، هڻو جنگجي،
    عذابن ۾ ڌرتي، وئي انگجي.

    سمهو ڇو ٿا سوڍا، ڊگهيءَ ننڊ ۾،
    ٽياسن مٿي سنڌ، وئي ٽنگجي.

    ڪُهو تن کي ڪوپا، ڪُٺي سنڌ جن،
    وڃن رت ۾ گَس، سڀ رنگجي.

    وڙهو ۽ وڙهو ۽ وڙهو وانگيو،
    وڃن جيئن ويري، سڀئي ونگجي.

    ٻُڌو ڳالهه منهنجي، ٻَڌيءَ ري نه ٻي،
    وجهي ٻک تنهن سان، وڃو ٻنگجي.

    لکو سچ ساٿي، متان ڪچ ۾،
    وڃن جيئن نه پنهنجا، قلم زنگجي.

    کٽي سُک سوڀن سان لانئون لهو،
    پچڻ ڪاڻ پڙ ڏانهن، هلو پنگجي.

    گُهري سنڌ سِريون، اي ”سرويچ“ اڄ،
    انهيءَ لاءِ توڏا، بيهو تنگجي.


    حُسن و شباب ۽ انقلاب

    حُسن و شباب ۽ انقلاب

    هر ليک ۾ لازم هُجي، حُسن و شباب ۽ انقلاب،
    خستور جي خوشبو هُجي، موتئي سان گڏ گڏ هوئي گلاب.

    اونداه ۽ اوجهڙ منجهان، جيڪو اُڀاري اِنڊلٺون،
    واٽن منجهيل ماڻهن لا، ٿي پئي آفتاب و ماهتاب!

    آڻي زمين ۾ زلزلو، يا سڀ اُکوڙي عرش اُڀ،
    يا ظالمن زبرن کي ڏي ڪو، جان جهوريندڙ جواب!

    ڪوه ڪاف ڪُل ڪُڪرا ڪري، ۽ ڪهڪشان ڪيهون ڪري،
    مظلوم قومن جي ڪري، ڪُل ڪوششن کي ڪامياب!

    محبوب ۽ معشوق هي، مسڪين موجن سان گهمن،
    هو مُنهن منجهان مهڪي ڦٽن، خوشحاليون خوشيون شباب!

    کُهنبن وڳن ويسن سان جيئن، وهسن ۽ وڙڪن جيڏڙيون،
    کوهن ۽ کيٽن جي ڀَران، ڪن ڀوڳ چرچا بي حجاب!

    هن سيم پنهنجيءَ ۾ هُجن، صدها صدين تڪ ساوڪون،
    محبتن جا مينهن وسن ۽ پيار جا پڙهجن ڪتاب!

    ”سرويچ“ تنهنجا سڀ سُخن، سوڀن سجاڳين جا سبق،
    جيئن جيئن پيا پڙهبا هتي، تيئن سنڌ ٿيندي صحتياب!


    عورت

    عورت

    تنهنجي ته سونهن سوڍي، پڙهيم پٽيءَ پٽيءَ ۾،
    توکان سواءِ هجي ها، دوزخ گهٽيءَ گهٽيءَ ۾.

    ڪيڏي حسين آهين، ڪيڏي حبيب آهين،
    هر پل ٻُڌا مون اهڙا، هوڪا هَٽيءَ هَٽيءَ ۾.

    ڌاتي مون ٿڃ تنهنجي، سنهڙن چپن سان چُسڪي،
    تنهنجو ئي پيار پياري، پيتم وَٽيءَ وَٽيءَ ۾.

    ماءُ ڀيڻ ڌيءَ آهين، محبوب دوست آهين،
    ميڙي رکين ٿي سڀ لئه، مُرڪون مَٽيءَ مَٽيءَ ۾.

    اُن دم ته دم سندوءِ، ويندو سڄو هو دمجي،
    پَوندو هئس جڏهن مان، اُٽڙي اَٽيءَ اَٽيءَ ۾.

    ساري سماج لاءِ، هرپل سٻاجهه آهين،
    مغموم دل جي لاءِ، تون ڇانئون ڇَٽيءَ ڇَٽيءَ ۾.

    تنهنجي ته صحبتن سان، ناچاق چاق ٿيو پئي،
    شامل شفائون تنهنجي، مرهم پَٽيءَ پَٽيءَ ۾.

    سارو جهان تنهنجي، جلون سان جوتجي ٿو،
    شمس و قمر جا شعلا، سينڌ وَ پَٽيءَ پَٽيءَ ۾.

    صحبت ۾ تنهنجي سانئڻ، آهي سُرور ڪيڏو،
    شاخون ڪي شهد جون ڄڻ، لئي لئي لَٽيءَ لَٽيءَ ۾.

    مسلم هجين يا هندو، مشرق رهين يا مغرب،
    ڪوئي فرق نه آهي، ڪافر ڪٽيءَ ڪٽيءَ ۾.

    هيڏي عظيم هوندي، پل پل ۾ پيسجين پئي،
    ڦاٿي ڀلا تون آهين، ڪهڙي چٽيءَ چٽيءَ ۾.

    هر روز چيچڙي ۾، پيڙهي پيو پاپ توکي،
    پوءِ به سگهه ڪيڏي، سورن سٽيءَ سٽيءَ ۾.

    ڪوڙهئي سماج کي آ، توساڻ ساڙ ڪيڏو،
    ڄَرڪن جي ڄاڙ آهي، پڙهيل ڄٽيءَ ڄٽيءَ ۾.

    ”سرويچ“ تنهنجي سونهن ۽ سيرت مٿي لکي ٿو،
    ناهِيس نِگهه ڪنهن تنهنجي، کاري کٽيءَ کٽيءَ ۾.


    نگاهون گُليلي

    نگاهون گُليلي

    اشارا اڙانگا، نگاهون گُليلي،
    بچي دل اها ڪيئن، هجي جا بُليلي.

    وڏو ڇوهه ڇاتي، اندر ڇولين جو،
    ٿي هند هند کان ڄڻ، ڦاٽي ڦُليلي.

    ڪڏهن ميٺ ماکين، مٺاين کي ماري،
    ڪڏهن تنهنجي آهي، طبيعت غُصيلي.

    سندم دل جي ڌرتي، اي سرتاج سپرين،
    سڄي عشق تنهنجي، اُڊيڙي اُکيلي.

    سجاول جا سائين، اي ”سرويچ“ سوڍا،
    سندئي شاعري آ، سچي ۽ سُهيلي.


    ڀلاڙي عشق اڻ جهليا

    ڀلاڙي عشق اڻ جهليا

    ڀلاڙي عشق اڻ جهليا، هي تنهنجون ڏيهه ۾ ڏرڻيون،
    اُهي سڀ ڪُجهه ڪرائين ٿو، نه آهن جي ڪڏهن ڪرڻيون.

    ڪڏهن سيجون ڇڏائين ٿو، ڪڏهن اُبتو ٽنگائين ٿو،
    ڪڏهن ڏِس قابلن کي پيو، هڻائين ڌوڙ ۾ ڌرڻيون.

    ازل کان عشق جون اُهڃاڻيون، آهن اِهيئي ڏس،
    نڪو ٿو پيار پوڙهو ٿئي، نڪي ئي محبتون مرڻيون.

    شغل ۽ شادمانا شوق تنهنجي جا لڳم اهڙا،
    پري خانن جي پِڙ اندر، پَريون پِئي ڄڻ ته ڪي پرڻيون.

    هِينئون ۽ هوش هر ڀيري، ٿو تڙپي طُور سينا لئه،
    حسينائون ته هت آهن، ڪڏهن حورون ڪڏهن هرڻيون.

    دليون دم دم ٿيون دانهين سي، بره جو بَک بنيون جيڪي،
    سڙيون سپرينءَ جي درشن ري، ڀلا آهن ڪڏهن ٺرڻيون.

    حُسن جي هاڪ تي هِرکيو، وڃن ”سرويچ“ سوڍا سَوَ،
    سَريو سچ پچ وڃن سي ئي، نه آهن جي ڪڏهن سَرڻيون.


    جت نه پهرا پيار تي

    جت نه پهرا پيار تي

    اچ ته ڪنهن اهڙي طرف، اي ناز ور نڪري هلون.
    جت نه پهرا پيار تي، ۽ جت نه جذبن تي جَهلون.

    جت نه چاهت تي چڪاسون، چوڪسيون ۽ چئون پُڇون،
    جت نه دل کي دل کان، ٽوڙڻ جون ڪري ڪو اٽڪلون.

    جت نه روحاني رهاڻين تي، هجي ڪا روڪ رنڊ،
    جت هجن پنهنجون متل، موضوع به موضوع محفلون.

    جت نه تنهنجي منهنجي وچ ۾، ڪو هجي ويٺل وچيون،
    جو جدائي جون جڙيل دلين کي پاڙهي جدولون.

    جت نه معصومن منن جون، مرضيون ماريون وڃن،
    جت وتن بي خوف گهمندا، مينڌرا ۽ موملون.

    مهل بي مهليون ملاقاتون، جتي هر مند ۾،
    جت نه پنهنجي ميل ميلاپن، جون وٺجن موڪلون.

    جت هجي ممڪن مڙوئي، نانءَ نه ناممڪن سَندو،
    پاڻ ٻئي ٻاريون ڪي ويهي، محبتن جون مشعلون.

    جت نه سڪ وندن مٿي، ”سرويچ“ سوري جي سزا،
    ات هلي معراج واريون، ماڻيون ڪي منزلون.


    هستيون جُدا جُدا

    هستيون جُدا جُدا

    تنهنجي حُسن جون آهن، هستيون جُدا جُدا،
    موجون جُدا جُدا ۽ مستيون جُدا جُدا.

    آتيون هميشه آهين، توکي ڏسڻ پَسڻ لئي،
    دلڙيون جُدا جُدا ۽ اکڙيون جُدا جُدا.

    موهيو وِجهن ٿيون مَن کي، محبوب مُحب تنهنجون،
    مينڍون جُدا جُدا، ۽ مُرڪون جُدا جُدا.

    گفتن تان گهوٽ تُنهنجي، گهوري ڇڏيان ٿو آئون،
    ماکيون جُدا جُدا ۽ مصريون جُدا جُدا.

    مُرڪيو پَوَن هو ”سرويچ“ مرڪڻ سان يار جي ڏس،
    مُندون جُدا جُدا ۽ مُکڙيون جُدا جُدا.


    ساهه توتان سِنڌڙي

    ساهه توتان سِنڌڙي

    ساهه توتان سِنڌڙي گهوريان ۽ گهوريندو اچان،
    جِيءُ جسم تُنهن جي مٿان، جهوريان ۽ جهوريندو اچان.

    سوچ ۾ سانڍي سوين، جي ڳالهيون ڳوپي رکيم،
    توسان اندر جون اُهي، اوريان ۽ اوريندو اچان.

    مَٽِ نه جنهن مِٽيءَ جو آهي، مُلڪ ٻئي ڪنهن جي مِٽي،
    سا، مِٽي موتين سان گڏ، توريان ۽ توريندو اچان.

    تُنهنجي آجائيءَ جون آئون، ڳائيندو ڳالهيون گُهمان،
    چنگ اِهڙا چؤطرف، چوريان ۽ چوريندو اچان.

    تُنهنجي ويرين کي وِجهان، آڙاهه ۾ اُڇلي اَمڙ،
    ڪنڌ تِن جا ڪات سان، ڪوريان ۽ ڪوريندو اچان.

    جيڪي بي نَڪا اوهان لئه، بُغض دل ۾ ٿا رکن،
    بُت تن جا بيد سان، ڀوريان ۽ ڀوريندو اچان.

    ڏکڙا ۽ ڏُک سهي، ”سرويچ“ سِنڌ آجي ڪبي،
    تنهن ڪري هر ڏاهي سان ڏوريان ۽ ڏوريندو اچان.


    چُم پيو قُرآني سٽن کي

    چُم پيو قُرآني سٽن کي

    چُمي وٺ تون سهڻن، هٿن جي چٽن کي،
    ڇڏي ڏي اجاين، ٻين کِٽ پٽن کي.

    سڄو مُنهن سڄڻ جو، ته قرآن آهي،
    تون چشمن سان چُم پيو، قُرآني سٽن کي.

    چٽن ساڻ چٽيل چُنيءَ کي پيو چُمجي،
    چُمي جا، پرينءَ جي ڳچيءَ ۽ ڳٽن کي.

    گُلن کي ڇڏي جي، سُنگهن زلف ڪارا،
    پتو پوءِ پئجي، وڃي پوپٽن کي.

    ته سُرهاڻ ڪيڏي، سڌي سينڌ ۾ آ،
    جا واسيو ڇڏي ٿي، برن ۽ ڀٽن کي،

    نه سهڻن جي ساراه، مان ”سرويچ“ ڍاپي،
    وساريو ڇڏي ٿو، سو مائٽ مٽن کي.


    پردا ڪري ڪري

    پردا ڪري ڪري

    پوڙهو ٿي ويندين سُهڻا، پردا ڪري ڪري،
    جوڀن ۾ جيار جاني، جَلوا ڪري ڪري.

    توکي ڏسڻ پسڻ لئه، توسان ملڻ کِلڻ لئه،
    مشتاق ڪئين مري ويا، سجدا ڪري ڪري.

    ايڏي نه لِڪ لِڪان ڪر، درشن ٿئي ته دلبر،
    ماڻهن جا وات ڦاٽن، وهه وا ڪري ڪري.

    دل دل اندر رهين ٿو، ڳوليو نه ته به لڀين ٿو،
    ڪُل جڳ چريو نه ڪر تون، چرچا ڪري ڪري.

    تو لئه لِکون پڙهون پيا، ”سرويچ“ ٿيو وڙهون پيا،
    توتي وڃن نه ٻيا ڪي، قبضا ڪري ڪري.


    پُڪارون

    پُڪارون

    پُڪارون مون توکي ڪيون ڪيئن نه هونديون،
    اُتي توکي هِڏڪيون، ٿيون ڪيئن نه هونديون.

    هتي تولئه آئون، لُڇان ۽ پيو ڦٿڪان،
    اُتي تنهنجون ننڊون، ڦٽيون ڪيئن نه هونديون.

    هِتي رت تولئه، روئان روز آئون،
    اُتي تنهنجون اکڙيون، ڀنيون ڪيئن نه هونديون.

    هِتي ڪانگ تولئه، اُڏاريان پيو آئون،
    اُتي تو به فالون، وڌيون ڪيئن نه هونديون.

    لکيم خط جيڪي، اوهان کي ادب سان،
    چُميون تو ته تن کي، ڏنيون ڪيئن نه هونديون.

    ڳڻيو تنهنجون ڳالهيون، پيو ”سرويچ“ سُڏڪي،
    دعائون تنهن تولئه، گهُريون ڪيئن نه هونديون.


    خزانا کيٽ مان نڪتا

    خزانا کيٽ مان نڪتا

    ڀلن جي ڀيٽ لئه نڪتس، ته آئين ڀيٽ مان نڪتا.
    خوشيءَ جا ڄڻ ته منهنجي جي لئه، خزانا کيٽ مان نڪتا.

    ڇپر کڻندي نظر جڏهين مُبارڪ مُنهن مٿي پيم،
    ته ڪر لشڪر، سِجن چنڊن، جا چمڪي چيٽ مان نڪتا.

    جڙاءُ ۽ جوڙجڪ جڏهين، ڏٺم تنهنجي ته ڏندن جي،
    ته سمجهيم ڪي سچا موتي، سپن جي پيٽ مان نڪتا.

    اچي اچرج ۾ ويا ماڻهون، ته آيو ڪير آهي هيءَ؟
    اچڻ جنهن جي جا احوالا، اُها اُپٻيٽ مان نڪتا.

    صديون ”سرويچ“ گذرن ته به، سُخن تنهنجا سدا جيئرا،
    مٽيءَ جي مهڪ مان مهڪي ۽ رڱجي ريٽ مان نڪتا.


    شافع شفيق اکيون

    شافع شفيق اکيون

    بيشڪ اوهان جون آهن، شافع شفيق اکيون.
    جن کي يقين تِن لئه، سيد يقيق اکيون.

    جيڪي ڌَڪي وڌائون، تن جي دوا به ڪن ٿيون،
    ڪيڏي لحاظ واريون، لائق لئيق اکيون.

    گهائڻ کان پو به گهايل، دل کي گهڻو گُهرن ٿيون،
    هر حال هر گهڙي ۾، رهبر رفيق اکيون.

    ڪاريون سفيد سُرمئي، ڪنهن ڪنهن گهڙيءَ گُلابي،
    هادي ڏنيون ٿئي ههڙيون، حق حق حقيق اکيون.

    سامهون سڃيئن ته سچ پچ، سبحان رب تن ۾،
    ”سرويچ“ ۽ لطيف سي، سچل صديق اکيون..


    منهنجي چاهت تنهنجا چپَ

    منهنجي چاهت تنهنجا چپَ

    ماڻهون ماکيون مصريون چاهن، منهنجي چاهت تنهنجا چپَ.
    جن جي هڪ هڪ ڳيت اندر آ، ماهيءَ ماکيءَ جي لپَ لپَ.

    توسان ڀيچي ڀيچ هجڻ ۽ تنهنجي ڀاڪر منجهه ڀچڻ،
    مالڪ شال مُدامي ڏي ڪي، اهڙا موقعا اهڙا مپَ.

    رم جهم واري رُت هجي ۽ راتيون ريلن پاس رمن،
    ڪورن قُربن جا نه هجن جت، ڪي به ڪنارا ڪنڌيون ڪپَ.

    جوٽون جوٽن ساڻ جڙيل ۽ هُونِ ڳِراٽيون ڳاٽن ۾،
    اهڙيون مهلون ماڻڻ لاءِ، جيءُ هڻي ٿو ڏاڍا جهپَ.

    سونهن ۽ سهڻي صحبت لاءِ، ”سرويچ“ سدائين آهي سِڪيو،
    جن جن جي لاءِ آهي سِڪيو، سي سهڻا بنجي ويٺا سپَ.


    هينئن هرڪڻي مان

    هينئن هرڪڻي مان

    هينئن هرڪڻي مان ته، اڙجي پيس مان.
    تڏهن وِک وِک تي، وڪڙجي پيس مان.

    ڪڏهن قد سوڌي، ڪڏهن سينڌ سنئين تي،
    ڪڏهن زلف ڪُنڍي ۾، ڪڙجي پيس مان.

    ڪڏهن ڪن لبن آ، وڌو من موهي،
    ڪڏهن گُهور گـَهري ۾، گهڙجي پيس مان.

    ڪڏهن ڪنهن گهڙيل ۽ تراشيل ڳچيءَ کي،
    پري کان ئي ڏسندي، پڪڙجي پيس مان.

    ڪڏهن ڪنهن بِلوريءَ، بدن بُت سڄي جي،
    جڙاءُ جوڙ جڪ ۾، جڪڙجي پيس مان.

    ايئن هر حُسن جي حصي تي هميشه،
    اي ”سرويچ“ نيازئون، نِوڙجي پيس مان.


    تنهنجي گُهور مان نڪتو

    تنهنجي گُهور مان نڪتو

    نه اُن کي گهاءُ ڪو گهائيندو، جو تنهنجي گُهور مان نڪتو.
    ڇا وجهندو وقت وڍ اُن کي، جو وهنجي نُور مان نڪتو.

    اوهان سان ميل ميلاپن، جي لاءِ لوڪ سان لڙندي،
    پڪو پهڻن ڪنان ٿيو سو، پَچي هر پُور مان نڪتو.

    تڻڪ ۽ تانگهه تنهنجيءَ ۾ نه تڙڪن کان ڪڏهن تڙپان،
    تڏهن هر تن جيءَ جو، تندو تنبور مان نڪتو.

    اوهان جي سونهن لاءِ سڪندي، سِري سانداڻ ڏانهن سريم،
    ايئن هر انگ انگ منهنجو، ته آ انبور مان نڪتو.

    شرابن مان، شبابن مان، شڪارن مان نه شوقن مان،
    سُخن ”سرويچ“ جو هر هڪ، سڄو ئي سُور مان نڪتو.


    آواز فضا ۾

    آواز فضا ۾

    هر روز ٻُڌان تنهنجو ٿو آواز فضا ۾.
    تنهنجا ئي ڏسان آءُ پيو اعجاز فضا ۾.

    سرتاج جُهڪيو جنهن جي رکن تاج قدم تي،
    محبوب انهيءَ جو ته ڏس اعزاز فضا ۾.

    ڪو وقت تجلي جا پسائي تو پيارا،
    سهڻن جو تهان پوءِ ٿيو آغاز فضا ۾.


    نظرن جي ڪئي تو جا نماڻن تي نوازش،
    ظاهر ته ٿيو تنهن کان نظر نياز فضا ۾.

    مکڙين کي لڳي مَرم پَسي مُرڪ سنديئي،
    تنهنجي ئي نزاڪت جا پسان ناز فضا ۾.

    گفتار سنديئي جو اثر ياد مٺا هي،
    سهسين ٿا وڄن، آءُ ٻڌان ساز فضا ۾.

    جي گُهور وجهين ٿو ته لڳين ايئن ٿو پيارا،
    اُڏريا ڪي شڪارن لئه، بکيا باز فضا ۾.

    مُشڪين ته ٽڙن باغ سپون موتي جهٽن ٿيون،
    ڪاوڙ جي ڪرين خلق ڏسي راز فضا ۾.

    هي سينڌ سهائو يا ڪريو چنڊ زمين تي،
    يا شيل ڪرڻ آئي ڪا شهناز فضا ۾.

    هي وار سندءِ ياڪ ڪي واسينگ ٻچن تي؟
    ڪَکجي ٿا پون جن کان سرفراز فضا ۾.

    ڏسندا پيا زمانا ۽ زمينون به هتي جون،
    ”سرويچ“ سندءِ شعر جو پرواز فضا ۾.


    جذبن ٿي ڊوڙون پاتيون

    جذبن ٿي ڊوڙون پاتيون

    تُنهنجي ته جلون کي ڏسي، جذبن ٿي ڊوڙون پاتيون.
    قدمن چمڻ لئه ڪيترن، قلبن ٿي ڊوڙون پاتيون.

    تنهنجي ته سوڌي ۽ سنئين، قد کي پسڻ لاءِ پرين،
    ڪتبن ڪتابن مان اُٿي، الفن ٿي ڊوڙون پاتيون.

    سوڌي سنواريل سينڌ مان، جهلڪون جهٽڻ جي لئه لَکن،
    سِجن ۽ چوڏهينءَ جي چِٽن، چنڊن ٿي ڊوڙون پاتيون.

    تنهنجي ته وارن جي ورن وڪڙن مان وِهه پيئڻ جي لئه،
    ڏرڙن منجهان ننڍن وڏن، نانگن ٿي ڊوڙون پاتيون.

    هيءَ ڀونءَ سڄي تولئه بڻي، ڀاڳن سندو ڀنڊار تون،
    ڀر ۾ سندءِ بيهڻ جي لئه، بختن ٿي ڊوڙون پاتيون.

    توکي ته پرکڻ لئه پرين، عرشن اکيون کولي ڇڏيون،
    حورن پرين هرڻن کان اڳ، مَلڪن ٿي ڊوڙون پاتيون.

    تنهنجي ته نيڻن جي تکائي، جون تِکون اهڙيون تکيون،
    جن کي جهپڻ جي لئه تکين، تبرن ٿي ڊوڙون پاتيون.

    ”سرويچ“ تنهنجي سونهن تي، لالڻ لکڻ ويٺو جڏهن،
    ڪلمان پڙهي ڪاغذ وريا، قلمن ٿي ڊوڙون پاتيون.


    سنڌ امڙ تان سرڙا گهوري

    سنڌ امڙ تان سرڙا گهوري

    سنڌ امڙ تان سرڙا گهوري، مانجهين ماڳ بچايا.
    مانجهين ماڳ بچايا، ڪوپن ڪنڌ ڪپايا.

    ننگر ڀونگر پُٽ اسانجا، اسين هتي جا ڄايا،
    اسان ته سهڻيءَ سنڌڙي خاطر، ڪيهر پُٽ ڪُهايا.

    وڙهندي وڙهندي ويرين سان اڄ، جوڌن جوش پسايا،
    ڪات ڪهاڙين لوڙهين جا تن، وهواهه مينهن وسايا.

    سانن پاڏن وانگر پڙ ۾، ڄامن پير ڄمايا،
    گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ رت وهائي، سوڍن سانگ سجايا.

    جُنگن ۽ جرنيلن جي لئه جابر جيل بنايا،
    سي سڀ هاٿين جهڙن ساٿين، ٿڏن ساڻ اُڏايا.

    ”سرويچن“ ڏس سريون ڏيئي، پنهنجا ڀال ڀلايا،
    سي ڪيئن هٽندا پڙ تان، جيڪي ٻاگهين ٻار ڄڻايا.


    حق کپي ٿو هير ئي هير

    حق کپي ٿو هير ئي هير

    نيٺ ته سارو ڍانچو ڊهندو، نيٺ جي هيٺان وِهندو ڪير.
    نيٺ اسانکي ڪونه کپي ٿي، حق کپي ٿو هير ئي هير.

    منزل ماڻڻ لاءِ موڙهل ماڻهو چوندا مهل اچي،
    مهلن ڪارڻ وهِندا ناهن، وانجهي مانجهي مرد مٿير.

    تارئون تار ۾ گهڙندي گهوٽيا، تڙ ۽ تانگها ڪون تڪين،
    دڌڪارن ۾ ڌوڪاريو، ڌوپار پون ٿا وير ونجهير.

    ڇوليون ڇاٽون ڇڇڪارون يا ڇيرا ڇڇڪا ڇانڀ هُجن،
    ڇپرن ڇپن کان نا ڇرڪن، ڇوڪر ٻاڪر ڇٽ ڇڳير.

    تازيءَ تازيءَ اڌ صديءَ ۾، سنڀريو سنڀريو سُمهيو پُون،
    اُڀري اُڀري اُلهي ويا سو سعايا سپنا سانجهه سوير.

    پاڻ کان پو جي پيدا ٿيا سي، پُورب پڇم پهچن پيا،
    پاڻ اُهاڙيون ويٺا اڃان، دودي دولهه وارا پير.

    ساٿيئڙا ”سرويچ“ ٿيو ۽ ساهه جو سانگو ڪين ڪريو،
    دهشت گردن ڌوڏي ڇڏيا ڌرتيءَ سان گڏ ڌڱ دلير.


    پنهنجي نجات سمجهي

    پنهنجي نجات سمجهي

    مجهول ڏس ته ويٺا، ڏينهن کي رات سمجهي!
    تن ساڻ جنگ جوٽيون، پنهنجي نجات سمجهي!

    مسڪين جا جي مارا، تن لاءِ موت بنجون،
    بخشيون نه بي ضمير کي ڪا، ذات پات سمجهي!

    ڪُوپا اُهيئي قائم، رهندا قيام تائين،
    ڪَڙڪي ڪِريا جي قهر تي، قلمن کي ڪات سمجهي!

    تقدير کي تراشي، ذهنن تان زنگ لاٿم،
    پنهنجي تکي قلم کي، رُڪ جو روات سمجهي!

    تِن کي خليل بنجي، ڀوري مون ڀور ڪيو آ،
    ويٺا هئا جي پاڻ کي، لات و منات سمجهي!

    ڦاسي ويا سي ڪيڏي، فتني فتور ۾ اڄ
    جيڪي به يار ويٺا، ذاتين کي ڏات سمجهي!

    هي جي ڳڀور ڳڀرو، ڳاني ڳڀي ڇڏيندءِ،
    ڀُلجين متان تون تن کي، ڇورن جي ڇات سمجهي!

    ڪيڏو نه ڀورڙو آ، ڪيڏو نه بي وقوف آ،
    ڪيڏار سُر کي ويٺو، بلبل جي بات سمجهي!

    ڪيڏو آ ڪوپ ڪُن ۾، ساگر ولوڙجي پيو،
    موجن کي ويٺا مورک، مرده ممات سمجهي!

    ڇورا وڏيرڪا سڀ، سورن جا پُٽ آهن،
    واڇون ڇنو تنهين جون، واڳن جا وات سمجهي!

    جُڙتو جمهور ۾ سڀ، جاگيردار ويٺل،
    ڀيلي ويا ملڪ ڀولو، پيءُ جي ڌرات سمجهي!

    هي جي حرام خورا، نعرانشي جا ڏيئي،
    هڙپي ويا حق سارا، هڙ حاصلات سمجهي!

    ويرين سان ويڙهه ۾ ميان، سانگو ڪريو نه ساهه جو،
    گهوري ڇڏيو سِسِين کي، صدقو زڪوات سمجهي!

    ڏاڍو ڪڙو ڪسارو، ويتر وڍي وڌائين،
    پيتم جو زهر زلف جو، آبِ حيات سمجهي!

    پرواهه نه هاڻ مونکي آهي مرڻ جيئڻ جي،
    هيءَ هوءَ دنيا ته مون آ، آبِ حيات سمجهي!

    گفتار يار جيءَ تي، جهوما نچان ٽپان پيو،
    لالڻ جي لفظ لفظ کي، لتا جي لات سمجهي!

    اوڍي چٽن سان چُنري، آرس اڱڻ تي موڙيئين،
    ته رب پاڻ پيو هو مُرڪي، ڪا ڪائنات سمجهي!


    مُرڪي ته موتيا ۽ موتي به مار کائن،
    محبوب محب مهندان، مَلڪن ٿي مات سمجهي!

    جُڙتو جمهور جا مون، ڪيئي ڪلام ڳايا،
    پيتو مون زهر ان جو، آبِ حيات سمجهي.

    ونگن تي ونگ پاتئون، ويتر وڍي وڌائون،
    پاتم سوهار زلف جو ڪي زيورات سمجهي.

    ”سرويچ“ سنڌ جيسين، تيسين حيات هوندس،
    پنهنجي وڃڻ وهي مون، ناهي وفات سمجهي!


    ڪينجهر منڇر گهمنداسين

    ڪينجهر منڇر گهمنداسين

    سِڪي سِڪي جي ملنداسين، پوءِ مور نه ماڳهين ڇڄنداسين.
    اکيون اکين ۾ اٽڪايو، هڪ ٻئي کي پيا ڏسنداسين.

    چيٽن وارن چوماسن ۾، چونگاري ڪي گيت غزل،
    پيار ۾ بلڪل پورهيت بڻجي، ڪڻڪون ڄانڀا لُڻنداسين.

    ماڃر، ميرانپور ۽ مڪلي مياڻي جا ميدان پسي،
    ڪارونجهر ۽ ڪيٽي بندر، ڪينجهر منڇر گهمنداسين.

    مينهن واري موسم ۾ ٻئي، مستيءَ ۾ ٿي مستومست،
    گونيءَ توڙي پيڃاريءَ جي پاڻيءَ ۾ پيا ترنداسين.

    سنڌ سڄيءَ جي ڳوٺن توڙي، پوٺن پڊن شهرن ۾،
    راتيون ڏينهن ۽ هفتا مهينا، سال سڄا پيا ٽڪنداسين.

    سنگت ۾ ”سرويچ“ سڏائي، پيچ مٽيءَ سان پڪا پائي،
    ڌرتي پنهنجي او! دلبر، ٻاڙي ٻاڙي چمنداسين.


    ساجن سِڪي سِڪي

    ساجن سِڪي سِڪي

    ملندا جڏهن به آهيون، ساجن سِڪي سِڪي.
    ويندا پوءِ هيڪ ٻئي ۾، آهيون لِڪي لِڪي.

    ڪيڏي آ تانگهه تن ۾، ڪيڏي آ تئونس پيارا،
    ڪيڏي اچي ٿي دل کي، دل ڏي ڇِڪي ڇِڪي.

    ايڏيون هجن ڄمارون، جن جو نه ڇيهه ڇيڙو،
    ٽن ٽن قيامتن تڪ، پئجي ٽِڪي ٽِڪي.

    هر هڪ هڏي آ حُب ۾، هڪ ٻئي ڪنا هٺيلي،
    چاهت ۾ ٿي پيا چريا، هينئڙو هِڪي هِڪي.

    سهڻن سان صحبتن ۾، سن ۽ صديون به ٿوريون،
    ”سرويچ“ سپرين ري، هر شئي ڦِڪي ڦِڪي.


    چنڊ لڪندي مون ڏٺا

    چنڊ لڪندي مون ڏٺا

    گهور گُهنڊ سان گهر اڳيان، اڄ گهوٽ گُهمندي مون ڏٺا.
    پير پِرين جا پَرين حورن کي چُمندي مون ڏٺا.

    صَحن ۾ جنهن وقت ويهي، هُن سنواري سينڌ تان،
    سوَ ڀڄي سورج ويا، لکَ چنڊ لِڪندي مون ڏٺا.

    ويل وچين ويس پائي جان وڌئين وهسي وکون،
    مرم ۾ ان مهل ڪيئي مور مرندي مون ڏٺا.

    ڪوڏ مان جنهن مهل ڪامل ڪر کنئي منهنجي قريب،
    ڪيترين ڪونجن جا اُن دم ڪنڌ ڪرندي مون ڏٺا.

    جنهن هنڌان لالڻ لنگهيو هو ڏيئي پارس پاڪ پير،
    زاهدن جا ان زمين تي، نرڙ گسندي مون ڏٺا.

    رُخ مٿان جنهن وقت رانجهن هو ڪيو پردو پري،
    ميڻ جيئن ماڻڪ مڻين، مرجان ڳرندي مون ڏٺا.

    منجهه ثنا ساجن سندي ”سرويچ“ هڪڙو ڇا مگر،
    شوق مان شاعر گهڻا ئي، شعر لکندي مون ڏٺا.


    لکان ته ڇا لکان ڀلا

    لکان ته ڇا لکان ڀلا

    اوهان جي ان نقاب تي، لکان ته ڇا لکان ڀلا؟
    نقاب منجهه حجاب تي، لکان ته ڇا لکان ڀلا؟

    اوهان جي شان مان تي، اوهان جي شوق شغل تي
    اوهان جي ان شباب تي، لکان ته ڇا لکان ڀلا؟

    اوهان جي سونهن تي لکيل، ڪروڙها ڪتاب ڏس
    ۽ آئون ڪنهن ڪتاب تي، لکان ته ڇا لکان ڀلا؟

    سُمهو ته چنڊ ٿا لڳو، اٿو ته سج اُڀاريو
    پوءِ آئون تو جناب تي، لکان ته ڇا لکان ڀلا؟

    کِلو ته ڄڻ کِڙيو پون، پٻڻ جا گل کاڻ ۾
    ۽ منهن ماهتاب تي، لکان ته ڇا لکان ڀلا؟

    اوهان سان پيار ڏوهه آ، ته ڏوهه پيو ڪبو اهو
    تنهن ڏوهه ۽ ثواب تي، لکان ته ڇا لکان ڀلا؟

    جي ٻوليو ته ٻاٻيها ٻرن ۽ بلبلون سڙن
    پو چنگ ۽ رباب تي، لکان ته ڇا لکان ڀلا؟

    اوهان جي قرب پيار کان مٿي نه تخت تاج آ
    اوهان جي نينهن نواب تي، لکان ته ڇا لکان ڀلا؟

    اوهان جي قرب لئه ڪڙهان، اوهان جي پيار لئه پچان
    اڃا به ڪنهن عذاب تي، لکان ته ڇا لکان ڀلا؟

    اوهان جي اکڙين منجهان پيو، ۽ مست ٿيو گهمان پيو
    وڌيڪ ڪنهن شراب تي، لکان ته ڇا لکان ڀلا؟

    هلو ته هرڻيون ٽهن، ٽلو ته ڊيلڙيون ڊهن
    تو سونهن جي صحاب تي، لکان ته ڇا لکان ڀلا؟

    جڏهن به وار کوليو، ته واسجيو وڃي جهان
    پوءِ موتئي گلاب تي، لکان ته ڇا لکان ڀلا؟

    ملون به روز روز پيا، تڏهن به چپ چاپ ٻئي
    ان باهه لڳي حجاب تي، لکان ته ڇا لکان ڀلا؟

    نه ماکيون نه مصريون، مٺاڻ منجهه مٽ ٿيون
    اوهان جي لب لعاب تي، لکان ته ڇا لکان ڀلا؟


    هيرا لکين هاري ڇڏيئه

    هيرا لکين هاري ڇڏيئه

    مُرڪ هڪ سان ماهرو، جن ملڪ مڙ ماري ڇڏيئه.
    کل خوشي ۾ خوبرو، ڪئين خاندان کاري ڇڏيئه.

    حُسن ۽ هٻڪار تنهنجي جو، هليو هُل هر جڳهه،
    حرف هڪ سان هر طرف، هيرا لکين هاري ڇڏيئه.

    رُخ مٿان جنهن رات راڻا، تو ڪيو پردو پري،
    رب ٿو ڄاڻي ته رانجهن، راڄ روئاري ڇڏيئه.

    مُنهن مصحف، نيڻ نرگس، نُور چمڪي منجهه نراڙ،
    قد و قامت ۾ سرؤ کي، سوز سيکاري ڇڏيئه.

    ڏور کان ابرو ڏنگا، ٿا ڏنگ ڏيهاڻي هڻن،
    ڏيهه ساري جا اي ڏاها، ڏيل ڏس ڏاري ڇڏيئه.

    وار ويڙهيئه واهرو، جنهن ويل ويهي وِلهه تي،
    واس وڻ وڻ کي مليو، هر واٽ هُٻڪاري ڇڏيئه.

    گس وٺي گوهر جڏهن، گلفام گُلرو ٿي گهمئين،
    گلبدن گفتار سان سڀ، غم اَلم ٽاري ڇڏيئه.

    دلبرا ديدار ڏيئي، دم اندر ۾ دائما،
    درد وارن جون سدا، دلبر دليون ٺاري ڇڏيئه.

    سور ساڙي، سوز صدمن، کان ته اي ”سرويچ“ سچ،
    منجهه صفت ساجن سندي، هي شهر سينگاري ڇڏيئه.


    نينهن وڪبو ناهه ڪڏهن

    نينهن وڪبو ناهه ڪڏهن

    تون جڏهن پيهي وڃين ٿو، هر پَسَاهه جي اوٽ تي.
    سَوَ سَلا دل مان اُڀاريئن، پيار جي پالوٽ تي.

    اک رکين اک ۾ کُتل، دِل سير سيني جو ڪري،
    سِر سدائين ٿو رکين، جانب مٺي جي جوٽ تي.

    گُل بڻي ڳل جي ڀران، خوشبو سان واسيئن وار وار،
    چوڪسي ڏيندو رهين، چندن سان واسِيَل چوٽ تي.

    سونهن ۽ سيرت ڏِسي، يا ڪا اَدا الهڙ ڏسي،
    گُهوربو اُن جي رهين، هر اوٽ تي ۽ موٽ تي.

    نينهن تون يا مينهن تون ۽ يا ڪو ڪيهر شينهن تون،
    مُڇ نه موڙيئن ٿو ڪڏهن، ڪنهن ڄام ۽ ڄاموٽ تي.

    روح ۾ جنهن دم رچين، مذهب نه منصب ڪو ڏسين،
    سِر ڪِيو ڪنهن دم وڃين، ڪنهن سوٽ ۽ ماروٽ تي.

    تُون ئي تُون تَن مَن اندر، ٻي نه ٻولي ڪا ٻُجهين،
    ٻار ٽانڊا ٻاٻرا ڀل، ڪنهن جي ٻوٽيءَ ٻوٽ تي.

    ٿي خليل الله ڪڏهن، آڙاه مان اُڪريو اچين،
    روح رب جو ٿي ڪڏهن، سونهن صليبي چوٽ تي.

    تون ڪُڏي ڪَربَل ۾ ڪامل، موت جو مهمان ٿِين،
    موت کي مارئين مَلهِون، نيزا هڻي نڙگهوٽ تي.

    سرمد و منصور سچّل ٿي، ڪُسين ڪُسڪين ئي ڪونه،
    گُهور تنهنجيءَ جا گهڻئي، گهاڻا گُهمن هر گهوٽ تي.

    سير ساهڙ ڪڏهن، پهڻن مان گذرين ٿي پُنهون،
    مينڌرو ٿي موهجين ٿو، ڪاڪ واري ڪوٽ تي.

    ٿو لڳئي ليلا جي هٿ سان، زهر زم زم کان لذيذ،
    قيس ٿي پيئين ڪَڙو، لرزين نه زهري لوٽ تي.

    دولهه دريا خان ۽ دودي سان، تنهنجي دوستي،
    ٿي ڳڀا ڳترا ويا ڪئين وڳ وڳهه جي ڪوٽ تي.

    هي سڀئي صاحب هئا يا، ڪي هئا نائب مگر،
    عشق پهچائي ڇڏيا سي، عرش چوٽان چوٽ تي.

    نينهن نرمل نامور ۽ آهي نايابي نسل،
    نينهن وڪبو ناهه ڪڏهن، ڪنهن نوٽ تي يا ووٽ تي.

    تون اهو پارس پٿر، جنهن کي لڳين سو سونِ ٿئي،
    ڪر سخا ”سرويچ“ جي ڪا، هن عُمر اڻ موٽ تي.


    تنهنجي شهر ۾

    تنهنجي شهر ۾

    اوچتي اڄ دل اڙي، اڻڄاڻ تُنهنجي شهر ۾.
    پاڻهي پنهنجو وڃايم، پاڻ تُنهنجي شهر ۾.

    هوت هيري هار جيئن يا مينهن جا ماما چوان،
    لعل ماڻڪ، موتين جي، کاڻ تُنهنجي شهر ۾.

    منهن مبارڪ نيڻ نرمل، نور تن جي منجهه نراڙ،
    نڪ ڪنڍا ۽ لعل لب، لالاڻ تُنهنجي شهر ۾.

    سج جا هي سوجهرا يا سينڌ سينگاري پرين،
    يا ته چوڏهيئن چنڊ ڪئي، چانڊاڻ تُنهنجي شهر ۾.

    وات مُکڙي ڏند موتي، ڳل حِنا کان ڳاڙها،
    صوف کان وڌ صاف سيني، ساڻ تُنهنجي شهر ۾.

    وار ويڙهيل، زهر ڀريل، چيلهه تي چوٽا ڦرن،
    ٿا ڏسڻ سان ير پون، سوَ ڏاڻ تُنهنجي شهر ۾.

    سرؤ قد سهڻا سڌا ۽ ڪونج ڪنڌ ڪنڍڙا ڀرون،
    حُسن وارن جا اهي، اهڃاڻ تُنهنجي شهر ۾.

    چيلهه چهبڪ جيئن وري ۽ بت بلورن جيئن بکي،
    ري اجل آهي اجل، پڪ ڄاڻ تُنهنجي شهر ۾.
    لاڏ لاکيڻن لکي ۽ لوڏ تن جي لک لهي،
    ٽور مورن کان ڪثر، سُنهن ساڻ تُنهنجي شهر ۾.

    مرڪ سان ڪن ملڪ معطر، موتئي جي موٽ پڻ،
    کل سندن ۾ خوب آ، سرهاڻ تُنهنجي شهر ۾.

    هر نِگهه نشتر سندن هر گُهور گُرزن کان وڌي
    هر گهڙي آ موت جي، مانڍاڻ تُنهنجي شهر ۾

    تير بڻڇيون تيز ڀالا، ڪان تن وٺ ڪيترا،
    هر طرح بس جنگ جا، اڳواڻ تُنهنجي شهر ۾.

    جيئن ٿا شاهي شهر ۾، ڪن ڪوس ڪاسائي گهڻو،
    ان طرح هر روز آ، رت ڇاڻ تُنهنجي شهر ۾.

    پاڙ کان جيئن وڻ کي واڍو ٿو وڍي بس ان جيان،
    وِرهه وارن جا ٿا وڍ جن، واڻ تُنهنجي شهر ۾.

    مست ماڻن ۾ سدا، هر مهل تي مغرور هو،
    ڪين ڪنهن جي ٿا ڪڍن، سي ڪاڻ تُنهنجي شهر ۾.

    ناز نخرا ٽهڪڙا ۽ ڀوڳ چرچا ڇا چوان،
    زندگي زنده دلي، هر ٽاڻ تُنهنجي شهر ۾.

    حُسن ۾ حورن پَرين جي، حُج هڪ ڌڪ سان ڀڄي،
    موتين جا مون ڏٺا هئا، ماڻ تُنهنجي شهر ۾.

    سيم تن صاحب حيا، ”سرويچ“ آهن سخت دل،
    عاشقن کي ٿا مڃائن، آڻ تُنهنجي شهر ۾.


    اڪيلي هلي آ

    اڪيلي هلي آ

    نه سرتي سهيلي، اڪيلي هلي آ،
    اچي ويهه اکين ۾، اويلي هلي آ.

    چُمان جسم پيرن، کان سِر تائين تنهنجو،
    سِگهي ٿي سويلي، سويلي هلي آ.

    ڇُهان صوف سيني، جا چشمن اکين سان،
    چيو مَڃ تون منهنجو، چنبيلي هلي آ.

    وجهي ٻک ٻکن ۾، پيون شربت چپن جو،
    نه ڳَڻ ڳوٺ ڳالهيون، ٿي ڳهيلي هلي آ.

    نه ماکيون مٺايون، مٺيون توکان مٺڙي،
    مان مجنون آن تنهنجو، تون ليلي هلي آ.

    وجهي ويس ڪورا ۽ ڪُنئرا بدن تي،
    تون نازن سان نئين ۽ نويلي هلي آ.

    نه مهلون نه موقعا، ملڻ لاءِ ڳولج،
    قسم قرب جو ٿئي، ڪُمهَلي هلي آ.

    مَکي مُشڪ مينڍا، عطر اُوت بُت تي،
    ڦُلن منجهه ڍڪجي، ڦُليلي هلي آ.

    ڀَڄائي ڏکن کي، ڪريون ڀوڳ چرچا،
    سچي سون جهڙي، سجيلي هلي آ.

    مان ”سرويچ“ تنهنجو، تون سرتاج منهنجي،
    مان ٻانِهون تون مون سان، ٿي ٻيلي هلي آ.


    ڪڏهن آهيان ڪڏهن ناهيان

    ڪڏهن آهيان ڪڏهن ناهيان

    مان پنهنجو پنهنجي اندر ۾، ڪڏهن آهيان ڪڏهن ناهيان،
    مڪي، مسجد ۽ مندر ۾، ڪڏهن آهيان ڪڏهن ناهيان.

    خدا جو خاص خلقيل ۽ خدا جي مان زبان آهيان،
    مگر نبين جي نمبر ۾، ڪڏهن آهيان ڪڏهن ناهيان.

    اُچن عرشن اُتانهن کان، اڏامان ٿو گهڻو اڳتي،
    سُڪي توڙي سمندر ۾، ڪڏهن آهيان ڪڏهن ناهيان.

    اُتر اولهه ڏکڻ اوڀر، ڏِسون چارئي ته ڏوريان ٿو،
    مگر پنهنجي ڪچي گهر ۾ ، ڪڏهن آهيان ڪڏهن ناهيان.

    بيابانن برن پوٺن ۽ وڻڪارن ۾ وڙڪان ٿو،
    سجاول ٺٽي ننگر ۾، ڪڏهن آهيان ڪڏهن ناهيان.

    نه مذهب جو مان متوالو، مگر مذهب مڃيان ٿو سڀ،
    سچن صوفين سان سنگهر ۾، ڪڏهن آهيان ڪڏهن ناهيان.

    گلابي بُو ۾ گهر منهنجو، رهان موتئي سان محفل ۾،
    سمن سنبل صنوبر ۾، ڪڏهن آهيان ڪڏهن ناهيان.

    ڪي جسماني ته ڪي ذهني ۽ اڻ ڳڻ ڌڪ دلڙيءَ ۾،
    سَگهو پنهنجي ته سانڀر ۾، ڪڏهن آهيان ڪڏهن ناهيان.

    هزارن سان هُجومن ۾، ڪروڙن ساڻ ڪَٽڪن ۾،
    دنيا جي شور ۽ شر ۾، ڪڏهن آهيان ڪڏهن ناهيان.

    ڀٽائي ساڻ ڀيچي ۽ عقيدتمند احمد جو،
    عنايت ۽ قلندر ۾، ڪڏهن آهيان ڪڏهن ناهيان.

    سچل سان سچ ۾، ساٿي سدا ”سرويچ“ سوڀارو،
    متل ان جي ته مستيءَ ۾، سدا آهيان سدا آهيان.


    راڻيون آهن اکڙيون تُنهنجون

    راڻيون آهن اکڙيون تُنهنجون

    تون خود روح جي راڻي آهين، راڻيون آهن اکڙيون تُنهنجون،
    ننڍڙن ننڍڙن ٻارن وانگر، اياڻيون آهن اکڙيون تُنهنجون.

    جهٽ پٽ اندر جهٽ هڻن ٿيون، جيءُ جهپي ڪن جهيرون جهيرون،
    جاڙن ڀروئن هيٺان جاني، جڙاڻيون آهن اکڙيون تُنهنجون.

    لاکيڻي ڪنهن ليکڪ جي سي، ليکن جهڙيون قومي وطني،
    قلب جي ڪوري ڪاغذ تي ڄڻ، ڪهاڻيون آهن اکڙيون تُنهنجون.

    ايندن ويندن ونگ وجهن ٿيون، وڍ وجود منجهه تنهين جا،
    ويراڳڻ ڪنهن وائي جون سي، وراڻيون آهن اکڙيون تُنهنجون.

    سوڍا ۽ ”سرويچ“ انهن جي، سٽ نه هڪڙي سهندا يار،
    ٻهڳڻ ٻهڳڻ ٻلوانن سان، ٻکاڻيون آهن اکڙيون تُنهنجون.


    عشق اڙانگو اوکو ارڏو

    عشق اڙانگو اوکو ارڏو

    برهه لڳل آ، جيسين بدن سان،
    پيار به تيسين، تن من پن سان.

    عشق اڙانگو اوکو ارڏو، عرشين فرشين اُڏري اُلري،
    هاڃا هڻندو آهي هردم، هيڪاندا ئي، پنهنجي هٿن سان.

    ماڻهون هٿ کان مُکڙيون مُرجهن، مُکڙيون پوءِ به ٽهڪن ٽڙڪن،
    مُکڙين کي ۽ مالهيءَ کي ڏس، ڪيڏو آهي چاهه چمن سان.

    راتيون ساريون رِم جهم رِم جهم، ڏينهن سمورا سانوڻ موسم،
    جهرمر جهرمر جوتون جلوا، جذبا سارا جوڀن سان.

    سوڍا ۽ ”سرويچ“ سگهارا، سونهن حُسن جا سودائي ٿيا،
    پوءِ به تن جا پاتل پختا، پيچ گهڻا ئي پنهنجي وطن سان.


    ورايان هاڻ سا ڪيئن دل

    ورايان هاڻ سا ڪيئن دل

    ورايان هاڻ سا ڪيئن دل، وسان منهنجي جا وئي وئي وئي،
    لڳي جا هٿ حسينن جي، وڃي پورن ۾ پئي پئي پئي.

    نه وڃ ايڏانهن اُڏامي تون، اِتان واپس نه وريو ڪو،
    مڃيوئي ڪونه تنهن مورک، ٿڪس تنهن کي مان چئي چئي چئي.

    وڃي ٿي سونهن ڏانهن سِرڪيو، اڙانگي اونٿري ڏاڍي،
    پريتن جي پلر لاءِ پياسي آ، نه ڍئي ڍئي ڍئي.

    ايئن ناهي ته هوءَ هڪڙي، رڳو سوزن سزائن ۾،
    انهن ٻنگن ٻکن اندر، ٻکياسين يار ٻئي ٻئي ٻئي.

    حسن ۽ عشق جي هاڃن، هِنيان چيريا هزارن جا،
    سلهاڙيا اِن سلهڙ اندر، سگها ”سرويچ“ ڪئي ڪئي ڪئي.


    وچولا وچوٽا

    وچولا وچوٽا

    مٺا محب منهنجا، ڊگها ۽ نه ڇوٽا،
    سڌي قد سانول، وچولا وچوٽا.

    مُڪائون ٿي مون ڏي، سَوين سوکڙيون هي،
    ڪڏهن ڏونگهه مصري، ڪڏهن لونگ ڦوٽا.

    جڏهن پائي سرمون، ڪڍي سينڌ ساجن،
    ته ڪاڪُل ڪُنڍن ۾، ٿا ڦاسن ڦڻوٽا.

    جڏهن مکڙين جيئن، ٿو مهڪي ۽ مُرڪي،
    ته ڏي ٿو خوشين جا، ڀريون ۽ ڀروٽا.

    سڪي جن جي لاءِ، ٿو ”سرويچ“ هردم،
    پَوَن شل نه تن کان، ڪي ويڇا وِڇوٽا.


    تنهنجي اکين جي اڳيان

    تنهنجي اکين جي اڳيان

    تنهنجي اکين جي اڳيان، هرڻن جون اکيون هيچ هيچ،
    مون ڏٺيون ڪنهن پر نه ٿيون، ڀيٽ ۾ ڀيچ ڀيچ.

    جن به جن سان ٿيون ملن، تن ماڻيو معراج ڄڻ،
    ويا اوهان سان تن جا پئجي، پيچ تي ڪي پيچ پيچ.

    جنهن به پاسي ٿيون کڄن، سُرمي گڏيل سي سانوريون،
    تنهن طرف ساوڻ سڪار، ۽ ڪک پن جا ڪيچ ڪيچ.

    ماڻڪيون محبوب تنهنجيون، بي مثل ۽ بي نظير،
    مَٽ نه تن جو ڪٿ ملي، هي ملڪ سارا ميچ ميچ.

    مرگهه آهو جون اکيون، يا نرگسي ڪي نيڻ ٻيا،
    ڪابه قيمت ناهه تن جي، ڀل کڻي ”سرويچ“ ويچ.


    محبوب رب وٽ شل

    محبوب رب وٽ شل

    محبوب رب وٽ شل، مَرڪان سُنهان سُنهان،
    سهڻن جي سونهن کي پيو، ڇاپيان ڇُهان ڇُهان.

    هي جي چَوَن ٿا قبرون، مومل جون سي ته ماڙيون،
    مومل جي ماڙ ماڙ جو، چاڙهيون چُمان چُمان.

    مومل سسئي ۽ سهڻي، ليلا ۽ نوري مارئي،
    گڏجي ته تن گُڏين سان، گُلشن گُهمان گُهمان.

    گُذري وڃن ايئن پوءِ، ڪيئي صديون اسان کي،
    ڳڻجو نه يار! پويان، ڇنڇر جُمان جُمان.

    مارن سان محبتون ۽ سنڌ سان سِڪُون سميٽي،
    اصلي وطن ڏانهن پنهنجي، اُڏران اُڏان اُڏان.

    سچن ته عاشقن سان، ”سرويچ“ ساٿ ٿئي شل،
    محمد ﷺ نبيءَ جي ڀر ۾، ويٺل هُجان هُجان.


    حشر هر هر ڪري ٿي دل

    حشر هر هر ڪري ٿي دل

    جُدا توکان هتي جيڪا، به گذري هئي گهڙي جاني،
    انهيءَ هرهڪ گهڙيءَ هنئي هئي، هينئن ۾ هٿڪڙي جاني.

    جگر ۾ جهير جهوريءَ جا، جُهري جن کان پيس پيارا،
    جُهريل جيءَ ساڻ ڪيئن جيئندس، ڪريو ڪا جيءَ جڙي جاني.

    حشر هر هر ڪري ٿي دل، چڙهي هٿ حاڪمن جي وئي،
    لڳي ڪنهن جاءِ اهڙيءَ تي، نه هئي اٽڪي اڙي جاني.

    اُتيئي پيو جُهڪي آهيان، اُتي سر سَرنِگون ٿيو آ،
    جتي ڪوپن ڪنڌارن جا، پون ٿا ڪنڌ لڙي جاني.

    ڪٽيم هر ڏينهن ڏسڪندي، ڏکن ۾ ڏرجندي ڏرندي،
    رتو پاڻي سڄيون راتيون، وهايم روئي رڙي جاني.


    اکرن کان گهڻو اڳتي...

    اکرن کان گهڻو اڳتي...

    اسين ڪنهن جي ڪَڇڻ، ماپڻ ۽ اکرن کان گهڻو اڳتي،
    خسيسن هلڪڙن لقبن ۽ نمبرن کان گهڻو اڳتي.

    وَلد مسڪين ماڻهن جو، مِڙئي مسڪين مِٽ منهنجا،
    منافق مٺگهرن موذين جي، مڪرن کان گهڻو اڳتي.

    عوامي انقلابي شاعري جو سِج چنڊ آهيان،
    چَرشاين، چَريَن چِٻرن، جي چڪرن کان گهڻو اڳتي.

    سِپون ميڙيان سمونڊن مان، گلُستانن مان گُل آڻيان،
    بنا برَسڻ گَجن جي تن، ته ڪڪرن کان گهڻو اڳتي.

    مان پنهنجي سنڌ ڌرتيءَ جو سَگهو ”سرويچ“ ۽ سوڍو،
    ”وِلاتي ڪِن به وڻجارن“ جي وَکَرن کان گهڻو اڳتي.


    آزاديءَ جا اولاڻا

    آزاديءَ جا اولاڻا

    هي ٻول اسانجا ٻاٻيهاڻا، آزاديءَ جا اولاڻا،
    سڀ قول اسان جا ڪيڏا راڻا، ڇال جِنهي منجهه ڇوراڻا.

    هر لوچ اسانجي للڪارون، هر سوچ اسان جي سوجهاڪا،
    هر سِٽ اسانجي سوزائتي، جنهن ۾ ٽانڊا ٽانڊاڻا.

    سڀ بيت اسانجا بارودي، سڀ گيت اسانجا گهوٻاٽا،
    هي نظم اسانجا ناد ۽ نعرا، ڳائيندا پيا ڳوٺاڻا.

    هر ڪافي ڪات ڪهاڙو آ، هر وائيءَ ۾ آ ويڙهه وڏي،
    هر نقطو پختو پٿر آ، جِت ماڳ اسانجا مائيٽاڻا.

    هر لفظ اسانجو لوهه تتل، هر اکر ۾ اَنبوري آ،
    ڪر هوش اڙي هڙکائو، پنهنجون کول اکيون او! اوڳاڻا.

    ”سرويچ“ اسين، سر ٽوڙ اسين، آ سوڀ اسانجي ساٿياڻي،
    هو ڦڙڪي ڦاهي گهاٽن تي ڏس، گهوٽ اسانجا گهوراڻا.


    لوڙهيون ڪڍي ڪڍي

    لوڙهيون ڪڍي ڪڍي

    پوڙهيون ٿي ويون مايون، لوڙهيون ڪڍي ڪڍي،
    لوڙهيون ٿي ويون مايون، لوڙهيون ڪڍي ڪڍي.

    پاپ پيڙهه منجهه پَچندي، پورن تي پور پالي،
    پوڙهيون ٿي ويون مايون، لوڙهيون ڪڍي ڪڍي.

    ڪوسيءَ ٿڌيءَ جي ضد ۾، ٻرندي ۽ روز ٺرندي،
    ٺوڙهيون ٿي ويون مايون، لوڙهيون ڪڍي ڪڍي.

    گُب گپ منجهه گچندي، پن ٻڏ منجهه ٻجهندي،
    ٻوڙيون ٿي ويون مايون، لوڙهيون ڪڍي ڪڍي.

    سورن تي سور سهندي، سهمن تي سهم سانڍي،
    سوڙهيون ٿي ويون مايون، لوڙهيون ڪڍي ڪڍي.

    ڏينهن ڏکن ۾ ڏرجي، ڇڙٻن ڏڙهين ۾ ڇڙجي،
    ڇوڙيون ٿي ويون مايون، لوڙهيون ڪڍي ڪڍي.

    کوريءَ ۾ ڪاٺ کامي، کامي اڱار ٿئي جيئن،
    اوڙهيون ٿي ويون مايون، لوڙهيون ڪڍي ڪڍي.

    ”سرويچ“ سنڌ سوڍيون، ناحق اندر نپوڙجي،
    نوڙيون ٿي ويون مايون، لوڙهيون ڪڍي ڪڍي.


    ساجن هڪڙو تون ئي تون

    ساجن هڪڙو تون ئي تون

    اُڀ ڀُونءَ جي اسرارن ۾، بس ساجن هڪڙو تون ئي تون،
    پڙهيم پٽين پارن ۾، بس ساجن هڪڙو تون ئي تون.

    هُو هُو جي هونگار ۾، سج ۽ چنڊن تارن ۾،
    اذانن اذڪارن ۾، بس ساجن هڪڙو تون ئي تون.

    پوڙهن جوانن ٻارن ۾، ۽ ساون ساون ٻارن ۾،
    ۽ اَن سان ڀريل ٻارن ۾، بس ساجن هڪڙو تون ئي تون.

    کڙندڙ ٽڙندڙ تارن ۾، ۽ يڪتاري جي تارن ۾،
    تن جي تندن تارن ۾، بس ساجن هڪڙو تون ئي تون.

    ڳيرن جي ڳٽڪارن ۾، ۽ ڪونجن جي ڪُڻڪارن ۾،
    ڀونئرن جي ڀُڻڪارن ۾، بس ساجن هڪڙو تون ئي تون.

    سوچن ۾ افڪارن ۾، ۽ ڳورن ڀُورن ڪارن ۾،
    جنسن ۽ جنسارن ۾، بس ساجن هڪڙو تون ئي تون.

    سهڻن سبز نظارن ۾ ۽ ولين ۾ وڻڪارن ۾،
    غنچن ۽ گلزارن ۾، بس ساجن هڪڙو تون ئي تون.

    مرڪن ٽهڪن کلڪارن ۾، کيجن خوشين کينڪارن ۾،
    لولين جي للڪارن ۾، بس ساجن هڪڙو تون ئي تون.

    واهوندن ۽ وسڪارن ۾، هيرن ۾ هٻڪارن ۾،
    ڪڪرن ڪارن ڪارن ۾، بس ساجن هڪڙو تون ئي تون.

    شعراءَ جي اشعارن ۾، ۽ اَدبا جي شهپارن ۾،
    فنڪارن فن پارن ۾، بس ساجن هڪڙو تون ئي تون.

    ”سرويچن“ ۽ سچارن ۾، مهميرن ۽ مهندارن ۾،
    ماڻهن مڻيادارن ۾، بس ساجن هڪڙو تون ئي تون.


    ڇورا ڇـِتا ٿي پوندا...

    ڇورا ڇـِتا ٿي پوندا...

    ڇوري ڇَتا نه ڇوڙ تون، ڇورا ڇـِتا ٿي پوندا!
    مينڍا نه مُنهن تي موڙ تون، ڇورا ڇـِتا ٿي پوندا!

    ڪارين ڪُنڍين اکين ۾، ڪانيون ڪجل جون پائي،
    ڇيرا نه ڇُوٽ ڇوڙ تون، ڇورا ڇـِتا ٿي پوندا!
    لعلن مثل لبن تي، لالي لڳائي لالڻ،
    ٻيڙا نه ڪنهنجا ٻوڙ تون، ڇورا ڇـِتا ٿي پوندا!

    هِن مهل مُنهن اُگهاڙي، گهر ۽ گهٽيون لتاڙي،
    گلشن مان گل نه ٽوڙ تون، ڇورا ڇـِتا ٿي پوندا!

    برسات منجهه ڀنلن ڪپڙن سان شام ٽاڻي،
    ڊِيلن جيان نه ڊوڙ تون، ڇورا ڇـِتا ٿي پوندا!

    ميندي هٿن پَڳن تي، مُرڪون نچن چپن تي،
    خنجر ٻِٽا نه کوڙ تون، ڇورا ڇـِتا ٿي پوندا!

    اُلٿي کان اڳڀرو ڪُجهه، اوڍيٰ ڀلوڙ اَجرڪ،
    نه آرس اڱڻ تي موڙ تون، ڇورا ڇـِتا ٿي پوندا!

    روشن اڳيئي آهين، هيري جواهر کان،
    جوتون ٻيون نه جوڙ تون، ڇورا ڇـِتا ٿي پوندا!

    قربن جا تو ته اڳ ئي، ڪافي ڪتاب پاڙهيا،
    پنا نه ٻيا پکوڙ تون، ڇورا ڇـِتا ٿي پوندا!

    ڏاڍو سونهين ٿو سائين! پنهنجي حُسن جي حد ۾،
    ليڪا نه ٻيا لتوڙ تون، ڇورا ڇـِتا ٿي پوندا!

    ”سرويچ“ سونهن بابت، ههڙا حسين نغما،
    جهوليون ٻڌي نه جوڙ تون، ڇورا ڇـِتا ٿي پوندا!


    راتيون ڦڪيون ڦڪيون

    راتيون ڦڪيون ڦڪيون

    مُرڪين ته يار مٺڙا، ماکيون ڦِڪيون ڦِڪيون،
    نظرون سڌيون ڪرئين ته پوءِ ڪاتيون ڦِڪيون ڦِڪيون.

    ڳالهيون ڪريئن جي سرتين سهيلين سان ويهي مٺڙي،
    بُلبُل جون ٿين پوئي، باتيون ڦِڪيون ڦِڪيون.

    پردو کڻين جي مُنهن تان، ڪنهن کي ڏسڻ پسڻ لاءِ،
    چوڏهينءَ جون ٿين اُن دم، راتيون ڦِڪيون ڦِڪيون.

    جنهن دم هلين چلين تون، پنهنجي اڱڻ جي اڳيان،
    ان ڍول ڍنگ کان ٿين، ڊيلون ڦِڪيون ڦِڪيون.

    ”سرويچ“ تنهنجي سُونهن جي، هرهڪ حصي کي ڳائي،
    اُن دم ٿين ٿيون ڪي ئي راڻيون ڦِڪيون ڦِڪيون.


    جي ڀُوريون ملن..

    جي ڀُوريون ملن..

    ڀلا ڀاڳ ڀانيان، جي ڀُوريون مِلن،
    ايشوريا ڪرينا ۽ ماڌوريون مِلن.

    سڄيءَ سنڌ واريون، هي گُجرون گُلابي،
    مڙئي موملون ۽، سي نوريون مِلن.

    کلڻ ساڻ تن جي، وٺن واس وڻ ٽڻ،
    سڄي خلق کي ٿيون، کٿوريون مِلن.

    نه موڳيون نه موٽيون، نه ڇوٽيون کپن،
    بدن بت بيهڪ، ۾ پوريون مِلن.

    اٿم سِڪ ”سرويچ“، سُهڻين جي ايڏي،
    ڀلي حُسن واريون، سموريون مِلن.


    عجب چيز آهين

    عجب چيز آهين

    قسم رب جو آ، عجب چيز آهين،
    اڙي گهوڙا گهوڙا، غضب چيز آهين.

    نه هندو نه مسلم، يهودي نه ٻوڌي،
    تون ماڻهن مِڙن جو، مذهب چيز آهين.

    نه واکاڻ تنهنجيءَ ۾، گهٽ ڪوبه شاعر،
    تون جسمن سڀن ۾، جذب چيز آهين.

    نمازون ۽ روزا، رکون ۽ پڙهون پر،
    سڄڻ سان ملڻ جو، سبب چيز آهين.

    بشر هر بنايل آ محبوب رب جو،
    تون تن ۾ به اعليٰ، نسب چيز آهين.

    سندءِ اڱ اڱ ۾، لڪن چنڊ چوڏهينءَ،
    نسوري نسوري، نجب چيز آهين.

    عبادت ڪجي ڀل الله پاڪ جي،
    ۽ تون پڻ ادب ئي ادب چيز آهين.

    هي ”سرويچ“ سوڍا ۽ عالم اَڪابر،
    انهن کان تون اوچو، لقب چيز آهين.


    جڏهن کان پيم دل

    جڏهن کان پيم دل

    جڏهن کان پيم دل، اوهان ساڻ انگجي،
    تڏهن کان ويم ساهه، سوريءَ تي ٽنگجي.

    رڳو بس اوهان ئي اوهان ياد آهيو،
    زبان ذهن توڙي، چپن ۾ ويا چنگجي.

    ورهه ۽ برهه کي، وسارڻ ٿي چاهيم،
    مگر تن ۾ ويتر، ويس مان ته ونگجي.

    پيا تنهنجي زلفن جي زورآوري کان،
    ڏهيسر ۽ ڏاها، ڏياوان ڏنگجي.

    ويهي جي وساري، ڇڏيندا ته پوئي،
    وڃي ڪورو ڪورو، متان قرب ڪنگجي.

    ڪنواريون ڪنواريون، هي پنهنجون اُميدون،
    وڃن رت جي شال، رشتن ۾ رنگجي.

    مٺي ڀيڻ ”مريم“ ۽ ”شاهين“ ”رقيا“،
    اوهان ساڻ سرتيون ويم ساهه سنگجي.

    لکون ۽ پڙهون، علم توڙي ادب کي،
    وڃن جيئن نه پنهنجا قلم ذهن زنگجي.

    وڃي ”سرويچ“ سنڌ سرهاڻجي ڪر،
    جي ڀائر ۽ ڀيڻون، بيهن ٻيلهه ٻنگجي.


    مِٺيون مِٺيون ڪي ڳالهيون ڪر

    مِٺيون مِٺيون ڪي ڳالهيون ڪر

    اهڙي کاري کُهري ڇالئه، مِٺيون مِٺيون ڪي ڳالهيون ڪر،
    چپن چپن ۾ چئين تون ڇا پئي، چِٽيون چِٽيون ڪي ڳالهيون ڪر.

    ڀيري ڀيري نئون بهانو، دير لڳي آ دڙڪا ملندا،
    ساري ساري رات رهڻ جون، سُٺيون سُٺيون ڪي ڳالهيون ڪر.

    سسئي جهڙيون، سهڻيءَ جهڙيون، مومل جهڙيون مهلون ڳول،
    جن ۾ صديون جيئرا رهون، سي ڊگهيون ڊگهيون ڪي ڳالهيون ڪر.

    پيار ته پيارو ساهه ڪنان، پوءِ ساهه جو ڪهڙو سانگ ڪجي،
    سر ڏيڻ جون سورهيه سوڍي، سچيون سچيون ڪي ڳالهيون ڪر.

    کيندي پيئندي کلندي ڪُڏندي، موت ته ماريندوئي نيٺ،
    جُڳ جُڳاندر جيئڻ جهڙيون، وڏيون وڏيون ڪي ڳالهيون ڪر.

    ساٿياڻي ”سرويچ“ جي آهين، ڊڄ نه دڙڪي داٻ ڪنان،
    قرب ڪرڻ کان پوءِ نه اهڙيون ڪـَچيون ڪـَچيون ڪي ڳالهيون ڪر.


    چنڊ کڙيا چمڪارڪري

    چنڊ کڙيا چمڪارڪري

    تنهنجي گهورَ سَڄڻ سَوَ سُور ڏنا، تنهنجي نينهن وڌا ناسور ڪري،
    تُنهنجي ورهه سندا جڏهن وَنگ پيا، تڏهن ننگ حيا ٿيا مون کان پري.

    تُنهنجي اَک جي اَڻي، مُونکي واهه جي وڻي، جڏهن سينڌ ڪڍي ڏني يار ڦڻي،
    تنهن مهل مٺا، اي ماهه لقا، ڄڻ چنڊ کڙيا چمڪار ڪري.

    تُنهنجا ڏند اَڇا، ڄڻ موتي سَچا، جِن موهي وِڌا هي مُلڪ سَڄا،
    تُنهنجو سونو بدن، توکان حورون لَڄن، اي دِل جا چَمن! اَچ پير ڀري،

    تنهنجي لال لَبن، گُلفام ڳلن، سڄو چهڪ ڪيو، مُنهنجو چيري بدن،
    تُنهنجي مُرڪ مِٺا، ڪئين ڇرڪ وڌا، تُنهنجا ناز پسي دل منهنجي ٺري،

    تُنهنجا نيڻ چُمان، توسان گڏجي گهُمان، هَٿ هَٿ ۾ ڏيئي مِٺا توسان هلان،
    توکي هنج کڻان، اي هيري ڪڻان! مَن جا مڻيا! اَچ پير ڀري،

    ڪنهن ڏينهن هلي، اَچ يار کلي، هي درد دِلي، تون لاهي مِلي،
    ”سرويچ“ سڪي، پرين تولاءِ هِتي، سوا تنهنجي صفا نٿي جنهن جي سري،


    ڇا حاصل؟

    ڇا حاصل؟

    ستائي بيڪسن کي هِت، ڀلا مارڻ، مان ڇا حاصل،
    ستمگر کي سقيمن جا، اَجها ٻارڻ، مان ڇا حاصل.

    جڏهن مشڪل ته ٿي پئي، اَدا! انسان لئه ماني،
    ته پوءِ ڪنهن وڏ وڏيري کي ڪتن ڌارڻ، مان ڇا حاصل.

    نه جي توکان پُڄي ڪو ڪم، ته پوءِ آسرو ڏيئي،
    اجايو ڪن اڙيا تن جو گلو گارڻ، مان ڇا حاصل.

    نڪا آ، سير ۾ ساڃهه، نڪو سڙهه پڻ سلامت تو،
    ڀلا اهڙي ڀڳل ٻيڙي اُتي تارڻ، مان ڇا حاصل.

    وٺي ڌيءَ جوءِ گڏ جاهل، پنڻ پُٽ پير وٽ آيو،
    ڀلا اهڙي، اڙي ڀورا! رسم پارڻ مان ڇا حاصل.

    جڏهن شوهر جي خدمت لئه آ، راڻي ڪونج ڪنڌ گهر ۾،
    ته پوءِ ڪنهن رن طوائف سان، گُهمڻ گهارڻ، مان ڇا حاصل.

    رضائن تي رهو راضي، نه رب سان دم رسڻ گهرجي،
    عجيبن ري اچن عيدون، انهي وارڻ مان ڇا حاصل.

    ڏسي مشڪل نه ٿي ماندو، سدا ”سرويچ“ صابر ٿي،
    غمن ۾ بزدلن وانگي همت هارڻ، مان ڇا حاصل.


    فــريــاد

    فــريــاد

    ڇو؟ کڻي اڄ اي اَدا! عريان مونکي توڪيو،
    مان وڏي هيس نيڪ، پر نادان مونکي توڪيو.

    منهنجيءَ سيرت جي ته توکي، ساک ڏيندو آسمان،
    پر ذلالت جو ڦندو، فقران مونکي توڪيو.

    مرد! منهنجي پارسائي جون تواريخون گواهه،
    خوامخواهه بدنام اڄ، اي خان! مونکي تو ڪيو.

    مغربي تهذيب تي اڄ، مست ايڏو ٿي ڪري،
    رسم ديني کان کڻي، بي ڌيان، مونکي تو ڪيو.

    جو هئم اڳ شان اعليٰ، سو سڀئي تنهنجي ڪري،
    شان وارو يا وري بي شان، مونکي توڪيو.

    خود پڙهيس، يا تو پڙهايو، علم انگلش سو ٻڌاءِ،
    غير جي تقليد تي، زندان، مونکي تو ڪيو.

    شوق خاطر تنگ ڊريسون، توئي پهرايون ميان!
    ۽ ڪِريمن تي وري، ڪوشان، مونکي تو ڪيو.

    پُر پيالا مئي سندا، ٿي ڪنهن پياريا ياد ڪر،
    مست ان مستيءَ ۾، سچ مستان، مونکي تو ڪيو.

    ڪنهن ڪيو غِيرن سان واقف، ڪنهن ڏَسيو ميخانو مون،
    خود ادا! ساقيءَ جي در، دربان مونکي تو ڪيو.

    تو وٺي مونکي ڪيو، ڏس پارٽي ۾ پيش خود،
    ڪاش! چند ڪوڏين مٿي، قربان مونکي تو ڪيو.

    ڪلب توڻي ناچ گهر ۽ عيش جو هرڪو اَڏو،
    واقف خود محفل رندان مونکي تو ڪيو.

    تو سکايا ناچ گانا، ناز نخرا ناٽ پڻ،
    غرض هر غلطي اندر، غلطان مونکي تو ڪيو.

    ناچ منهنجي کي ڏسي، اڪثر انعامون ٿو ڏئين،
    ناٽ ان تي ”نوٽ“ ڏيئي، نازان مونکي تو ڪيو.

    گهر ڇڏائي مون ڪنان، آندو سر بازار تو،
    دام ”دمڙي“ جي مٿي، ڏسي دان مونکي تو ڪيو.

    تو ڇڏي غيرت تڏهين، غيرن وڌيون مون ۾ اکيون،
    آهه! صد افسوس جو، ارزان مونکي تو ڪيو.

    ڪم پڄي توکان نڪو، مونکي ڪمائي لئه تڪين،
    پيٽ پالڻ لئه کڻي، گذران مونکي تو ڪيو.

    تو ڇڏي غيرت، تڏهين لاچار پردو مون ڇڏيو،
    هٿ وٺي ننگ نام کان، عصيان مونکي تو ڪيو.

    ڪنهن ڇڏيو پرهيز کي ۽ ڪنهن ڇڏيو پردو ڀلا،
    لُچ لٽيرن وٽ ته خود، مهمان مونکي تو ڪيو.

    مان ته اڳ هئڙس گهڻو، پردي ڪرڻ جي پابند،
    پنهنجي هٿ سان پاڻهين، سنسان مونکي تو ڪيو.

    تون بنان ”ناري“ نٿو سهڻو لڳين اڄ سير ۾،
    هر سفر جو حضرتا، سامان مونکي تو ڪيو.

    پاڻ سان گڏ ٿو هلائين، غير جي دعوت مٿي،
    هي نه منهنجو شان، پر بي شان مونکي تو ڪيو.

    مون بنان توکي نٿي، فرحت اچي هر فلم ۾،
    هر خرابي تي ته خود، خواهان مونکي تو ڪيو.

    بي نقابي خود ڪرائي، عيب پوءِ منهنجا ڳڻين،
    حيف ٿئي هن پر وري، نيشان مونکي تو ڪيو.

    جا شڪايت ٿو ڪرين، سا سڀ سيکاريل تو سَندي،
    فحش هر فيشن سندو، فرمان مونکي تو ڪيو.

    منهنجي آواره ٿيڻ ۾، منهنجي آهي ڇا مجال،
    هر ڪُڌي ڪرتوت تي، خواهان مونکي تو ڪيو.

    مان خوشي سان ڪين ڪڏهين، هٽ ويس واپار لئه،
    شو سبب خود شهر ۾، اڳواڻ مونکي تو ڪيو.

    عيب منهنجا جي ڳڻين، سي ڪارناما تو سدا،
    اڄ وري ازخود اُٿي، نيشان مونکي تو ڪيو.

    مان ڪيان ڪهڙي شڪايت، پاڻ پنهنجا پار ڏس،
    تو ڪُٺو هٿ سان اٿم ۽ ڳان مونکي تو ڪيو.

    عام اخبارن اندر شعرا سندس شڪوه پڙهي،
    ڏک ڀري هڪ ڀيڻ چيو، طغيان مونکي تو ڪيو.

    ٿي مخاطب مرد کي، ”سرويچ“ مان ٿي هيئن چوان،
    خود ڪرائي ڪم برا، تالان مونکي تو ڪيو.


    رُت سانـوڻـي

    رُت سانـوڻـي

    هئي هاءِ ڙي هي جيڏڙي رت ۾ ٻڏل رُت سانوڻي،
    هيڏو قتل پوءِ ڀي ادل آهن سُتل، رُت سانوڻي.

    اکڙيون ٽمن رتڙو روئن، جنهن دم سندن آسون ڪُسن،
    هت هر مهل ڀالا ٽنبيل، خنجر کُتل، رُت سانوڻي.

    پنهنجو وطن پنهنجو چمن، دشمن انهيءَ ۾ پيا گهُمن،
    پٽڪن ٻڌل سهڻا ادل، ماريو مُٺل سُتل رت سانوڻي.

    آهيم عجب ڪهڙي سبب سنڌي ادب سان ٿيو غضب،
    سامي سچل جي آ اصل، ٻولي ٻُٽل، رُت سانوڻي.

    سنڌي اديون گذريون صديون، رئنديون رهيون رت جون نديون،
    چپڙا سبيل ڄڀون ڪپيل، جذبا ڪُٺل، رُت سانوڻي.

    سنڌي ڌيئون جاهل رهيون، گهرجون گڏيون جيئري ٻڏيون،
    موڳيون منڌل ڀاڳن ڦٽل، نڙيون گُهٽل، رُت سانوڻي.

    سرتيون سڻو لالچ لڻون، پڙهنديون ڀڻون اکر چڻو،
    سسئي مثل جهاڳيو جبل ماڻيو پُنهل، رُت سانوڻي.

    هٿ ۾ قلم اڳتي قدم، مک ۾ شرم گفتو نرم،
    اک ۾ انگل چپ تي غزل بت ۾ اُٿل، رُت سانوڻي.

    منهنجون اديون سِڪ پيار مان، آنکي پڪاري ”سرويچ“
    ٺاهيون سٽل ڊاهيون جهل، پنڌ آ ڳپل، رُت سانوڻي.


    تترن جي تاڙ ۾

    تترن جي تاڙ ۾

    آهي صدر اسان جو، تترن جي تاڙ ۾،
    اعظم وزير ڏسجي، ڏوڪڙ اُڳاڙ ۾.

    جنرل جي جوه آهي، پنهنجي جڳاڙ ۾،
    جسٽس ڏئي ڇڏي آ، ڪورٽ ڪٻاڙ ۾.

    وزرا وفاق وارا، پاڍيل پٽاڙ ۾،
    گورنر گتل ڏسون پيا، گند ۽ گپاڙ ۾.

    هرهڪ اسيمبلي آ، جوڳيءَ جي جهاڙ ۾،
    وڏڙا وزير چارئي، چسڪي چٻاڙ ۾.

    ننڍڙا وزير وسڪي، ٻوٽين جي ٻاڙ ۾،
    ميمبر مشير ورڪر، سودي سٽاڙ ۾.

    ڪرسين تي ويٺلن کي، ڪِليون ڪياڙ ۾،
    بيورو ڪريٽ هرهڪ، بدليل بگهاڙ ۾.

    ناهي ذرو به ويساهه، ڌڻ کي ڌراڙ ۾،
    ليڊر عمل کان عاري، اُلجهيل اناڙ ۾.

    خالي ٿيو خزانو، خرچي کٻاڙ ۾،
    جڪڙي جمهور ڇڏيا، ماڻهو منجهاڙ ۾.
    ميڊيا سڄيءَ جون ڄڀون، لڙڪن لٻاڙ ۾،
    سرڪار وارا سيد، هڪٻئي جي ساڙ ۾.

    پيرن جا هٿ ڏاڍا، پٽڪي پڳاڙ ۾،
    فتنو فتور ڪيڏو، مرشد مواڙ ۾.

    آمر اڃان به آهن، اڳرا آکاڙ ۾،
    بيمار ليکڪن جو، درمل دٻاڙ ۾.

    لڄ لُٽ نياڻين جي، لکيل نراڙ ۾،
    باقي عوام آ سا، لتجي لتاڙ ۾.

    مسڪين محب ماڻهون، بک ۽ اُگهاڙ ۾،
    هاري مزور سارا، ڄرڪن جي ڄاڙ ۾.

    ٿڙڪن پيا اڄ به ٿريا، ٿوهر جي پاڙ ۾،
    وانگي وري ڏسان پيو، ويرين جي واڙ ۾.

    پارن اندر پسون پيا، پلجن پراڙ ۾،
    اسحاق(1) ڄام(2) مظفر(3)، هڪڙي سلهاڙ ۾.

    ايڏي نه شوخ شاعري، گهرجي حڪام کي،
    ”سرويچ“ يار ٻَڌبين، ڌاڙي جي آڙ ۾.


    (1) غلام اسحاق خان
    (2) ڄام صادق علي
    (3) مظفر علي شاهه


    مون کي سنڌ ٿي گُهرجي

    مون کي سنڌ ٿي گُهرجي

    مٽيءَ پنهنجي تي مُرڪان ٿو نه هِنگلچ هِند ٿي گهرجي،
    سِڪون قلب جي لاءِ، ڪا ڌرتي چِند ٿي گهرجي.

    پُڇيو جي رب محشر ۾، ته ڪهڙو بهشت گهُرجيئي؟
    ته چوندس اي مٺا محبوب، مونکي ’سِنڌ‘ ٿي گهُرجي.

    لکين ڀيرا لُڻي ڏيندس، نه ڪندس ليٽ هڪ لِک جي،
    جي منهنجي قوم کي ڪم ۾، هي منهنجي جِند ٿي گهُرجي.

    وڏي عاقل اڪابر ۽ هجي عالم عُلومن جي،
    کپي مونکي سا محبوب، نه موڳي مِنڌ ٿي گهُرجي.

    سڄڻ ”سرويچ“ کي آهي، سڏايو هن سليقي سان،
    ته اچ اجرڪ ۽ ٽوپي سان، نه ٻي ڪا ٽِنڊ ٿي گهُرجي.


    سِريون سوريءَ لئي سينگاري

    سِريون سوريءَ لئي سينگاري

    سونهاري سنڌ جي ڌرتي، ڄڻيا لک لال لاثاني!
    ويا جي موت کي ماري، مرڻ کي ڪيئون فنا فاني!

    ڇڏي سيڄون ۽ سُک سارا، پيا پاپين مٿان پلٽي!
    ڏٺئون ڪا مند ۽ موسم، نه برفاني نه باراني!

    نه قؤلن تان هٽيا ڪامل، نه چاڙهيئون سچ سوريءَ تي،
    سٺائون سور ۽ سختيون، سوين ذهني ۽ جسماني!

    نه نميا نامور نيهي، نه ناحق تي مَٽيائون حق،
    نسون نيزن ۾ وِچڙائي، ڪَيئون ننگن جي نگراني!

    سِسِيون جيڪي نه سانڍيندا، سسيون سانگين تان گهوريندا،
    انهن سورهيه سپوتن سان، اسان جي يار ياراني!

    نه ڪنهن فرعون فاسد کان، فنا ٿيندا سي فولادي،
    فنا کي ويا بقا ڏيئي، جيئن جُڳ جُڳ اهي جاني!

    چوان ڇا همتون تن جو، هماليه کي هِلائي ويا،
    پيا هرهڪ جي دل تي ڪن، هميشه لئي حُڪمراني!

    ڏنئون جو لُوهه لوهن مان، ته لک لشڪر ويا لرزي،
    ٽَڪر ٽينڪن سان کاڌائون، ٽُڪر ڪيئون زور زنداني!

    ملايئون موت سان اکيون، ته ويو خود موت مُنهن ڦيري
    وڏي مُنهن مُرڪيا مانجهي، ڦڪا ٿيا شوم شيطاني!

    سريون سوريءَ لئي سينگاري، سڄڻ ٿي سرفراز آيا،
    سچا ”سرويچ“ ٿيا ثابت، کٽيائون سوڀ سُلطاني!


    وڙهندين نه وڙهندين

    وڙهندين نه وڙهندين

    تون سنڌ لئه سوري مٿي، چڙهندين نه چڙهندين چئو کڻي،
    هن قوم لئه قيدن اندر، ڪڙهيندين نه ڪڙهندين چئو کڻي.

    جن جن به ماريا ۽ مُٺا، محبوب مادر جا ٻچا،
    تن تن لُچن سان لالڻا، لڙندين نه لڙندين چئو کڻي.

    هي گيت آزادي سندا، جن ۾ بغاوت پئي بَکي،
    سي گيت گهر گهر گهوٽيا، پڙهندين نه پڙهندين چئو کڻي.

    جنهن دک ۾ هن ديس جون، لک لک دليون دم دم دُکن،
    ان دُک ۾ او دلبرا، سڙندين نه سڙندين چئو کڻي.

    جنهن گهيڙ گوناگون ۽ گرداب ۾ ويا گهوٽ ڪئين،
    ان گهيڙ ۾ گهوري سسي، گهڙندين نه گهڙندين چئو کڻي.

    جي وڙ وڪيا ويرين جي هٿ، تُنهنجو وطن وڪڻڻ لڳا،
    تن ساڻ جوڌا جُنگ پُٽ، وڙهندين نه وڙهندين چئو کڻي.

    جنهن نينهن ۾ نيزن مٿي، ”سرويچ“ سر چاڙهي ويا،
    ان عشق ۾ ارڏا ادا، اڙندين نه اڙندين چئو کڻي.


    چاهت جا ٿيا چيٽ چٽا

    چاهت جا ٿيا چيٽ چٽا

    منهنجا منهنجيءَ سانڀر ۾ هئا، هينئن نه بلڪل سُک ڦِٽا!
    جهڙا توسان لنئون لڳڻ ۾، راتو ڏينهن ٿيا روڄ پِٽا!

    هرهڪ هڏڪيون ۽ ساروڻيون ٿيون منهنجو ساهه ڪڍن!
    شايد منهنجي مارڻ جي تو سٽي آهي خوب سِٽا!

    فالون پايان ڪانگ اُڏايان، باسون باسيان واٽون واسيان،
    راتيون تولئه جاڳيو جاڳان، ڳوڙهن ڌوتم ڳل ڳِٽا!

    پاڻ لڪايان ليئا پايان، تنهنجون ڳالهيون ڳايو ڳايان!
    توکي پايان مَن پِرڀايان، پو نه ڇڄون ۽ ٿيون نه ڇِٽا!

    اچ اچ راڻا، دل جا داڻا، ايڏانهن ڇو پيو ٽارين ٽاڻا!
    پنهنجي دلبر ڌرتيءَ تي اڄ چاهت جا ٿيا چيٽ چِٽا!

    ههڙا ڏينهن ۽ ههڙيون راتيون، ههڙيون مهلون ههڙي مُند!
    ههڙو جوڀن ههڙا جذبا، ٻيهر ملندا ڪين ٻِٽا!

    رُئندي رُئندي رت اکين مان رُت رڱيم ”سرويچ“ سڄي!
    ريٽي رُت مان رنگت وٺن پيا گل ڦل ميوا سنگ سِٽا!


    عظيم عورت

    عظيم عورت

    آهي عظيم ٻيو ڪو، جيڏي عظيم عورت،
    ڪُهِنن اُڀن ڪنان ڀي، آهي قديم عورت!!

    رب کان پوءِ ٻي نمبر تي، آهي ڪو رَحَمَ وارو،
    جيڏي رهي دُنيا تي، آهي رحيم عورت!!

    ماءُ، ڀيڻ، ڌيءُ آهي، محبوب پڻ مٿانهين،
    حِڪمت ۾ سا ڏِسو پيا، ڪيڏي حڪيم عورت!!

    نبين، ولين ۽ قطبن، غوثن قلندرن کي،
    جنهن آ جنم ڏنو سا، نِرمل نسيم عورت!!

    شاعر، اديب، عارف، عالم، فقير فن وَرَ،
    سي سڀ ڄڻيا جنهن سا، جوڌي جسيم عورت!!

    قادر جي ڪائنات ۾، ههڙي نه ٻي ڪا هستي،
    هر غرض کان سا آجي، آهي غنيم عورت!!

    جنهن جي ته پيرَ پيرَ جي، هيٺان جُڙي ٿي جنت،
    بي شڪ فياض آهي، فائق فهيم عورت!!

    دعائون ڪري جي ڪنهن کي، دوزخ حرام اُن تان،
    ڪيڏي سا آهي ڪامل، ڪرمي ڪريم عورت!!

    شفقت ۾ جنهن جي هَر پَل، آهن شفائون شامل،
    شمس و قمر جا شُعلا، شمعون شميم عورت!!
    حُورون، هَرَڻ ۽ هيرا، جنهن جي حُسن کان هٻڪن،
    حاڪم هُجي ڀلي ته به، هوندي حليم عورت!!

    جنهن جي ڏسڻ پَسڻَ سان نَس نَس ۾ نور ڀرجي،
    نيڻن جو ٺار آهي، نرمل نديم عورت!!

    راجا، رسول، رهبر، راڻي سڀن جي روح جي،
    سڀ کي سُڪون بخشي، سچ پچ صِميم عورت!!

    زيور علم جا پائي، ظلمات مات کائي،
    علمن سڀن جي آهي، ظاهر ضميم عورت!!

    جنهن کان سَواءِ ساري، دُنيا رهي نه دنيا،
    دُنيا جي زيب زينت ۾ آ، ضخيم عورت!!

    اِندرا ۽ بي نظير ، تانسوچلر ۽ ٿيچر ،
    ڪيڏي ته ڏس رهي آ، عاقل عليم عورت!!

    لتا منگيشڪر يا، راڻي ادي روبينه،
    قُمري ۽ ڪونج بُلبُل، ڪوئل ڪليم عورت!!

    مَريم مجيد آهي، پاري به آهي پياري،
    پَروين ۽ رشيده نِمرت نعيم عورت!!

    ’نجمه‘ ’غلام فاطمه‘، ”سرويچ“ جُون نياڻيون،
    ٻيون هي سڀئي سرتيون، سوڍيون سَچيون سياڻيون.


    بيشڪ بهادر عورتون

    بيشڪ بهادر عورتون

    هن سنڌ جون سورهيه سدا، بيشڪ بهادر عورتون،
    علم وَ ادب واريون اُهي، عاقل اَڪابر عورتون.

    هر دؤر ۾ دودي جيئان، سي ديس سان ڪن دوستي،
    هي سيرت وَ صورت ڀريون، صالح ۽ صابر عورتون.


    تاريخ ۽ تهذيب ۾، آهي سندن ورثو وڏو،
    سُونهن ۽ ثقافت کي ته سچ، ڪن ٿيون اُجاگر عورتون.

    هردم وطن جي حُب ۾، مهراڻ جيئن مستان سي،
    ناموس نيڪي ننگ ۾، نِت نِت نشانبر عورتون.

    قومي ڪمن ۾ ڪامڻيون، قربان پنهنجا ڪنڌ ڪن،
    هر معرڪو مردن جيئان، سَر ڪن سراسر عورتون.

    جِت جان جي بازي لڳي، اُت شان سان شينهن مثل،
    بي خوف ٿي ميدان ۾، بيهن برابر عورتون.

    هرهڪ ڏکئي ڏينهن تي اُهي، ڀائن سان ڀيچي ڀيچ ٿي،
    پنهنجون سسيون ساڻيهه مٿان، ڪن ٿيون نڇاور عورتون.

    جيڪو به ميري اک کڻي، ٿو ماڳ مارن جا تڪي،
    اُن جا ڇڪي تارا ڪڍن، دم ۾ دلاور عورتون.

    ماضي ڪَ توڙي حال ۾، تن جي هڪل ۽ هاڪ آ،
    قيدن نه ڪوٽن کان ڪنبن، ڪنهن پر قدآور عورتون.

    سي سڀ سندم جيڏيون جيئن ۽ ”سرويچ“ فاتح ٿين،
    جيڪي وطن ۽ قوم جون، آهن ثناگر عورتون.


    معمار هاري مرحبا

    معمار هاري مرحبا

    اي محافظ ملڪ جا، معمار هاري مرحبا،
    دل ٺري توکي ڏسي، دلدار هاري مرحبا.

    توکي جايون جيءَ ۾ ڏيون، جلد جوڙي اي جناب،
    توکي هيرن جا وجهون لک هار هاري مرحبا.

    تنهنجي ڪوشش سان ڪڻڪون، تِر، ڪَمند، ڪيلا مِلن،
    تون ئي پوکين ٻاجهريون، مڱ، سار هاري مرحبا.

    هر گهڙي ”هر“ تنهنجو، هيرا ٿو اُپائي اي! حبيب،
    ڪيميا جوڙي سندءِ ڪوڏار هاري مرحبا.

    اي مجاهد مرد مانجهي، تنهنجي محنتن تان نثار،
    ساهه سر ”سرويچ“ جو سئو بار هاري مرحبا.


    واهه ڙي ماڻهون موتي داڻا

    واهه ڙي ماڻهون موتي داڻا

    واهه ڙي ماڻهون موتيءَ داڻا، هي سڀ هيڏا تنهنجا ناڻا،
    توکان مهانگا ميڙن ۾ ها، اُٺ وڪاڻا انڌا ڪاڻا.

    اوبر سوبر واري وسڪي، تي تون ويٺين وڪجي يار،
    يار وڪاڻين ڏاڍو سستو، ڪجهه ته ڪرين ها ماڻا ٽاڻا.

    سنڌ امڙ جي ڌرتي تي اڄ، سونٽن جو آ وارو وار،
    توکي چوسيل هڏي گهرجي، گهوٽ قبولي هليا گهاڻا.

    جنرلن کي ’جي جي‘ چئين ٿو، جهانگين سان ڪئي ڪيڏي جاڙ،
    ٻاگهي کي تو ٻاري ٻاريو، دودي جي دل داڻا داڻا.


    سنڌ جي نرمل نازڪ نياڻي، روپا ماڙيءَ واري راڻي،
    لوئرن مهندان لُڇندي ٿي ويا، ”شيرين“(1) جا سنڌ ساڻا ساڻا.

    پو به نه تو ڪو غور ڪيو ۽ غيرن سان پيو گهارين گڏ،
    توکي سڻڀا کاڄ کپن، مان توکي خوب سڃاڻا ڄاڻا.

    توکي ”پنهنجي“ پورايو پئي، ڇاجي سنڌ ۽ قوم عوام،
    سنڌ ته اڄ ڀي سٽجي ڪُٽجي، پو ڇو تنهنجا چَپ سُباڻا.

    سڀني واگهه وڏيرن جي تون، اوطاقن تي اُلجهين روز،
    هرهڪ ميجر ڪرنل وٽ ٿيا، تنهنجا ٿاڪ ٽڪاڻا ٿاڻا.

    مال پرايا ميڙي تن جو، مُنهن پڪي سان ٿي ويئن مالڪ،
    تو وٽ تنهنجون چيزون ٿوريون، شعر گهڻا چوراڻا راڻا.

    ڪاري دؤر ۾ ڪارا ماڻهو، ڪارو پنهنجو مُنهن ڪيوءِ ،
    سارا قول قصيدا تنهنجا، ڪوڏين اگهه اگهاڻا راڻا.

    لوڀي لُوسي لَٽجي ويندا، ”سرويچن“ سان سونهندي سنڌ،
    ڪوپا پنهنجي قوت سان ئي، ٿيڙيندا سڀ ٿاڻا گهاڻا.



    * جنرل ضياالحق جي دؤر ۾ هڪ جوابي نظم.
    (١) شيرين سومرو، سنڌ جي نياڻي، جنهن سان قانون نافذ ڪندڙ اداري جي ڪارندن گينگ ريپ ڪيو.


    سجاول سب ڊويزن ۾

    سجاول سب ڊويزن ۾

    مچي هرجاءِ ويو محشر، سجاول سب ڊويزن ۾،
    لکين برباد ٿي ويا گهر، سجاول سب ڊويزن ۾.

    مُسلسل چئن سالن کان، ڪَتي ۽ چيٽ بلڪل چٽِ،
    لکين ٿي ناس ويا نمبر، سجاول سب ڊويزن ۾.

    گڏر، ڪوئي، رتي روڙي ۽ مهلي مُستقل سائين!
    بَنايو آهه پنهنجو گهر، سجاول سب ڊويزن ۾.

    اچي هن پار کان پيئي، رُڳي اڄ رت جي ٿي بُوءَ،
    ڏُڪر جا پيا ٽٽي ڏونگر، سجاول سب ڊويزن ۾.

    لڳو لڳ چئن سالن جي، تباهيءَ تنگ ڪيو ڏاڍو،
    بَني حالت بنهه اَبتر، سجاول سب ڊويزن ۾.

    ڪلر ۽ سم جي سببان، ستيا ٿي ناس ڌرتيءَ جي،
    زمينون سڀ بنيون بنجر، سجاول سب ڊويزن ۾.

    هِتي مرضن ۽ مهٽن، ملڪ جو ليکو ڇڏيو لاهي،
    ويو بنجي مثالِ ٿر، سجاول سب ڊويزن ۾.

    سڄي ايريا اُجڙ ٿي ويئي، وسندين مان ٿيون ويرانيون،
    پسون هر هنڌ رُڳا کنڊر، سجاول سب ڊويزن ۾.

    ڀلا ٻن ٽن مڻن مان، ڇا ڏجي ڍل ۽ ڇا رکجي ٻج،
    پنڻ پيو پيٽ جي خاطر، سجاول سب ڊويزن ۾.

    سڄا ئي سترهن روپيه ڏيون ڍل، هڪڙي ايڪڙ تي،
    مناسب ناهه سا ڪنهن پر، سجاول سب ڊويزن ۾.

    هتي ڍل وڌ ۾ وڌ وٺجي، اڍائي يا ڪِ ٽي روپيا،
    تڏهين بيهنداسون پيرن ڀر، سجاول سب ڊويزن ۾.

    سَوَن آبادگارن جي، تپيدارن جي در تي اڄ،
    لڳي پيئي آ گلو گيهر، سجاول سب ڊويزن ۾.

    وسي سانوڻ جي بارش جيئن، ايئن آبادگارن جي،
    وهي اکين منجهان پيو جر، سجاول سب ڊويزن ۾.

    مدامي مرض پوکن تي، ڏسي مايوس ٿيا بلڪل،
    ڇڏيا هارين ته ڇوڙي هر، سجاول سب ڊويزن ۾.

    اها حالت اڃا جيڪر، هلي ڪو سال کن باقي،
    ته پوءِ سڀني ڪُلهي ڪوڏر، سجاول سب ڊويزن ۾.

    نه ”شاهن“ جي رهي ”شاهي“، نه ”رئيسن“ جي ”رئيسي“ ڪا،
    سڀئي مايوس ۽ مضطر، سجاول سب ڊويزن ۾.

    نڪي ”ارباب“ آرامي، نه ”خواجن“ جي ٿي ٻُڌجي کِل،
    ”پليجا“ خوش نه هِڪ پل ڀر، سجاول سب ڊويزن ۾.

    نه ”چانڊين“ جو اُهو چرچو، نه ”اوٺن“ ۾ اڳوڻو دم،
    ”خليفن“ شاهه جو جهليو در، سجاول سب ڊويزن ۾.

    نه ”صوفين“ کي ڪو سک آهي، نه ”ملڪاڻي“ مزي ۾ اڄ،
    نه ”ڪيهر“ خوش رهن ڪنهن پر، سجاول سب ڊويزن ۾.

    نڪي ”پيرن“ جي ٿئي پوري، نڪي ڪي ”ڀرڳڙين“ جو اڄ،
    پُڄي ٿو پورو پٽڪي ور، سجاول سب ڊويزن ۾.

    ٻنيون چَٽ ”ٻانهي پوٽن“ جون، ”گُگُن“ جي ٿي گُندئين اَنَ جي،
    ضرر ۾ ”زؤر“ ۽ ”زرگر“، سجاول سب ڊويزن ۾.

    نڪي ”ٻارڻ“ ۽ ”چارڻ“ خوش، نڪي ”ميمڻ“ مزي ۾ اڄ،
    ڏسان مايوس ٿو ”ٽڳر“، سجاول سب ڊويزن ۾.

    نڪي ”شورا“، ”ٻجورا“ خوش، نڪي ”نهڙيا“ ۽ ”دايا“ خوش،
    ڇڏي سڀ ”سومرن“ چُر پُر، سجاول سب ڊويزن ۾.

    کُٽي ويا ڪئين ”کٽي“، ”ڪوري“، ”هندو“، ”هٿيار“ ۽ ”ماڇي“،
    پسان فڪرات ۾ ”پنوهر“، سجاول سب ڊويزن ۾.

    ”نوابن“ جون ننڊون چٽ ۽ ”اميرن“ کي لکين اُلڪا،
    سڄو تبديل ٿيو منظر، سجاول سب ڊويزن ۾.

    مهانگائي وڌي ويئي، ”اٽي“ ۽ ”اَن“ جي خاطر،
    رُلن ”انسان“ پيا اڪثر، سجاول سب ڊويزن ۾.

    چڙهيا ٿي ڪالهه ”جيپن“ ۾، وڏي ٺٺ ٺاٺ سان جيڪي،
    اُنهن جا پيا جهڪي اڄ ڪر، سجاول سب ڊويزن ۾.

    لُڏيا ٿي جي ”هندورن“ ۾ ۽ ”ڪوچن“ تي ڪُڏيا صاحب،
    ڏسان ”حيران“ سي هرهر، سجاول سب ڊويزن ۾.

    سدا پيتي ٿي جن ”وِسڪي“، وڏي ئي گُهنڊ گُهمنڊ سان،
    ملي تن کي نه ”ڀَنگ“ هينئر، سجاول سب ڊويزن ۾.

    سدا جن جي ته ”کيسن“ ۾، ڏٺا ٿي نوٽ ”سؤ سؤ“ جا،
    اُهي اڄ ”جوان جوکا تر“، سجاول سب ڊويزن ۾.

    هئا جن جي ”طنبيلن“ ۾، ٻڌل هردم ڀلا گهوڙا،
    نه تن وٽ اڄ ”گڏهه جو ڦر“، سجاول سب ڊويزن ۾.

    وڏيرن جي ته ”جيپن“ جو، ڪريان ڪهڙو بيان آئون،
    سڀئي ”پرزا“ سندن پنچر، سجاول سب ڊويزن ۾.

    هنڊل هڻندي ته ويچاري ڊرائيور سندا ٻيئي،
    سُڄي پيا سور کان ڏيڏر، سجاول سب ڊويزن ۾.

    اڳي جنهن ”خانصاحب“ کي، پيل هو روز مُنهن ۾ گُهنڊ،
    نه اڄ ”بت“ ۾ ڪو تنهن کي سر، سجاول سب ڊويزن ۾.

    اسانجي اڄ ته ”سکرن“ جون، گتيون ٿيون سون کان بهتر،
    ڇڏيو سڀني ڏَڏو ڏيڪر، سجاول سب ڊويزن ۾.

    سياست کان صفا صوفي ”سُنت“ ۽ فرض تي پورا،
    ڏسان ”مسجد“ ۾ سي منهن ڀر، سجاول سب ڊويزن ۾.

    ڪيون ”سنهڙي گڏر“ آهن، مَين جون چٽ مهميزون،
    جُهڪائي تنهن وڌا ڪيئن نَر، سجاول سب ڊويزن ۾.

    مزدورن هارين جي هِت، ٿي گُذري زندگي هِنَ پَر،
    سنجهي فاقا صبح اُوبَر، سجاول سب ڊويزن ۾.

    نڪا پوري مزوري آ، نڪو مزدور کي ڪوڏي،
    گهڙي کن جي لئه اوڌر، سجاول سب ڊويزن ۾.

    ڍلن توڙي تقاوين جي، معافي ڏيو سڄڻ سائين!
    ڪو ڦوڪيو ساهه اڄ نئين سر، سجاول سب ڊويزن ۾.

    ڏکن مرضن ۾ ٿي هردم، مري مخلوق مکين جيئن،
    ڪريو انصاف ”آفيسر“، سجاول سب ڊويزن ۾.

    اُگهاڙا ۽ بُکيا ”انسان“، وتن در در تي ڀٽڪندا،
    اٽي ۽ اَن جي خاطر، سجاول سب ڊويزن ۾.

    پُڇو جي سڄڻ ٿا، تان فقط هڪ وال ڪپڙي ۾،
    وتن ويڙهيا وني ۽ وَر، سجاول سب ڊويزن ۾.

    ڏسون واپارين جي ٿا، دڪانن تي ته اڄ هي وَڙَ،
    دٻا خالي، ردي ڪاڳر، سجاول سب ڊويزن ۾.

    سڄو ڏينهن ”سيٺ صاحب“ ڏي پيو، ٿو خالي اوٻاسيون،
    ڍڳي جيئن پيو وٽي اوڳر، سجاول سب ڊويزن ۾.

    اُجهامي هوٽلون وييون، ڇڏيا سيٺن سڀئي وڪڻي،
    ٽپايون ڪوپ ۽ ساسر، سجاول سب ڊويزن ۾.

    نه مرشد کي ملي ٿو ڪجهه، مريدن مان ٽڪو آنو،
    ٿيو بزرگ سو گوڏن ڀر، سجاول سب ڊويزن ۾.

    ڪِريو پينو فقير کي پَوَن، اڄ لڙڪ لک لک ٿا،
    جڏهين موٽن ٺلها ٿا گهر، سجاول سب ڊويزن ۾.

    هتي جا ڪاسبي ڪُڙمي، وڃن ڪمزور ٿيندا پيا،
    بنيا بيڪار ڪاريگر، سجاول سب ڊويزن ۾.

    اسانکي او سڄڻ سائين! انهيءَ جيئڻ ڪنان بلڪل،
    لڏڻ سچ پچ ته ٿيو بهتر، سجاول سب ڊويزن ۾.

    هتي جي زندگيءَ ۾، ڪانه ٿي ڏسجي زنده دلي،
    حياتيءَ جي نه ڪا ”چُرپُر“، سجاول سب ڊويزن ۾.

    خدايا! خلق هيءَ تنهنجي، پريشان حال اڄ آهي،
    وسائي رحمتون پَرور، سجاول سب ڊويزن ۾.

    اسانجو مؤدبانه عرض، ”گورنر“ صاحب کي آهي،
    ڪريو ”معافيءَ“ جو ڪو آرڊر، سجاول سب ڊويزن ۾.

    سراسر قحطه هيءُ ڪارو، اچي الله لڳ ڏس تون،
    ”حسن“ ”مسرور“ ”ڪمشنر“، سجاول سب ڊويزن ۾.

    مرن ٿا مال ۽ ماڻهو، ”مبّشر خان“ ري مرڻي،
    اسانجا ”رحمدل ڪلٽر“، سجاول سب ڊويزن ۾.

    ڪسمپرسيءَ جي حالت هيءَ ڏسي وڃجو خداڪارڻ،
    او اخبارن جا ”ايڊيٽر“، سجاول سب ڊويزن ۾.

    اسانجا عيوضي چونڊيل، نٿا ڏسجن صفا ٽيئي،
    پيارا ”محترم ميمبر“، سجاول سب ڊويزن ۾.

    گهرن ٿا ربّ کان هردم دعا، ”سرويچ“ ”گل“ گڏجي،
    ڪرم جي ڪر نظر قادر، سجاول سب ڊويزن ۾.


    جَهل وِڄون جلشان...........!

    جَهل وِڄون جلشان...........!

    جَهل وڄون جلشّان، هاڻي مال ماڻهون ٿا مرن،
    رحم ڪر رحمّان، هاڻي مال ماڻهون ٿا مرن.

    پنجويهن جولاءِ کان، پهرين ڏٺي آگسٽ جي،
    روز مينهن طوفان، هاڻي مال ماڻهون ٿا مرن.

    مينهن هيءُ، يا ملڪ تي، آيو الاهي ڪو عذاب،
    مهر ڪر منان، هاڻي مال ماڻهون ٿا مرن.

    گهَر ڪِريا، گهارا پيا، هَر گهَر ۾ گهوڙا ويڪ ٿي،
    وسنديون ويران، هاڻي مال ماڻهون ٿا مرن.

    مُلڪ لاهو لاهه سارو، لَهر ٽڪري لهر سان،
    سير ۾ سامان، هاڻي مال ماڻهون ٿا مرن.

    بحر بارش جي اي باري، بيديون بندن سان ڪيون،
    ”ڀون“ سڄي بيران، هاڻي مال ماڻهون ٿا مرن.

    ٻوڏ، ٻهراڙين کي ٻوڙيو، ٿا ٻُڏن اڄ ٻار ۾،
    ٻارڙا ٻلوان، هاڻي مال ماڻهون ٿا مرن.

    گهَر گهڻا ٿي گار ويا، ۽ مينهن ٻوڙيا ماڳ ڪئين،
    فصل ڪُل ٿيا فان، هاڻي مال ماڻهون ٿا مرن.

    ڇڇ بنيا ڇوهو وٺو ۽ ڇوليون ڇڇڪارڪن،
    اَڇ اڱڻ ايوان، هاڻي مال ماڻهون ٿا مرن.

    ويا غريبن کي اَچي آهن، ٻچا اڄ وات ۾،
    ڪل لهي ڪوڪان، هاڻي مال ماڻهون ٿا مرن.

    ٿي غريبن جا ويا اَڄ، جَهڻ جُهڳا چَٽ جهوپڙيون،
    جوکمي تن جان، هاڻي مال ماڻهون ٿا مرن.

    ڪيترائي جُنگ جوڌا، جهوپڙين ۾ ٿي ويا،
    جان کان بيجان، هاڻي مال ماڻهون ٿا مرن.

    سارين جي پوک ساري، سَرِ بَسر ويئي سڙي،
    مُلڪ ڪُل ميدان، هاڻي مال ماڻهون ٿا مرن.

    بارشن جي بحر ٽوڙيا، بند رستا ۽ براج،
    باغ چٽ بُستان، هاڻي مال ماڻهون ٿا مرن.

    بند بازاريون ٿيون ۽ ٿي ويو ڪاروبار بند،
    هر بندو حيران، هاڻي مال ماڻهون ٿا مرن.

    ڪانه مزدوري ملي ٿي، ڪيئن ڀلا مزدور ڪن،
    پيٽ جو گُذران، هاڻي مال ماڻهون ٿا مرن.

    مينهن ۽ مهنگائيءَ، مارن کي آ، گڏجي ماريو،
    بند روٽي نان، هاڻي مال ماڻهون ٿا مرن.

    هر طرف تي تڙ ترايون، تار ۽ تاڙيل تلاءُ،
    بحر بي پايان، هاڻي مال ماڻهون ٿا مرن.

    ڍوريون ڍورا ڍنڍون، ڍورن جي ڀريا ڍونڍ سان،
    ۽ اَڃان اِمڪان، هاڻي مال ماڻهون ٿا مرن.

    گَسَ ڦٽا گاري گچڻ کان، گندگيءَ ۽ گپ تي،
    مک مڇر مستان، هاڻي مال ماڻهون ٿا مرن.

    تِرڪڻيون هر طرف توبهه، تُرت تارونءَ ڀَر ڪِرون،
    ڪنڌ چٽ رت ران، هاڻي مال ماڻهون ٿا مرن.

    ڀِت ڀران بيهو ڀڳت، ٿا ڀؤ ڪنان ڀُڻڪيو چون،
    رک ڀرم ڀڳوان، هاڻي مال ماڻهون ٿا مرن.

    خوف تنهنجي کان اي خالق!، پيا پڙهن توبھ نماز،
    خاندانان خان، هاڻي مال ماڻهون ٿا مرن.

    ”شاهه بندر“ سب ڊويزن، پوري پاڻيءَ جي نظر،
    گام گهر غلطان، هاڻي مال ماڻهون ٿا مرن.

    ٿيو ڪراچي شهر آهي، ڪن ڪلاچيءَ جي مثال،
    ڪيئن ڦِٽا نشان، هاڻي مال ماڻهون ٿا مرن.

    ساڪرو، ٺٽو ڪراچي، سن سجاول ڪوٽڙي،
    تار ڪئي سان تان، هاڻي مال ماڻهون ٿا مرن.

    ”کورواهه“، ”بلڙي“، ”بديڻا“، لهرين منجهه لپيٽ،
    ”ٽنڊو محمد خان“، هاڻي مال ماڻهون ٿا مرن.

    ”ڀيڄ مولا ڀيڄ“ بدران، بخش باري ڪر خطا،
    ايئن چون انسان، هاڻي مال ماڻهون ٿا مرن.

    کيل کنوڻين جا نه گهرجن، جهل سگهو سائين صمد،
    گوڙيون گهمسان، هاڻي مال ماڻهون ٿا مرن.

    سنڌ ساريءَ جا اي سائين، فصل ٻوڙيا ٻوڏ مينهن،
    ٻيا به ڪئين نقصان، هاڻي مال ماڻهون ٿا مرن.

    سنڌ ساريءَ جون کُتيون، امداد تنهنجيءَ ۾ اَکيون،
    او صدر! افغان! ، هاڻي مال ماڻهون ٿا مرن.

    عاجزيون ۽ آهه وَ زاريون، عرض سڻ الله عليم،
    ڪر عفو عصيان، هاڻي مال ماڻهون ٿا مرن.

    ملڪ جا مالڪ مٺا تون، هر مصيبت ڪر معاف،
    ننگ رک نگران، هاڻي مال ماڻهون ٿا مرن.

    سوال هي ”سرويچ“ جو، مينهن موڙ ٻي ڪنهن ملڪ تي،
    او! سچا سبحان، هاڻي مال ماڻهون ٿا مرن.


    [جولاءِ 1967ع جي پنجويهين تاريخ کان وٺي آگسٽ جي پهرين تاريخ تائين جمله 8 ڏينهن جيڪا برسات پيئي هئي، جنهن سبب ڪراچي، ٺٽو، سڄي شاهبندر سب ڊويزن ۽ ٽنڊو محمد خان سب ڊويزن سڄي آفتزدہ علائقا ليکيا ويا هئا، اُن کان متاثر ٿي هي شعر لکيو ويو آهي.”سرويچ“.]


    ڇا ياد ڪندين!

    ڇا ياد ڪندين!

    هن قوم جي همت جُرئت کي، بدچال، ڀلا ڇا ياد ڪندين،
    بَدچال ڀَلا ڇا ياد ڪندين، بي حال، ڀلا ڇا ياد ڪندين.

    جنهن قوم کي تو للڪار ڪئي، سا قوم گهڻو بيباڪ اَٿئي،
    چَپ ڇو ٿو چٽين؟ چُپ ويهه ڪري چنڊال، ڀلا ڇا ياد ڪندين.

    جنهن قوم اڳيئي، تُنهنجي وڏن جا تخت کسيا ۽ تاج ڇنا،
    سا ڪين ٻُڌي تنهنجا به ڪڏهين ڪي تال، ڀلا ڇا ياد ڪندين.

    ڪجهه کول اکيون، ڪر هوش ڀڳت، ڇا حال اٿئه ڇا هول مٿئه،
    تون ڪڻڪ پِنين ته به پيٽ بکيو، ڪنگال، ڀلا ڇا ياد ڪندين.

    جنهن ذات ڪَنان ڏونگر ٿا ڏرن، طوفان ڀڄن ۽ شينهن ڏڪن،
    تن سان ڇا وڙهن ”گُر مُک“ ۽ سندءِ ”گوپال“، ڀلا ڇا ياد ڪندين.

    جي موت کي سَمجهن کيل تماشو، تن جي اڳيان ڇا پئنچ بيهن،
    جن آهه ”ڇٺيءَ“ ۾ کاڌي، ”چڻن جي دال“، ڀلا ڇا ياد ڪندين.

    شينهن جي اڳيان ڪي شينهن اچن، تون يار گدڙ ڀڄ مار مُنڍا،
    هِت ڪين هلي ”گهُت گوهي“، سندءِ ”گُهچ پال“، ڀلا ڇا ياد ڪندين.

    تلوار هلي، جت تير وَسن، تڪبير لڳي، مل مير اُٿن،
    اُت ”مرچ ڀڳت“ ۽ ”مولي“ سندا ڏس ڇال، ڀلا ڇا ياد ڪندين.

    ”ٻارن“ سان ڪيا تو چرچا هُئا، هِت پاند اڙيو ”مڙسن“ سان اٿئه،
    جن آهه ڪيو، جيئڻ به سندءِ، جنجال، ڀلا ڇا ياد ڪندين.

    تو ”پاڪ وطن“ کي سمجهو هُيو، ڄَڻ آهه ”اَڪن“ ۾ ”ماکي“ مٺي،
    سا ڇاڻي اچان ٿو، ڏيئي وڏا ڪي ڇال، ڀلا ڇا ياد ڪندين.

    اهڙو جي هجي ها ”تيل“ سهانگو، خوب مکي ها ٻوٿ ”گدڙ“،
    ڇو؟ مَت کسي آ، تنهنجي اڙي متوال! ، ڀلا ڇا ياد ڪندين.

    تو ”پاڪ وَطن“ کي ”مال غنيمت“، جو ته سدا ٿي ڄاتو مگر،
    سو خوب پيو آ، مهانگو ڪڻيئي مال، ڀلا ڇا ياد ڪندين.

    پَڪ هاڻ اَٿئه ٿي پُوري پَڪي، سا ماکي نه، پَر ڪي ”ڏينڀو“ هئا،
    جن توکي ڪرائي، ڌوتي سڄي آ ”لال“، ڀلا ڇا ياد ڪندين.

    تو شان شرم جا ليڪا لنگهيا، ٿو لوڪ مٿئه مُنهن موڪ کلي،
    پَر اَڄ کي وِساري، تو آ ڇڏيو، ، سو ڪالهه ڀلا ڇا ياد ڪندين.

    توکي هاڻ پتو پيو آهه پَڪو، ۽ تنهنجو لڳي ويو آهه پتو،
    تون ”ڀارت“ جاڙي ڀُليل ”باندر لال“، ڀلا ڇا ياد ڪندين.

    هِن هُن جي اڳيان هَٿ جوڙ ڪرين، هَرهڪ کان پنين تون پنج ڪَڻي،
    توکان ته چڱي هر ڳالهه اندر رن زال، ڀلا ڇا ياد ڪندين.

    جنهن مُلڪ اندر ٿا باز رهن، نه نه باز به ڇا شهباز رهن،
    اُت ڪهڙو ٿئي ”چِڙين“ به سندو چَئه حال، ڀلا ڇا ياد ڪندين.

    ”سرويچ“ جِتي هَر شام صبح، سِر ڌڙ جي لڳائن بازي پيا،
    ۽ جاري رکن ٿا جَنگ اُهي ”سئو سال“، ڀلا ڇا ياد ڪندين.


    ستر سٺ ڪروڙ وڏيرا

    ستر سٺ ڪروڙ وڏيرا

    تنهنجي بيماري وئي کائي، ستر سٺ ڪروڙ وڏيرا،
    ڪيڏو قومي زيان ڪيو تو، آهين ٻيڙي ٻوڙ وڏيرا.

    پنهوارن جي پگهر جو هي، پئسو ڪنهن جي پيءُ جو ناهه،
    عقل ڪريو ۽ اکيون کوليو، جاهل ڄٽ ڄٽوڙ وڏيرا.

    ڪنهن کان هي اختيار مليا ٿئي، ڪنهن ته ڏني آ توکي ڪل،
    جو هيئن اربين روپيه ويهي، پاڻي اندر ٻوڙ وڏيرا.

    ڀاڻ جي ٻوريءَ تي جي وڪجن، ميمبر تن جي مرضي سان،
    سڀني سنڌي ماڻهن جون تون، سسيون ڪيمَ مروڙ وڏيرا.

    ڌارين دوکيبازن جي تون، دل جو داڻو راڻو آنهه،
    پر روئڻو پوندءِ رت سگهوئي، روڳي روٽي ٽوڙ وڏيرا.

    بدمعاشن سان ڀيچي بنجي، چال چنيسر واري ڇڏي،
    دودن جي هن ڌرتيءَ کي تون، سنبن سان نه اُکوڙ وڏيرا.

    جن سختيون سوريون جيل جنجهوڙي، ٻولي کي ٻلوان ڪيو،
    سي ڪينسرن ۽ اَڌ رنگ اندر، تڙپن توڙا توڙ وڏيرا.

    پيرن سيدن رئيسن کي، رت عام جو پياري پياري خوب،
    دنبن گهيٽن کان به ڪيا ٿئي، ٿلها ۽ ٿنڀوڙ وڏيرا.

    هونئن ته سنڌ جي گهر گهر اندر، اَگها منهنجا مارو کوڙ،
    پر ڪئين دانا دانشور ڀي، ٿي ويا لاش ۽ لوڙ وڏيرا.

    ڌارين دهشتگردن کي تو، ڌرتيءَ سان گڏ ڌن ڏنا،
    باقي پنهنجن پيارن کي پيا، پيرن ۾ پنجوڙ وڏيرا.

    ڀٽ ڌڻي جو خادم آهين، ڀونءَ به ڀيلائين پيو ان جي،
    ڪيڏو قولن ڪوڙو آهين، مانگر مڇ مهوڙ وڏيرا.

    پاپي ۽ پرمار مڙوئي، تنهنجا پَڳ مٽ يار ٿيا،
    غدارن سان گڏجي غربا، تي نه ڪجي گجگوڙ وڏيرا.

    توکان اڳ ۾ ڪهڙن جا هي، پُٽ ۽ پوٽا ڪونه بنيا،
    اڄ ڪَ سڀاڻي تنهنجي ڀي هي، مُنهن تي ٻڌندا موڙ وڏيرا.

    چورن جي تون چغلين تي ٿو، جن کي چپيئن چيڀاٽيئن،
    سي سڀ گڏجي وجهندا تنهنجي، نڙگهوٽي ۾ نوڙ وڏيرا.

    تون ۽ تُنهنجا ساٿاري سڀ، واڙيل هوندا واڙن ۾،
    جيئڻ ڪارڻ جُو جُو ۾ آ، جهانگين جي جاکوڙ وڏيرا.

    صدين کان جي سنڌ ۾ رهندڙ، سانگي جهانگي مارو مور،
    لُچن جي للڪار تي تن جا، لوڙها ڪيمَ لتوڙ وڏيرا.

    لُولا لنگڙا پوڙها پنگلا، پاڻ کڻائي پهچي ويا،
    ڪيڏي ڍونگين پاتي آهي، ڍونڍ جي پويان ڊوڙ وڏيرا.

    ”سرويچ“ ”بخاري“ ”شيخ اياز“ ۽ ”باغي“( )بيمارين ۾ بند،
    باقي پيرن پينوڙين لاءِ، کاڌا پيتا کوڙ وڏيرا.


    ته ٻيو ڇا ڪن!

    ته ٻيو ڇا ڪن!

    اسانجي ملڪ جا ماڻهو، نه هڙ چٽ ڪن ته ٻيو ڇا ڪن،
    چرين جهڙا سڄو ڏينهن ڪم، نه چرٻٽ ڪن ته ٻيو ڇا ڪن؟

    ڇڏي پنهنجي حسين جُوءِ، ڪنهن واهياڻيءَ يا دائيءَ مان،
    وڏيرا سِج نئين جيڪر، نه نئين وَٽ ڪن ته ٻيو ڇا ڪن؟

    پُوليسي بي ريا آفيسر، ڀڄائي چُور کي هَٿ سان،
    مڇون پو ٻيئي نه ڀاڳين جون، پٽي پَٽ ڪن ته ٻيو ڇا ڪن؟

    نياڻيون قوم جون اڄڪلهه، وڍائي وار واسينگي،
    دِليپي دوُر هن ۾، سي نه جي ڪٽ ڪن ته ٻيو ڇا ڪن؟

    مِلي جن ماءُ کان لولي، گهُمو ڪِلبَن ڪِلفٽن ۾،
    ڇڏي سڀ ننگ سي ناريون، نه جي نٽ ڪن ته ٻيو ڇا ڪن؟

    سُڻي سؤ ڪوهه تي سَڻڀي، ڪنهن دعوت جو مُلان مُفتي،
    چَٽي مسجد ۾ پنهنجا هَٿ، نه سي چٽ ڪن ته ٻيو ڇا ڪن؟

    قضا سان ڪي ميانجي، جي پَوَن اَٽڪي ڪنهن ٻُوٽيءَ تان،
    پَٽي هڪٻئي سنديون ڏاڙهيون، نه سي پَٽ ڪن ته ٻيو ڇا ڪن؟

    سَڄو ئي ڏينهن ڪو واندومل، وِجهي وِهي واٽ تي چوئي،
    نه پوءِ ڪنهن ناز واريءَ سان، اکيون اَٽڪن ته ٻيو ڇا ڪن؟

    هُجي ڪنهن چيز جو هڪڙو ئي، هلندڙ اگهه هرجاءِ،
    ته کوٽا پوئي واپاري نه جي، وَٽ ڪن ته ٻيو ڇا ڪن؟

    مِلَن جي چئن آنن ۾، سڄيون ئي ويهه سگريٽون،
    نه ڦِڦڙن ۾ ڀَلا سي جي، وڏا ڦَٽ ڪن ته ٻيو ڇا ڪن؟

    ڪُتن ڪُڪڙين جي ويڙهين تان، رڇن بازن جي بازين تان،
    ڏِهاڙي خون ۽ جهيڙا، نه جي ڄَٽ ڪن ته ٻيو ڇا ڪن؟

    سَتائين راهه ويندي، ٽرڙا عاشق جي نياڻين کي،
    ته پوءِ تِن مَٿي سئنڊل، نه سَٽ سَٽ ڪن ته ٻيو ڇا ڪن؟

    نه ٿي اَڄ ڪلهه جي ڪامورن جي، ٿئي پُورت پگهارن مان،
    ته پوءِ لاچار رشوت مان، نه پَٽ سَٽ ڪن ته ٻيو ڇا ڪن؟

    هجي جت نينهن ناڻي جو، اُتي ڪنهن جُوکي عاشق کي،
    ڌِڪا ڏيئي دَر مٿان دِلبر، نه هَٽ هَٽ ڪن ته ٻيو ڇا ڪن؟

    گهڻائي جُوان جُو کا تر، ڇِنل ڪنهن بُوٽ پنهنجي جي،
    جُمع جي ڏينهن مسجد ۾، نه مَٽ سَٽ ڪن ته ٻيو ڇا ڪن؟

    لٿا مُرشد هَڻي منزل، وٺي ٽولا خليفن جا،
    جُهڳوئي جَهڻ مُريدن جو، نه جَهٽ پَٽ ڪن ته ٻيو ڇا ڪن؟

    زماني جي ڏسي حالت، اَچي وئي ماسترن کي مَت،
    پَنا ۽ پينون وِڪڻي، نه سي پَٽ ڪن ته ٻيو ڇا ڪن؟

    جُوارين جُوءِ جا ڪپڙا، به ڇڏيا راند ۾ وڪڻي،
    نه سي نيلام جي هاڻي، گهڙا مَٽ ڪن ته ٻيو ڇا ڪن؟

    ادب جي آڙ ۾ آهي، اديبن جي لڳي اَڻ وَڻ،
    هڻي الزام هِڪٻئي تي، نه وڌ گهٽ ڪن ته ٻيو ڇا ڪن؟

    صحافي ڪي صحافت جا، ويا ليڪا لتاڙي سڀ،
    رُڳوئي ماڻهيان ڀيڻهيان، نه سي ڀَٽ ڪن ته ٻيو ڇا ڪن؟

    گهڻيون اَڄ ڪَلهه جون اخبارون، رُڳوئي اشتهارن لئه،
    وَزيرن جي درن تي جي، نه واڄٽ ڪن ته ٻيو ڇا ڪن؟

    ڪٿان جا ڪيئي ڪامورا، ڪَمائڻ لئه هِتي آيا،
    ڦُري سي سنڌ کي بلڪل، نه بَرپٽ ڪن ته ٻيو ڇا ڪن؟

    اسان جا ريڊيا، ٽي.ويون، ٽڪي پئسي تي وڪجي ويا،
    ڪُتن وانگي، ڪِني هَڏ تي، نه ڪونڪٽ ڪن ته ٻيو ڇا ڪن؟

    سياست سِنڌ جي ميرن، وڏيرن، رئيسن پيرن، وٽ،
    سڄو ڏينهن سينڌ جا سودا، نه سُوٻٽ ڪن ته ٻيو ڇا ڪن؟

    ڏسي اڄ سنڌ جي حالت، صفا ”سرويچ“ چَوڻو پيو،
    اسان سان اسانجا ئي، نه تَرڪٽ ڪن ته ٻيو ڇا ڪن؟


    دلاسـو

    دلاسـو

    بلقيس اَدي تنهنجي درد اندر، هيءَ سنڌ سڄي وئي آهي ٻُڏي،
    ربّ پاڪ ڪندو اک ڇُنڀ اندر، تنهنجو گهوٽ ٻچو توکي ملندو گُڏي.

    پل پهر گهڙي تولئه زهر ڳڙي، هر رات هنيا توکي ڪات تکا،
    تنهنجي لوچ ڏسيو، تنهنجا لُڙڪ ڏسيو، لڱ لڱ ٿو وڃي لرزي ۽ لُڏي.

    صدام سندي هر ڳالهه ڳڻي تنهنجا نيڻ نچيا، تنهنجي ننڊ ڦٽي،
    سا مهل ته تولئه موت مثل، ايندو هو جڏهن گهر راند ڪُڏي.

    سي سال سڀئي تو ڪيئن ته ڪٽيا، تو منهن پٽيو تو وارَ پَٽيا،
    جس پوءِ به هُجئي جو جيئن پئي ٿي، آس سندءِ هرگز نه مُڏي.

    دل دل پئي دعائون توکي ڪري، گهر گهر پيو چوي صدام اچي،
    آس پوندي پُڄي منهنجو موليٰ ڪندو جگر تنهنجو ايندو اجهو هاڻ اُڏي.



    [ڪُجهه سال اڳ شهداد ڪوٽ مان ڪن ڪٺور ماڻهن هڪ جيجل کان، صدام حسين نالي پُٽ اغوا ڪري جُدا ڪيو هو، اُنهيءَ ڪيفيت تي هي غزل لکيو ويو].


    ساهڙ کي سڏ

    ساهڙ کي سڏ

    سير ۾ سڏڙا سڻي، ساهڙ سچا سينگار ور!!
    مِل مران مهراڻ ۾ ٿي، ماهرو ميهار ور!!

    دؤر دريا دهشتون ۽، داٻ دڙڪا دمبدم،
    دل دکايل کي دلاسو، ڏي دلي دلدار ور!!

    هيبتون ۽ هُل هنگامان، هيڪلي هِت هَٿ هڻان،
    هؤل هر هنڌان هزارين، هوت هينئڙي هار ور!!

    وس وسيلا ويا ولهيءَ جا، واٽ تي واڳون وڙهن،
    ونجهه ويا سڀ وير ۾ وو! واهرو وينجهار ورَ!!

    جر جهجو جهاڳڻ ڪنان، جت جان جيءُ جانب جڏو،
    جام جڪڙيا جانوَر اُت، جانِ جا جونجهار ور !!

    ڪار ڪارونڀار ڪڙڪا، ڪا ڪنڌي ڪانهي ڪُنن،
    ڪَرَ لَهو ڪوڪون ڪريان، ڪامل ڇڏي ڪم ڪار ور!!

    سيءُ سيارو سخت سڙڪا، سِڪ سڄڻ سهڻا سندءِ،
    سُڪ ڪيو سنڌ سنڌ سارو، سور ۾ لهه سار ور!!

    تيز تند تِک ۾ به توڏي، تانگهه تاڻي ۽ تـڻان،
    تن توائي ته به تُرهي ڌاران، تران تک تار ور!!

    لوڙهه ۾ لالڻ لُڙهان، ۽ لاش تي لُهڙون لکين،
    لوڏيا لُڙ لعل لِڱ لهرين، ڪيس لاچار ور!!

    مئي متي مهراڻ ۾، موجن منجهايم منورا،
    مهر مُئيءَ تي ڪر مٺا، ماکيان مٺا منٺار ور!!

    وَس ويو ۽ ويا وسيلا، واءُ وريو واههَ وئي،
    واڳ واري وير ۾ وو! واهرو وَر يارَ ور!!

    آب اونهون، انت کان، اولون ٿي اُجهيَس اول ۾،
    اَهڏ اوڙاهن ۾ او! اَڀرن اجها آڌار ور!!

    مُنهن مٿو ۽ ماس مئيءَ جو، مڙهه مٽيءَ ۾ ويا ملي،
    پير، هٿ، هڏ، چم هينئون، واديءَ ۾ وکريا وار ور!!

    غمزده غلطان غم ۾، غرق غوطن ڪئي غريب،
    غرض ناهم غير جو، غمگين ڏي غمخوار ور!!

    چؤطرف چاري چُغل چارا، چُڪا چوڪس چڪاس،
    چت مٿي چڻڪن چڙا، چيريَس چڙين چونگار ور!!

    پُور پريَن پيچ پاتو، پهچڻو پئڙو پرار،
    پهچ پوري ٿي پيارا! پئي پوي پوڪار ور!!

    نينهن جي ناتي نمائي، ننگ نانگيءَ جو نِيو،
    نير نيڻن مان نچوئي، نت نماڻي نار ور!!

    ڪم ڪچي سان رات ڪاري، قهر ڪارونڀار ڪُن،
    ڪر ڪمينيءَ تي ڪرم، ڪامل قمر ڪوهيار ور!!

    سير ۾ ”سرويچ“ سان سيڻهه نه ساٿي ساڻ ڪو،
    سوڙهه سختيءَ ۾ سگهو، سائينم سچا سردار ور!!


    حـسـاب اُبـتـو

    حـسـاب اُبـتـو

    هِن مُلڪ جو هَلي پيو، هر هڪ حساب اُبتو.
    سوڌي سوال جو ڀي جُڙندئي جواب اُبتو.

    لنگهي ويو لنگهي کان، ليڊر لٻاڙ ۾،
    لافي جي لفظ لفظ جو لب ولباب اُبتو.

    انصاف جي جڳهه تي، آهي انڌيرنگري،
    رشوت وٺڻ کان پوءِ، جج جو جواب اُبتو.

    قانون قيد ٿي ويو، وڙهندو وڪيل ڇا تي،
    ڪورٽ جي ڪيس وارو، ڪاغذ ڪتاب اُبتو.

    چـﺂٻول چـﺂطرف ٿيو، رستن تي ٿي ويا رونشا،
    محبوب مُنهن تي جڏهن، اوڍيو نقاب اُبتو

    موڙي مروڙي مذهب، ماڻهو مُلن مُنجهايا،
    هرهڪ خطيب جو ٿيو، خطبو خطاب اُبتو.

    آيا هُتان جي تڙجي، تن کي پناهه ڏيڻ جو،
    پئجي ويو ڳچيءَ ۾، ساٿي ثواب اُبتو.

    قاتل ۽ چور ٺڳ سڀ، ميمبر وزير ٿي ويا،
    چرخو سڄو چلي پيو، عالي جناب اُبتو.

    ماڻهن جي ننڊ ويئي، گهر گهر ۾ گوڙ هُل آ،
    راڳي ڇڏيو آ ڇيڙي، رنگ و رباب اُبتو.

    مڪتب ۾ ماستر جي، مت ئي منجهامجي وئي،
    ڏٺئين جو نئين نسل کي، ملندڙ نصاب اُبتو.

    ”سرويچ“ ساڻ سانگيءَ گڏجي غزل لکيو هي،
    تنهن ڪري ڏئي پيو تن کي آمر عذاب اُبتو.


    ٺٽو شگرمل

    ٺٽو شگرمل

    ٺٽي شگرمل جي مٺڙن، مزدورن تي مارا ڇو؟
    حق گهرڻ لئه تن تي، هيڏا گولين جا وسڪارا ڇو؟

    جن جي دم سان دنيا جيئي، پيٽ ڀري ۽ لڱ ڍڪي،
    تن تي هيڏو ويل وسائين، ڪامورا منهن ڪارا ڇو؟

    جن جي محنت ساڻ هلي ٿو، مل جو سارو ڪاروبارو،
    تن جي پورهئي تي پيا پلٽي، پير پٽيا پَرمارا ڇو؟

    جن جي محنت ساڻ گهمن ٿا، ايئرڪنڊيشن ڪارن ۾،
    تن ته غريبن تي، هي هيڏا، لوڀين جا لامارا ڇو؟

    هڪڙي هڪڙي ڪاموري وٽ، ڏهه ڏهه نوڪر بنگلو ڪار،
    باقي ويل وڏي ۾ منهنجا، وانگيئڙا ويچارا ڇو؟

    جن آ پوکيو، جن آ پيڙهيو، هي ته ڪروڙين مڻ ڪماند،
    تن کي پيڙهيو پرزا ڪن پيا، حاڪم هي ته هچارا ڇو؟

    پورهيت هاڻ پنهنجو پورو پورو، وٺندا حق حساب،
    تن کي روڪين ٿو تون بت تي، بيد هڻي بدڪارا ڇو؟

    رت ڏيڻ ۽ رت وٺڻ جي، روزانو پئي ڪڏبي راند،
    جيسين مانگر مڇ نه مئو آ، سک سُمهون اي يارا ڇو؟

    پورهيت تنهنجي پهچ ۾ شامل، ”سرويچ“ جي ساري سگهه،
    هاڻ ته سامهون سامهون وڙهبو، وٺجن يار ڪنارا ڇو؟


    [ٺٽي شگرمل ۾ مزدورن پنهنجا حق گهريا ته ڪن قهري ڪامورن کين گوليون هڻي مرڻينگ زڪري ڇڏيو. انهيءَ واقعي کان متاثر ٿي هي شعر لکيو ويو.]


    نظم

    ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون

    ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون

    وهواهه هي منهنجو وطن، چارئي ڪُنڊون جنهن جون چمن،
    سَوَ سَوَ منجهس پوکون پچن، واهڻ وستيون جنهن جون وسن،
    ماڻهو جتي جا محبتي، سورهيه سگهارا صحبتي،
    سڀ مرد مايون محنتي، ۽ قول تن جا قيمتي،
    ويهي رڳو واکاڻجن، ٻيلا ٻنيون مهراڻ جون،
    جنت الفردوس آهن، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون.

    جت جيڏڙيون جنسار ڪن، سَت سَت رنگا سينگار ڪن،
    هٿ منهن ڌوئي هسهار ڪن، تان گس گهٽيون گلزار ڪن،
    جلوا ٿا پَسجن جُو به جُو، سُرهاڻيون پڻ سُو به سُو،
    درشن ٿين جي دوبدو، ته ڄڻ ڪه حورون هوبهو،
    سبحانھ سبحانھ! سي سوڍيون مهراڻ جون،
    جنت الفردوس آهن، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون.

    سُرما وجهي، ڏيئي ڦڻيون، پاڻيءَ ڀرڻ لئه پدمڻيون،
    گڏجيو هلن پنج ست ڄڻيون، هيڏن ڪنڌن سان ڪامڻيون،
    ڪِن کي نٿون، ڪِن وينڍڙا، سِر تي سمورين سينهڙا،
    گُجرن ڀريا پاڻيءَ گهڙا، ڪِن ڪَڇ تي، ڪِن ٻيلهڙا،
    هو لاڏ مان لُڏنديون اچن، ڏس لاڏليون مهراڻ جون،
    جنت الفردوس آهن، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون.

    جي ٻوليون تن جون ٻُرن، ٿا چنگ ڪر چالن چُرن،
    يا ساز ڪنهن تي هٿ سُرن، يا روهه تان برفون ڀُرن،
    يا گيت پيو ڪو ڳائجي، يا وائي پئي ورجائجي،
    يا لهر پئي ٽڪرائجي، يا ڪنوار پئي پرڻائجي،
    يا چيٽ ۾ چُڻ ڀُڻ ٿيون ڪن، ڪي چاڳليون مهراڻ جون،
    جنت الفردوس آهن، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون.

    خوش ٿي کٿيريون کِلن، تان ماڻڪن جا مڻ ملن،
    جي ٽول پائي ٿيون ٽِلن، تان ساڙ ۾ ڊيلُون جَلن،
    هو سنڌ تان گهوريو گُهمن، ۽ ملڪ جي مٽي چُمن،
    هو سنڌ جي خاطر جيئن، ۽ سنڌ جي خاطر ڄمن،
    شل جيئنديون ٻئي جڳ رهن، هي جوڌيون مهراڻ جون،
    جنت الفردوس آهن، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون.

    ڳڀرو اُچن ڳاٽن سان جِت، ڏوٿي اُڀن ڏاٽن سان جِت،
    گهوٽيا گُهمن گهاٽن سان جِت، ۽ گهوٽ گهوٻاٽن سان جِت،
    اوڍيو گُهمن سي اجرڪون، ٽوپين تي موتي ۽ ٽِڪون،
    ڇا بُت بدن جون بيهڪون، ٿا سونهن جون لاهن سِڪون،
    اهڙا ٻچا اڄ ڀي ڄڻين، اڪثر اَميون مهراڻ جون،
    جنت الفردوس آهن، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون.

    جن جا جري ۽ جُواڻ پُٽ، ڳاڙها جيها حُلواڻ پُٽ،
    رانديون ڪُڏن رت ساڻ پُٽ، ”سرويچ“ پُٽ سرواڻ پُٽ،
    هِڪ هِڪ سندا هيڏا جگر، هِڪ هِڪ ڇڏي ٽوڙي ٽڪر،
    هِڪ هِڪ اٿيئي سيني سَپَرَ، هِڪ هِڪ ڪري ڇيهون ڇپر،
    هِڪ هِڪ سنديءَ مستيءَ ۾، ڏس مستيون مهراڻ جون،
    جنت الفردوس آهن، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون.


    قوم پرستي زنده باد

    قوم پرستي زنده باد

    ٻيا سڀ نظريا ڪوڙا کوٽا، قوم پرستي زنده باد.
    سنڌي ماڻهو، سنڌو دريا، سنڌ جي ڌرتي زنده باد.

    سنڌ آ سجده گاهه اسانجو، سنڌ اسان جو مذهب دين،
    سنڌ ۽ سنڌؤ بدران سنڌين کي، ٻيو گهرجي ڪجهه به ڪين.
    پنهنجي مٽيءَ ساڻ اٿن بس، عشق اَلستي زنده باد,
    ٻيا سڀ نظريا ڪوڙا کوٽا، قوم پرستي زنده باد.

    پاڻ سڀيئي گڏجي سڏجي، پنهنجو جوڙيون پاڻ نظام،
    پنهنجي نجي هوئي حڪومت، شامل جنهن منجهه خاص ۽ عام،
    هرجا پنهنجي هاڪ هجي ۽ هستي مستي زنده باد،
    ٻيا سڀ نظريا ڪوڙا کوٽا، قوم پرستي زنده باد.

    لاڙ سِرو ۽ ڪاڇو وِچو، ڪَچو پَڪو مرڪي خوب،
    ڍنڍون ڍورا ٻيلا ٻنيون، جهنگل جبل جرڪي خوب،
    واهڻ واهڻ ويڙها وانڍيون، وستي وستي زنده باد،
    ٻيا سڀ نظريا ڪوڙا کوٽا، قوم پرستي زنده باد.

    جوڌا دودا سوڍا سگها، سوڀارا ”سرويچ“ جيئن،
    جيڪي دنگن ننگن مٿان گهوري گهوري ڳاٽ ڏيئن،
    جن جي قومي جذبي جي هر موج ۽ مستي زنده باد،
    ٻيا سڀ نظريا ڪوڙا کوٽا، قوم پرستي زنده باد.


    احمد – لطيف - سچل

    احمد – لطيف - سچل

    سنڌو سُڪي وئي ساري _ احمد لطيف سچل،
    اُڏري رڳو پئي واري _ احمد لطيف سچل.

    جنهن جون ڏٺيون اوهان هت، هوڏون هُڏيون هَلائون،
    کڻندي کُٽيو ويون ٿي، ناکن سنديون نگاهون،
    ڪڙڪيو ڪُڏيو ڪُنن سان، لهرين لڌيون ٿي لائون،
    پاڻيءَ جي پِڇ لئه سا، سُڏڪيو هڻي صدائون،
    ٿي وئي قيام ڪاري _ احمد لطيف سچل،
    سنڌو سُڪي وئي ساري _ احمد لطيف سچل.

    پاڙان پٽي جا وڻ ٽڻ، لوڙهي کڻي هئي ايندي،
    ٻيلا ۽ ٻيٽ سارا، ٻوڙي کڻي هئي ايندي،
    ٽُڪرا ڪري ٽڪر کي، ٽوڙي کڻي هئي ايندي،
    مانگر ۽ مرگهه ماري، موڙي کڻي هئي ايندي،
    اڄ سا اَٿوَ اُڃاري _ احمد لطيف سچل،
    سنڌو سُڪي وئي ساري _ احمد لطيف سچل.
    ڪيڏيون هُيون سنڌو ۾، مستيون مُدام موجون،
    ٻيڙن هُڙن جون ٻارهئي، اُن ۾ هيون ڪي اوجون،
    ڇولين سان ڇوليون ٽڪريون، ڄڻ ڪي وڙهيون ٿي فوجون،
    کيرا ۽ آنيارا، پلا کڳا نه گوجون،
    سانڀر سنڌو سنڀاري _ احمد لطيف سچل،
    سنڌو سُڪي وئي ساري _ احمد لطيف سچل.

    جهنگن جهرن برن ۾، جاوا ڪيا جنهن سنڌوءَ،
    بستان باغ برٿر، ساوا ڪيا جنهن سنڌوءَ،
    بُکيا اُڃيا سمورا، ڍاوا ڪيا جنهن سنڌوءَ،
    وڻ ٽڻ وليون ۽ گلڙا، واه وا ڪيا جنهن سنڌوءَ،
    پوتر ندي پياري _ احمد لطيف سچل،
    سنڌو سُڪي وئي ساري _ احمد لطيف سچل.

    ڪڻڪون، ڪماند، ڪيلا، ٻاجهر، جوئر ۽ ساريون،
    ميون گُلن ڦلن جون، ٽيڙيو ڇڏئين ٿي ٽاريون،
    ٻورن ۽ ٻوٽڙن سان، ٻُنگيل رهيون ٿي ٻاريون،
    سنگن ۾ سون چاندي، جن تي جُهڪيون ٿي جهاريون،
    هيڻا هئا نه هاري _ احمد لطيف سچل،
    سنڌو سُڪي وئي ساري _ احمد لطيف سچل.

    سنڌو آ سينڌ سنڌ جي، سا پڻ سُڪي وئي آ،
    رهزن جي رهزني سان، رُڪجي رُڪي وئي آ،
    پاڻي چُڪي جي لاءِ، ڌرتي چُڪي وئي آ،
    ساري سمان اڳوڻا، جيجل جُهڪي وئي آ،
    آهيون اسين ڏوهاري _ احمد لطيف سچل،
    سنڌو سُڪي وئي ساري _ احمد لطيف سچل.
    ڪيڏا هئا سنڌو ۾، ڪڙ ڪڙ ڪُنن جا ڪڙڪا،
    گجگوڙ گوڙ گوڙيون، دهمان داٻ دڙڪا،
    سُڻبا هئا سنڌو جا، ڌرتي سڄي تي ڌڌڪا،
    ڀاري ڀٽن کي ڀوري، ڀڙڪي ڪندي هئي ڀڙڪا،
    آهي اسان وساري _ احمد لطيف سچل،
    سنڌو سُڪي وئي ساري _ احمد لطيف سچل.

    ڪوڻيون نه ڪُم لوڙهيون، پٻڻيون نه بيهه بهرا،
    من من مُدام ماندو، سرتيون ڪـُڇن نه سهرا،
    ڪورڙ به ڪونه ڇٽجي، وَهرون رهيون نه وهرا،
    ساڻيهه سڄوئي پنهنجو، بنجي ويو آ صحرا،
    امڙ اسان ئي ماري _ احمد لطيف سچل،
    سنڌو سُڪي وئي ساري _ احمد لطيف سچل.

    سهڻي ميهار جنهن جي، پاڻي مٿي پَليا ها،
    نينهن جا نشان اڻ کُٽ، سنسار ۾ سَليا ها،
    روحن جا راز رشتا، جلوا ڪري جليا ها،
    لاشا پو تن جا لُڙ تي، ٽارن جيان ٽليا ها،
    اڄ ڪا ٽلي نه ٽاري _ احمد لطيف سچل،
    سنڌو سُڪي وئي ساري _ احمد لطيف سچل.

    ويڙهاند ڪابه ڪانهي، روئڻ رڳو آ راڙهو،
    مارڻ مرڻ سوا ٻيو، چارو نڪو ڪو چاڙهو،
    ارڏا اڙانگ ساٿي، ڪيڏو تپي ويو ڪاڙهو،
    شايد سگهون نه ماري، گدڙ ٻلو يا ڦاڙهو،
    آهيون مڙئي مداري _ احمد لطيف سچل،
    سنڌو سُڪي وئي ساري _ احمد لطيف سچل.

    ليڊر لغور لافي، ڌُوتا ڇڏيو دلالي،
    وسڪي مٿي وڪامي، خواري کڻو نه خالي،
    هڪ ٿي وڃو حقن لئه، هيرا ٿيو حلالي،
    دانشورن کي گهرجي، لاهڻ لبن تان لالي،
    ٿيندي پو سنڌ سگهاري _ احمد لطيف سچل،
    سنڌو سُڪي وئي ساري _ احمد لطيف سچل.

    جيسين نه ڪابه قومي، غيرت سڀن ۾ ايندي،
    جيسين نه دشمنن سان، ويڙهاند ويڙهه ٿيندي،
    جيسين نه پاڻ مان هيءَ، پنهنجي پڏاڻ ويندي،
    تيسين ڦڙو نه جر جو، فرنگيءَ جي فوج ڏيندي،
    حالت ڏسو پيا ساري _ احمد لطيف سچل،
    سنڌو سُڪي وئي ساري _ احمد لطيف سچل.

    سنڌو رُڳو نه سُڪندي، ”سرويچ“ سنڌ سُڪندي،
    جوڌن پُٽن جي جيئري، جيجل جي جند سُڪندي،
    مورو مٺي مياڻي، ڪينجهر جي ڍنڍ سُڪندي،
    ڪشمور ڪنب ڪيٽي، بندر جي بند سُڪندي،
    سُڪندي هيءَ ڀونءَ ڀلاري _ احمد لطيف سچل،
    سنڌو سُڪي وئي ساري _ احمد لطيف سچل،
    اُڏري رڳو پئي واري _ احمد لطيف سچل.


    نيون سوڍيون نوان سوڍا

    نيون سوڍيون نوان سوڍا

    سڄي ڀونءَ ڀيلجي ويئي، بچين شال او ڀٽائي شاهه
    اسان جي آسري سڙندي، پيو سورن ۾ سدائي شاهه
    اسين توسان ڪنداسين ڪين، هرگز ڪا چڱائي شاهه
    اسان جي نس نس ۾ بس، ڀريل آهي برائي شاهه
    اسين پنهنجي افعالن تي، ڪريون اُلٽيون ۽ اوڪارا،
    ٻُڌايان حال توکي ڇا، ڀٽائي گهوٽ ڀٽ وارا.

    اسين هڪٻئي سندا ويري، اسين مارن سندا مارا
    اسان جي ئي افعالن سان، ويا وڪجي ٻنيون ٻارا
    اسين پنهنجي افعالن سان، وطن پنهنجي ۾ ويچارا
    اسان ئي تنهنجي ڏوٿين کي، ڏيکاريا ڏينهن جا تارا
    اسان پنهنجي ئي عملن سان، ڪيا هٿ پير مُنهن ڪارا
    ٻُڌايان حال توکي ڇا، ڀٽائي گهوٽ ڀٽ وارا.

    اسان جو سنڌڙيءَ ۾ ڇا؟ نه سمجهون تنهنجي واين مان
    اسان کي مرض ”مان مان“ جو، نه ڄاڻون ڪنهن جي ڄاين مان
    اسين ڪوڙا فريبي ٺڳ، ڀريل آهيون براين مان
    تون ڪڍندين سنڌ کي ڪيسين پيو، هاڃيڪار هاين مان
    اسين دلال ڌارين جا، اسين پنهنجن سندا مارا
    ٻُڌايان حال توکي ڇا، ڀٽائي گهوٽ ڀٽ وارا.
    اسان کي جي ملي ڪُرسي، ته تنهنجا هڏ به ڏيئي ڇڏبا
    سِڪن ڪوڙن ۽ کوٽن تي، سسئي جا سڏ به ڏيئي ڇڏبا
    مَٿيري مورڙي جا ماڳ مياڻيون، مڏ به ڏيئي ڇڏبا
    سندءِ محبوب مارئي جا، هي ڏوٿي ڏڏ به ڏيئي ڇڏبا
    اسان لالچ ۽ لوڀن تي، وڌا لڄُن ۾ لابارا
    ٻُڌايان حال توکي ڇا، ڀٽائي گهوٽ ڀٽ وارا.

    اکيون پوري انڌا ٿي ٿا، ڪٽيون هڏ ماهه مارن جا
    صفا صورت بگهڙ جي ۾، سُڪايون ساهه مارن جا
    ٽڪي پئسي جي ٽيڳر تي، ڪڍون ٿا لاهه مارن جا
    ڪري ڀونگا ڇڏيون ٿا ڀينگ، ڏس بي واهه مارن جا
    اسين ڌاڙيل قاتل ۽ اسين بدهوش بدڪارا
    ٻُڌايان حال توکي ڇا، ڀٽائي گهوٽ ڀٽ وارا.

    ڪڏهن تن کي ٿا مارايون، ڪنهن موذيءَ مير جي بڇ تي
    پکا تن جا پٽايون ٿا، ڪنهن پاپيءَ پير جي بڇ تي
    ڪڏهن ڪنهن رئيس رهزن ۽ لُچ لوفر ٽير جي بڇ تي
    ڪڏهن ڪهن ڪار مُنهين ۽ ڪُتي خنزير جي بڇ تي
    ڪرايون ٿا ڪنگالن کي، اسين ڪيهون ۽ ڪوڪارا
    ٻُڌايان حال توکي ڇا، ڀٽائي گهوٽ ڀٽ وارا.

    اسين سڀ ڇڙوڇڙ آهيون، اسان ۾ ڪا ٻڌي ڪانهي
    اسان جي منزلن پاسي، اڃا ڪا وک وڌي ڪانهي
    اسان آزاد جيئڻ جي، اڃا لذت لڌي ڪانهي
    اسان پنهنجي ئي چُلهه تي ڪا، ڪُني پنهنجي رڌي ڪانهي
    اسين دشمن جي در اڳيان، ڪريون ٿا ناچ نچڪارا
    ٻُڌايان حال توکي ڇا، ڀٽائي گهوٽ ڀٽ وارا.
    جتي جهانگين جون جهونگارون، اتي ٿا جهنگ ٻلا ڏسجن
    جتي کيتن ۾ کاهوڙي، اتي ٿا کوٻلا ڏسجن
    گهمن جنهن گام ۾ گوهر، اتي ٿا گرگلا ڏسجن
    هي ڀاڳيا ڀونءَ ڌڻي بلڪل، بنهه ٿا بي بلا ڏسجن
    وطن پنهنجي ۾ ويا بنجي هي ويڳاڻا ۽ ويچارا
    ٻُڌايان حال توکي ڇا، ڀٽائي گهوٽ ڀٽ وارا.

    اسين ويڙهاڪ قومن ۾ ڪيئن، پنهنجو ڪنڌ کڻنداسين
    اسين پنهنجي هوئڻ جي هت، ڀلا ڇا هام هڻنداسين
    اسين طوفان ٽاريون ڪيئن، اسين ڪک پن ٿي ڇڻنداسين
    اسين خود سان سچا ناهيون، ته توکي ڪيئن وڻنداسين
    اسين ويڪو وکر آهيون، اسين هڙ ٻوڙ هچارا
    ٻُڌايان حال توکي ڇا، ڀٽائي گهوٽ ڀٽ وارا.

    اسين ڀالا نه هڻنداسين، وجهي ڀاڪر نه وڙهنداسين
    مُٺيون ڀيڙي ئي ڀڄنداسين، نه لوڻون پُٺ تي هڻنداسين
    اسين هيڻن مٿي حاوي ۽ ڏاڍن ڀر ڏڪنداسين
    جي گُهرندي سنڌڙي سِسيون، ته لاڻن منجهه لڪنداسين
    اسان سر تي کنيا آهن، خوارين جا وڏا کارا
    ٻُڌايان حال توکي ڇا، ڀٽائي گهوٽ ڀٽ وارا.

    اسين پاڻيءَ جي وارن تان، جنگيون جهيڙا ڪرڻ وارا
    اسين ڇانهين ۽ گدرن تان، بنهه مانجهي مرڻ وارا
    اسين ڪُڪڙن جي ويڙهين تي، وڏا ڌرڻا ڌرڻ وارا
    ڪنهن قومي ڪاڄ جي سڏ کان، سدائين وئون وڃڻ وارا
    اسين ڍونڍن جي ڍڳن تي، ڏيون لامارن تي لامارا
    ٻُڌايان حال توکي ڇا، ڀٽائي گهوٽ ڀٽ وارا.
    خوشامد خاڪي ورديءَ جي، اسان جو خاص ڌنڌو آ،
    اسان جو هر وڏيرو، عشق اُن ۾ ٿي ويو انڌو آ،
    هي رشوت خور ڪامورو به ڏس، ڪيڏو نه گندو آ،
    اسان جي سوچ ۽ سياست، ڦرڻ مارڻ جو ڦندو آ،
    اسين پنهنجي ئي نسلن لا، ٿياسين نانگ ڄڻ ڪارا،
    ٻُڌايان حال توکي ڇا، ڀٽائي گهوٽ ڀٽ وارا.

    پُڇان ٿو دوستن کان مان، ته يارو ڇا ڪرڻ گهرجي،
    يا ههڙي حال ۾ ئي پيو، جڏن وانگي جيئڻ گهرجي،
    ٿڪن کي ٿوڀ ڏيڻي آ، ته ٿڙڪو ڪو ٿيئڻ گهرجي،
    مرڻ مارڻ سندو مٺڙا، ممڻ بلڪل مچڻ گهرجي،
    تڏهن مُلڪن ۾ مڃباسين، ته ماڻهو هي به مڻيارا،
    ٻُڌايان حال توکي ڇا، ڀٽائي گهوٽ ڀٽ وارا.

    ٺلهن ڪوڙن ٻٽاڪن مان، وريو ناهي نڪي ورندو،
    اڃا هي ڏاڍ جو ڏونگر، ڏريو ناهي نڪي ڏرندو،
    رڳو ڳالهين منجهان ٻارڻ، ٻريو ناهي نڪي ٻرندو،
    اڃا هٿ دئوس دشمن جو، ٺريو ناهي نڪي ٺرندو،
    تنهن خر کي کلا ٺوڪي، ڪريون هٿ کيج کلڪارا،
    دعا ڪج گهوٽ ڀٽ وارا، دعا ڪج گهوٽ ڀٽ وارا.

    امائن جيجلن کي ڪي، ڄڻڻ گهرجن نوان دودا،
    سونهاري سنڌ کي گهرجن، نيون سوڍيون نوان سوڍا،
    هجن غيّور جيڪي ڪن، سرن جا صدق سان سودا،
    ڄمن هن سنڌ ڌرتي تي، سچيون جوڌيون سچا جوڌا،
    ته پوءِ ماڳ کي ماڻي، ٿيون ”سرويچ“ سوڀارا،
    دعا ڪج گهوٽ ڀٽ وارا، دعا ڪج گهوٽ ڀٽ وارا.


    تون آن رسالو شاهه جو

    تون آن رسالو شاهه جو

    تو آئي هٻڪارون هليون، ڏينهڙا ٿڌا راتيون ڀليون،
    چؤڦير چؤياريون چليون، سُک سور جون خبرون سليون،
    سينڌون ڪڍي ڪي سانوليون، گُهمنديون گهمن ڳوٺ ۽ ڳليون،
    جهر جهنگ ۾ چَنگ ۽ ٽليون، وهنجڻ لڳا وڻ ۽ وليون،
    رٺلون دليون ڪن شوق سان، تو ۾ شغل- رُت سانوڻي.
    منهنجا مٺل اچجئين اجهل، پُڄ پُڄ پنهل- رُت سانوڻي.

    تو ساڻ سونهن ساوڪون، نس نس ۾ نينهن ناوڪون،
    تنهنجون ڏسي مان آوڪون، خوش ٿيو ورهايان کارڪون،
    جهڙ ڦڙ ڏسيو جهونگاريان، سهڻي سڄڻ کي ساريان،
    گهر ۽ گهٽيون سينگاريان، گهوڙا جدا ڪيئن گهاريان!؟
    ساڻئه سرهاڻين ۾ هجان، جيڪر سُتل- رُت سانوڻي،
    منهنجا مٺل اچجئين اجهل، پُڄ پُڄ پنهل- رُت سانوڻي.
    تو ۾ ته وسڪارا ۽ وس، لاڻيون لُلر تو ۾ ته لس،
    گاهن سان ڍڪجن گهيڙ گس، روحن ۾ ڀرجن رنگ رس،
    ۽ صحبتون ساماڻجڻ، محبوب جيڪر ماڻجن.
    ٻانهن ۾ ٻانهون آڻجن، ڇاتين مان پيرون ڇاڻجن،
    اهڙي عنايت جي اسان تي، ڪر اَٽل- رُت سانوڻي،
    منهنجا مٺل اچجئين اجهل، پُڄ پُڄ پنهل- رُت سانوڻي.

    هن مهل ۾ مون کان نه وڃ، منهنجا مٺا منٿون ته مڃ،
    سهڻيون اکيون سامهون ته سڃ، بي ڀاڳ تان ڀيرو نه ڀڃ،
    لنئون لنئون اٿم توسان لڳل، ڪا باهه بت ۾ آ ڌڳل،
    هڏ هڏ هجر ۾ آ ڀڳل، هر مهل ۾ تو ساڻ شل،
    انگ انگ ڀتل، اک اک ۾ هوئي کُتل- رُت سانوڻي.
    منهنجا مٺل اچجئين اجهل، پُڄ پُڄ پنهل- رُت سانوڻي.

    جنهن دم ورائين ٿو وکون، تعريف تنهن دم ڇا لکون؟
    اهڙو هلڻ ڪنهن کان سکون، جنهن ۾ ترارين جون تکون
    تنهنجو ڏسي اي يار قد، حورون ملائڪ ڪن حسد،
    تنهنجي حُسن جي ناهي حد، ڪهڙا ڳڻي ڳڻيان عدد،
    اک ۾ انگل، چپ تي غزل، بُت ۾ اُٿل- رُت سانوڻي
    منهنجا مٺل اچجئين اجهل، پُڄ پُڄ پنهل- رُت سانوڻي.

    ڳاڙها سندءِ ٻئي يار ڳل، ڄڻ آ پڪل ڇانهين وڍل،
    هڪ ڳل مٿي جو تر کُتل، بس عاشقن لئه آ اجل،
    ڪنهن ڪنهن گهڙيءَ ملندو ته ڪر، تون مرڪندو کلندو ته ڪر،
    ۽ ٽهڪ ڏيئي ٽلندو ته ڪر، ڪو خط پٽ لکندو ته ڪر.
    تون مون مٿي ڀل پيا هڻن چغليون چُغل رُت سانوني،
    منهنجا مٺل اچجئين اجهل، پُڄ پُڄ پنهل- رُت سانوڻي.

    تنهنجو اُتم اعليٰ نسب، تنهنجي عقل تي آ عجب.،
    توکي ڏيان لک لک لقب، تنهنجو ڪريان بي حد ادب
    تو وٽ پوان ٿو مان جُهڪي، تو ريءَ ويم واهون چُڪي،
    ڪا ٻاجهه جي ڏي تون ٻُڪي، نه ته ٿو وڃان سڪ ۾ سُڪي،
    تنهنجي نظر ساوا ڪري، جيڪي سُڪل- رت سانوڻي.
    منهنجا مٺل اچجئين اجهل، پُڄ پُڄ پنهل- رت سانوڻي.

    تون سائين منهنجي ساهه جو، تون نُور چوڏهين ماهه جو،
    سِير- سير تائين واهه جو، ڄڻ آن رسالو شاهه جو،
    ور ور ڏيو توکي پڙهان، توتي لکين ڀيرا لکان،
    توکي چميو ويٺو چُمان ۽ رحل روح جي تي رکان،
    پر تون نه شل مون کان هجين، ڪو پل رُٺل- رت سانوڻي.
    منهنجا مٺل اچجئين اجهل، پُڄ پُڄ پنهل- رت سانوڻي.

    سنگت رکج ”سرويچ“ سان، سبنئي پسهه جي پيچ سان،
    ڀيچي ٿي گهاريون ڀيچ سان، پنهنجو ته ڪم ڇا ڪيچ سان،
    جيئندا رهون جيئندا رهون، مهراڻ مان پيئندا رهون،
    ۽ ناهه کي نيندا رهون، اڻ مٽ امر ٿيندا رهون.
    هن سنڌ جي سڪ ۾ هُجون هر دم رُڌل- رُت سانوڻي.
    منهنجا مٺل اچجئين اجهل، پُڄ پُڄ پنهل- رُت سانوڻي.




    ڪير گهڻا؟

    ڪير گهڻا؟

    هن ملڪ جي ڪُنڊ ڪڙڇ ۾، ظلمن جا واپاري گهڻا،
    يا هو پٺن پيرن ننگا، مزدور ۽ هاري گهڻا،
    منهنجي ته ڳاڻيٽي ۾ ٿيا، ظلمن جا واپاري گهڻا.

    هن ملڪ جي ڪُنڊ ڪُڙڇ ۾، پاپي ۽ پرماري گهڻا،
    يا ڪي پسيني ۾ پُسيل، پورهئي جا پوڄاري گهڻا،
    منهنجي ته ڳاڻيٽي ۾ ٿيا، پاپي ۽ پرماري گهڻا.

    هن ملڪ جي ڪُنڊ ڪُڙڇ ۾، مڪروهه مڪاري گهڻا،
    يا حق جا هر حال ۾، حامي ۽ هاڪاري گهڻا،
    منهنجي ته ڳاڻيٽي ۾ ٿيا، مڪروهه مڪاري گهڻا.

    هن ملڪ جي ڪُنڊ ڪُڙڇ ۾ چورن جا ساٿاري گهڻا،
    يا ماريل مسڪين ماڻهن جا، مددگاري گهڻا،
    منهنجي ته ڳاڻيٽي ۾ ٿيا، چورن جا ساٿاري گهڻا.

    هن مُلڪ جي سياست سندا، اڳواڻ اخباري گهڻا،
    يا ڪي عمل امتحان ۾ جوڌا ۽ جونجهاري گهڻا،
    منهنجي ته ڳاڻيٽي ۾ ٿيا، اڳواڻ اخباري گهڻا.

    هن ملڪ جي ڪرسين مٿي، ويٺل ڪلاداري گهڻا،
    يا ڪي لڪل ٻيلن اندر، ڌاڙيل ڌاڪاري گهڻا،
    منهنجي ته ڳاڻيٽي ۾ ٿيا، ويٺل ڪلاداري گهڻا.
    هن ملڪ جي تختن مٿي، تُرخان تاتاري گهڻا،
    يا هن مٽيءَ مان موريل محبوب مهنداري گهڻا،
    منهنجي ته ڳاڻيٽي ۾ ٿيا، تُرخان تاتاري گهڻا.

    هن ملڪ جي ڪُنڊ ڪُڙڇ ۾ لاشن تي لاماري گهڻا،
    يا ڪوڙ جي ڪوٽن کي لوڏيندڙ ۽ للڪاري گهڻا،
    منهنجي ته ڳاڻيٽي ۾ ٿيا لاشن تي لاماري گهڻا.

    هن ڀونءِ کي ڀيليندڙ هتي، ڀوپا ۽ ڀانڊاري گهڻا
    يا ڀاڳين جا ڀَرجهلا، سچ ٻول سالاري گهڻا
    منهنجي ته ڳاڻيٽي ۾ ٿيا، ڀوڀا ۽ ڀانڊاري گهڻا.

    هن ملڪ جي قبرن ۽ درگاهن تي دوکاري گهڻا،
    يا هو گهرن ڏونڪا هڻي، دهلن تي دهلاري گهڻا،
    منهنجي ته ڳاڻيٽي ۾ ٿيا، درگاهن تي دوکاري گهڻا.

    هن ملڪ جي مارن جا ويري، مٺگهرا ماري گهڻا،
    يا ڪي ڌڪيل دلين جي ڪن دلدار دلداري گهڻا،
    منهنجي ته ڳاڻيٽي ۾ ڏسجن مٺگهرا ماري گهڻا.

    هن دور جي دانشورن ۾ دوست درٻاري گهڻا،
    يا ڪي منجهن ماڻهو ملهائتا ۽ معياري گهڻا،
    منهنجي ته ڳاڻيٽي ۾ ڏسجن دوست درٻاري گهڻا.

    هن قوم جا شاعر لکن ٿا، شعر بازاري گهڻا،
    يا سچ سان ”سرويچ“ بنجي، ڪن ٿا سهڪاري گهڻا،
    منهنجي ته نظرن مان ٿا نڪرن شعر بازاري گهڻا.


    آجي سنڌ سڀاڻي هوندي

    آجي سنڌ سڀاڻي هوندي

    ڏوٿين ڏنديا ڏانٽا آهن، گهوٽن وٽ گهوٻاٽا آهن،
    اوچا اوچا ڳاٽا آهن. چُرپُر ۾ چؤواٽا آهن.
    چُر پُر ۾ چؤ واٽا آهن، تو سان هڪ هڪاڻي هوندي،
    توسان هڪ هڪاڻي هوندي، آجي سنڌ سڀاڻي هوندي.
    آجي سنڌ سڀاڻي هوندي، راڻي راڄ ڌڃاڻي هوندي.

    کِرڙي کِرڙي کيٽ سمورا، چيٽ سڀيئي ٺٽا آهن،
    ماڳ سمورا جهوڪ ۽ مڪلي، سسين جا جت سٽا آهن،
    ڪارا سُوئر ڪُهڻ لاءِ قوم جا ڪونڌر ڪَٺا آهن،
    ماري تن کي مات ڪبو، جي ماروئڙن جا مَٺا آهن،
    دِڙمي دِڙمي دُٻي مياڻي، ڀومي برهاماڻي هوندي،
    ڀومي برهاماڻي هوندي، آجي سنڌ سڀاڻي هوندي.
    آجي سنڌ سڀاڻي هوندي، راڻي راڄ ڌڃاڻي هوندي.
    ڦاٽڪ ڦاٽڪ ٺوڙهي ڦاٽڪ، ٿيندي جڏهن ڪنڌن ڪوٺ،
    موري موري کيسانه ۽ ڳوٺ سمورا طيب ڳوٺ،
    ماڙي ماڙي روپا ماڙي، ڪوٽ سمورا وڳهه ڪوٽ،
    ڪوئي مانگر مڇ نه هوندو، موٽي ايندو مورڙ گهوٽ
    موٽي ايندو مورڙ گهوٽ ۽ گهوٽن سان گڏجاڻي هوندي،
    گهوٽن سان گڏجاڻي هوندي، آجي سنڌ سڀاڻي هوندي.
    آجي سنڌ سڀاڻي هوندي، راڻي راڄ ڌڃاڻي هوندي.

    ماڻهو مڙندا ويڙهيون وڙهندا، حق وٺندا هوڪاري،
    ليکا چوکا لچن کان هت، لوڪ کسيندا للڪاري،
    هارون مارون کاڌيون هت هر حاڪم ظالم هاڪاري،
    هيستائين ڪوبه نه سگهيو آهي اسان کي اوڳاري،
    اوڳاري مان اُڪتا جي، تن ارڏن جي اڳواڻي هوندي،
    ارڏن جي اڳواڻي هوندي، آجي سنڌ سڀاڻي هوندي.
    آجي سنڌ سڀاڻي هوندي، راڻي راڄ ڌڃاڻي هوندي.

    تو وٽ تنهنجا بم ۽ گولا، وانگين وٽ واهولا هوندا،
    تو وٽ توبون تلوارون، ۽ گهوٽن وٽ گُليلا هوندا،
    توتي گڏهن وارا آٿر، هيڏانهن پٽڪا چولا هوندا.
    توکي چيرڻ ڦاڙڻ جي لا، ڳوٺاڻا سڀ ڳولا هوندا،
    هر هڪ ڳڀرو ڳاڙهه اکئي وٽ، ڳوڙها ۽ کانڀاڻي هوندي،
    ڳوڙها ۽ کانڀاڻي هوندي، آجي سنڌ سڀاڻي هوندي.
    آجي سنڌ سڀاڻي هوندي، راڻي راڄ ڌڃاڻي هوندي.
    جاهل جابر جوفيءَ سان، اڄ جوڌن جوٽي آهي جنگ،
    توکي لاهڻ ڊاهڻ جو، هي ڍولڻ ڄاڻن ٿا سڀ ڍنگ،
    ويرين کان ڪُل واپس وٺبو، پنهنجي دِڙمي پنهنجو دنگ،
    ساهه سسي کان پيارو آهي. هر هڪ سلو هر هڪ سنگ،
    گهٽي گهٽي کُهنبي هوندي، رستن تي رت ڇاڻي هوندي.
    رستن تي رت ڇاڻي هوندي، آجي سنڌ سڀاڻي هوندي.
    آجي سنڌ سڀاڻي هوندي، راڻي راڄ ڌڃاڻي هوندي.

    ڪوئي اوک ۽ اهنج نه هوندو، عيدون ئي بس عيدون هونديون
    دشمن لا دوناليون هونديون، ديس مٺي ڏانهن ديدون هونديون،
    ڪوئي ڏک ڏڪار نه هوندو، خوشين جون ته خريدون هونديون، آزاديءَ سان جيئڻ جون هت، آسون جام اميدون هونديون،
    مارئي مارئي جي گهر مهندان، ماٽي ۽ مانڌاڻي هوندي،
    ماٽي ۽ مانڌاڻي هوندي، آجي سنڌ سڀاڻي هوندي.
    آجي سنڌ سڀاڻي هوندي، راڻي راڄ ڌڃاڻي هوندي.

    شهر به پنهنجا بحر به پنهنجا، پنهنجا بندر ۽ بستيون،
    پنهنجون سوڀون ساکون هونديون، پنهنجون هاڪون ۽ هستيون،
    پنهنجا ميل ۽ ميلا هوندا، پنهنجون موجون ۽ مستيون،
    واهڻ واهڻ واهه واهه هوندي، واسيل واسن سان وستيون،
    ”سرويچن“ جي سيم سڄيءَ تي، سوڍن جي سرواڻي هوندي،
    سوڍن جي سرواڻي هوندي، آجي سنڌ سڀاڻي هوندي،
    آجي سنڌ سڀاڻي هوندي، راڻي راڄ ڌڃاڻي هوندي.


    جـاڳـي پـيـا

    جـاڳـي پـيـا

    هن ڀُونءَ منجهان باکون ڦٽن، گهر گهر منجهان گوليون ڇُٽن،
    پيا ڏاڍ جا ڏينهڙا کٽن، ظلمن جون زنجيرون ٽُٽن،
    هيءَ جا پِرهه پئدا ڪئي، پڙ ۾ ڪُڏي پاڏن پُٽن،
    هو هاڻ ڪيئن سگهندو بچي، هي هيترا جاڳي پيا.
    اي دوست! پنهنجي سنڌ جا ڇيڙا سِرا جاڳي پيا.
    آسون ڪَرون موڙي اُٿيون ۽ آسرا جاڳي پيا.

    آ مڇ تي مارو متل، سڀ رَڇَ راڇين جا رتل،
    ڪونهي ڪلاچي ڪُن بُتل، آ ڪوس ڪوسان ۽ قتل،
    مانگر- مرو مارڻ جي لا، ڪيڏو نه آهي رت تتل،
    هر مياڻ مان هي، مورڙا ۽ منڇرا جاڳي پيا.
    اي دوست! پنهنجي سنڌ جا ڇيڙا سِرا جاڳي پيا.
    آسون ڪَرون موڙي اُٿيون ۽ آسرا جاڳي پيا.
    هي سامراجين کي سڏي، ويڙهيون پيا ڪن واڪي وڏي،
    هو ڪوڙ تي ڪوڙهيو ٽـڏي، هي سچ تي بيٺا اڏي،
    جي سنڌ جا ويري وڏا، تن کي ته ڏيندا ڪيئن ڇڏي،
    هي موملون جاڳي پيون، هو مينڌرا جاڳي پيا.
    اي دوست! پنهنجي سنڌ جا ڇيڙا سِرا جاڳي پيا.
    آسون ڪَرون موڙي اٿيون ۽ آسرا جاڳي پيا.

    ڇا ساٿ ۾ آ سرڪشي، ٿي غير کي جنهن کان غشي،
    سوڙهو سُڪي ٿيو سازشي، جوتون ڪُٽي پيو جوتشي،
    هت هر صبح سوڀون ڄمائڻ لاءِ، ڪمر ڪوپن ڪشي،
    هي اڙٻنگا جاڳي پيا، هو اونٿرا جاڳي پيا.
    اي دوست! پنهنجي سنڌ جا ڇيڙا سِرا جاڳي پيا.
    آسون ڪَرون موڙي اٿيون ۽ آسرا جاڳي پيا.

    جُو جُو منجهان جوڌا اُٿيا، سَرَ سَرَ منجهان سوڍا اٿيا
    ديهه ديهه منجهان دودا اُٿيا، سر جا ڪرڻ سودا اٿيا.
    هي ڳاٽ اوچي ساڻ ڳوٺن مان، لکين ڳوڌا اٿيا،
    هي بي ڊپا بانڪا بهادر بانورا جاڳي پيا.
    اي دوست! پنهنجي سنڌ جا ڇيڙا سِرا جاڳي پيا.
    آسون ڪَرون موڙي اٿيون ۽ آسرا جاڳي پيا.

    جو لوڏ ۾ ٻچڙو لُڏي، سوڀي ڪهاڙيءَ سان ڪُڏي،
    ٿو ڄاڻ ٿاڻن کي ٿُڏي، ٻيڙو ٿو ظالم جو ٻُڏي،
    هي شينهن ايندڙ ڏينهن تي، هر غير کي رکندا گُڏي،
    هي ڇوڪريون جاڳي پيون، هو ڇوڪرا جاڳي پيا.
    اي دوست! پنهنجي سنڌ جا ڇيڙا سِرا جاڳي پيا.
    آسون ڪَرون موڙي اٿيون ۽ آسرا جاڳي پيا.

    هي وڳ واڙڻ کان گهڻا، قيدن ۾ ڪاڙهڻ کان گهڻا،
    گهاڻن ۾ پيڙهڻ کان گهڻا، ڦاهين تي چاڙهڻ کان گهڻا،
    هي چوٽ تي وڙهندا چڙهي، تنهنجي چٻاڙڻ کان گهڻا،
    هي اڻ ڳڻيا ارڏا چريا، اڀرا ڀِرا جاڳي پيا.
    اي دوست! پنهنجي سنڌ جا ڇيڙا سِرا جاڳي پيا.
    آسون ڪَرون موڙي اٿيون ۽ آسرا جاڳي پيا.

    ماڻهو امر مهراڻ جا، قاتل اصل ڪاراڻ جا،
    چورين سُر چانڊاڻ جا، راڳي سدا رت ڇاڻ جا،
    وارث سَوَن صدين ڪنان، پٽڪي لُنگي پهراڻ جا.
    ڏک ڏوجهرن ۾ ڏرجندي، هي سوجهرا جاڳي پيا.
    اي دوست! پنهنجي سنڌ جا ڇيڙا سِرا جاڳي پيا.
    آسون ڪَرون موڙي اٿيون ۽ آسرا جاڳي پيا.

    ”سرويچ“ سانوڻ سنڌ جا، لافان لالڻ سنڌ جا،
    آوڻ ۽ جاوڻ سنڌ جا، ڳائڻ وڄائڻ سنڌ جا،
    قلمن ڌڻي ڪاغذ کڻي، بنجي پيا چارڻ سنڌ جا،
    ڪک پن پنا پينون، پٽيون پٽ پيچرا جاڳي پيا.
    اي دوست! پنهنجي سنڌ جا ڇيڙا سِرا جاڳي پيا.
    آسون ڪَرون موڙي اٿيون ۽ آسرا جاڳي پيا.






    امام انقلاب جا

    امام انقلاب جا

    وڌو وڌو اي سنڌيو، اُمام انقلاب جا!
    اوهان کي سنڌ ٿي ڏئي، سلام انقلاب جا!

    ٿا ڳوٺ ڳوٺ مان اچن، ٿا گهيڙ گهاٽ تي نچن،
    پيا پوک پوک ۾ پچن، پيام انقلاب جا!
    وڌو وڌو اي سنڌيو.

    ٿو ٻار ٻار سان ڪري، ٿي نار نار سان ڪري،
    ٿو يار يار سان ڪري، اَجام انقلاب جا!
    وڌو وڌو اي سنڌيو.

    هي مڪتبن منجهان لِکن، سخن ورن ڪنان سکن،
    نوان نوان نڪور ڪي، نظام انقلاب جا!
    وڌو وڌو اي سنڌيو.

    اُهو به وقت پيو اچي، وڄائبا جڏهن هتي،
    وڏا ڪي دڦ دهل ۽، دمام انقلاب جا!
    وڌو وڌو اي سنڌيو.

    جڏهن ته چنگ چوربا، جڏهن ڪي سر گهوربا،
    تڏهن ته تنگ توربا، تمام انقلاب جا!
    وڌو وڌو اي سنڌيو.

    هو سوريون سنوارجن، هي ساٿ پيا سلهاڙجن،
    اِهي ته سڀ اٿئي ميان، انعام انقلاب جا!
    وڌو وڌو اي سنڌيو.
    وڌي وڌي ٻَڌيون ڪجن ۽ ڇاتيون سڌيون ڪجن،
    تڏهن ڇڪي اڳيان ڪبا، ايام انقلاب جا!
    وڌو وڌو اي سنڌيو.

    هي سُر سِراڻ چاڙهبا، هي راڳ سڀ رواتبا،
    پو ماڻبا ويهي مزه، مدام انقلاب جا!
    وڌو وڌو اي سنڌيو.

    هتي جا سِر اڏيون پُڇن، لهو ڏيئڻ جي لا لُڇن،
    هتي جا ڪيئي ڪوي ڪُڇن، ڪلام انقلاب جا!
    وڌو وڌو اي سنڌيو.

    وکون کڻون وڌون پيا، ۽ غير کي ٻَڌون پيا،
    سگهو ئي سَر ڪبا مڙئي، مقام انقلاب جا!
    وڌو وڌو اي سنڌيو.

    ڇا هٺ آ هٽون نٿا، کَٽون پيا کٽُون نٿا،
    وجهون پيا لُنب لُنب کي، لغام انقلاب جا،
    وڌو وڌو اي سنڌيو.

    وڏا هي ڏاڍ ڏاريا، ۽ ڌاريان ڌڪاريا،
    سوين ته سج اُڀاريا، عوام انقلاب جا!
    وڌو وڌو اي سنڌيو.

    ”سجاولي“ سچاولي، اٿو ڪري علي علي،
    دنيا ٻُڌي سُڻي وٺي، ڌڙام انقلاب جا!
    وڌو وڌو اي سنڌيو.


    سلام سنڌ لئي لکان،

    سلام سنڌ لئي لکان،

    هُجان کڻي ڪٿي به مان، نه سنڌ کي وساربو،
    پَري هُجان يا ويجهڙو، پيو سنڌ کي پڪاربو،
    پيو سنڌ کي سنڀاربو، پيو سنڌ کي سنڀاربو.

    سُرن پيا سنڌَ سنڌَ ۾ سدائين منهنجي سانگيا،
    هُرن پيا هڏ هڏ ۾، والله منهنجي وانگيا،
    چُرن پيا نس نس ۾، هي ساٿيا هي سانبيا،
    اهي ته پيا سدا وسن، انهن کي خوش ڏسان ڏسان،
    جو دم ته ٿو جتي جيان، سو دم ته پيو اڙي ميان!
    سلام سنڌ لئي لکان،
    ڪلام قوم لئي لِکان.

    اوهين ته سنڌ ديس ۾، وَڌو وَڌو وَڻو وَڻو،
    اوهين ته سنڌ ديس کي، اکين مٿي کڻو کڻو،
    وطن جي حُب جون جڙون، هينئن اندر هڻو هڻو،
    وڙهو نه پاڻ ۾ مٺا، کلو ۽ کير کنڊ ٿيو،
    سُخن ۾ صاف سون ٿيو، چمن ۾ چار چنڊ ٿيو،
    اوهين اوهان جي عزم ۾، جبل ٿيو ۽ جنڊ ٿيو،
    ڏڪايو دشمنن سَنديون، دليون دليون هينئان هينئان،
    جو دم ته ٿو جتي جيان، سو دم ته پيو اڙي ميان!
    سلام سنڌ لئي لکان،
    ڪلام قوم لئي لِکان.

    اوهين نه وسرڻا ڪڏهن، اوهان سان جيءُ جڙيل اٿم،
    اوهان سان دل اَڙيل اٿم، اوهان سان مَن مڙهيل اٿم،
    اوهان جي پيار جون پٽيون، پڙهيل اٿم پڙهيل اٿم
    اوهين ته اي، عجيبڙا، اکين ڪنان به اوڏڙا،
    اوهين ته مور مَن جا، ملوڪڙا، ملوڪڙا،
    اوهان تان گهورجي وڃان، اوهان تان سر ڏيان ڏيان،
    جو دم ته ٿو جتي جيان، سو دم ته پيو اڙي ميان!
    سلام سنڌ لئي لکان،
    ڪلام قوم لئي لِکان.

    اوهان جي سور ڏُک کي، ڏسيو ڏسيو ڏريو وڃان،
    اوهان تي مچ ٻاٻرا، ٻُڌيو ٻُڌيو ٻَريو وڃان،
    ڪڏهن ته ان عذاب ۾، صفا ٿيو چريو وڃان،
    اوهين ته سڀ وَڌوَ وَڌوَ، اوهان جا کيٽ شل کِڙن،
    اوهان جا چيٽ ۽ ڪتيون، ٽِڙيو ٽِڙيو وَريو ٽڙن،
    اوهان جي گهر اڳيان ته مال جا ولر مڙيو مڙن،
    اوهان سان کير جون وٽيون، کِليو کِليو پيان پيان،
    جو دم ته ٿو جتي جيان، سو دم ته پيو اڙي ميان!
    سلام سنڌ لئي لکان،
    ڪلام قوم لئي لِکان.

    اوهان جا ڳوٺ ڳوٺ ۽ ڳليون وسن الله ڪري،
    اوهان جي وانڍ واڙ ۽ وسيون وسن الله ڪري،
    اوهان جا گهيڙ گهاٽ ۽ گهٽيون وسن الله ڪري،
    اڱڻ مٿي جيئن جيڏڙيون، کِلن کِلن ڪُڏن ڪُڏن،
    هو سائي سائي ويس سان، ته پينگهه ۾ لُڏيو لُڏن،
    صبح ۽ سانجهه ساهيڙيون، مِٺا مِٺا ڳِيا چون،
    جيئو جيئو وَريو جيئن، جيئي سڄو جهان جهان،
    جو دم ته ٿو جتي جيان، سو دم ته پيو اڙي ميان!
    سلام سنڌ لئي لکان،
    ڪلام قوم لئي لِکان.


    او! دُشمن

    او! دُشمن

    ڀَڃبو تنهنجو ڪنڌ او! دشمن، ڀڃبو تنهنجو ڪنڌ
    سَگهو نه ڇڏبو تنهنجو سَنڌ، او! دشمن ڀڃبو تنهنجو ڪنڌ.

    واهڻ واهڻ جاڳيا آهن، ڀيڙا ٿيا اڄ ڀاڳيا آهن
    ٽڪر سان سي ٽوڙي وجهندا، تنهنجي ٻڌل ٻنڌ.
    او! دشمن ڀڃبو تنهنجو ڪنڌ.

    تنهنجا ڪرنل جنرل دسبا، توکان تاج ۽ تخت به کسبا،
    هائيءَ منجهه هچارا تنهنجو، ٺاهيو ويٺا آهيون هنڌ،
    او! دشمن ڀڃبو تنهنجو ڪنڌ.

    جنهن جنهن سِر تي پٽڪو آهي، تولئه ڦاهي ڦٽڪو آهي،
    سوري توکي سڏ ڪري پئي، سنڌڙيءَ جو سوڳنڌ،
    او! دشمن ڀڃبو تنهنجو ڪنڌ.

    مجلس شوريٰ وارا ميمبر، قاتل ڪرندا اونڌي مُنهن ڀر،
    ڏاڍو تن کي مهانگو پوندو، پنڊيءَ وارو پنڌ،
    او! دشمن ڀڃبو تنهنجو ڪنڌ.

    تُرڪي توڙي آمريڪا، تنهنجا کڻندا ڪين ٺيڪا،
    تنهنجي مُنهن تي ڪارا ليڪا، تن جو سنڌو ناهي سنڌ،
    او! دشمن ڀڃبو تنهنجو ڪنڌ

    ٺٽو جهوڪ سجاول هالا، تن ۾ تولئه ٽنگيل ڀالا،
    سنڀريا توتي خان ۽ لالا، انڌا کول اکيون ڇڏ انڌ،
    او! دشمن ڀڃبو تنهنجو ڪنڌ.

    گهر گهر مان ”سرويچ“ اُٿي پيا، تنهنجا ڪلنگيون ڪوٽ لڏي پيا،
    آزاديءَ جو ڄاڻ ته پيئندا، مرد مجاهد ويهي منڌ،
    او! دشمن ڀڃبو تنهنجو ڪنڌ.


    آجاين کي اوڏا اوڏا

    آجاين کي اوڏا اوڏا

    ڪيڏا ٿي ويا آهيو ساٿي، آجاين کي اوڏا اوڏا،
    هاڙهه هاڙهه هٽڪايون پيا، ڇپر ٿئي پيو ڇوڏا ڇوڏا.

    منصورن ۽ مهميرن ڇا، مهميزن کي مُنهن ڏنا،
    نيشن مڙسن نڪ وڍين جي، نڙگهوٽن تي ننهن ڏنا،
    لنگهه لتاڙي ڄاڻ پُڳا ڙي، لَڪن جا سهي لوڏا لوڏا.

    جان نثارن جوڌن پٽن، جيجل ڪارڻ جنگيون جوٽيون
    کيٽن وارن کاهوڙين اڄ، کوٽن لاءِ کاهيون کوٽيون
    ڌڱن جي ڌنڌاڙ وڌا هي، ڌارين ۾ ڏس ڌوڏا ڌوڏا.

    ڪسندا رهندا ڪونه گسندا، وڙهندا وڙهندا وڌندا ايندا
    پنهنجي ٻل ۽ ٻڌيءَ سان سي، ٻاهرين کي پيا ٻڌندا ايندا
    موٽڻ کي ٿا مهڻو ڄاڻن، مڙس مٿيرا موڏا موڏا

    ڀاڳيا پنهنجي ڀونءَ ۽ ڀيڻي بزدل ٿي ڪيئن ڀيلائيندا،
    هي جي هيڏا ڀڙڳ ڏسين ٿو، تن کان ٻيڻا ڀڙڪائيندا،
    تنگيا تن جا بيٺا آهن، هو ڏس تازي توڏا توڏا.

    سوڍن ۽ ”سرويچن“ واري، سنڌ سهاڳڻ راڻي رهندي،
    ويڙهاڪن ۽ وريامن جي، ڌرتي راڄ ڌڃاڻي رهندي،
    جونجهارن سان جهيڙانديءَ ۾، غيرن کُپندا گوڏا گوڏا،
    ڪيڏا ٿي ويا آهيون ساٿي، آجاين کي اوڏا اوڏا.


    ويڪو وڏيرن ڏانهن

    ويڪو وڏيرن ڏانهن

    وڏي واڪي چوان ٿو مان، هنن ويڪو وڏيرن کي،
    نه للڪاريو، نه للڪاريو، اسان مردن مٿيرن کي.

    اسين جرنيل جيلن ۾ به، چونداسين جيئي هاري،
    اسين ڪَٽ مست قيدن ۾ به، چونداسين جيئي هاري،
    اسين بيباڪ بندن ۾ به، چونداسين جيئي هاري،
    اسين کارن سمنڊن ۾ به، چونداسين جيئي هاري،
    اسين هر وقت چونداسين، لُٽيو لوڀين لُٽيرن کي،
    وڏي واڪي چوان ٿو مان، هنن ويڪو وڏيرن کي،
    نه للڪاريو، نه للڪاريو، اسان مردن مٿيرن کي.
    اسان کي ڪاڻ ڪانهي ڪا، اُنهن قيدن ۽ ڪوٽن جي،
    نه پرواهه پائيءَ جي آهي، ڪنهن اُلوءَ جي اَکوٽن جي،
    نڪا مردار ميرن جي، نڪا ڪن پير پوٽن جي،
    عمر جنگين ۽ جيلن ۾، گُذر گهوڙن ۽ گهوٽن جي،
    ڪنديون ڇا جيل جون جهڙپون، اسان دودن دليرن کي،
    وڏي واڪي چوان ٿو مان، هنن ويڪو وڏيرن کي،
    نه للڪاريو، نه للڪاريو، اسان مردن مٿيرن کي.

    نه پرواهه قيد ڪيٽيءَ جي، نه گوليءَ تير جي پرواهه،
    اسان پورهيت پنوهارن کي، نه پاپيءَ پير جي پرواهه،
    نڪا ڪا آهي هن ٽنڊائيءَ، مهڄڻ مير جي پرواهه،
    نڪا ڪنهن رئيس رهزن جي، نه وزرا وير جي پرواهه،
    اسين ڏاري ڇڏينداسين، ڏڦن سان تن ڏڦيرن کي،
    وڏي واڪي چوان ٿو مان، هنن ويڪو وڏيرن کي،
    نه للڪاريو، نه للڪاريو، اسان مردن مٿيرن کي.

    ڪڏهن اَيوب جا چمچا، ڪڏهن يحيٰ جا پوڄاري،
    ڪڏهن سي ليگ ۾ لوفر، ڪڏهن پي پيءَ جا پرچاري،
    ڪڏهن سي نعپ ۾ ناچو، نچن جيئن ڪا نچي ناري،
    ڌڪا در در مٿي کائن، پيا دلال درٻاري،
    سُڃاڻو ٿا اسين تن جي، انهن ڦندن ۽ ڦيرن کي،
    وڏي واڪي چوان ٿو مان، هنن ويڪو وڏيرن کي،
    نه للڪاريو، نه للڪاريو، اسان مردن مٿيرن کي.

    وٺي سڀ حق هارين جا، تِهان پو دم پٽينداسين،
    لُچن لوڀين جي لاشن کي، لتون ڏيئي لٽينداسين،
    پليتن پاپين جون پاڙ کان، پاڙون پٽينداسين،
    وڏي پوءِ شان شوڪت سان، هتي شهپر وٽينداسين،
    سٽينداسين انهن کي ايئن، سٽي جيئن باز ڳيرن کي،
    وڏي واڪي چوان ٿو مان، هنن ويڪو وڏيرن کي،
    نه للڪاريو، نه للڪاريو، اسان مردن مٿيرن کي.

    ڪڏهن ڪنهن کي اَڙي ڪوڙهيا! نٿا پوريون بٽايون ڏيو،
    ڪڏهن ڪمزور ڪڙمين کي، نه ڪمندن جون ڪٽايون ڏيو،
    ڇتا ٿي پيا آهيو ڇا لئه؟ نٿا ڇالئه ڇٽايون ڏيو،
    جي عزت سان جيئڻ چاهيو، ته ساري سڀ ڪمايون ڏيو،
    جلائي نه ته ڇڏينداسين، ڍنگن ڍنگن جي ديرن کي،
    وڏي واڪي چوان ٿو مان، هنن ويڪو وڏيرن کي،
    نه للڪاريو، نه للڪاريو، اسان مردن مٿيرن کي.

    لِڪو ڇا لاءِ ٿا لُوسي، وڃي ڪِن ڪن وزيرن وٽ،
    لِڪو ڇا لاءِ ٿا لُوسي، وڃي ٽنڊي جي ميرن وٽ،
    لِڪي لِڪندا ڀلا ڪيسين، اوهين پڳدار پيرن وٽ،
    بچي بلڪل ڪڏهن سگهندا، نه سينيٽر سفيرن وٽ،
    ڏهيسر ڏيهه ۾ آيا، وٺڻ وانگين جي ويرن کي،
    وڏي واڪي چوان ٿو مان، هنن ويڪو وڏيرن کي،
    نه للڪاريو، نه للڪاريو، اسان مردن مٿيرن کي.
    کڻي هر هر ٿو هٿ پنهنجا، چوان هارين پيارن کي،
    سڄي پوکي اوهان جي آ، چوان جيءَ جي جيارن کي،
    نه ماسو ان جو ڪو ڏيو ڪڏهن موذين متارن کي،
    هڻو ٿا نٿ نڪ ۾ جيئن، بَگن ڀورن ڀٽارن کي،
    وجهو تيئن واجهه واڇن ۾، هنن وهٽن وڇيرن کي،
    وڏي واڪي چوان ٿو مان، هنن ويڪو وڏيرن کي،
    نه للڪاريو، نه للڪاريو، اسان مردن مٿيرن کي.

    نه هاڻي ڪنهن وڏيري جو، ڪو بلڪل ڀئو ڪرڻ گُهرجي،
    حقيقي جو حصو آهي، اُهو وڙهي وٺڻ گُهرجي،
    ٻنين تي حق اوهان جو آ، اهو سمجهي ڇڏڻ گُهرجي،
    ٻنين تان بيدخل ٿيجي، ٻُڏي تنهن کان مرڻ گُهرجي،
    ٻڌايان ٿو اهو آئون، سندن ڀارن ڀَليرن کي،
    وڏي واڪي چوان ٿو مان، هنن ويڪو وڏيرن کي،
    نه للڪاريو، نه للڪاريو، اسان مردن مٿيرن کي.

    ٻنين توڙي ونين تان ميان، سِريون ”سرويچ“ ٿي گهوريو،
    ڪُڏي جو وچ ۾ پوئي، انهيءَ جي ڪنڌ کي ڪوريو،
    ٻنيون ٻارا اسان جا هي، اهي بس چنگ پيا چوريو،
    ٻنين ۾ محنتون ڪريو، ڏکيا ڏونگر سڀئي ڏوريو،
    ته پوءِ هڪ ڇاڙڪي آهي، ڇپر سارو ڇُڳيرن کي،
    وڏي واڪي چوان ٿو مان، هنن ويڪو وڏيرن کي،
    نه للڪاريو، نه للڪاريو، اسان مردن مٿيرن کي.


    ڌرتـيءَ ڌيـئـون

    ڌرتـيءَ ڌيـئـون

    ڌرتي تنهنجي ڌيئن جا ڏس، چاڳ چُڪا ۽ ڀاڳ ڦٽا،
    پاڙي پاڙي مان پيا ٻُڌجن، تن جا پٽڻا پار پٽا.

    غيرت وارن مردن جي اڄ توکي ڪهڙي دانهن ڏيون،
    پاڻ سُريتون ست ست رکندا پوءِ به نه ٺرندن هڏ هنيون،
    باقي جي ڪنهن ڀيڻ سندو ڪو ڪوڙو ڪن تي پين ڪينئون،
    سريون لڻندا سرتين جون جيئن لڻجن پيا هو سنگ سٽا.

    تنهنجن ڪن ڪن مردن جا او ڌرتي ٻڌ تون حال احوال،
    تنهنجو ويري ڇوٽ ڇڏيندا زنجيرن ۾ ٻڌندا زال،
    محنت کان منهن موڙي ويٺا مفت جو تن کي گهرجي مال،
    ڀيڻ ۽ ماءُ جي ڀڙوت ڪندا ڌيئن نونهن جا دلال،
    پوءِ به چوندا زالون بڇڙيون ڪن ٿيون سي کٽراڳ کٽا.

    ڪي ڪي ادڙا جهڙا جڏڙا، ڌرتي توتي بار ٿيا،
    تنهنجا منهنجي جيجل سي ئي قاتل ۽ غدار ٿيا،
    توکي ويرين وٽ وڪيائون ادين لئي آزار ٿيا،
    ماري سي ئي ماروئڙين جا مڪاري منهن ڪار ٿيا،
    اهڙن مُردن مَردن جا ئي ڀڃجن منهن ۽ مَٿا مٽا.

    ڪن ڪن مردن جُوءَ وڪي ۽ ڪن ڪن بڇڙي بات بڪي،
    ڪن ڪن پنهنجي جوءِ وڪي ۽ ڪن ڪن دلن ڌيءَ تڪي،
    ڪنهن کي گهوٽ قرآن ڏنائون ڪا، ڪئون پيرن ساڻ پڪي،
    پيڙهي پيئي پيڙهين کان ڏس چوڙيلين کي ڪيئن نه چڪي،
    چڪي ۾ اڄ چچرجي پيا چوڙيلين کي چاڏ چٽا.

    سسئي جهڙي سگهه پسايو جبلن کي جنهن بخشي جوت،
    سهڻي وانگر ڪُن ڪڇائي مايوسين جو آڻيو موت،
    پوءِ مرڪو ميهر تي ۽ پوءِ پڏايو پنهنجو هوت،
    عورت تي ٿا آڱر سڃيو پنهنجي جيءَ ۾ پايو جهوت،
    ڇٽ ڇڳيرن مردن جا هٿ نانءَ سُڄن ٿا ڇٽا ڇٽا.

    مصري جهڙي مصرع مٺڙي، منهنجي مٺڙي ڀيڻ ڏني،
    ٽڙندڙ کڙندڙ ٽاري سا ڪا يا ڄڻ سانوڻ ڀيڄ ڀني،
    گهمندي ڦرندي مون ها ورتا تنهن مان ٻَٽڙي گل ڇني،
    ٻيون پڻ ڳولي ڳولي آيس ڳالهيون ڳاڙهي رنگ ڳني،
    ڳالهيون اهڙيون ڳاڙهيون جهڙا ڳاڙها ڳوريءَ جا ته ڳٽا،
    سڪ جي آهي سرهه ڦلاري چاهت جا ٿيا چيٽ چٽا.

    جيڪي سچا سوڍا آهن تِن تي ڀيڻيون ناز ڪنديون،
    جيڪي جنگي جوڌا آهن تن تي ڀيڻيون ناز ڪنديون،
    جيڪي هوشو دودا آهن تن تي ڀيڻيون ناز ڪنديون،
    جيڪي بانڪا ڀٽا آهن تن تي ڀيڻيون ناز ڪنديون،
    اهڙن ڀائن تان ئي گهوري ڇڏبا ٻچا ٻٽا ٻٽا.


    پاڻ ته سادا سُودا آهيون

    پاڻ ته سادا سُودا آهيون

    پاڻ ته سادا سُودا آهيون، پنهنجو وس نه چارو يارو
    پاڻ ته ٻالا ڀولا آهيون
    پاڻ ته ٻوڙا گونگا آهيون
    پنهنجا هٿ ۽ پير به ڪارا، ٻوٿ به پنهنجو ڪارو يارو،
    پاڻ به ڪيئي ماڻهو آهيون، ماڻهو تن جا پنڌ پري.

    ديس وڃائي ويٺاسين ۽ دوست وڃائي ويٺاسين،
    دوست وڃائي خوب ڪيوسين، ويرين ۾ واڌارو يارو،
    پاڻ ته سادا سُودا آهيون. پاڻ ته ٻالا ڀولا آهيون،
    پنهنجو وس نه چارو يارو.

    پنهنجا ڀونگا پنهنجون ڀيڻيون، پنهنجا ڀاڻا ڀورا ڀورا،
    ڪنهن پر پنهنجو سمجهون هاڻي، قمبر ۽ ڪامارو يارو،
    پاڻ ته ٻالا ڀولا آهيون، پاڻ ته ٻوڙا گونگا آهيون،
    پنهنجو وس نه چارو يارو.

    پنهنجو دادو ٺٽو ناهي، پنهنجو شاهه نواب به ناهي،
    پنهنجو کسجي پاڻ ڪنان ويو، جهانگارو باجارو يارو،
    پاڻ ته سادا سُودا آهيون، پاڻ ته ٻالا ڀولا آهيون،
    پنهنجو وس نه چارو يارو.

    ڪڇ ڪراچي پنهنجي ناهي، بُلڙي ڊگهڙي پنهنجي ناهي
    جاتي ۽ جهمپير جهڏي تي، لُچن جو لامارو يارو
    پاڻ به ڪهڙا ماڻهو آهيون، پاڻ ته ٻوڙا گونگا آهيون،
    پنهنجو وس نه چارو يارو.

    پنهنجون پاڙون پٽجن پييون، پنهنجو هاڻي ڪونه رهيو آ،
    ٽنڊو ڏندو ڍورو نارو، سن سکر سامارو يارو،
    پاڻ ته ٻوڙا گونگا آهيون، پاڻ ته سادا سُودا آهيون،
    پنهنجو وس نه چارو يارو.

    ٿر جبل ڀي پنهنجو ناهي، لاڙ اتر ڀي پنهنجو ناهي،
    پو به اسان وٽ کِل خوشيون ۽ تاڙين جو وسڪارو يارو،
    پاڻ اڀومي ماڻهو آهيون، پاڻ ته ٻالا ڀولا آهيون،
    پنهنجو وس نه چارو يارو

    پنهنجون هاڪون ساکون وييون، سڀ ڪجهه ٻيڙيءَ ٻوڙ کڻي ويا،
    هو ڏس ٻيڙيءَ ٻوڙ کڻي ويا، ٻج ٻني ٻيجارو يارو،
    پاڻ ته انڌا ٻوڙا آهيون، پنهنجو وس نه چارو يارو،
    پاڻ به ڪهڙا ماڻهو آهيون.
    پنهنجي ڪکن پکن ۾ اڄ، پاڻ مٿي هت پلپل آهي،
    مار مصيبت مارو يارو، ٿڪ بُجو کانگهارو يارو،
    پاڻ ته ٻوڙا گونگا آهيون، پنهنجو وس نه چارو يارو،
    پاڻ به ڪهڙا ماڻهو آهيون.

    سُکن ڪارڻ سِڪي سِڪي، سانگي سانگ ڇڏي ويا پنهنجو،
    سنڌيءَ سنڌيءَ جي آ سر تي، سورن جو سانگهارو يارو،
    پاڻ ته ٻالا ڀولا آهيون، پنهنجو وس نه چارو يارو.
    پاڻ به ڪهڙا ماڻهو آهيون.

    ڪي پيا جيلن منجهه جلن ۽ ڪن تي ڏنڊا ٻيڙيون ڏنڊ،
    سُهڻن سُهڻن ساٿيئڙن تي، ڦٽڪي جو وسڪارو يارو،
    پاڻ ته جڏا ماڻهو آهيون، پنهنجو وس نه چارو يارو،
    پاڻ به ڪهڙا ماڻهو آهيون.

    جيڏو سنڌي ماڻهو اڄ ڪلهه، ڪاهل آهي ڪانئر آهي،
    ايڏو ٻيو شل ڪونه ٿئي، ڪٿ قومن ۾ ڪانيارو يارو،
    پاڻ ته ٻوڙا گونگا آهيون، پنهنجو وس نه چارو يارو،
    پاڻ به ڪهڙا ماڻهو آهيون

    قومن پنهنجي قوميت کي، ڪنڌ ڪپائي قائم رکيو،
    پنهنجي عملن تي ته اچي ٿي، اُلٽي ۽ اوڪارو يارو،
    پاڻ ته ٺلها ماڻهو آهيون، پنهنجو وس نه چارو يارو،
    پاڻ به ڪهڙا ماڻهو آهيون.

    ڪيڏو ڪُٽيا ڌڪيا آهيون، ڪيڏو وڍيا وڪيا آهيون،
    پو به ڏينهان ڏينهن آهي پنهنجي، وِڪري ۾ واڌارو يارو،
    پنهنجا هٿ ۽ پير به ڪارا، ٻوٿ به پنهنجو ڪارو يارو،
    پاڻ به ڪهڙا ماڻهو آهيو.


    قلندر پنهنجي نگريءَ ۾

    قلندر پنهنجي نگريءَ ۾

    قلندر پنهنجي نگريءَ ۾، وڏو ڪربل متل آهي.
    سڄي هيءَ سنڌ ڌرتي ڄڻ، ته ڪو ٽامو تتل آهي.

    پراون پاپين سان گڏ، هي پنهنجا رت پياڪو ٿيا،
    جنهين جي قهر ڪاري کان، نه ڀاڳيو ڪو بتل آهي،
    قلندر پنهنجي نگريءَ ۾، وڏو ڪربل متل آهي.

    اڃا ميٽيو نه ڌڪ آهي، هُو احمد خان آصف جو،
    ته تازو ئي وري هي تر، سڄو رت سان رتل آهي،
    قلندر پنهنجي نگريءَ ۾، وڏو ڪربل متل آهي.

    برهماڻين ۽ گوپانگن سان گڏوگڏ، ڀاڻ هاشم ۾،
    اجهو هُو ڪالهه تازو ڏس! ته ٿيو ڪيڏو قتل آهي،
    قلندر پنهنجي نگريءَ ۾، وڏو ڪربل متل آهي.

    مٿن تي موڙ جن جي ۽، هٿن ۾ مهڪ مينديءَ جي،
    انهن گهوٽن ڪنوارين جو، کڙهه تي سر کتل آهي،
    قلندر پنهنجي نگريءَ ۾، وڏو ڪربل متل آهي.

    وڏيرن، ميمبرن، چورن، وزيرن، نوڪرن جو سڀ،
    سونهاريءَ سنڌ ڌرتيءَ جي، مٿان هاڃو هتل آهي،
    قلندر پنهنجي نگريءَ ۾، وڏو ڪربل متل آهي.

    گهرون ٿا خير جن جو ۽، ڪڙهون ٿا جن جي ڪرمن لئه،
    انهن ”صالح سڀاڳن“ جو ته هي گهاڻو گهتل آهي،
    قلندر پنهنجي نگريءَ ۾، وڏو ڪربل متل آهي.

    اسان جي عام ماڻهن جي مٿان ليڊر تي ليڊر آ،
    وڏن واڳن جي واتن ۾، ته هر وانگي وتل آهي،
    قلندر پنهنجي نگريءَ ۾، وڏو ڪربل متل آهي.

    ڏيون هي ڏوهه ڪنهن ڪنهن کي، ته هي قاتل يا هو قاتل،
    مگر هن ڪوس پنهنجي ۾، گرو گَنجو گتل آهي،
    قلندر پنهنجي نگريءَ ۾، وڏو ڪربل متل آهي.

    سجاڳي ۽ سُڌارو سنڌ جو ”سرويچ“ ويجهو ناهه،
    سڄي هيءَ قوم تعصب ۽ تفرقي ساڻ تل آهي،
    قلندر پنهنجي نگري ۾، وڏو ڪربل متل آهي.


    اهڙو گهرجي ڪونه نظام

    اهڙو گهرجي ڪونه نظام

    اهڙي گهرجي ڪونه جمهوريت
    اهڙو گهرجي ڪونه نظام
    جنهن ۾ ڍورن ڍڳن وانگر
    ڪسجي ڪُٽجي روز عوام.

    ڏوٿيئڙن تي ڏنڊا جنهن ۾،
    لچن کي جت ناهي لغام!
    اهڙي گهرجي ڪونه جمهوريت
    اهڙو گهرجي ڪونه نظام!!
    خون ۽ ڌاڙا اغوا جنهن ۾،
    سانجهي توڙي صبح شام!
    اهڙي گهرجي ڪونه جمهوريت
    اهڙو گهرجي ڪونه نظام!!

    گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ قاتل ڪرڙا،
    قوم سندم پئي ٿئي قتلام!
    اهڙي گهرجي ڪونه جمهوريت
    اهڙو گهرجي ڪونه نظام!!

    سنڌي ماڻهونءَ ويچاري تي،
    قائم آهي روز قيام!
    اهڙي گهرجي ڪونه جمهوريت
    اهڙو گهرجي ڪونه نظام!!

    ڌرتي جن جي، سي ته ڌِڪن ۾،
    هر هڪ ”آيل“ لائي انعام!
    اهڙي گهرجي ڪونه جمهوريت
    اهڙو گهرجي ڪونه نظام!!

    پاپي ۽ پرماري ٽولا
    جنهن ۾ مستو مست مدام!
    اهڙي گهرجي ڪونه جمهوريت
    اهڙو گهرجي ڪونه نظام!!
    لوڌ وزيرن جي آ جنهن ۾
    ناهي جن کي ڪوبه لغام!
    اهڙي گهرجي ڪونه جمهوريت
    اهڙو گهرجي ڪونه نظام!!

    ڪالهه به قيدي، اڄ به قيدي،
    وانگي منهنجا هي وريام!
    اهڙي گهرجي ڪونه جمهوريت
    اهڙو گهرجي ڪونه نظام!!

    ٺيڪي ۾ ويا ٺڳ کڻي ڏس،
    ماروئڙن جو ننگ ۽ نام!
    اهڙي گهرجي ڪونه جمهوريت
    اهڙو گهرجي ڪونه نظام!!

    تنهنجو منهنجو ڪوبه مسئلو،
    حل نه جنهن ۾ ڪن حڪام!
    اهڙي گهرجي ڪونه جمهوريت
    اهڙي گهرجي ڪونه نظام!!

    مارن جو جت ماس چٻاڙي،
    حاڪم کائن روز حرام!
    اهڙي گهرجي ڪونه جمهوريت
    اهڙو گهرجي ڪونه نظام!!
    رشوت خاطر، ڪامورو جت،
    وڪڻي قومي، ننگ ۽ نام!
    اهڙي گهرجي ڪونه جمهوريت
    اهڙو گهرجي ڪونه نظام!!

    آفيسن ۾ ڌاڙيلن کان،
    ڦرجي لُٽجي روز عوام!
    اهڙي گهرجي ڪونه جمهوريت
    اهڙو گهرجي ڪونه نظام!!

    اڄ به جتي، انصاف وڪامي،
    بيحد سستي سستي دام!
    اهڙي گهرجي ڪونه جمهوريت
    اهڙو گهرجي ڪونه نظام!!

    ڪُرسي لئه جت، ڪوڙو پڙهجي،
    ڪلمون توڙي پاڪ ڪلام!
    اهڙي گهرجي ڪونه جمهوريت
    اهڙو گهرجي ڪونه نظام!!

    سنڌ ڌڻين ”سرويچن“ لا جت،
    سخت سزائن جا احڪام!
    اهڙي گهرجي ڪونه جمهوريت
    اهڙو گهرجي ڪونه نظام!!


    ووٽن جو وقت آهي

    ووٽن جو وقت آهي

    ووٽن جو وقت آهي پڳڙي سنڀال ڄٽا،
    دهليءَ جا ٺڳ اچن پيا، ڏيئڻ جي ڪاڻ ڏٽا.

    فاتحون ڪندا سي توسان، مئلن ننڍن وڏن جون،
    خبرون پيا توکان پڇندا، تنهنجي ڪتن ڍڳن جون،
    وسهين متان تون تن تي، قاتل، اٿئي هي ڪٽا.
    پڳڙي سنڀال ڄٽا.

    ووٽن جو وقت ساري، آيا وري وڏيرا،
    ڏاڍا ڏين پيا توتان، ڀونئرن مثال ڀيرا،
    ڪيئن نه چمن پيا تنهنجا پير ۽ ڪپور ڳٽا.
    پڳڙي سنڀال ڄٽا.
    ووٽن وٺڻ کانپوءِ بئنڪاڪ ۾ پيا گُهمندا،
    ڏاڍا شراب چاڙهيو، سهڻين سان گڏ پيا سُمهندا،
    توکي رڳوئي سرندا، چونئرن چڻن جا چٽا،
    پڳڙي سنڀال ڄٽا.

    هينئر اٿئي هي ڏاڍو، پيارن ڪنان به پيارا،
    پر جي پروڪا تن جا، ڏسندين ڪتاب ڪارا،
    ته زهر ڪنان به هئا هي، ڏاڍا ڪڙا ۽ کٽا،
    پڳڙي سنڀال ڄٽا.

    ڏاڏن ابن کان تنهنجا، وارث اهي ئي آهن،
    ٿاڻن تي توکي پادر، هر سال ٿا هڻائن،
    پوءِ به هنن سان تنهنجي، ساهن سرن جا سٽا،
    پڳڙي سنڀال ڄٽا.

    توسان ته ڪئي هنن آ، ڪهڙي ڀلا چڱائي،
    تنهنجي ٻنيءَ ونيءَ ۾، اک آ انهن اڙائي،
    تنهنجا ته ويا کڻي هي، مٽ ۽ گلاس وٽا.
    پڳڙي سنڀال ڄٽا.

    روڪي رکيا رقيبن، تنهنجا ٻچا پڙهڻ کان،
    ارها رهيا سدائين، تنهنجي مٿي چڙهڻ کان،
    تنهنجي لڱن تان لالڻ، لاهي ويا هي لَٽا،
    پڳڙي سنڀال ڄٽا.
    تنهنجي پٺيان بڇي جن، لوفر لغور ڇڏيا،
    کيٽن کرن تي تنهنجي، چاري ۽ چور ڇڏيا،
    جاري انهن جا توسان، جهڳڙا ۽ جهيڙ جهٽا،
    پڳڙي سنڀال ڄٽا.

    تنهنجي پگهر جو پورهيو، کايو وڃن ڪمينا،
    ساڙي ڇڏيائون تنهنجا، سر ساهه سنڌ سينا،
    ٻانهن تي ٻَن تنهنجي پڌرا پٺن تي پٽا،
    پڳڙي سنڀال ڄٽا.

    وجهه وپ ۾ اٿيئي، ڦيري هڻين پٽ تي
    بالم ٿي ويهه تون بنجي، ڪرسي ۽ ڪوچ کٽ تي
    ڏاهپ سان ڪر تون تن جا، ڏاٺون ڏند کٽا
    پڳڙي سنڀال ڄٽا.

    ڏيئڻون نه ووٽ آهي، ڀُلجي ڀتن هڏن تي،
    ٿورا گهڻا ڪيا تو، جاهل جڏن ڏڏن تي،
    هاڻي ته جاڳ جاني، جابر ڪندو نه جٽا،
    پڳڙي سنڀال ڄٽا.

    ووٽن وٺڻ جي لاءِ، گيسيون گهڻيون ڪندا هي،
    پاپي پليد ماڻهو، ساٿي ٺڳن سندا هي،
    ڌنڌائي جن جا آهن، دوکا فريب ڏٽا،
    پڳڙي سنڀال ڄٽا.
    توکي ڌڪا ڏنا ويا، مارون مليون مدامي،
    تنهنجو اڇو مٿو ٿيو، تن جي ڪندي غلامي،
    پوءِ به غريب توتان، غم جي گَهٽي نه گهٽا،
    پڳڙي سنڀال ڄٽا.

    توتان ڏکن سکن ۾، جن جن ڀڳا نه ڀيرا،
    چونڊن ۾ چونڊ تن کي، پرتئون ڀري تون پيرا،
    ڪنهن پر ڪجئين نه تن کان، منهن موڙ يا ڪو مٽا،
    پڳڙي سنڀال ڄٽا.

    مڙسي ڪا هاڻ ڪر تون، تنهنجو ته وقت آيو،
    تن کي سڌيون سڻائي، توکي جنين تپايو،
    آجا سمورا ڪر تون، پنهنجا اناج اٽا،
    پڳڙي سنڀال ڄٽا.

    ”سرويچ“ ٿي تون سهڻا، ساهي ستم سان سينو،
    ڪڙڪو ڪَري ڪِري جيئن هو ڪنڌ ڀر ڪمينو،
    ساري ڄمار توسان، ظالم هنيا جنهن زٽا،
    ووٽن جو وقت آهي. پڳڙي سنڀال ڄٽا.


    سگهارن جا قبضا

    سگهارن جا قبضا

    سياست تي سرمائيدارن جا قبضا،
    جمهوريت تي جاگيردارن جا قبضا،
    ۽ قوميت تي قلبن جي ڪارن جا قبضا،
    وزارت تي دادو جي يارن جا قبضا،
    ۽ بيبيءَ تي بدخواهه ڀوتارن جا قبضا،
    ٿيا سيمبلين تي گنيارن جا قبضا،
    ٻنين تي وڏيرن وڇارن جا قبضا،
    ۽ پبلڪ تي پيرن پينارن جا قبضا،
    خبر تي ٿيا اخبار وارن جا قبضا،
    ادب تي اديبن عيارن جا قبضا،
    ۽ ٽي ويءَ تي ٽوڀن ٽڪارن جا قبضا
    شريفن تي چورن چڪارن جا قبضا
    مزورن تي سيٺين سگهارن جا قبضا
    ۽ حقن تي حاڪم هچارن جا قبضا
    ٿيا نوڪرين تي، نڪارن جا قبضا
    سچارن تي ڪوڙن ڪسارن جي قبضا
    عدالت تي اونڌن اُڌارن جا قبضا
    مسيتن تي ملن متارن جا قبضا
    مقامن تي مجرم مجارن جا قبضا
    ۽ ڄٽن تي مرشد مڪارن جا قبضا
    پلاٽن تي پنهنجن پيارن جا قبضا
    قلم ۽ علم تي قهارن جا قبضا
    ۽ ووٽن تي ڀُٽي جي ٻارن جا قبضا
    ثقافت تي غاصب غدارن جا قبضا
    کليل گفتگو تي گڏهارن جا قبضا
    اميرن تي ڪلبن ۽ ٻارن جا قبضا،
    سَقيمن تي سياري جي پارن جا قبضا
    سکين صاحبن تي پيجارن جا قبضا
    بکين تي سدائين بخارن جا قبضا
    ٿيا روشنين تي انڌارن جا قبضا
    حسينن جي سينن تي وارن جا قبضا
    ۽ وارن تي واسينگ ڪارن جا قبضا
    هو بخمل بتن تي غرارن جا قبضا
    سندم شاعري تي هزارن جا قبضا
    او ”سرويچ“ ساٿي، صفا سچ هي تان
    سڀن تي سگهارن ادارن جا قبضا.


    قوم پرست

    قوم پرست

    ٽڪي پئسي تي پيا وڪجن، ڪچا پڪا قوم پرست،
    ڪيڏا قولن ڪوڙا ۽ هي، نڪ جا پڪا قوم پرست.

    ڪوڙين ڪوڏين ڪارڻ ويهي، ڪيئن نه سائو منهن ڪيئون،
    سو سڀ دوکو دلبر هوڙي، جيڪو هن کان اڳ چيئون،
    قوم کي وڪڻڻ ڪاڻ هڻن پيا، چؤڪا ڇڪا قوم پرست،
    ٽڪي پئسي تي پيا وڪجن، ڪچا پڪا قوم پرست.
    منهن ۾ جهڙا مومن پر هي، اندر ۾ ابليس وڏا،
    قوم جو نعرو هڻندي هڻندي، ڪن پيا ڪيڏا ڪيس وڏا،
    هرگز هيرا ناهن هي پر، ٽامي ٽڪا قوم پرست،
    ٽڪي پئسي تي پيا وڪجن، ڪچا پڪا قوم پرست.

    دشمن اڳيان داڻي توڙي، ناڻي تي پيا ناچ نچن،
    سنڌ ۽ سنڌي وڪڻيو پوءِ به، اوچي اوچي ڳاٽ اچن،
    شرم حيا ۾ شايد آهن، ڏاڍا جهڪا قوم پرست،
    ٽڪي پئسي تي پيا وڪجن، ڪچا پڪا قوم پرست.

    قوم جي بدران ڪرسي گهرجي، ڪرسي جنهن تان قوم ڪُهن،
    ٿڃ امڙ جي ٿوڪاريو پيا، خنزيرڻ جو کير ڏُهن،
    پئسي پويان پوڙها ٺوڙها، ڪارا ڪڪا قوم پرست،
    ٽڪي پئسي تي پيا وڪجن، ڪچا پڪا قوم پرست.

    منصورن کي مارايو پو، پنهنجو پاڻ پڏائن ويٺا،
    دلا بنجيو ڌارين جا سي، ڌوڙ مٿي ۾ پائن ويٺا،
    اڃا ڏاڍا کائيندا هي، دردر ڌڪا قوم پرست،
    ٽڪي پئسي تي پيا وڪجن، ڪچا پڪا قوم پرست.

    ايرن غيرن اغيارن سان، ياريون تن جون پڪيون آهن،
    باقي بينظير ۽ نصرت سان، ٿيون ويڙهيون پڪيون آهن،
    ها پر ڏسجو ويٺا ڪندا، ڏاڍو ٺڪا قوم پرست،
    ٽڪي پئسي تي پيا وڪجن، ڪچا پڪا قوم پرست.
    هي جي جن سان وير اوهان جو، تن سان آمر ڪونه پُڳا،
    جن جن جوٽي جنگ هنن سان، تن جا بچيا ڏند رُڳا،
    هي سي هستيون جن جي اڳيان، هڪا ٻَڪا قوم پرست،
    ٽڪي پئسي تي پيا وڪجن، ڪچا پڪا قوم پرست.

    هي ٻئي سوڍيون ٻاگهيون آهن، ڏونگر ڏاري ڄاڻن ٿيون،
    هي ٻئي عرش اُڊوڙڻ واريون، پهڻ پگهاري ڄاڻن ٿيون،
    جن جي هڏي هڏيءَ ۾ ڪو، ٿڪ نه ٿڪا قوم پرست،
    ٽڪي پئسي تي پيا وڪجن، ڪچا پڪا قوم پرست.

    هر هڪ آمر جابر سان ڏس، جهيڙا تن جا جهيڙيل آهن،
    هي سڀ روه زمينون تن جي پير کڙين سان کيڙيل آهن،
    پوءِ به هڻو پيا ڦلهيارن جا، منهن ۾ ڦڪا قوم پرست،
    ٽڪي پئسي تي پيا وڪجن، ڪچا پڪا قوم پرست.

    ڪيڏا ڪيڏا ڪونڌر تن جا، قاتل ڪوٺي روز ڪٺا،
    ڪيڏا لٺين لوساٽيا ڏس، تن جو منهن ۽ پير پُٺا،
    پوءِ به اوهان جو وير انهن سان، لوسڻ نڪا قوم پرست،
    ٽڪي پئسي تي پيا وڪجن، ڪچا پڪا قوم پرست.

    هي ٻئي سپهه سالاريون ۽ سوڀاريون ”سرويچ“ سدا،
    جمهوريت سان جن جا آهن، پاتل پختا پيچ سدا،
    هي ٻئي منزل ماڻڻ واريون، هي ٻئي مڪا قوم پرست،
    ٽڪي پئسي تي پيا وڪجن، ڪچا پڪا قوم پرست


    ملاح توڙي شاهه ٻئي

    ملاح توڙي شاهه ٻئي

    ڇا مرتبو ماڻهن ۾ آهي، مولوي ملاح جو
    ۽ مان ذڪر ڪهڙو ڪريان، هيڏي وڏي جراح جو.

    هو ٻئي وڏا عالم هئا، هو ٻئي وڏا شاعر هئا،
    هو ٻئي سچا سالڪ هئا، هو مرد ٻئي ماهر هئا،
    ۽ عشق جي هر انگ کان، عاشق هئا آگاهه ٻئي،
    ويا سنڌ کي موڙون ٻڌي، ملاح توڙي شاهه ٻئي.

    ٿي شاهه چيو آ، الف بس، بي ٻي کي سمجهائيندو وت،
    احمد چيو ٿڃ عشق جي، دائيءَ چيم ڌائيندو وت،
    هو ويا وسيلي عشق جي، عاشق لنگهي اوڙاهه ٻئي،
    ويا سنڌ کي موڙون ٻڌي، ملاح توڙي شاهه ٻئي.
    ٿي هڪ چيو: سڪ ۾ سڄڻ جي، پئي پچان کامان کجان (شاهه)،
    ۽ ٻي چيو: سِرجڻ ڪنان ئي، ساهڙيون ڙي پئي سڪان (ملاح)،
    ايئن سڪي سڪ ۾ ويا، ساجن تان گهوري ساهه ٻئي،
    ويا سنڌ کي موڙون ٻڌي، ملاح توڙي شاهه ٻئي.

    ٿي هڪ چيو: پيئي پسهه، پِريَن پسڻ لاءِ کڻان (شاهه)،
    ۽ ٻي چيو: مان هوت لئي، هاڙهي ۾ پيئي هٿ هڻان (ملاح)،
    هو ٻئي نبيءَ جا معتقد، چوندا هئا الله ٻئي،
    ويا سنڌ کي موڙون ٻڌي، ملاح توڙي شاهه ٻئي.

    ٿي هڪ چيو: حُب يار جي، جيجل جي جهوليءَ ۾ لڳي (شاهه)،
    ۽ ٻئي چيو: لنئون عشق جي، مون کي تي، لوليءَ ۾ لڳي (ملاح)،
    هو ٻئي وِرهه وَنگي وِڌا، هئا درد جا درياهه ٻئي،
    ويا سنڌ کي موڙون ٻڌي، ملاح توڙي شاهه ٻئي.

    ٿي هڪ چيو: بيتن اندر مون آيتون پائي ڇڏيون (شاهه)،
    ۽ ٻي چيو: مون آيتون، بيتن ۾ سڀ ڳائي ڇڏيون (ملاح)،
    هو ويا لکي سنڌيءَ ۾ ڏس، ڪامل ڪلام الله ٻئي،
    ويا سنڌ کي موڙون ٻڌي، ملاح توڙي شاهه ٻئي.

    ٿي هڪ چيو: اکڙيون سندءِ، ميگهن ملهارن جيئن وسن (شاهه)،
    ۽ ٻي چيو: اکڙيون سندءِ، ڪُل خلق جا ٿيون خون ڪن (ملاح)
    بس مان ته چوندس ”واهه واهه“ واهه ڙي هو واهه ٻئي،
    ويا سنڌ کي موڙون ٻڌي، ملاح توڙي شاهه ٻئي.
    ٿي هڪ چيو منهنجو نه جت سان، سڱ سياڪو ڳالهه ڳَت (شاهه)،
    ۽ ٻي چيو: رت، ڀت ۾، مونسان نه ڀائيوار جت (ملاح)،
    هو پو به روئندي ويا، رڱي ڏس رت سان هيءَ راهه ٻئي،
    ويا سنڌ کي موڙون ٻڌي، ملاح توڙي شاهه ٻئي.

    ٿي هڪ چيو: ووڙيان وندر، ۽ ڏونگر کي ڏوريان (شاهه)،
    ۽ ٻي چيو: هي آڏ ترڇا آهڙا، سڀ ڀوريان (ملاح)،
    هو محب ويا ماڻي ڏسو، مقصد ۽ منزل گاهه ٻئي،
    ويا سنڌ کي موڙون ٻڌي، ملاح توڙي شاهه ٻئي.

    ٿي هڪ چيو ڀالا هڻو ۽ ڀاڪرين پئجي وڃو (شاهه)،
    ۽ ٻي چيو: ڪَچ ڪوڙ جون، قبرون قبا ڀوري ڀڃو (ملاح)،
    هو قهر واري ڪوٽ تي، ڪندا هئا ير ڪاهه ٻئي،
    ويا سنڌ کي موڙون ٻڌي، ملاح توڙي شاهه ٻئي.

    هو سنڌ تان صدقي ٿيڻ لئه، سر نه سانڍيندا هئا،
    هو جابرن سان جنگ لئه، اوچي ڳچيءَ ايندا هئا،
    گُڙندا هئا گَبرن مٿي، گوڙيون ڪري گجگاهه ٻئي،
    ويا سنڌ کي موڙون ٻڌي، ملاح توڙي شاهه ٻئي.

    ٿي هڪ چيو: هن سنڌ ۾، سانوڻ ۽ وسڪارا هجن (شاهه)،
    ۽ ٻي چيو: هن سنڌ جا، دشمن ته منهن ڪارا هجن (ملاح)،
    هو ويا قلم جي نوڪ سان، لوڀين جا پٽي لاهه ٻئي،
    ويا سنڌ کي موڙون ٻڌي، ملاح توڙي شاهه ٻئي.

    هيءَ سنڌڙي مشڪل ڄڻي، اهڙا وري ”سرويچ“ پٽ،
    جيڪي ته پائي ويا، هتي جي ڪَک پَنَ سان پيچ پٽ،
    هو هئا سخن جي سر زمين جا، شاهه شاهنشاهه ٻئي،
    ويا سنڌ کي موڙون ٻڌي، ملاح توڙي شاهه ٻئي.








    محبت سنديون ڪي ماٽيون

    محبت سنديون ڪي ماٽيون

    اچ اچ ته ويهي وِلوڙيون، محبت سنديون ڪي ماٽيون،
    ڪُلفت جا دوڳ درخت، ڪرٽن سان يار ڪاٽيون.

    سک ساڻ هُونِ ماڻهو، سنسار هن سڄي ۾،
    ايڏو ته پيار پوکيون، ڪاڇي ڪچي پڪي ۾،
    جنهن مان خرار کڻجن، ٽويا نڪي ڪي پاٽيون،
    اچ اچ ته ويهي وِلوڙيون، محبت سنديون ڪي ماٽيون.

    ڪينن ڪدورتن تي، آڻيون قيام ڪاري،
    فتنا فتور ميٽيون، جهيڙا رکون نه جاري،
    نفرت جا نوڙ ناڀون، ڄيرا ڏئي ڄراٽيون،
    اچ اچ ته ويهي وِلوڙيون، محبت سنديون ڪي ماٽيون.

    امن و امان عافيت، انسان ساڻ الفت،
    ڪچ ڪوڙ کي ڪٽڻ جي، قائم ڪريون ڪا قدرت،
    دنيا سڄيءَ سان ياريون، گَهريون رکون ۽ گهاٽيون،
    اچ اچ ته ويهي وِلوڙيون، محبت سنديون ڪي ماٽيون.

    دوکا فريب دُلبا، دنگا فساد ڌوڏي،
    لالچ لغورپڻ جي، لاهن کي لوڏي لوڏي،
    کوٽي بنياد تن جا، لُٽمار کي لڙهاٽيون،
    اچ اچ ته ويهي وِلوڙيون، محبت سنديون ڪي ماٽيون.

    نِج ٻِج برابري جو، پوکيون گهٽيءَ گهٽيءَ ۾،
    پهريون ئي لفظ پيار جو، پاڙهيون پَٽي پَٽي ۾،
    سيئي دليون ڌتاريون، جيڪي دکن دونهاٽيون،
    اچ اچ ته ويهي وِلوڙيون، محبت سنديون ڪي ماٽيون.

    گڏجي گُهمون ڦرون سڀ، گهيڙن گهٽين گهٽن ۾،
    جيڪا به رَٻ پاڻي، ورڇي پيون وٽن ۾،
    ڳايون ڳيا خوشي جا، پائي ڳچي ڳراٽيون،
    اچ اچ ته ويهي وِلوڙيون، محبت سنديون ڪي ماٽيون.

    هر دم هجن متل شل، ميڙا ۽ ميڙ پنهنجا،
    ٻهڪن ٻڌيءَ جي ٻل سان، گهرگهاٽ گهيڙ پنهنجا،
    جُو جُو کي جوت بخشيون، جُٽ جوڙ ساڻ جاٽيون،
    اچ اچ ته ويهي وِلوڙيون، محبت سنديون ڪي ماٽيون.

    حُبون هزار سانڍيون، هرپل ڀڄون حسد کان،
    ساڙ رکون ڇو ڪنهن جي، حق ۽ حدود حد کان،
    سينن ۾ صاف سڪ جا، ٻاريون ڏيا ڏياٽيون،
    اچ اچ ته ويهي ولوڙيون، محبت سنديون ڪي ماٽيون.

    ماڻهن سان ميٺ ميلپ، رکجي مثال واري،
    محبوب وانگي مٺڙو، هوئي مزور هاري،
    دليون ملن دلين سان، سوڌيون سنيون سواٽيون،
    اچ اچ ته ويهي ولوڙيون، محبت سنديون ڪي ماٽيون.

    ڀون ساڻ ٿي ڀيچ ڀيچي، ڀارن جيان گذاريون،
    پختن پڪن پيارن، يارن جيان گذاريون.
    دشمن امن جا جيڪي، تن کي چٿيون چيهاٽيون،
    اچ اچ ته ويهي وِلوڙيون، محبت سنديون ڪي ماٽيون.

    ويڇا سڀئي وساري، وهسون وسون وطن ۾،
    مُرڪون ملون هلون سڀ، هٿڙا ڏئي هٿن ۾،
    پيرُن پَڪن، پَڪن جون، ورڇيون پٽن ۾ پاٽيون،
    اچ اچ ته ويهي وِلوڙيون، محبت سنديون ڪي ماٽيون.

    ڌرتيءَ سڄي جي جسم تي، جيڪي به کَنڊ ٻُڌجن،
    تن تي کڙيل هميشه، چوڏهين جا چَنڊ ڏسجن،
    وَستيون اُهي وسايون، جيڪي ورهه وِهاٽيون،
    اچ اچ ته ويهي ولوڙيون، محبت سنديون ڪي ماٽيون.

    ”سرويچ“ سنڌ سوڌو، روشن جهان ڪريو،
    سُک ۽ سلامتي جا، پڌرا نشان ڪريو،
    ايندڙ صديون رکن جيئن، اوچيون هميشه ڳاٽيون،
    اچ اچ ته ويهي وِلوڙيون، محبت سنديون ڪي ماٽيون.


    گهمن پيا چور چوهڙ ۽ لاڏين ۾

    گهمن پيا چور چوهڙ ۽ لاڏين ۾

    چانڊيا صاحب! اڄ به گهمن پيا چور چوهڙ ۽ لاڏين ۾،
    لکن ماڻهن ڏٺا آهن، رنگ رنگيلين گاڏين ۾.

    اڄ ڀي ڍنڍن ڍورن تي آ، ڍنگي سَر جو ڍارو يار،
    اڄ ڀي پنهنجن پکين تي آ، گولين جو وسڪارو يار،
    اڄ ڀي مي مهاڻو ماڻهو، ويڳاڻو ويچارو يار،
    اڄ ڀي ٽيڏي ٽڪڻ وارا، ٽوٽ ڏسون ٿا ٽاڏين ۾،
    چانڊيا صاحب! اڄ به گهمن پيا چور چوهڙ ۽ لاڏين ۾.

    اڄ ڀي پنهنجن پکين سندا، باز ڀڳل ۽ پير ٻڌل،
    اڄ ڀي چُوڻي پاڻيءَ توڙي، چُونگارڻ تي ڪلف لڳل،
    اڄ ڀي ماري مارڻ لا، بندوق لڪائي منجهه بغل،
    اڄ ڀي ڇيرا ويچارن جي، کنڀن ۾ ۽ کاڏين ۾،
    چانڊيا صاحب! اڄ به گهمن پيا چور چوهڙ ۽ لاڏين ۾.

    اڄ ڀي تڙ ۽ مياڻي تي منهن ڪاري جو آ مارو يار،
    اڄ ڀي ماڻهن مسڪينن سان، ڪيس ٿئي پيو ڪارو يار،
    اڄ ڀي لڄ ۽ لوئي مٿي آ، لوفر جو لامارو يار،
    اڄ ڀي ڏهڪاءُ ڏاڍي جو آ، نانين توڙي ڏاڏين ۾،
    چانڊيا صاحب، اڄ به گهمن پيا چور چوهڙ ۽ لاڏين.

    اڄ ڀي نوڪر شاهي جا هت، ساڳيا آهن شيل شڪار،
    اڄ ڀي ٽاڻي ٽاڻي ڏسجن، ٽيڏي مٿي ساڻ ٽڪار،
    اڄ ڀي ديس ڌڻين کي آهي، ڏاڍي ڌارين سان ته ڌڪار،
    پر ڪي دشمن دشمن کي پيا، کير پيارين چاڏين ۾،
    چانڊيا صاحب! اڄ به گهمن پيا چور چوهڙ ۽ لاڏين ۾.

    پکيءَ مڇيءَ جي مالڪ تي ڏس، پادر جو هت سٽڪو آ،
    پوڙهي پارهيڙيءَ کي پيارا، چيلهه ۾ لڳل پٽڪو آ،
    کيڻاٺيءَ جي کنڀ ۾ قابو، مڙس نه جنهن جو مٽ ڪو آ،
    قابو آ سو ڪڙم سڄي سان، اڄ به پڇائن آڏين ۾،
    چانڊيا صاحب! اڄ به گهمن پيا چور چوهڙ ۽ لاڏين ۾.

    ”شاهه يقين“ ۽ ”يوسف چانڊيه“ گڏجي ڪو گهٽ گهيڙ ڪريو،
    جيڪو جيڪو جابر هوئي، تنهن سان ڪا جنگ جهيڙ ڪريو،
    مانگر مڇ کي مارڻ لاءِ، واهه واهه جهڙي ويڙهه ڪريو،
    سچا پو ”سرويچ“ ٿيون ۽ لاڏا بنجون لاڏين ۾،
    چانڊيا صاحب! اڄ به گهمن پيا چور چوهڙ ۽ لاڏين ۾.
    لکن ماڻهن ڏٺا آهن، رنگ رنگيلين گاڏين ۾.


    هاريءَ جي عظمت

    هاريءَ جي عظمت

    وڏائيءَ ۾ توسان، پُڄي ڪير هاري،
    زبر ڀي آ تنهنجي، اڳيان زير هاري.

    اُچي ذات تنهنجي، ميان امير کان ڀي،
    سُٺي بات تنهنجي، صبح هير کان ڀي،
    اڇي تنهنجي دلڙي، ادا، کير کان ڀي،
    نه ماسو ڪومن ۾، سندءِ مير هاري!
    وڏائيءَ ۾ توسان، پُڄي ڪير هاري!

    نوازين ٿو ڪڻڪن ڪپهه ڪيوڙن سان،
    وڌئي موهي مٺڙا! مٺن ميوڙن سان،
    وڏا وڙ ڪيا تو اچي بي وڙن سان،
    ٻيا پاءُ نه پر تون سوا سير هاري!
    وڏائيءَ ۾ توسان، پُڄي ڪير هاري!

    تون ساڻيهه جو سوڍو ۽ ”سرويچ“ آهين،
    ڪڻن مان ته ڪندو سدا ڪيچ آهين،
    ڪڏهن ڀي نه سوچج ته ڪو هيچ آهين،
    مگر علم سان تون هينئون هير هاري،
    وڏائيءَ ۾ توسان، پُڄي ڪير هاري!


    سزائون تو سنڌ لئه

    سزائون تو سنڌ لئه

    سزائون تو سنڌ لئه، سٺيون ڪيئن نه هونديون
    مٿي موڪ مارون، وٺيون ڪيئن نه هونديون.

    ڏسي عزم تنهنجو، لڏي لوهه ويو ٿي،
    ٿيو ڪوڙ ڪُڪُرا، ڪنبي ڪوهه ويو ٿي،
    ڀتيون ظلم جون پوءِ، ڊٿيون ڪيئن نه هونديون،
    سزائون تو سنڌ لئه، سٺيون ڪيئن نه هونديون.

    وڏو تون هئين ڪو، وڏيرن لئه ڪنڊو،
    حڪومت ۽ لوڀين، لٽيرن لئه ڪنڊو،
    ڪُهاڙيون هنيون تن، ڪٺيون ڪيئن هونديون،
    سزائون تو سنڌ لئه، سٺيون ڪيئن نه هونديون.

    مٽيءَ هن مٺيءَ لئي، ڪٽيئي قيد ڪيئي،
    هئا انگ عضوا، سنگهر ۾ سڀيئي،
    ڪرايون ڪڙين ۾، گٺيون ڪيئن نه هونديون،
    سزائون تو سنڌ لئه، سٺيون ڪيئن نه هونديون.

    ڪڏهن جيل ٿاڻا، ڪڏهن ڪورٽن ۾،
    بُرن بي وڙن جي، هٿان هن وطن ۾،
    لڱن تي جهليون تو، لٺيون ڪيئن نه هونديون،
    سزائون تو سنڌ لئه، سٺيون ڪيئن نه هونديون.

    هتي جيڪي فاضل ۽ ”سرويچ“ سچا،
    اهي ۽ انهن جا، سڀئي ٻار ٻچا،
    ڌڳيون تن جي بت تي، بٺيون ڪيئن نه هونديون،
    سزائون تو سنڌ لئه، سٺيون ڪيئن نه هونديون.







    اي منهنجي وطن جا ماڻهو جاڳو!

    اي منهنجي وطن جا ماڻهو جاڳو!

    او! ننڊ پيل، غفلت ۾ ٻُڏل، ويو سج لڙي ڪو سڏ ته ڏيو،
    هي وقت وڏي آواز اوهان کي، روز پُڪاري يار پيو،
    ڇا؟ ٻاٽ، انڌيرن ۾ به اوهان کي، ڪونه کپي ڪو لاٽ ڏيو،
    هٿ پير هڻو، ۽ ڪنڌ کڻو، ڪيڏو نه اجايو وقت ويو،
    ڪجهه اک پٽيو، اوڳا نه ٿيو، هو ماڻهن جا معيار ڏسو!
    اي! منهنجي وطن جا ماڻهو! جاڳو! قومن جا ڪردار ڏسو!

    ڪا سوچ ڪريو، ڪُجهه سمجهه رکو، دل صاف رکو، انصاف ڪريو،
    ڪجهه پاڻ ڏسو، پنهنجن کي ڏسو، ڪُجهه ديد ڪريو ۽ ڌيان ڌريو،
    اتحاد رکو ۽ عزم ڪريو، ڏُک جو به اچي، سو خوب ڏريو،
    هن حال مٿي، هي ڏيهه سڄو، ڪوٺي ٿو اسان کي صاف چريو،
    هي تيز ڇُريون، تن پنهنجي مٿي، هي تاءَ تکا تڪرار ڏسو،
    اي! منهنجي وطن جا ماڻهو! جاڳو! قومن جا ڪردار ڏسو!

    هي پنهنجا اُٿي پيا پاڻ وڙهو، لالچ تي مرو ۽ روز لڙو،
    ڇا سمجهه اوهان جيءَ کي ته ٿيو، صدبار پيا ناحق سڙو،
    ڇو پنهنجي بنائي پاڻ ڇڏي ٿو يار حياتي زهر ڪڙو،
    هي ماڳ هٿن سان ڪين ڪريو، بٽيءَ جو دڙو، موهن جو دڙو،
    ڇا واءُ وريو، ڇا وقت وهيو، ڪجهه وقت سندي رفتار ڏسو
    اي! منهنجي وطن جا ماڻهو! جاڳو! قومن جا ڪردار ڏسو!!

    هي پنهنجي اڳيان دُنيا ۾ ڏسو! ڇا، ڇا پيو وهي ۽ ڇا پيو ٿئي،
    هر قوم وکون اڳتي پئي کڻي، ۽ پنهنجي وطن تان ساهه ڏئي،
    هر قوم وطن جي ويرين جو، چم، ماس پٽي ۽ رت پيئي،
    سچن کي سڃاڻي ڪين سگهي، جا قوم، اُها ڇاڪاڻ جئي،
    غافل نه ٿيو، ڪجهه غور ڪريو، غُل نئون پيو ڪري غدار ڏسو!
    اي! منهنجي وطن جا ماڻهو! جاڳو! قومن جا ڪردار ڏسو!

    ها، هو به اَٿوَ انسان جنهي، جا چنڊ مٿي اقدام رسيا،
    ها هو به اَٿوَ انسان جنهي، سَوَ ڏاڍ ستم جا ديوَ دسيا،
    ها، هو به اَٿوَ انسان جنهي، اظلام زمان جا تاج کسيا،
    ها، هو به اُهي انسان وڃي، مقصد کي پُڳا، منزل کي رسيا،
    ها هو به اُهي انسان جنهي، مڪار ڪيا، مسمار ڏسو!
    اي! منهنجي وطن جا ماڻهو! جاڳو! قومن جا ڪردار ڏسو!

    ها، هو به اُهي انسان جنهي جي هاڪ سڄيءَ دُنيا تي هلي،
    هر پار جنهي جو آهه حڪم، چوڌار سندن چرچو ٿو چلي،
    ڪوهسار سندن قبضي ۾ ٿيا، طوفان سندن نا، جهڙپ جهلي،
    بيدار تنهي جا ڀاڳ سدا، سڀ ٻار سندن بيباڪ بلي،
    خوددار اُهي، خوشحال سدا، برڪت جا وٽن ڀنڊار ڏسو!
    اي! منهنجي وطن جا ماڻهو! جاڳو، قومن جا ڪردار ڏسو!

    آباد اُهائي قوم رهي، بي غرض هُجن اڳوان جتي،
    آزاد اُهيئي مُلڪ رهن، با فرض هُجن انسان جتي،
    شاداب اُهيئي شهر ٿين، ”رُشوت نه هُجي ايمان“ جتي،
    گُلزار اُهيئي ڳوٺ ٿين انصاف سندا ارڪان جتي
    دنيا جي حَسين مُلڪن جا اوهين، سلطان ڏسو سالار ڏسو!
    اي! منهنجي وطن جا ماڻهو! جاڳو، قومن جا ڪردار ڏسو!

    هي وقت سمهڻ جو ڪين اَٿَوَ، هي وقت وڙهڻ جو ناهه ميان،
    هن وقت ٿيو سڀ ڀاءُ سَڳا، هلجي ته ڪنهن هڪڙي جي پٺيان،
    جو مرد هجي مهمير سدا، عظمت جا هجن جنهن منجهه نشان،
    جو ڏيهه سڄي ۾ ڏاهو هُجي، اُن کي ئي ڪريو اڳواڻ اوهان،
    سي مرد مجاهد آڻيو، جن ۾ انساني آثار ڏسو!
    اي! منهنجي وطن جا ماڻهو، جاڳو قومن جا ڪردار ڏسو!

    جنهن ڪار منهيَن، بي ننگ بڻي، هي ملڪ مٺو، نيلام ڪيو،
    جنهن سوداگر هن قوم سڄيءَ کي، ڪوڏين تي قتلام ڪيو،
    جنهن ڏيهه سڄي ۾ ڏوٿين کي، بدحال ڪيو بدنام ڪيو،
    جنهن نحس نماڻن ماڻهن کي، ناچار ڪيو، ناڪام ڪيو،
    اڄ سو ته وري سُرَ ساڻ وڏا، نعرا پيو هڻي نروار ڏسو،
    اي! منهنجي وطن جا ماڻهو! جاڳو! قومن جا ڪردار ڏسو!

    ”سرويچ“ ٿيو، سُڌ سمجهه رکو، سر قوم مٿان قربان ڪريو،
    هن ديس مٺي دلدار سَندو، دُنيا ۾ مٿاهون مان ڪريو،
    هي جهنگ جبل، بر ڳوٺ ڳليون، بُستان ڪريو، بُستان ڪريو،
    باهوش ٿيو، بي خوف ٿيو، حرفت سان جهان حيران ڪريو،
    هر فرد کڻي، بس تيز وکون، نا سيڄ ڏسو، نا، دار ڏسو!
    اي! منهنجي وطن جا ماڻهو! جاڳو! قومن جا ڪردار ڏسو!





    عظمت سنڌ

    عظمت سنڌ
    اڄ به ”موئن جو دڙو“ تُنهنجي قدامت جو نشان،
    تنهنجي ماضيءَ جو سڄو آ، جنهن ۾ پوريل داستان،
    سون، چاندي ٻيا به ڌاتو، اُت چَوَن اڪثر عيان،
    شهر شيشي جي مثل جايون جتي جنت جيان،
    تُنهنجا ڇيڙا ٿي لنگهيا، عربي سمنڊ ڪشمور کان،
    دنگ ”راجستان“ ۽ دنگ هُيو ”ايران“ سان،
    پوءِ جيئن ٿي دور آيا، تيئن گهٽين گُلزار سنڌ
    انقلابن جو به توتي آهي وارو وار سنڌ!!

    تنهنجو ”ڪاهوءَ“ جو دڙو، ڪنهن وقت جلوهه گاهه هو،
    تو ۾ ”جيئندراٿ“ جو پُڻ، شان شوڪت جاهه هو،
    ٻيا به هت حُڪام هِندو، تن جو تو ۾ ساهه هو،
    تو ۾ هر هڪ قوم جو، چوڌار چرچو چاهه هو،
    تو ۾ منهنجي ”سنڌڙي“ بس هر گدا ڄڻ شاهه هو،
    ڪونه تنهنجو ڪنهن مٿي، هرگز نظر ڪوتاهه هو،
    تو سڀن جي ٿي لڌي، نت سور سُک ۾ سار سنڌ!
    تو ۾ ڪن جي هار ٿي، ۽ ڪن وڌا ٿي هار سنڌ!

    سنڌڙي، تولئه سڪندر جي سڪي ٿي دل مُدام،
    جنهن ڪيو ”يونان“ مان تنهنجو اچي ڏوري سلام،
    سڀ ”مهاراجا“ مڃائي، جنهن ڪيا تابع تمام،
    ۽ ڪيائين قرب مان ڪجهه وقت لئه تو ۾ قيام،
    هو ”سڪندر“ جي زماني ۾ سندءِ سهڻو نظام،
    شان تنهنجو هو سلامت، خوش رهيو ٿي خاص عام،
    تو ”سڪندر“ جي ڪئي خوش ٿي کلي کيڪار سنڌ!
    سيوهڻ الّور جا تو ۾ قلعا نروار سنڌ!
    ”عيسوي پنجين صديءَ ۾ هو ”گهراڻن“ جو وقار،
    خاندان هن جا ٿيا ڪُل، ”پنج راجا“ نامدار،
    ”سال ستٽيهه سؤ مٿي“ ثابت رهيا با اختيار،
    هن گهراڻي بعد ٿيا، تو ۾ ”برهمڻ“ باوقار،
    ”چچ ۽ چندار“ جو چرچو هليو ٿي چئن پار،
    تو ۾ ”ڏاهر“ ڀيڻ پنهنجيءَ جو به ويو بنجي ڀتار،
    ”سؤ منجهان گهٽ سال ويهن“ تي رسي دربار سنڌ،
    ويا هٿن خالي هتان، هٿ ۾ نه تن هٿيار سنڌ.

    ٿيو برهمڻ کان وري پو، تو ۾، ”عربن“ جو وقار،
    دور اسلامي رسيو، قرآن جي پيئي پچار،
    پُڻ ويو وڌندو ڏهاڙي، تو ۾ ”مسلم“ جو شمار،
    قائدا قانون قرآني ٿيا، آيو قرار،
    ”محسن اسلام آيو“ سچ کڻي هٿ ۾ ترار،
    ”ٽي سؤ ٻارهن سال“ تو ۾ تِن سندو هو اقتدار.
    ٿي ويو امن و امان، تو ۾ سدا هر پار سنڌ!
    ”ابنِ قاسم“ ٿي منجهئي آيو سپهه سالار سنڌ!

    تنهنجا عربن کان وري پو، ”غزنوي“ حاڪم ٿيا،
    غزنوي سُلطان جي پڻ ٿي هلي هر هنڌ ڏيا،
    جلد تن جا پُڻ کڄي، تنهنجي مٿان هٿڙا ويا،
    بعد ۾ تو ۾ ”سومرا“ سورهيه سچا سردار ٿيا.
    شهر ساموئيءُ ۾ گادي ۽ حڪومت جابجا،
    ”شينهن دودو ۽ چنيسر“ پڳ مٿان اٽڪي پيا،
    تو سڀن جا پئي ڏٺا، اخلاق ۽ اطوار سنڌ،
    تو مٿان ”ٽي سؤ ورهيه“ ٿيا سومرا سردار سنڌ!

    سومرن کان پوءِ ”سمن“ جي پڻ صدارت تو ڏٺي،
    مرتبو ۽ مان اعليٰ، شان شهرت تو ڏٺي،
    ڄام نندي جي نظامت ۽ نيابت تو ڏٺي،
    ۽ ”تماچيءَ“ جي مُهاڻن سان محبت تو ڏٺي،
    واهه ”دريا خان“ جي ظاهر ديانت تو ڏٺي،
    ”پنجهتر هڪ سؤ ورهيه“ تن جي حڪومت تو ڏٺي،
    تون سدا آهين سدوري، صاحب اطوار سنڌ!
    تنهنجي ماضيءَ جي ڪريان، ڪهڙي ڀلا اُپٽار سنڌ!

    ٿيو ”سمن“ کان بعد ”شاهه ارغون“ تو ۾ سنڌڙي،
    پارسي، عربيءَ جو ٿيو، قانون تو ۾ سنڌڙي،
    ”شاهه حسين“ هردم لکيا، مضمون تو ۾ سنڌڙي،
    عام هو ”ارغون“ جو مرهون تو ۾ سنڌڙي،
    قوم ساري ٿي رهي ممنون تو ۾ سنڌڙي،
    ڪونه هو جهيڙو جهٽو ڪو خون تو ۾ سنڌڙي
    سال ”ٻاويهه“ هُئي منجهئه ارغون جي دربار سنڌ!
    موڪلائي تو منجهان ويا، مرد مڻيادار سنڌ!

    بعد ”ارغونن“ جي مالڪ تخت جو ”تُرخان“ ٿيو،
    سو ”ٺٽي“ جي تخت تي گوهر گل خندان ٿيو،
    ”بکري محمود“ بکر جو سچو سلطان ٿيو،
    تو مٿي ”تُرخان“ جو هر خان هو ذيشان ٿيو،
    پر اميرن مان وري درٻار جو نقصان ٿيو،
    تو، مٿي تنهن جي ڪري ”مغلن“ سندو فرمان ٿيو،
    ”سال سؤ ۽ اڌ صدي“ تو ۾ مغل مختيار سنڌ!
    تنهنجو ماضي شان شوڪت سان سدا سرشار سنڌ!


    تو ۾ ”مغلن“ کان وري پو، ٿيا ”ڪلهوڙا“ ڪامياب،
    جي ٿيا ”شاهان مغليه“ جي نظامت جا نواب،
    زور مغلن جو ٽُٽو، حاڪم ڪلهوڙا ٿيا شتاب،
    نامور نور محمد واهه جو ٿيو گُل گلاب،
    هو ”غلام شاهه غازي“ مهر وارو ماهتاب،
    واهه جو ”بهرام خان“ ۽ واهه گدو مل گلاب،
    ”سال چاليهه پنج مٿي“ خوش ٿي رهيا خوددار سنڌ!
    ”ڪوٽ نيرن“ ”حيدرآباد“ ٿيو نروار سنڌ!

    سنڌڙي! تو ۾ ”ڪلهوڙن“ بعد آيا ”ٽالپر“،
    ”جنگ مياڻيءَ“ جي کٽي ويا مير صاحب مقبر،
    واهه جو ”سهراب خان“ هو، خانصاحب خيرپور،
    واهه جو ”فتح علي خان“ هاڪ وارو هوشور،
    ”مير ٺاري خان“، جي گاديءَ جو هنڌ منجهه ميرپُر،
    تو ۾ ٽيهٺ سال پورا، ٽالپر مختيار سنڌ!
    پاڻ ۾ اٽڪيا تڏهن ٿيا، لاڏلا لاچار سنڌ!

    تو ۾ ميرن بعد ئي ”انگريز“ آيا سنڌڙي،
    ”نيپئر“ ”جيڪب ۽ جيمس“ دم دمايا سنڌڙي،
    تو مٿي سڀني ٿي پنهنجا حق ڄمايا سنڌڙي،
    تو سندا اڻ کُٽ خزانا تن کپايا سنڌڙي،
    تنهنجا مالڪ ٿيا گهڻا، پنهنجا پرايا سنڌڙي،
    تو سڀن سان حال سارو هٿ ڀرايا سنڌڙي،
    ”سال سئو ۽ چار“ ”گورن“ جي رهي سرڪار سنڌ!
    اُن پُڄاڻان تو مٿي پنهنجا به ٿيا حقدار سنڌ!!

    سنڌڙي تنهنجو نه ڪو مٽ تون ته آهين بينظير،
    پر بنايو هن وزيرن ٿي ڪڻئي پينو فقير،
    ياد آ هم تو مٿان ڪنهن وقت هُئا، ”ٻارهن“ وزير،
    تن وزيرن جا وري، دفتر ۾ ٻيڻا هُئا ”دبير“
    عيش خاطر تن ڇڏيو، پنهنجو صفا وڪڻي ضمير،
    هُن تڪيو هُن کي بنايو، هُن وري هُن کي اسير،
    هيءَ وزيرن جي هُئي تنهنجي مٿان ڀرمار سنڌ،
    پاڻ ۾ جهيڙا جهٽا ۽ پاڻ ۾ ڦرمار سنڌ!

    نيٺ ”چوڏهين آڪٽوبر پنجونجاهه“ ۾ سنڌڙي،
    تنهنجي ئي پنهنجن ڇڏي، تنهنجي وڍي هٿ سان نڙي،
    آهه! ڪُرسيءَ جي ڪري تون ٿي پئين جيجل ڪڙي،
    حيف تن کي هوءِ جن توکي وڪيو ٿي جيجڙي،
    سور هن کان سنڌين جو ويو جگر سارو سڙي،
    آهه مشڪل موت کان وڌ، تو سوا گهارڻ گهڙي،
    ڪير آهي؟ جو ڪري توکي اسان کان ڌار سنڌ!
    ڪير آهي جو ڪري ٿو بند اڄ گفتار سنڌ!

    تون اسان جي ۽ اسين تنهنجا سدائين سنڌڙي،
    تون اسان سنڌين سندو ڄڻ ساهه آهين سنڌڙي،
    جاڳيا آهيون متان تون هانءُ لاهين سنڌڙي،
    مشڪلون لاهي ڇڏينداسون مٿانئين سنڌڙي،
    تنهنجو ثابت شان رکندو، منهنجو سائين سنڌڙي،
    ڇو پئي هاڻي اجايو نير واهين سنڌڙي،
    دم گهڙي آهي ڏکي تون دل نه هرگز هار سنڌ!
    ٿي ويا ”سرويچ“ آهن. نوجوان بيدار سنڌ!


    نعره حُر

    نعره حُر

    اسين سنڌ وطن جو ته اُچو شان ڪنداسين،
    هر انچ اُنهي جي تان، فدا جان ڪنداسين،
    مِڙ مال مڏيون مُلڪ تان، قربان ڪنداسين،
    دُشمن به سڀئي تنهنجا، ٻڌي ٻان ڪنداسين،
    اسين ”حُر“ هميشه کان حُريت جا سلامي!
    دشمن ٿو ڏڪي نانءَ اسان کان مُدامي!

    اسين پنهنجي وطن جا ته، وفادار سپاهي،
    اُن ڏي جو تڪي تِنهنجي، ڪريون ترت تباهي،
    ڪڙڪي ٿا پئون، تنهن تي، مثل قهر الاهي،
    تاراج ڪري تنهنجا، ڇڏيون تاج ۽ شاهي،
    دُنيا تان ڇڏيون تِنهنجو، نشان نانءَ مِٽائي!
    کن پل ۾ ڇڏيون تِنهنجا، قصر ڪوٽ ڦِٽائي!

    اسين جُنگ فَن جنگ کي، ڄاڻون ٿا سراسر،
    مارڻ ۽ مرڻ کي ٿا، چئون ڳالهه برابر،
    آ ذات اسان جي ته، دُنيا ۾ نشانبر،
    سڏجون ٿا سڄي ڏيهه ۾ ”دودا ۽ دلاور“،
    اڳيان به اسانجي ڙي اچي ڪو ته خبر پئي!
    ۽ ضرب اسان جيءَ کان، بچي ڪوته خبر پئي!

    دشمن جي سِري ڌڙ کان، ڪٽي ڌار ڪريون ٿا،
    ۽ ڌڙ کي وري تِنهنجي، ٽُڪر چار ڪريون ٿا،
    برباد تنهن مَڪار جو، گهر ٻار ڪريون ٿا،
    نادان اُنهيءَ کي ته نگهوسار ڪريون ٿا،
    جو سنڌ امڙ ڏي ٿو، نظر بد سان نهاري!
    تنهن کي ته هڻون ڪانءَ، سرِ راهه بهاري!

    دشمن جو اسانکان ته ڏڪي خوب بدن ٿو،
    رُڪجي به وڃي تنهنجو ئي منجهه رت رڳن ٿو،
    هڪدم ۾ لڳي تنهنجو، وڃي ماس هڏن ٿو،
    نئڙت سان گُهري سو ته اسان به امن ٿو،
    جو، آڻ مڃي تنهنجي ڏيون جاءِ جگر ۾،
    ڪوٺي ٿا وهاريونس، سدا پنهنجي وڳر ۾،


    مردود اسان کان ڪو، بچي ڪين سگهي ٿو،
    بُزدل ڪو اسان کان ته،. ڀڄي ڪين سگهي ٿو،
    لُچ لُنب اَسانکان ڪو، لِڪي ڪين سگهي ٿو،
    هڪ پير پهلوان ڪو، هٽي ڪين سگهي ٿو،
    ميٽي ٿا ڇڏيون غير جا ناپاڪ ارادا،
    هُو ڀل ته ڪري ڪيڏا، غضبناڪ ارادا.

    اخلاق، ادب، قرب ڌراوت آ، اسانجي،
    مشهور هنڌين ماڳ، شجاعت آ، اسانجي،
    صدين کان پُڇو سچ ته، امامت آ، اسانجي
    دُشمن تي ڪرڻ رحم روايت آ، اسانجي،
    هيڻن سان حمايت ۾، هميشه کان نشانبر!
    ظالم سان بغاوت ۾، هميشه کان نشانبر!

    ”سرويچ“ اسين سِنڌ سونهاريءَ جا ثناگر،
    ٿيون سنڌ امڙ تان ٿا، دل و جان سان نڇاور،
    سڀ پاڻ ۾ ئي آهيون، سنڌي ڀاءُ برادر،
    اوکي ۾ آهيون هڪ ٻئي جا يار برابر،
    ”هن ديس جي“ دُشمن جو، ڇڏيون ساهه سُڪائي
    کَن پل ۾ وجهون تنهنجيون، اسين واهون چُڪائي!


    جاني وطن

    جاني وطن

    جيءَ چئي توکي ڏيان، آءُ جان ۾ جايون وطن،
    تنهنجي عظمت جي اڳيان ٿا ڪنڌڙو نايون وطن،
    ڇو نه توسان پيچ پُختا پرت جا پايون وطن،
    تنهنجا ڳُڻ ڳالهيون ٿا ڳيچ ڳچ ڳايون وطن،
    تنهنجي پيدائش مان پُڻ، پوشاڪ پٽ پايون وطن،
    تنهنجي اَن وَ ڌن، مان ٿا کائون کارايون وطن،
    آهه عام و خاص تي ٿي تنهنجي احساني وطن!!
    جان ۾ جانڪي رکان توکي سدا جاني وطن!!

    تنهنجي احسانن سندو، اذڪار هردم ٿو ڪيان،
    تنهنجي سوڀيا سونهن جي سچ ساک سارو ڏينهن ڏيان،
    پيو ثنا تنهنجي ڪندس، جا سين ٿو جانب مان جيان،
    تنهنجي سيرت تان سونهارا، سؤ لڱا صدقي ٿيان،
    جا بجا جنسار تو ۾، آهين تون جنت جيان
    ٿي اچي هٻڪار عنبر هر گهٽي هرگس منجهان
    واٽ ور تان ٿو اچي، وهه واس ريحاني وطن!!
    جان ۾ جانڪي رکان توکي سدا جاني وطن!!

    آب تنهنجو آهه سچ پچ، آب ڪوثر کان وڌيڪ،
    تنهنجا واريءَ جا ڪڻا ٿيا، مُشڪ و عنبر کان وڌيڪ،
    تنهنجي هر هڪ سِرَ مٽيءَ جي سنگ مرمر کان وڌيڪ،
    تنهنجا پٿر پهڻ پيارا لعل و گوهر کان وڌيڪ!
    تنهنجا ڪوڏا ۽ مڻيا الماس احمر کان وڌيڪ،
    تنهنجا ڪانڊيرا ۽ ڪنڊا مون لئه ٽانگر کان وڌيڪ
    تنهنجو ”ڪوڏيون ۽ ٽِڪون“ لعلون بدخشاني وطن!
    جان ۾ جانڪي رکان، توکي سدا جاني!

    تنهنجي ڌرتي پاڪ پياري ۽ وڻي پاڻي پلر،
    تنهنجي هارين جي ٿي وئي هر ڪار لابارو هلر،
    تنهنجون ”چوڙيليون وڻن جي ٿيون، ڪُڏن ڪوڏي چلهرُ،
    تنهنجو اکين ۾ وجهان سُرمون ڪري ڪارو ڪلر،
    تنهنجي هر هڪ چيز چوکي، ڀل هُجن ڇوڏا ڇلر،
    تنهنجا مون کي ٿا وڻن ٿا، ڌڻ مال جا وڳڙا ولر،
    ۽ وڻن ٿا دلگهريا، دلدار دهقاني وطن!
    جان ۾ جانڪي رکان، توکي سدا جاني وطن!

    تنهنجون البيليون ۽ ساديون، سانگياڻيون دل صفا،
    باوفا تو ساڻ آهن، ڀاتين سان باوفا،
    بُرد باريءَ ۾ نه تن سان، ڪو ڪري سگهندو جٽا،
    ڏينهن جو ڪن هاج گَهر جي، جان کي ڏيئي جفا،
    رات جو ”اَٺ نَوَ ڄڻيون“ سُر سان چَون سهرا مِٺا،
    ۽ محبت ميٺ جي تن وٽ نه ماڳهين کوٽ ڪا،
    ڪن ڪُماريون قرب واريون، تو ۾ قرباني وطن!!
    جان ۾ جانڪي رکان، توکي سدا جاني وطن!!
    اي وطن! تنهنجا سڀئي نرمل نظارا واهه واهه،
    سبز پوشاڪن سان ساوا، ساوا ٻارا واهه واهه،
    وَرَ وَڪڙ واهڻ ڪَسيون ڪوڀون ڪنارا واهه واهه،
    بحر، بر، باغات بستيون، شهر سارا واهه واهه،
    تڙ، ترايون، ڍوريون، ڍورا ۽ چارا واهه واهه،
    پوک لڳ پوکون پڪيون، پسجن پسارا واهه واهه.
    هر فصل جي آهه تو ۾، ٿي فراواني وطن!
    جان ۾ جانڪي رکان، توکي سدا جاني وطن!

    تنهنجي ڌرتي پاڪ جي مان، ٻاريءَ ٻاريءَ تان نثار،
    تنهنجي مان مزدور مُفلس، هاريءَ هاريءَ تان نثار،
    تنهنجي هر هڪ نيڪ بيبي، ناريءَ ناريءَ تان نثار،
    ديس وارن جي ته آئون، دستڪاريءَ تان نثار،
    اي سونهاري سنڌ! تنهنجي سونهن ساريءَ تان نثار
    ابتدا کان تنهنجي آهيان، آب و واريءَ تان نثار،
    تنهن ڪري تنهنجي ڪريان، هردم ثنا خواني وطن،
    جان ۾ جانڪي رکان، توکي سدا جاني وطن!

    رب جي رحمت مٿئه، برساتيون تو ۾ وَسَن،
    تڙ تراين تار ۾ تارُو به ري تُرهن ترن،
    مست موسم مينهن ۾، مهراڻ تنهنجو موجزن،
    پي پلر پهريون وليون، پوشاڪ پهري سر پٽن،
    ويس سائو ٿيو وڻن، وانگي وڻن، وانڍيون وڻن،
    هر ڳلي موتين ڳُتي، هر ڳوٺ مُلهه موتي مڻن،
    ٿي ثنا ”سرويچ“ آهي فرض انساني وطن!
    جان ۾ جانڪي رکان توکي سدا جاني وطن!


    ٺاٺ ٻيو ڪو ٺاهبو

    ٺاٺ ٻيو ڪو ٺاهبو

    قوم جا ڪونڌر جن به ڪٺا تن ڪاساين تي ڪاهبو،
    پاپ ڪيو جن پاڻ مٿي تن پاپين کي هت پاهبو،
    لچن لورن لوڀين جو هت ليکو ٺاهي لاهبو،
    ڳاهيو آ جن ڳوٺاڻن کي ڳاهي تن کي ڳاهبو،
    هي ظلم جو ڍانچو ڊاهبو
    هت ٺاٺ ٻيو ڪو ٺاهبو.

    مظلومن ۽ مجبورن کي مان ڏبو ۽ مرڪائبو،
    ملُڪ مٺي جا ماري ماري ٿڃ جو ٿورو لاهبو،
    ڪوڙ جو ڪرنگهو ڪُڪُرا ٿيندو سچ جڏهن سامائبو،
    آزاديءَ شهزاديءَ سان هر پورهيت کي پرڻائبو،
    هي ظلم جو ڍانچو ڊاهبو
    هت ٺاٺ ٻيو ڪو ٺاهبو.

    اَجرڪ واري جهنڊي کي، هت فاتح ٿي ڦڙڪائبو،
    پنهنجو حق وٺڻ جي لا، هر ڀاڳئي کي ڀڙڪائبو،
    ڪوس ڪلاشن ڪوفن سان هر قاتل تي ڪڙڪائبو،
    ڦاسيون ڏيئي ڦورن جي هت لاشن کي لڙڪائبو،
    هي ظلم جو ڍانچو ڊاهبو
    هت ٺاٺ ٻيو ڪو ٺاهبو.

    هارين ۽ مزدورن جو هت ميڙو خوب مچائبو،
    واگهه وڏيرن ويرن کي، هت جوڙن منجهه وهائبو،
    مِل جي مالڪ موذيءَ کي هت ننگو ناچ نچائبو،
    رشوت کيندڙ ڪاموري کي گهاڻن ۾ پيڙهائبو،
    هي ظلم جو ڍانچو ڊاهبو
    هت ٺاٺ ٻيو ڪو ٺاهبو.
    ديس جي دلن دلالن کي ڌوڙين منجهه دسائبو،
    ماس انهن مردارن جو هت ڪتن کي کارائبو،
    ويريءَ ويريءَ کي هت ونگي چوراهن تي چيرائبو،
    ڪوس ٿئي جت ڪڙمين جو تن ٿاڻن کي ٿڙڪائبو،
    هي ظلم جو ڍانچو ڊاهبو
    هت ٺاٺ ٻيو ڪو ٺاهبو.

    حُر حسيني بنجي هرهر شمرن کي شرمائبو،
    شعلا شعلا شعر لکي اڄ گهر گهر کي گرمائبو،
    آزادي جا چنگ وڄائي، تن تن کي تڙپائبو،
    سنڌ تڏهن ئي جيئندي جڏهن سر جو سانگو لاهبو،
    هي ظلم جو ڍانچو ڊاهبو
    هت ٺاٺ ٻيو ڪو ٺاهبو.

    مڙسن مڻيادارن جو هت ميڙو خوب ملهائبو،
    شاهه بلاول دودي وانگر دشمن کي ته دٻائبو،
    ڀٽو يا ڪه پليجو بڻجي قيد ڪڙن کي ڪنبائبو،
    جنهن جو ڪوبه نظير نه آهي تنهن سان نينهن نڀائبو،
    هي ظلم جو ڍانچو ڊاهبو
    هت ٺاٺ ٻيو ڪو ٺاهبو.

    جي ايم، فاضل، ساقي بڻجي، ٽڪر سان سر ٽڪرائبو،
    ڏيهه ڏهيسر مڙسن جي جو، ڌاڪو خوب دمائبو،
    يونيورسٽي ۽ ايل. ايم. سي. جي جوانن کي جاڳائبو،
    ”سرويچ“ سجاول واري جو، هر شعر سدا پيو ڳائبو،
    هي ظلم جو ڍانچو ڊاهبو
    هت ٺاٺ ٻيو ڪو ٺاهبو.


    او ڀٽائي بادشاهه

    او ڀٽائي بادشاهه

    تنهنجي ورسيءَ تي اچي، پڙهجي ته پڙهجي ڇا ڀلا،
    توتي شاعر قوم جا، لکجي ته لکجي ڇا ڀلا،
    توسان سورن جو سبق، سَلجي ته سَلجي ڇا ڀلا،
    توکي دل جو حال هي چئجي ته چئجي ڇا ڀلا،
    جو چوڻ چاهيون ٿا، تنهن جي ناهه موسم مند يار،
    باقي ساريءَ سنڌ تي ٿيا، سهنج سانوڻ ۽ سڪار.

    دل چوي ٿي مورڙي جي ماڳ تي جايون هُجن،
    مڇ کي مارڻ جي لئي، سعيا ۽ سانباهيون هُجن،
    گهيڙ ۾ گهاتن سنديون، گهاين مٿان گهايون هُجن،
    بحر جي بندر مٿي، پنهنجون ئي بادشاهيون هجن،
    جيئن هُجڻ چاهيون ٿا، تنهن جي ناهه موسم منديار،
    باقي ساريءَ سنڌ تي ٿيا، سهنج سانوڻ ۽ سڪار.

    دل چوي ٿي ڪَر سسئي جي سگهه جون ڳالهيون ڪريان،
    پاڻ پهڻن سان وڙهان ۽ ڏاڍ جا ڏونگر ڏريان،
    هوت کي حاصل ڪرڻ لئه، هي ڇپر سارو ڇڙيان،
    ڏاڻ ڏاگهن کي ڏيان، ڏيرن کي قيدن ۾ ڪڙيان،
    جيئن ڪرڻ چاهيون ٿا، تنهن جي ناهه موسم منديار،
    باقي ساريءَ سنڌ تي ٿيا، سهنج سانوڻ ۽ سڪار.
    دل چوي ٿي عُمر جي آزار جون ڳالهيون ڪريان،
    پنهنجي مارن تي مصيبت مار جون ڳالهيون ڪريان،
    ڏوٿين تي ڏاڍ جي ڏهڪارجون ڳالهيون ڪريان،
    ۽ وڌي ڪنهن ويڙهه جي ويچار جون ڳالهيون ڪريان،
    جيئن وڌڻ چاهيون، تنهن جي ناهه موسم منديار،
    باقي ساريءَ سنڌ تي ٿيا، سهنج سانوڻ ۽ سڪار.

    دل چوي ٿي ماروين تان مشڪلاتون لاهجن،
    قهر واري ڪوٽ جا سڀ، محل ماڙيون ڊاهجن،
    چور چوڪيدار چونڊي، ڳاهه وانگر ڳاهجن،
    عدل ۽ انصاف وارا، ڪي ٺڪاڻا ٺاهجن،
    جيئن ٺهڻ چاهيون ٿا، تنهن جي ناهه موسم منديار،
    باقي ساريءَ سنڌ تي ٿيا، سهنج سانوڻ ۽ سڪار.

    دل چوي ٿي ديس جا سڀ هاري ناري خوش ڏسان،
    ڪوڏرين ڪهاڙين سان سڀ ڪُڙمي ۽ ڪاري خوش ڏسان،
    دل گهرئي هن ديس جي هر ناري ناري خوش ڏسان،
    سر سبز سائي سدا هيءَ سنڌ ساري خوش ڏسان،
    جيئن ڏسڻ چاهيون ٿا، تنهن جي ناهه موسم منديار،
    باقي ساريءَ سنڌ تي ٿيا، سهنج سانوڻ ۽ سڪار.

    دل چوي ٿي ديس جي دشمن جي ٻيڙي ٻوڙجي.
    واڳ پنهنجي ماڳ جي، منزل سڌيءَ ڏانهن موڙجي.
    جو ٽڪر ٽَڪرون هڻي، بس ان ٽڪر کي ٽوڙجي.
    جان جيءَ کي ڏيئي جفا، جيئڙو وطن سان جوڙجي.
    جيئن جُڙڻ چاهيون ٿا، تنهن جي ناهه موسم منديار.
    باقي ساريءَ سنڌ تي ٿيا، سهنج سانوڻ ۽ سڪار.
    دل چوي ٿي رهزنن جي رت کي پيئڻ کپي،
    ساهه سر ۽ ست سارو سنڌ کي ڏيئڻ کپي،
    ويرين سان ويڙهه جو وعدو وچن ٿيئڻ کپي،
    سندرو ثابت ٻڌي ۽ مُڙس ٿي بيهڻ کپي،
    جيئن بيهڻ چاهيون ٿا، تنهن جي ناهه مند يار،
    باقي ساريءَ سنڌ تي ٿيا، سهنج سانوڻ ۽ سڪار.

    دل چوي ٿي ديس ۾ آباد ماروئڙا هجن،
    اهنج ۽ ايذاءُ کان آزاد ماروئڙا هجن،
    شال شوڪت شان سان سڀ شاد ماروئڙا هجن،
    ڪُل فرعوني فان ڪن، فولاد، ماروئڙا هجن،
    جيئن هجڻ چاهيون ٿا، تنهن جي ناهه موسم منديار،
    باقي ساريءَ سنڌ تي ٿيا، سهنج سانوڻ ۽ سڪار.

    ملڪ جن جو آهي، تن کي ناهي ڪا ماني نصيب،
    ٿي پنوهارن کي رڳو آهي پريشاني نصيب،
    بک بيماريون مٿن هر حال حيراني نصيب،
    اي به ڪو آهي ڀلا، اڄ ڪالهه انساني نصيب،
    خوش رهڻ چاهيون ٿا، تنهن جي ناهه موسم منديار،
    باقي ساريءَ سنڌ تي ٿيا، سهنج سانوڻ ۽ سڪار.

    پنهنجي عزت آبرو ۽ خير عافيت ٿا گهرون،
    پنهنجون ٻنيون ۽ ونيون سالم سلامت ٿا گهرون،
    پنهنجي ٻوليءَ منجهه ٻولڻ تا قيامت ٿا گهرون،
    سنڌ جا ”سرويچ“ آهيون سنڌ ثابت ٿا گهرون،
    حق وٺڻ چاهيون ٿا، تنهن جي ناهه موسم منديار،
    باقي ساريءَ سنڌ تي ٿيا، سهنج سانوڻ ۽ سڪار.


    او ڌرتي او سنڌ

    او ڌرتي او سنڌ

    توکي چاهيندا ۽ توکي ساراهيندا اينداسين،
    توکي ڳائيندا ۽ توسان ڳالهائيندا اينداسين،
    توکي پوڄيندا ۽ توکي پرچائيندا اينداسين،
    تنهنجو وصفون ور ور ڏيئو ورجائيندا اينداسين.
    تو ۾ ڇڏبا گل گلابي، ڇٽي ڇاڻي ڇڙڪي سنڌ،
    تون ته اسانجي امڙ آهين، دل ٿي تولئه ڌڙڪي سنڌ.

    توسان مڙهيل من ائين جيئن ماهينڊن ۾ ڳنڍيون ڳوپ،
    توسان جڪڙيل جيءَ ايئن جيئن جڪڙجن ڪي جوڌا جوپ،
    توسان عشق ازل کان آهي، نينهن به توسان نوپان نوپ،
    تنهنجي چاهت جا پيا ڦٽي، چت اندر ۾ ڪيئي چوپ،
    توکي رکبو راڄن اڳيان، ڇنڊي ڦوڪي ڇڙڪي سنڌ،
    توسان سر جا سودا آهن، دل ٿي تولئه ڌڙڪي سنڌ.


    تنهنجي کيٽن چيٽن ۾ پيا، چوڙيلين جا چاڳ ڏسون،
    تنهنجي هر هڪ ڀٽ اڳيان هر ڀاڳياڻي جا ڀاڳ ڏسون،
    وانگي وانگي وهسي وهسي، ويرنڪو ويراڳ ڏسون،
    سانگي سانگي سائو گهاري، ڇانگ نه ڪا ڇڙواڳ ڏسون.،
    هرڪو تو ۾ پنهنجي مرضيءَ سان پيو وهسي وڙڪي سنڌ،
    توسان سر جا سودا آهن، دل ٿي تولئه ڌڙڪي سنڌ.

    ڌرتي تنهنجي مٽيءَ مهڪي، اهڙا اهڙا گهوٽ ڏنا،
    سچ چيو جن سينا تاڻي اهڙا پُٽ اڻموٽ ڏنا،
    چوٽون کائي ڪوٽ ڀڳائون، ڪوڙن جيڪي ڪوٽ ڏنا،
    توکي چاهڻ وارن توسان، ناتا چوٽان چوٽ ڏنا،
    ڪنهن جي ڦِٽي آهي جيڪو، توتي ڪاهي ڪڙڪي سنڌ،
    توسان سر جا سودا آهن، دل ٿي تولئه ڌڙڪي سنڌ.

    ڳاڙهن ڳوڙهن روپن واري، تنهنجا روپ ۽ رنگ وڻن،
    دولهه دودن جي تون ڌرتي، تنهنجا دڙميون دنگ وڻن،
    تنهنجي ڍولن ڍاٽين پٽن، جا ٿا مون کي ڍنگ وڻن،
    ميدانن ۾ مرڪن جيڪي، ارڏا سي اڙٻنگ وڻن،
    جن جي هڪل هوڪاري کان، هاٿي هاٿي ٿڙڪي سنڌ،
    توسان سر جا سودا آهن، دل ٿي تولئه ڌڙڪي سنڌ.


    تون جي ساڻم ڀيڙي هونديئن، ڀيڙا ٻيا پو هون نه هون،
    توسان ميڙا هون مدامي، ميڙا ٻيا پو هون نه هون،
    تنهنجو ٻيلي ٻانهون سڏجان، ٻيڙا ٻيا پو هون نه هون،
    تنهنجي واري ويس بدن جو، ويڙها ٻيا پو هون نه هون،
    ڀاڳين جي تون ڀُونءَ ڀٽاري، ڀاڳ ته تنهنجو ڀڙڪي سنڌ،
    توسان سر جا سودا آهن، دل ٿي تولئه ڌڙڪي سنڌ.

    ههڙي موسم ههڙا ماڻهو، ههڙيون مهلون ههڙا ميل،
    ڳاڙهي رت جون ڳالهيون ڳايون، ٻول ٻڌيءَ جا ٻڌجن ٻيل،
    سرتيون پنهنجي سيم سڄيءَ ۾، تڙ تڙ تي ڪن تيل ڦليل،
    گجرن کي ڪو ڪونه هڻي جيئن، گس تان ويندڙ گرز گليل،
    هر هڪ تنهنجو تو ۾ بيشڪ، وهسي وهسي وڙڪي سنڌ،
    توسان سر جا سودا آهن، دل ٿي تولئه ڌڙڪي سنڌ.

    تنهنجي بت مان باغن کي ڇا، سونهن ملي سرهاڻ ملي،
    تنهنجي پاڻي مٽيءَ مان ڏس، چيٽن کي چانڊاڻ ملي،
    تنهنجي سونن سنگن منجهان، ڳڀرن کي ڳاڙهاڻ ملي،
    تنهنجي هن ’سرويچ‘ کي تنهنجي ول ول آ واکاڻ ملي،
    جُڳن تائين جهنڊو تنهنجو، ڦڙ ڦڙ ڦڙڪي ڦڙڪي سنڌ.


    وڏن جا وات ڦاٽي ويا

    وڏن جا وات ڦاٽي ويا

    ضياءَ جي ظلم کان ظالم وڏن جا وات ڦاٽي ويا.
    زمين ۾ زلزلو آيو، اُڀن جا وات ڦاٽي ويا.

    ائين مارشلا ۾ وڏيرن جا ڇٻر ڇورا،
    ڏسڻ ۾ پيا اچن جهڙا، ڀريل بُس بوهه جا ٻورا،
    ڏسي تن جي ٿلهائي کي، ڍڳن جا وات ڦاٽي ويا.

    رقم عشر و زڪوات جي ويا کائي چيئرمين ميمبر،
    هڻي پيرن جا آڱوٺا ڪري ڪارا ڇڏيئون ڪاڳر،
    عجب ان تان ٿيو انڌن کي، اَگهن جا وات ڦاٽي ويا.

    وڪي ڪِن ميمبرن پنهنجي وڃي ايئن غير وٽ غيرت،
    ٿيا ڀڙوت ۾ ڀڙ اهڙا جو ڀڙون کي لڳي حيرت،
    ڏسي تن جي دلاليءَ کي، دَلن جا وات ڦاٽي ويا.

    اسان جا منسٽر ميمبر، چريا چوتانگ ۽ چرٻٽ،
    ڪتن ڪڪڙن جا پوڄاري، بنهه سي نااِهل نپٽ،
    ڏسي تن جي ڄٽاڻيءَ کي، ڄٽن جا وات ڦاٽي ويا.

    هٿن ۾ ميمبرن جي اڄ، ڏسون ٿا ڪرٽ ۽ ڪهاڙا،
    رسا چيلهن مٿي ٻڌل، ڪڍيئون مالن مان مُهاڙا،
    ڌڻن دانهون ڪيون ڏاڍيون، وڻن جا وات ڦاٽي ويا.

    ڪُٺئين اسلام کي ايئن آ، شرم شيطان کي پئي ٿيو،
    منافق جي شريعت کان، شرم شمران کي پئي ٿيو،
    ڏسي هن مرد مومن کي، مُلن جا وات ڦاٽي ويا.






    پِٿون ٿيمَ پير پٿرن ۾

    پِٿون ٿيمَ پير پٿرن ۾

    سِڪان سُڏڪان ڪيان سڏڙا، نه صاحب ٿو سُڻي مون سَڏ،
    هِندورا هنڌ هڻان هاڃي، حبيبن ڪاڻ ڪُرڪي هَڏ،
    گنگهر ٿيون سي گهٽيون مون لئه، گُذاريو سين سدا جت گڏ،
    ڇڏي سُک سيڄ جا سَسُئي، اُٿي ليڙن پُٺيان تون لڏ،
    ڪُنواريون ڪانڌ ري ويٺيون، ڪڏهين ڪوٺين نه ڪمرن ۾،
    پُڇائيندي پُنهل پيرا، پِٿون ٿِيَم پير پٿرن ۾.

    جُدائيءَ ۾ جتن جي هِت، جَڏيءَ جا ٿا جلن جيرا
    وِهڻ وِهه ٿيو اَديون ري وَرَ، وِڙهي مون ساڻ اَڄ ويرا
    پُٺيءَ تِن جي پُرڻ پيئڙو، پُڇائڻ پيا پرين پيرا
    خوشيون ۽ کاڄ کوءِ سڀ، غمن جا ٿيا مَٿم گهيرا
    سراپا بس ٿيس سوگهي، اديون سورن جي سنگهرن ۾
    پُڇائيندي پُنهل پيرا، پِٿون ٿِيَم پير پٿرن ۾.

    هينئن ۾ حُبّ هوتن جي، هِتي هاڃا ڪري هاڙهو،
    چُرڻ کان چٽ ٿيس آري، چَريءَ جو ويو چُڪي چاڙهو،
    ڪُٺيءَ تي ڪج ڪرم ڪامل ڪنبائي ڪوهه ۾ ڪاڙهو،
    لَڪن ۾ وِيا لِڪي ليڙا، لُڪن مون تي ڪيو لاڙو،
    ڇپن ۾ هت ٿيس ڇُوتا، ڇِنيم ڇاتي ته ڇپرن ۾،
    پُڇائيندي پُنهل پيرا، پِٿون ٿِيَم پير پٿرن ۾.


    جبل جُهر ۾ ڏيو جُهوتون، جَتن کي جاچيان پيئي،
    ڏُکيءَ کي ڏير ۽ ڏاگها، ڏُکن جو ڏاج وِيا ڏيئي،
    سدا جي سيڻ سمجهيم ٿي، سُڃن ۾ وِيا ڇڏي سيئي،
    عقل، مت ۽ شرم جيڏيون، فراقِ يار نِيا ٽيئي،
    تڏهين توڏن پُٺيان تاڻي، پيَس ٽُلڪي ته ٽڪرن ۾،
    پُڇائيندي پُنهل پيرا، پِٿون ٿِيَم پير پٿرن ۾.

    وِندر ۾ وَر وَڪڙ ڏاڍا، وسي واٽن مٿي واري،
    بگهڙ باندر گُهمن بُکيا، اُتي بيوس مان بيچاري،
    خُماريا رِڇَ گهُمن رُڃَ ۾، چِٽا چوڦير چوڌاري،
    پُڇان تن کان هتان لنگهيو، اَدا ڙي ڪو سندم آري،
    اوهان کي قافلو ڪيچين ڀلا، آيو ڪو نظرنَ ۾،
    پُڇائيندي پُنهل پيرا، پِٿون ٿِيَم پير پٿرن ۾.

    نيو ڏيرن ڪري ڏاهپ، الا مون وَر ويچاريءَ جو،
    لڳائي ڪان ڪيچي ويا، عُمر ڀَر آهه و زاريءَ جو،
    مَچائي مَچ مُٺيءَ تي ويا، برهه ۽ بيقراريءَ جو،
    گهڻو هِتڙي آهيان آتي، ٻڌان آواز آريءَ جو،
    سُڃاڻان سَڏ سَڄڻ جا ٿي، هُجي ڀل ساٿ سڳرن ۾،
    پُڇائيندي پُنهل پيرا، پِٿون ٿِيَم پير پٿرن ۾.


    ڏنا ڏيرن ۽ ڏاگهن ڏُک، ڏکوئي ڪين ڏونگر تون،
    وِندر جي واٽ ۾ وَر لئه، کڻي وَرڙا ڏنا وَرَ مون،
    گهڙي گهارڻ گنگهر ڀانيان، ڇڏيا سڀ گام ۽ گهر مون،
    پُڄائيندو پريَن پاڙي، پيارو پاڪ پَرور مون،
    اُجهان آريءَ ڏسڻ خاطر، اَديون اَڌ رات ابرن ۾،
    پُڇائيندي پُنهل پيرا، پِٿون ٿِيَم پير پٿرن ۾.

    تَپي پَهڻن ڌريون ڇنيون ۽ تِڙڪن تَن تپايو آ،
    جتي وَرَ واريون واٽون، اُتي ويرين ورايو آ،
    اَچي آري تون آڌار ٿي، بُدوءَ بر ۾ ڀُلايو آ،
    ڪَيَس رائي اَڳيئي رت، ٻيو رهزن رنجايو آ،
    سُڃيءَ سان رَبّ ٿيو ساڻي، سدا ”سرويچ“ سفرن ۾،
    پُڇائيندي پُنهل پيرا، پِٿون ٿِيَم پير پٿرن ۾.











    تون ڇو ٿو ٿينءَ دلگير پرين

    تون ڇو ٿو ٿينءَ دلگير پرين

    او مارن جا منٺار وطن، تو ڇو ٿو ٿئين دلگير پرين!
    هي تُنهنجي مٽيءَ مان پيا مورن، ڪيهر ڪيهر ٻار سوين،
    هي ڏاڍائي جا ڏاري وِجهندا، ڏونگر ڏونگر ٻار سوين،
    هي تو تان ڏيندا ڪنڌڙا ڪوري، ڪونڌر ڪونڌر ٻار سوين.
    هي دليئون تنهنجا ديوانا، او! دودن جا دلدار وطن،
    آباد هُجين آزاد هُجين، او! مارن جا منٺار وطن!
    تون ڇو ٿو ٿئين دلگير پرين.

    هي ڳاڙها ڳاڙها ڳڀرو ڳڀرو، مرد هلن پيا مولهين سان،
    هي رندي راڻا روزانو پيا، کيڏن رت جي هولين سان،
    ۽ هيڏا هيڏا ٽانڊا آهن، ٽولين، ٽولين، ٽولين سان،
    ڪو ڪين دٻائي سگهيو آهي، تن کي جنگين گُرزن گولين سان،
    هي گولين تي ٿا گيت چوَن، هي جنگين جا جونجهار وطن!
    آباد هُجين آزاد هجين، او! مارن جا منٺار وطن!
    تون ڇو ٿو ٿئين دلگير پرين.

    هي ڳاٽ اُچي سان ڳائين ٿا، ڏس ڳالهيون تنهنجون ڳوٺن ۾،
    هي پڙ جا پاڏا پير نه هٽندا، پلجن پيا جي پوٺن ۾،
    ڪو، ڪيڏا ڀي تِن سور ڏئي، ۽ ساڙي سختين سوٺن ۾،
    هي ڪيڏاري کي ڪُڇندا رهندا، قيد هُجن ڀل ڪوٺن ۾،
    هي چَنگن ۾ ڏس رنگ ڀريا، سڀ تحريرون تلوار وطن!
    آباد هُجين آزاد هُجين، اوٰ! مارن جا منٺار وطن!
    تون ڇو ٿو ٿئين دلگير پرين.

    هي لاٽون ٻاري واٽون ڪڍندا، چوڌاري چمڪاٽ ڪندا،
    هي ڪوڏيا تنهنجي قاتل تي، بس! ڪاتن جا ڪڙڪاٽ ڪندا،
    جي دشمن گوليون ڇوڙيندو، هي بمن جا ڀڙڪاٽ ڪندا،
    جو تنهنجو ويري هوندو تنهن تي گولين جا گهوگهاٽ ڪندا.
    هي سرڙا ڏيندا سوڀن تي، سڀ ساٿيئڙا سالار وطن!
    آباد هُجين، آزاد هجين او! مارن جا منٺار وطن!
    تون ڇو ٿو ٿئين دلگير پرين.

    هي ڏس تنهنجي ساک رکڻ لئه، سوڍين سوڍا پُٽ ڄڻيا،
    هي ڏس تنهنجي ساک رکڻ لئه، ٻاگهين دودا پُٽ ڄڻيا،
    هي ڏس تنهنجي ساک رکڻ لئه، جيڏين جوڌا پُٽ ڄڻيا،
    هي ڏس تنهنجي ساک رکڻ لئه، ادڙين ارڏا پُٽ ڄڻيا،
    هي پينگهن ۾ ئي پُٽڙن سان، ڪن گولين جي گُفتار وطن!
    آباد هجين آزاد هجين، او! مارن جا منٺار وطن!
    تون ڇو ٿو ٿئين دلگير پرين.

    هي ڏس هيڏيون هيڏيون لاٽون، ٻلوانن جون ٻاريل سڀ،
    هي ڏس هيڏيون هيڏيون ڇپون، ڳوٺاڻن جون ڳاريل سڀ،
    هي ڏس هيڏا هيڏا آمر، ماروئڙن جا ماريل سڀ،
    هي ڏس تنهنجي ڏوٿيئڙن جا، ڏيهن ۾ ڏهڪار وطن،
    آباد هُجين، آزاد هُجين، او! مارن جا منٺار وطن،
    تون ڇو ٿو ٿئين دلگير پرين.

    هي ڏس هيڏو سارو آهي، شهبازن جو شور ئي شور،
    هي ڏس هيڏي ساري آهي، جهانگيئڙن ۾ جهوران جهور،
    هي ڏس هيڏو سارو آهي، زور زبر تي زوران زور،
    هي ڏس ڀاڳيا جاڳيا جاني، پَڪ ته مرندا تنهنجا چور،
    ها! پَڪ ته مرندا تنهنجا چور، ۽ مرندا چوڪيدار وطن،
    آباد هُجين آزاد هُجين، او! مارن جا منٺار وطن،
    تون ڇو ٿو ٿئين دلگير پرين.

    تون شاهه ڀٽائي، سچل جو آن، ديس به دلبر ديس الا،
    تون جهڙو آهين ديس دلاور، تهڙو وڻندڙ ويس الا،
    ها! تهڙو وڻندڙ ويس الا، هي اجرڪ لُنگي کيس الا،
    هي اجرڪ لُنگي کيس الا، بس! اوڍيو گهوٽ گهميس الا،
    تون ”سرويچن“ سرمستن، جهڙن باغين جو ڀنڊار وطن،
    آباد هُجين آزاد هُجين، او! مارن جا منٺار وطن،
    تون ڇو ٿو ٿئين دلگير پرين.









    جرنل تنهنجي ڦٽي آ

    جرنل تنهنجي ڦٽي آ

    جرنل تنهنجي ڦِـٽي آهي، ڪرنل تنهنجي ڦِـٽي آهي،
    سنڌين تنهنجي پاڙ پٽڻ لئه، سِٽا اهڙي سَٽي آهي.

    ناٿن شاهه نوشهرو مورو، دلبر دادو هالا آهن،
    جڳ سڄي ۾ منهنجي جوڌن، جا اڄ نيڪيون نالا آهن،
    رت سان رڱي ريٽي ڪئي اڄ، گهوٽن گِهٽي گِهٽي آهي.
    جرنل تنهنجي ڦِـٽي آهي، ڪرنل تنهنجي ڦِـٽي آهي،
    سنڌين تنهنجي پاڙ پٽڻ لئه، سِٽا اهڙي سَٽي آهي.

    ڇپر جهڙيون ڇاتيون تاڻي، ڇرجي پيا ڏس ڇورا آهن،
    جابر جرنل مارڻ ڪارڻ، گس گس تي اڄ گهورا آهن،
    فاتح آهن فتح انهن جي، سورج وانگر چِٽي آهي.
    جرنل تنهنجي ڦِـٽي آهي، ڪرنل تنهنجي ڦِـٽي آهي،
    سنڌين تنهنجي پاڙ پٽڻ لئه، سِٽا اهڙي سَٽي آهي.

    سانگا ڇڏيا سِسِين جا جن، گوليون تن کي ڇا ته ڪنديون ڙي،
    موت سان جيڪي مَلهه وڙهن پيا، فوجون تن کي ڇا ته ڪنديون ڙي،
    تنهنجي رئفل تنهنجي گولي، تن لئه ڏَڪر اِٽي آهي،
    جرنل تنهنجي ڦِـٽي آهي، ڪرنل تنهنجي ڦِـٽي آهي،
    سنڌين تنهنجي پاڙ پٽڻ لئه، سِٽا اهڙي سَٽي آهي.

    کرڙي روپا ماڙي شورا پُل ۽، آهي مياڻي جن جي،
    بينظير بختاور ۽ ٻاگهي، اختر نياڻي جن جي،
    مٿا جن نه مِٺا ڪيا، تن ماڻهن جي هيءَ مِٽي آهي،
    جرنل تنهنجي ڦِـٽي آهي، ڪرنل تنهنجي ڦِـٽي آهي،
    سنڌين تنهنجي پاڙ پٽڻ لئه، سِٽا اهڙي سَٽي آهي.

    توکان وير به وٺڻا آهن، تنهنجا پير به پٽڻا آهن،
    سنڌڙيءَ جا سرواڻ سگهارا، هاڻي نه هرگز هٽڻا آهن،
    ٻار، ٻُڍي ۽ جوان جي يارو، ٻڌي ٻِٽي ٻِٽي آهي،
    جرنل تنهنجي ڦِـٽي آهي، ڪرنل تنهنجي ڦِـٽي آهي،
    سنڌين تنهنجي پاڙ پٽڻ لئه، سِٽا اهڙي سَٽي آهي.

    هوشو هيمون دولهه دودا، مانجهي مڙس مٿير متارا،
    دشمن کي هڪڙي ئي ڌڪ سان، ڏيکاريندا ڏينهن جا تارا،
    وارا نيٺ ڄمارا آهن، ڳالهه سا چِٽي پِٽي آهي،
    جرنل تنهنجي ڦِـٽي آهي، ڪرنل تنهنجي ڦِـٽي آهي،
    سنڌين تنهنجي پاڙ پٽڻ لئه، سِٽا اهڙي سَٽي آهي.

    اُوچي ڳاٽ ڏهيسر آيا، جيئن سهائي تي پروانا،
    ڪفن ٻڌي اڄ سر سان نِڪتا، آزاديءَ جا هي مستانا،
    ڪڏهن نه ٽٽندي هن مٽيءَ سان، اُها مائٽي مِٽي آهي،
    جرنل تنهنجي ڦِـٽي آهي، ڪرنل تنهنجي ڦِـٽي آهي،
    سنڌين تنهنجي پاڙ پٽڻ لئه، سِٽا اهڙي سَٽي آهي.

    سڏ ۾ جيڪو سڏ نه ڏيندو، رَت سان جيڪو رَت نه ڏيندو،
    سنڌڙيءَ تي هن سخت گهڙيءَ ۾، جيڪو سر ۽ سَت نه ڏيندو،
    اهڙي ڪوڙي ڪانئر سان ير، پنهنجي ڪِٽي ڪِٽي آهي،
    جرنل تنهنجي ڦِـٽي آهي، ڪرنل تنهنجي ڦِـٽي آهي،
    سنڌين تنهنجي پاڙ پٽڻ لئه، سِٽا اهڙي سَٽي آهي.

    (ايم.آر.ڊي. جي 83 واري جدوجهد ۾ گرفتاري دوران سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ لکيو).


    هڪ مظلوم ۽ مسڪين ماءُ جي

    هڪ مظلوم ۽ مسڪين ماءُ جي
    پنهنجي پٽ کي لولي

    وڏيرن ڌنان جو مٿو ڪوڙيو،
    وڏيرن ڌنان جي نڙيءَ کي نپوڙيو،
    وڏيرن ڌنان کي اگهاڙو اُماڻيو،
    نڪي اُڀ اُڊڙيو، نه ڌرتيءَ ڪيو ڌوڙيو.

    وڏو ٿي ڪجانءِ پُٽ وڏيرن سان ويڙهيون،
    ڀڃي تن جا ڇڏجئين، سڀئي ٺٺ ٺيڙهيون،
    وڏيرو سڏائي، ٿو ڌرتي تپائي،
    ڀڃج چيلهه تنهن جي، ڀلي ڏي پيو ريڙهيون.

    سڌيون تنهن کي سِرَ ۾، تون ٺوڪج ڪهاڙيون،
    اکين منجهه جهو ڪج، انهيءَ جي اُماڙيون،
    سڀئي تخت ۽ تاج ڇڏجينس ساڙي،
    ڇڏج تنهن جا ڊاهي مڙئي محل ماڙيون.

    وڏيرو سڏائي، ڪري قهر ڪارا،
    ڦٻائي غريبن جا، ٻنيون ۽ ٻارا،
    دعا ٿي ڪريانءِ، وڏو وِير ٿيندين،
    ڪجئين ظالمن کي، پٺن هيٺان ٽارا.

    وڏو ٿي ڪجئين پٽ، وڏيرن تي حملا،
    ڀڃي تن جا ڇڏجئين، سڀئي ڪوٽ بنگلا،
    لٽيا ۽ پٽيا جن، پکا پڊ تنهنجا،
    ڪري سي قهاري، ڇڏج تون به ڪنگلا.

    ڪيا مِٽ تنهنجا جنهن نانگي نڌڻڪا،
    ڀڃج تون به تنهن جا، مُڪن سان مڻڪا،
    ڇڪج تنهن ته ظالم جي ڇوڙي تون ابتي،
    ڇڏج تنهن جي بت تي نه صدري سٿڻ ڪا.

    ڪُٺو پيءُ تنهنجو، جنهن ڪاري ڪٺور،
    ڪري تون به تنهن کي، ڇڏج ڀور ڀور،
    تَڪيو جنهن هو تنهنجي مٺيءَ ڀيڻ کي،
    ڪجئين تون به تنهن جي ڦَرن جي ڦلهور.

    (ماءُ پٽ کي پنهنجو حال ٿي ٻڌاءِ)
    گهُرائي جنهن ٿاڻي تي، تنهنجي امڙ،
    هڻايائين تنهن کي جوتا ۽ ٿڦڙ،
    ڏيان پنهنجي ٿڃ جو ٿي توکي قسم،
    ٿجان تون به تنهن لاءِ، ڪو بَرَ جو بگهڙ.

    (ماءُ پٽ کي هدايت ٿي ڪري)
    کسي هئي ٻني جنهن ته، تنهنجي ابي کان،
    ڪُٽج تون به تنهن کي ته سنڌي جُتي سان،
    سڀئي هيڪ جيڏا، تون ساٿي بنائي،
    ڦُري وٺج جاگير، جاهل جَڏي کان.

    (ماءُ پٽ کي وڏيرن جي بهادريءَ ٿي ٻڌاءِ)
    جو ظالم وڏيرو، سو ٿاڻي جو ڀڙوو،
    ڪُهي قوم کائي، حرامي پيو حلوو،
    تڪي ٿو سو پاڙي جي نياڻيءَ کي پاپي،
    مگر سندس گهر ۾، چارئي پهر چڪلو.

    جو ظالم وڏيرو، سو ٿاڻي جو ڪُٽڻ،
    پُڇي سنتريءَ کان پوءِ ويندو مُٽڻ،
    مگر جي نه موڪل مليس سنتريءَ کان،
    ڀِڄائي ڇڏيندو پو ساري سُٿڻ.

    (ماءُ پٽ کي فتح جو يقين ٿي ڏياري)
    سبب ئي نه آ، ڪو ٽري انقلاب.
    ٿو اُڀري فتح جو، اجهو آفتاب.
    هي لوڀي، هي پاپي، هي ويڪو وڏيرا.
    سڀئي پائي پائيءَ جو ڏيندا حساب.

    (ماءُ پٽ کي دعا ٿي ڪري ۽ آٿت ٿي ڏئي)
    دعا ٿي ڪريانءِ ته ”سرويچ“ ٿيندين،
    جي قومن جا قاتل، تون تن کي دَسيندين،
    ڪري سنڌ سوئرن کان آجي او! پٽڙا،
    ڏيا ڏيهه ساري ۾ ٻاري ڇڏيندين.





    هن ڍيڍ وڏيري کي، وٽاڙن سان ڪُٽي ڇڏ،
    ڏئي ننهن نڙيءَ تي، تون سندس ساهه گهُٽي ڇڏ،
    سُوَر خور انهيءَ جو تون لٽج لاشن لَيَن ۾،
    سندس پٽ حراميءَ کي جوڙن ۾ جُٽي ڇڏ.

    وڏا وڏيرا وري به کاشا، ننڍن جي مُنهن تي مليو ڪي دانگيون،
    رڍن جي ڌڻ جي ڌنار ڌنا انهيءَ جون اڳڙيون جنهين اورانگيون،
    انهن کي سوئر ڪٺور چئون يا چٽر گڏهه جا ڦروٽ ڪوٺيون،
    عوام چئي ٿو انهن جون ڇاتيون ڇَتين سان ڇُرڙي ڇنون ۽ ڇانگيون.

    پنهنجون ست ئي پيڙهيون، پيڙهيون پنهنجا پيڙهيا پوٽا پٽ،
    پاڻ تي پاپ ڪرڻ ۾ آهن، چور وڏيرا ٿاڻا جُٽ،
    پاڻ کي هاڻي پڪا پختا، وعدہ وچن ڪرڻا پوندا،
    ٻڌيءَ جي ٻَنڌڻ ۾ ٻڌجي، ٻارينداسين تن کي ٻُٽ.

    پاڻ سڀن جا ويري ساڳيا، پاڻ سڀن جا ساڳيا چور،
    پاڻ سڀن جا ڦورو ساڳيا، پاڻ سڀن لئه ڍڳا ڍور،
    پنهنجي قسمت ۾ ايئن ڪونهي، قيامت تائين ڪُٽبا رهون،
    هيڪر جيڪر هڪ ٿي پئون، پو لهندا سارا هينئڙي هور.

    جتي به ڪو ظلم ٿئي، اُتي جي سڀ پُڄي وڃون،
    ته ظالمن سندي ميان، هڏي هڏي ڀڃي وجهون،
    نڙيءَ مٿي لتون ڏئي، ڪڍونس ٿڃ وات مان،
    هي شرط آ ته جيڪڏهن انبوهه ٿي اچون اچون.


    [جاتي تعلقي ۾ حيوان ماڻهن پاران ”ڌنان“ نالي هڪ ڌنار عورت جي لڄ لُٽي، مٿو ڪوڙي اگهاڙو گهر اُماڻن واري واقعي تي لکيل]


    مــورو

    مــورو

    مورو ته آهي مورو، ڙي ڍولڻ مورو ويٺي ڏيانءِ،
    ماري ٿو تنهنجو جهورو، ڙي ڍولڻ مورو ويٺي ڏيانءِ.

    دريا تي واري، او دريا تي جا واري،
    تنهنجي ڳڻتين آهيان ڳاري، ڙي ڍولڻ مورو ويٺي ڏيانءِ.

    دريا تان جا واهه، او دريا تان جا واهه،
    سڪي ٿو تولئه ساهه، ڙي ڍولڻ مورو ويٺي ڏيانءِ.

    دريا تي جو جهنگ، او دريا تي جو جهنگ،
    روئي ته ويم رنگ، ڙي ڍولڻ مورو ويٺي ڏيانءِ.

    دريا تي جي مينهون، او دريا تي جي مينهون
    ڦاٽي ٿو تولئه هينئون، ڙي ڍولڻ مورو ويٺي ڏيانءِ.

    دريا جون تان لهريون، او دريا جون تان لهريون،
    منهنجو پيچ ته توسان پهريون، ڙي ڍولڻ مورو ويٺي ڏيانءِ.

    دريا ۾ تان مينهن، او دريا ۾ تان مينهن
    نئون ته توسان نينهن، ڙي ڍولڻ ويٺي ڏيانءِ.

    دريا جون تان ڀِڪون، او دريا جون تان ڀِڪون،
    مون لاٿيون نه اڃا سِڪون، ڙي ڍولڻ مورو ويٺي ڏيانءِ.

    دريا تي جي ٽارا، او دريا تي جي ٽارا،
    ڳڻيان ته ويٺي تارا، ڙي ڍولڻ مورو ويٺي ڏيانءِ.

    دريا تي جا مَڏي، او دريا تي جا مَڏي
    جياري ته وڃ هيءَ جَڏي، ڙي ڍولڻ مورو ويٺي ڏيانءِ.

    دريا تي جي دونهان، او دريا تي جي دونهان،
    آءٌ رت ٿي تولئه روئان، ڙي ڍولڻ مورو ويٺي ڏيانءِ.

    دريا جي تان ڪنڌي، او دريا جي تان ڪنڌي،
    منهنجي ڪانهي تو ريءَ ڪنڌي، ڙي ڍولڻ مورو ويٺي ڏيانءِ.

    دريا تي جا موري، او دريا تي جا موري،
    ڇني نه ڇڏ هيءَ ڇوري، ڙي ڍولڻ مورو ويٺي ڏيانءِ.

    دريا جون تان ڇاڙون، او دريا جون تان ڇاڙون،
    توسان ملڻ جون ٿم ٻاڙون، ڙي ڍولڻ مورو ويٺي ڏيانءِ.

    دريا جي تان ڪيٽي، او دريا جي تان ڪيٽي،
    ڇني ڇڏ نه ننڍي نيٽي، ڙي ڍولڻ مورو ويٺي ڏيانءِ.

    دريا ۾ تان دَنگي، او دريا ۾ تان دَنگي،
    تنهنجي ورهه آهيان وَنگي، ڙي ڍولڻ مورو ويٺي ڏيانءِ.

    دريا جون تان آرون، او دريا جون تان آرون
    توکي ڪريان پيئي پڪارون، ڙي ڍولڻ مورو ويٺي ڏيانءِ.

    دريا جون تان ڀيڙون، او دريا جون تان ڀيڙون
    مُڪيم ته توڏي ميڙون، ڙي ڍولڻ مورو ويٺي ڏيانءِ.

    دريا جي تان ڇولي، او دريا جي تان ڇولي،
    تنهنجي گهر جي آهيان گولي، ڙي ڍولڻ مورو ويٺي ڏيانءِ.

    دريا تي جا لاڻي، او دريا تي جالاڻي،
    تنهنجي دَر جو ڀريان پاڻي، ڙي ڍولڻ مورو ويٺي ڏيانءِ.

    دريا جا تان ڪوڏا، او دريا جا تان ڪوڏا،
    تو لئه دل ٿي کائي لوڏا، ڙي ڍولڻ مورو ويٺي ڏيانءِ،

    دريا جون تان سُتيون، او دريا جون تان سُتيون،
    توسان من جون ميخون کُتيون، ڙي ڍولڻ مورو ويٺي ڏيانءِ.

    دريا جا تان ڪُن، او دريا جا تان ڪُن،
    منهنجو تن ته ٿيو آ، تن، ڙي ڍولڻ مورو ويٺي ڏيانءِ.

    دريا جا تان ٻيلا، او دريا جا تان ٻيلا
    تولئه روح ٿو کائيم ريلا، ڙي ڍولڻ مورو ويٺي ڏيانءِ.

    دريا ۾ تان ٻيڙي، او دريا ۾ تان ٻيڙي،
    هُجان توسان شل ڀيڙي، ڙي ڍولڻ مورو ويٺي ڏيانءِ.

    دريا جون تان ڀِٽون، او دريا جون تان ڀٽون،
    چُمان ته تنهنجو مِٽون، ڙي ڍولڻ مورو ويٺي ڏيانءِ.
    دريا جا تان ڪَپ، او دريا جا تان ڪَپَ.
    چُمان ته تنهنجا چَپ، ڙي ڍولڻ مورو ويٺي ڏيانءِ.

    دريا جا تان ڇَڇَ، او دريا جا تان ڇَڇَ،
    توکي ڪُڏي ته کڻان ڪَڇ، ڙي ڍولڻ مورو ويٺي ڏيانءِ.

    دريا جون تان ٻوڏون، او دريا جون تان ٻوڏون،
    پاڻ لُڏون ٻَڌي لوڏون، ڙي ڍولڻ مورو ويٺي ڏيانءِ.

    دريا ۾ تان ڪَکَ، او دريا ۾ تان ڪَکَ
    توکي ڏاڍا ته وجهان ٻَکَ، ڙي ڍولڻ مورو ويٺي ڏيانءِ.

    دريا ۾ تان ٻيريون، او دريا ۾ تان ٻيريون،
    ڇو ٿو دوست وجهين تون ديريون، ڙي ڍولڻ مورو ويٺي ڏيانءِ.

    دريا ۾ جي واڳون، او دريا ۾ جي واڳون،
    منهنجون وس ته تنهنجي واڳون، ڙي ڍولڻ مورو ويٺي ڏيانءِ.

    دريا تي جي ٽالهيون، او دريا تي جي ٽالهيون،
    تنهنجون ڳڻيان ويٺي ڳالهيون، ڙي ڍولڻ مورو ويٺي ڏيانءِ.

    دريا جا تان ڍورا، او دريا جا تان ڍورا،
    ڳايان ويٺي تنهنجا ٿورا، ڙي ڍولڻ مورو ويٺي ڏيانءِ.

    دريا جون تان ڪوڀون، او دريا جون تان ڪوڀون،
    توکي سائين ته ڏيندو سوڀون، ڙي ڍولڻ مورو ويٺي ڏيانءِ.

    دريا ۾ تان چنڊ، او دريا ۾ تان چنڊ،
    ماريئي ته هَڻي مَنڊ، ڙي ڍولڻ مورو ويٺي ڏيانءِ.

    دريا تي جا ڪانهين، او دريا تي جا ڪانهين،
    تنهنجي در تي آيس دانهين، ڙي ڍولڻ مورو ويٺي ڏيان،

    دريا ۾ تان ٻيڙا، او دريا ۾ تان ٻيڙا،
    پنهنجا مولا ته ڪندو ميڙا، ڙي ڍولڻ مورو ويٺي ڏيانءِ.

    دريا ۾ تان پاڻي، او دريا ۾ تان پاڻي،
    مون سان سهڻل ٿي ساڻي، ڙي ڍولڻ مورو ويٺي ڏيانءِ.

    دريا تي هيءَ چَري، او دريا تي هيءَ چري،
    وڃان نه مَتان مَري، ڙي ڍولڻ مورو ويٺي ڏيانءِ.

    دريا ۾ تان ٻانڌي، او دريا ۾ تان ٻانڌي،
    تون ڪُلهي ته ٿجئين ڪانڌي، ڙي ڍولڻ مورو ويٺي ڏيانءِ

    دريا ۾ تان هُل، او دريا ۾ تان هُل،
    اچي قبر تي پڙهجئين قل، ڙي ڍولڻ مورو ويٺي ڏيانءِ.

    دريا جو تان پيچ، او دريا جو تان پيچ،
    هي ساريئي ٿو ”سرويچ“،ڙي ڍولڻ مورو ويٺي ڏيانءِ.


    گيت

    جيئو جيئو اي غازيو! مجاهدو! سدا جيئو،

    جيئو جيئو اي غازيو! مجاهدو! سدا جيئو،
    اوهان جي جُرئتن کي، هي جهان سڄو مڃي پيو،

    اوهان جا حوصله بُلند، اوهين وڏا ڪي هوشمند،
    اوهان جي جوش کي ڏسي، عدو لڪي ڀڄي ويو،
    جيئو جيئو اي غازيو! مجاهدو! سدا جيئو.

    اَوهين ته اي جَرِي جوان، جتان اَچو تِتان سنوان،
    جَبَلَ جَبَلَ کي چيريو، درياهه درياهه کي جهاڳيو،
    جيئو جيئو اي غازيو! مجاهدو! سدا جيئو.

    اَوهان اَڳيان اي ناموَر! ڏڪن ٿا شينهن جا جگر،
    ٽَڪَر ٿئي ٽُڪر ٽُڪر، پَٿر، پَٿر پگهاريو،
    جيئو جيئو اي غازيو! مجاهدو! سدا جيئو.

    اَوهانجون مهربانيون، اَوهان تان گهورَ جانيون،
    اَوهين ڳِچيءَ جون ڳانيون، هيئن جا هار آهيو،
    جيئو جيئو اي غازيو! مجاهدو! سدا جيئو.

    اَوهان کي هَر گَلي گَلي، ڏئي ٿي اَڄ کِلي کِلي،
    مُبارڪون دِلي دِلي، لکين لکين سپاهيو!
    جيئو جيئو اي غازيو! مجاهدو! سدا جيئو.


    سنجها ٽاري، لوڪ سمهاري

    سنجها ٽاري، لوڪ سمهاري
    ۽ پو وهنجي سهنجي اچجان
    وينگس پنهنجا وار سنواري

    مان ڪي قومي گيت ۽ وايون، ويڙهيچن جي لاءِ لکان،
    تون پوتن کي پنهنجي سُر سان، جُڳ جُڳ تائين ڇڏج جياري،
    سنجها ٽاري، لوڪ سمهاري.

    گل ڦل ٻوٽا، کين نه جهوٽا، وڻ وڻ جي هر ٽاري ٽڙڪي،
    مور ۽ طوطا هنج ۽ هرڻيون، تن جي ڇڏيون ننڊ اُڏاري،
    سنجها ٽاري، لوڪ سمهاري.

    اُڀ ۽ ڌرتي جي وچ اندر جيڪي آهن گهايل دلڙيون،
    مٺڙن مٺڙن ٻولن جو ڪو، تن کي ڇڏيون پيار پياري،
    سنجها ٽاري، لوڪ سمهاري.

    ايئن ئي آڌين اَسرن تائين، قدرت جا ڳُڻ ڳائي ڳائي،
    تون ۽ ”سرويچ“ پو ٻئي مرڪي، موٽون پنهنجي ماڳ ڪناري،
    سنجها ٽاري، لوڪ سمهاري.



    اکين جا انقلاب

    اکين جا انقلاب

    آندا تنهنجي اکين، انقلاب پرين.
    تڏهن نوڪر ٿيا، تو وٽ نواب پرين.

    جڏهن نور ڀري ٿو نهار ڪرين،
    تڏهن سر ٿو ڌڙن کان ڌار ڪرين،
    تابع صاحب سوين سردار ڪرين،
    مڃيئون حڪم سندءِ، ڇڏي حجاب پرين.

    لڳي جن کي وئي نازڪ نوڪ تِکي،
    سرمال ڏنا تن، لِک ۾ لِکي،
    تنهنجي در تي نمڻ، ويا سلطان سِکي،
    شاهه گدا، سڀ بيتاب پرين.

    جت ڪجل سندي، ٿئي ڪاراڻ ڦِڪي،
    جت ليار پڪي جي لالاڻ ڦِڪي،
    جيڪا وصف ڪريان سا واکاڻ ڦِڪي،
    ڦڪا گل ته ٿيا، اِت گلاب پرين.

    ”سرويچ“ لکين، سرفروش لکين،
    ويٺا پنهنجو وڃائي، هِت هوش لکين،
    جوڌا جُنگ ويا، ڇڏي جوش لکين،
    لکين لال ڪيئي، لاجواب پرين،


    تنهنجي حُسن سندي، هرپار هَلا،

    تنهنجي حُسن سندي، هرپار هَلا،
    سُبحان الله الحمدالله.
    تنهنجا لاڏ لکين، تو ۾ قرب ڪَلا،
    سُبحان الله الحمدالله.

    تنهنجو اسم سميع، تنهنجي وصف وسيع،
    تنهنجو شوق شفيع، تنهنجي رمز رفيع،
    تنهنجا روپ ڀلا، سبحان الله الحمدالله،

    تنهنجو حُسن هُڳاءُ، تنهنجي ساک سُهاءُ،
    تنهنجو عشق اُهاءُ، ڪُل ارض سماءُ،
    تنهنجي جوت جلا، سبحان الله الحمدالله.

    تنهنجا ناز مٺا، تنهنجا چِٽ چٺا،
    ڏيهان ڏيهه ڏٺا، ڊاٺي ڪين ڊٺا،
    سونهن سونهن سَلا، سبحان الله الحمدالله.

    ”سرويچ“ سوين، ڪؤڙين اربين لکين،
    لِک لِک ليک لکين، پوري ڪونه پوين،
    پرين پو به ڀلا، سبحان الله الحمدالله.


    مُلان مانين چُور!

    مُلان مانين چُور!

    هو سائي پٽڪي وارو مُلان
    موٽو ۽ منهن ڪارو مُلان
    صورت جنهن جي سُور جهڙي
    نسل جنهن جو نور.
    ڀلو ميان! مُلان مانين چُور.

    هو ڪارو ڪوجهو پيٽو مُلان
    گدڙ آ، يا گهيٽو مُلان
    ٻوٿ ته جنهن جو ٻلي جهڙو
    ڊول ۾ جهڙو ڍور.
    ڀلو ميان! مُلان مانين چُور.

    هو بڇڙو باندر ڀاڙي مُلان
    روز هڻي ٿو جھاڙي مُلان
    گفتا جنهن جا ٽِٽ گڏهه جا
    لوڀي لُچ لغور.
    ڀلو ميان! مُلان مانين چُور.

    هو نڪ مني سان ناسر مُلان
    ڪوڙو قسمي ڪافر مُلان
    اهڙو مورک مور نه ملندو
    ڳوليو ڪيچ ڀنڀور.
    ڀلو ميان! مُلان مانين چُور.


    وِهان ڪيئن گُلن گُلشنن ۾ اڏي.

    وِهان ڪيئن گُلن گُلشنن ۾ اڏي.
    برهه آهي وهندو بنن ۾ اڏي.

    ڏسو قيس ليليٰ پيا ڪٿ رهي،
    پنهون ۽ سسئي هئا پڳا ڪٿ ڪهي،
    ڇڏيائون ڪٿي، تن تنن ۾ اڏي.

    نصيحت نه ڪنهن جي، ڪا سهڻي مڃي
    چڙهي وَر وِرهه جي پو ويٺي وڃي
    درياهه جي ڪُنن ۽ ڪَنن ۾ اڏي.

    نه چندن ٿي مارئي، وڌو چوٽ ۾،
    نه آرام آيس عمر ڪوٽ ۾،
    ڇڏيائين ڇنا، هُت ڇنن ۾ اڏي.

    سمون ڄام حاڪم، ٺٽو تخت جنهن جو،
    لڳس نينهن نازڪ، ڇڏيئين ماڳ پنهنجو،
    مهاڻن سان ڀونگن ڀنن ۾ اڏي.

    مُلان ڀل ته ڳالهيون ڪري پيو وڏيون،
    ڪَبا سجده تن کي، جنين جي ڇڏيون،
    محبت مستيون منن ۾ اڏي.

    سوين عرض آزيون اوهان کي ڪيم،
    دکيءَ دل جون خبرون خطن ۾ لکيم،
    ڇڏيم پيار پيارا پنن ۾ اڏي.

    جتي ٻير ٻيرين ۾ پچيو پَوَن،
    جتي بيت ڀاڳيا ٿا نڙ تي چَوَن،
    رهان تن سان ٻجرن ٻنن ۾ اڏي.

    نه سُک سان سُمهان سنڌ جيسين ڏکي
    ڏيئي ريج رت جو ڪريان سان سُکي،
    ڇڏيان تنهن کي پلڪن کنن ۾ اڏي.

    لڱن تي نه جن جي ڏسان ليڙڪا،
    ڌِڪن تي جنهين جام کاڌا ڌڪا،
    ڇڏيان سي ڌيئڙيون ڌنن ۾ اڏي.

    سُخن سونهن سيرت هجن گڏ جتي،
    کڻي تون به ”سرويچ“ وڃجئين تتي،
    سڄو شعر فڪرن فنن ۾ اڏي.


    رات وِهامڻ کي آ پهتي،

    رات وِهامڻ کي آ پهتي،
    هاڻ وڃڻ ڏي گهر ڏي جاني.
    پاندو وِجهانءِ ٿي هيءَ پوتي،
    هاڻ وڃڻ ڏي گهر ڏي جاني.

    پرهه ڦُٽندي پيرا پَسبا،
    مَون تي ڪات ڪهاڙا ڪشبا
    وڻ وڻ ويندي وو، وو ٿي
    هاڻ وڃڻ ڏي گهر ڏي جاني.

    لُڙڪ ڳلن تان لڙيا جيڪي،
    سي ئي چغليون هڻندا مون تي،
    مفت نه مارائي ڏاهو ٿي.
    هاڻ وڃڻ ڏي گهر ڏي جاني.

    چَپَ چپن سان چُهٽا جيڪي،
    چارئي شاهد ٿيندا مون تي،
    ڪاري ٿي پُو وينديس ڪُسجي،
    هاڻ وڃڻ ڏي گهر ڏي جاني.

    ساٿ رهڻ جا سُنهن کڻائين،
    خالي پنهنجا، ڳُڻ ڳڻائين،
    مان به چَوَئين ٿي، منهنجو ٿي،
    هاڻ وڃڻ ڏي گهر ڏي جاني.

    ”سرويچ“ سجاول وارا توسان،
    قول ڪريان ٿي، سينڌ ڏيان ٿي،
    ايندڙ اربع اينديس موٽي.
    هاڻ وڃڻ ڏي گهر ڏي جاني.


    ته باقي ڇا؟

    ته باقي ڇا؟
    (غزل نما گيت)

    ڦِري ويو مُلڪ ساري جو، جڏهن منظر ته باقي ڇا؟
    وِيو بگڙي جي آهي قوم جو، ڪلچر ته باقي ڇا؟

    مَرم ماڻهن منجهان وِيڙو، مِرُن کي پُڻ مَٽي سي ويا،
    ويهاري ڀاءُ جِي جي ڀاءُ، اَڄ دُختر ته باقي ڇا؟
    ڦِري ويو مُلڪ ساري جو، جڏهن منظر ته باقي ڇا؟

    نظارا هي نوان ڏسندي، جُهڪن ٿا ڪنڌ جهٽ پٽ ۾،
    ڏين پيا نارين جو ڪم ڀلا جي، نَر ته باقي ڇا؟
    ڦِري ويو مُلڪ ساري جو، جڏهن منظر ته باقي ڇا؟

    ڪُنواريون ڪار ۾ چاڙهي، ڪِلفٽن يا ڪ ڪِلبن ۾،
    گُهمائڻ لئه وٺي نِڪتو گهران، نوڪر ته باقي ڇا؟
    ڦِري ويو مُلڪ ساري جو، جڏهن منظر ته باقي ڇا؟

    لَڳي بيگم جي ڀُڻ ڀُڻ تي، ڪو ڀيٽو باهه ٿي ويو اَڄ،
    هنيائين پيرسن پيءُ کي، ٻه ٽي پادر ته باقي ڇا؟
    ڦِري ويو مُلڪ ساري جو، جڏهن منظر ته باقي ڇا؟

    ڀُليا آهيو ڀلو جنهن کي، ٿا ڀانيو ڀورڙا اَوهين،
    جهلي ڀونگين جي ويٺو سو ڀلارو ڀَر ته باقي ڇا؟
    ڦِري ويو مُلڪ ساري جو، جڏهن منظر ته باقي ڇا؟

    پيارل پير پارس جا، پرهه تائين تون ڏس پرتا،
    وهاريائين مُريدياڻي، بغل جي ڀَر ته باقي ڇا؟
    ڦِري ويو مُلڪ ساري جو، جڏهن منظر ته باقي ڇا؟

    مُريدياڻي مُٺين سان گڏ، مِٺيون پُڻ ڏي ٿي مُرشد کي،
    لڳائي تيل جون تريون، وجهي ڀاڪر ته باقي ڇا؟
    ڦِري ويو مُلڪ ساري جو، جڏهن منظر ته باقي ڇا؟

    سَڏائي جا سَتي آهيان، رَهي پَرهيز ۾ هر پَل،
    ڏٺي اُن پارسا، جيڪي وڃي پڪچر ته باقي ڇا؟
    ڦِري ويو مُلڪ ساري جو، جڏهن منظر ته باقي ڇا؟

    لڳي مَسجد ڪنان ٿو مَچ، مُنجهي وئي مت به مُوڙهن جي
    مڙهيءَ ۾ ٿو مزي سان، مُڇ وَٽي مُنڪر ته باقي ڇا؟
    ڦِري ويو مُلڪ ساري جو، جڏهن منظر ته باقي ڇا؟

    ڪِرن قبرن مَٿي ڪوڙا، ڪمينن جي ٿِڙي وَئي ڪَل،
    وِساري دِل منجهان ڇڏيئون، ڌڻيءَ جو در ته باقي ڇا؟
    ڦِري ويو مُلڪ ساري جو، جڏهن منظر ته باقي ڇا؟

    مُرادون مَن سنديون موڳا، نه مالڪ کان گهُرن ماڳهين،
    مُقامن تي وڃي مُوذي، ڪِرن مُنهن ڀَر ته باقي ڇا؟
    ڦِري ويو مُلڪ ساري جو، جڏهن منظر ته باقي ڇا؟

    لنگهي وِيو لوڪ ليڪا سڀ، شرافت وَئي شرم گُم اَڄ،
    چڱن تان ٿو ڪري چٿرون، لُفنگ لوفر ته باقي ڇا؟
    ڦِري ويو مُلڪ ساري جو، جڏهن منظر ته باقي ڇا؟

    عدالت ۾ اَنڌا ڌُنڌ، اَڄ رُڳي رُشوت رياڪاري،
    ڪَئي اِنصاف وارن خود، جڏهين هيءَ پَر ته باقي ڇا؟
    ڦِري ويو مُلڪ ساري جو، جڏهن منظر ته باقي ڇا؟

    پُٽن جي ماءُ نڪاح واري، مگر زرويءَ زبردستيءَ،
    ڏئي رشوت ڦٻائي ويو، ڀَلا ديگر ته باقي ڇا؟
    ڦِري ويو مُلڪ ساري جو، جڏهن منظر ته باقي ڇا؟

    ڪڏهن سئنڊل لڳن سِر ۾، ڪڏهن ڪياڙي ڪَ ڏاڙهيءَ جا،
    پٽائي وار ويچارو ونيءَ کان، وَر ته باقي ڇا؟
    ڦِري ويو مُلڪ ساري جو، جڏهن منظر ته باقي ڇا؟

    وَڄن شرنائيون شاديءَ تي، لنگهن سان گڏ نچن زالون،
    ٿئي مَهينو سڄو گهر، دُهل جو ڌَمچر ته باقي ڇا؟
    ڦِري ويو مُلڪ ساري جو، جڏهن منظر ته باقي ڇا؟

    ڪجي ڇا جاهلن کي جُٺ، مگر زاهد به وڃيو خود،
    حسينن جي دَرن تي ٿا ٿِين، حاضر ته باقي ڇا؟
    ڦِري ويو مُلڪ ساري جو، جڏهن منظر ته باقي ڇا؟

    وَڃي سُومَر سَويلي، دوستن سان گڏ جا دوري تي،
    اُها اخلاق واري گهر اَچي، آچر ته باقي ڇا؟
    ڦِري ويو مُلڪ ساري جو، جڏهن منظر ته باقي ڇا؟

    خليفن کان به خلوت ۾، مُريدياڻيءَ کي مُرشد ڏِس،
    سُمهاري ٿو سڄيون راتيون، مٿي بستر ته باقي ڇا؟
    ڦِري ويو مُلڪ ساري جو، جڏهن منظر ته باقي ڇا؟

    جُوا ۾ اَڄ جوانن جا، ويا ٿي جَهڻ جُهڳا آهن،
    رکي گِـِروي ڇڏيئون جي، زال جا زيور ته باقي ڇا؟
    ڦِري ويو مُلڪ ساري جو، جڏهن منظر ته باقي ڇا؟

    رُڳو جيئرن سان جُٺ ڪونهي، مگر مُئلن جي مڙهه تان پُڻ،
    ڪفن ڀي ٿا وَڃن لاهي، ڀَلا ڪي خَرَ ته باقي ڇا؟
    ڦِري ويو مُلڪ ساري جو، جڏهن منظر ته باقي ڇا؟

    صنم خانن ۽ ميخانن ۾، تُنهنجو مولوي ڇا ويو،
    ڏٺو تو ڀي وڃي جيڪر، ڀَلا ٿيٽر ته باقي ڇا؟
    ڦِري ويو مُلڪ ساري جو، جڏهن منظر ته باقي ڇا؟

    ٽَڪي جي چيز چورائين، مگر جي ٿي پئي ثابت،
    کڻي قُرآن بيهي رهندو، نه رَبّ جو ڊَر ته باقي ڇا؟
    ڦِري ويو مُلڪ ساري جو، جڏهن منظر ته باقي ڇا؟

    فقط چند ڏوڪڙن تي ڏس، ڪڍي هَٿ ساڻ پنهنجي ٿي،
    ڏئي ڌيءَ ڌارين کي اَڄ، سڳي مادر ته باقي ڇا؟
    ڦِري ويو مُلڪ ساري جو، جڏهن منظر ته باقي ڇا؟

    ڪَيو اَڄ عالمن ڏس، آهه ڪافي قوم جو نقصان،
    وَٺي رشوت نڪاح ڪن، غير جو صادر ته باقي ڇا؟
    ڦِري ويو مُلڪ ساري جو، جڏهن منظر ته باقي ڇا؟

    اِمانت ۾ خيانت اڄ ٿي، چالو چؤطرف آهي،
    چڱا چهرا به ڀلجي پيا، ڏسي جي زر ته باقي ڇا؟
    ڦِري ويو مُلڪ ساري جو، جڏهن منظر ته باقي ڇا؟

    جي دُشمن کان رسي دوکو، ته اُن تي دُک اصل ناهي،
    مگر جي دوست دل گُهريو، جلائي گهر ته باقي ڇا؟
    ڦِري ويو مُلڪ ساري جو، جڏهن منظر ته باقي ڇا؟

    ونگي واهڻ سُڪي ويڙا، ته اُن ۾ آ عجب ڪهڙو،
    پيو ’جولاءِ‘ ۾ ڏسجي، سنڌو جو تر ته باقي ڇا؟
    ڦِري ويو مُلڪ ساري جو، جڏهن منظر ته باقي ڇا؟

    نظر اينديون نمائش ۾، نمايان نينگريون ننگيون،
    نه ٺرندا نيڻ جيڪڏهن اُتي، ناظر ته باقي ڇا؟
    ڦِري ويو مُلڪ ساري جو، جڏهن منظر ته باقي ڇا؟

    صحافت ۾ نه ڏسجي ٿي، صداقت صاف گوئي اَڄ،
    خوشامد ۾ پيو ڪاهي، جي ’ايڊيٽر‘ ته باقي ڇا؟
    ڦِري ويو مُلڪ ساري جو، جڏهن منظر ته باقي ڇا؟

    ڏسان اَدبي اَدارن ۾، رڳو اَقرب نوازي اَڄ،
    اشاعت ۾ رياڪاري، هلي هن پَر ته باقي ڇا؟
    ڦِري ويو مُلڪ ساري جو، جڏهن منظر ته باقي ڇا؟

    زمينون سنڌ جون سرڪار، ڏيئي چوڌرين کي سڀ،
    بنايو سنڌ وارن کي، ڀلا بي گهر ته باقي ڇا؟
    ڦِري ويو مُلڪ ساري جو، جڏهن منظر ته باقي ڇا؟

    نظم ”سرويچ“ هي تُنهنجو، لکيل ماحول تي پورو،
    مڪارن کي مگر پڙهندي، نه لڳندي ڄَرَ ته باقي ڇا؟
    ڦِري ويو مُلڪ ساري جو، جڏهن منظر ته باقي ڇا؟


    ڪافيون

    تنهنجون سانڍيو گُهمان، ساهڙ ساهه ۾ سِڪُون!!

    تنهنجون سانڍيو گُهمان، ساهڙ ساهه ۾ سِڪُون!!
    تنهنجي پيار سنديون، پيتم پيارا پِڪُون!!

    تنهنجي عشق اُٿاريو ٿم، گهوٽ گهران،
    تنهنجي تانگهه سبب، پيئي تار تران،
    يا ته توسان ملان، يا موجن منجهه مران،
    اهڙيون دل کي اَچن ٻُڌيو ڇير ڇِڪُون!!

    جيئن ٿي ”لار“ لڳي، تيئن ٿي لال لُڇان،
    ڪاريءَ رات اُٿيان، ڪنهن سان ڪين ڪُڇان،
    ڌوڪيو دوست گهڙان، پتڻ ڪهڙا پُڇان،
    ڏسان ڪين ڪَپَر چارا، چڪڻيون چِڪُون!!

    چت ٿيوم چَريو، چَکيم يار چُڪو،
    تُنهنجو سُنهن سڄڻ! ڀانيان سير سُڪو،
    ڏسان ڪونه درياهه ۾ ڪو پاڻيءَ دُڪو،
    ايڏيون تنهنجون اَٿم، هينئڙي منجهه هِڪُون!!

    ”سرويچ“ سِگهي ساهڙ پاس پُڄان،
    مِٺڙي ميهر جا، مُنهن، هَٿ پير چُمان،
    اُڪري پار پوان، تنهن سان گڏجي گُهمان،
    پيان کير کِلي ڏيئي تڪڙيون تِڪُون.


    توکي ساريو سڄڻ

    توکي ساريو سڄڻ

    توکي ساريو سڄڻ! آئون پيئي روز روئان،
    لڙيو لُڙڪ پَوَن، ويٺي درد ڌوئان.

    ڏاڍا توکي ويا ايڏانهن ڏينهن لَڳي،
    هيڏانهن هرڪا هَڏي، مُنهنجي برهه ڀڳي،
    تو ريءَ دوست پيا، هي جي دود ڌڳي،
    ٻاري هجر ڇڏيا، لُونءَ لُونءَ منجهه لونهان!!
    توکي ساريو سڄڻ! آئون پيئي روز روئان!!

    ايڏو ڏور وڃي وِهجي ڪين اَڏي،
    هيئن نه گوندر ۾ وڃجي ڪنهن کي گڏي،
    هيئن نه ڪنهن جو ڏجي، ساجن! ساٿ ڇڏي،
    هينئن نه ڪنهن ڏي ڪجن، هيڏا سُور سونهان!!
    توکي ساريو سڄڻ! آئون پيئي روز روئان!!

    تنهنجي وِرهه وِڌا هي جي ونگ اٿم،
    تنهنجي تات هنيا، ڏاڍا ڏنگ اٿم،
    تنهنجي سُور ڪڍيا دل تي سنگ اٿم،
    ٻاري هجر ڇڏيا، لُونءَ لُونءَ منجهه لونهان!!
    توکي ساريو سڄڻ! آئون پيئي روز روئان!!


    سي ڪيئن ويهي وساريان آئون سانگي سڄڻ،

    سي ڪيئن ويهي وساريان آئون سانگي سڄڻ،
    جن جي پور ڪئي آهيم دلڙي پَرڻ.

    جن جون من اَندر آهن ميخون کُتيون،
    جن جي سِڪ سنديون، پيتم جام سُتيون،
    تن لئه ويٺي روئان، ساريون راتيون رُتيون،
    تن جي لاءِ ڪڍيم، هي سڀ لانگها لنگهڻ،
    سي ڪيئن ويهي وساريان آئون سانگي سڄڻ.

    جن سان ملندي هُيس، مَرڪيو ميڙن تي،
    جن سا گُهمندي هُيس، گڏجيو گهيڙن تي،
    جن سان سير ڪيم، ساون سيڙهن تي،
    کاڌم جن سان سدا، کُنڀيون کير مَکڻ،
    سي ڪيئن ويهي وساريان آئون سانگي سڄڻ.

    منهنجون جيڏيون جڏهن، وِجهيو ويس هلن،
    تان ڪر باغن ۾ پيا ڪي مور ٽلن،
    موتين مينهن وَسن، جيڪر خوش ٿي کِلن،
    جن جي حُسن اڳيان لُڇن هنج هرڻ،
    سي ڪيئن ويهي وساريان آئون سانگي سڄڻ.

    ”سرويچ“ آهيان جن جي سُور سَٽي،
    ماري ماڙين ۾ ڪري ڦارون ڦٽي،
    ڪريان تن ري ڀلا چئهَ ڪيئن سينڌ پَٽي،
    جن جا جيءَ اندر آهن ٻنگ ٻنڌڻ،
    سي ڪيئن ويهي وساريان آئون سانگي سڄڻ.


    آهه زاري سنڌڙي

    آهه زاري سنڌڙي

    ياد آهم ياد تنهنجي، آه زاري سنڌڙي!
    تو مٿان ظلم و ستم جو راڄ طاري سنڌڙي!

    تو رُنو، تُنهنجن رُنو، پَرَ ويو سمورو ڌوڙ ۾،
    ”ڪوٽ وارن“ ڪانه سُئي، دانهن درد واري سنڌڙي!

    ڪنڌ ڪُلفن منجهه قابو، پير ڪڙيون، هٿ ڪڙول،
    ظالمن جي خوب توتي، زور باري سنڌڙي!

    بُت سڄوئي بند اڳ، باقي رهي هڪڙي زبان،
    سا به وڍجو ٿي وڃي، ووءِ ويچاري سنڌڙي!

    تنهنجي واڪن تي نه ڪو، ”سرويچ“ وانگين مان وريو،
    تنهنجا مارو خود به تو وٽ، ٿيا مياري سنڌڙي!


    مٺي ميهار کي پرتيس

    مٺي ميهار کي پرتيس

    مُيَس مهراڻ ۾ جي تان، مِٺي ميهار کي پَرتيَس،
    ڏنِم درياهه ۾ جي دَم، ته پو دلدار کي پَرتيَس.

    سَڏي سِڪ پيئي ساهڙ جي، ڪندي ڇا؟ دير واهڙ جي،
    پيَس جي اولَ ۾ اَڙجي، ته اَکڙين ٺار کي پَرتيَس.

    محّبت يار جي اَندر، ڏِسان هيءَ ڀَر نڪا هُوءَ ڀَر،
    ڏِنو وِچ ۾ جي واڳُن وَرِ، ته پو وينجهار کي پَرتيَس.

    ڪَپرَ جا ڇا ڪندا؟ ڪڙڪا، درياهه ڏي ڀل ته پيو دڙڪا،
    سُڻي کَرِ ڪِيَن سَندا کُڙڪا، چَيَم بَس! يار کي پَرتيَس.

    ڪَيون جيڪر ڪُنن ڪاهون، ته ڏيندم يار ٻَئي ٻانهون،
    سدا ”سرويچ“ بس! آئون، سچي سردار کي پَرتيَس.


    عمر آهي ڪوٽن ۾، منهنجو ڪُڄاڙو!

    عمر آهي ڪوٽن ۾، منهنجو ڪُڄاڙو!
    ڏسان شل وڃي، آءُ پنهوارن جو پاڙو!

    وساريان نه وانگي، وطن ويڙهه واڙيون،
    لڳن تنهنجي ماڙين کان مون کي اُماڙيون،
    سبيل ساهه سانگين سان سوگهو ستاڙو!
    عمر آهي ڪوٽن ۾ منهنجو ڪُڄاڙو!

    سندم سيڻ سانگي ته سادا سونهارا،
    نه ڪنهن جيءَ ۾ آهن هو وانگي ويچارا،
    هنيئي ڇو هچارا، ڌنارن جو ڌاڙو!
    عمر آهي ڪوٽن ۾ منهنجو ڪُڄاڙو!

    نه وسرن ٿا مون کي، منڌي نيٽا ماٽيون،
    پنهوارين سان پيئندس جهڻيون جام گهاٽيون،
    آهيان قيد ڪُلفن اندر ڏينهن ڏهاڙو!
    عمر آهي ڪوٽن ۾ منهنجو ڪُڄاڙو!

    ڏٺم ننڊ ۾ رات ”سرويچ“ سانگي،
    وٺي ڪر ويا ٿم وطن پنهنجي وانگي،
    پيان کير پيئي لٿم روڄ راڙو!
    عمر آهي ڪوٽن ۾ منهنجو ڪُڄاڙو!


    جَبَل! تو ڪو ڏٺو منهنجو؟ هِتي هو يار جانب جَت.

    جَبَل! تو ڪو ڏٺو منهنجو؟ هِتي هو يار جانب جَت.
    محّبت جنهن سَنديءَ مُنهنجي، مُنجهائي آهي ساري مَت.

    اَڃان هِن دَم هِتان پِئي ويو، اَکين جو ٺار هو آري،
    وَڌو اي وَڻ! ڏسو ٿا ڪا؟ اُڏندڙ واٽ تي واري،
    ٿَڪل کي ڪا ڏِيو ٿوهر! الله ڪارڻ اَچي آٿَتِ،
    جَبَل! تو ڪو ڏٺو منهنجو؟ هِتي هو يار جانب جَت.

    اَڙي او پوڙهڙا پٿرّ! پُنهونءَ جو تون پَتو ڪو ڏي،
    لَڪن جي لُوهه لُوساٽن، ڇَڏيا مُنهنجا هي لِڱ لوڏي.
    وِيَم هي روهه جون رُهڙون، سَڄو روهڙي رَڳن مان رَتِ،
    جَبَل! تو ڪو ڏٺو منهنجو؟ هِتي هو يار جانب جَت.

    ڀنڀوران بَس ڪري نِڪتيس، بَرن ۾ رات ڏينهن ڀٽڪان،
    سڄڻ ڌاران نه سُک سنڀران، سدا پئي سوز ۾ سُڏڪان،
    سُڃن ۾ ٿي پَيس ساڻي ۽ سنڌن مان وِيو سَڀ سَت،
    جَبَل! تو ڪو ڏٺو منهنجو؟ هِتي هو يار جانب جَت،

    ڇَپَر سارو ڇُڳيرن لاءِ، ڇَپَرن ساڻِ ڇاڻينديس،
    اٿم ”سرويچ“ جيسين سَگَهه، پئي توڏن ڏي تاڻينديَس،
    پُڄي جي ويا پَسَههَ، پوءِ به پارِي يارَ سان مون پَتِ،
    جَبَل! تو ڪو ڏٺو منهنجو؟ هِتي هو يار جانب جَت،


    باتِ ٻُڌو هيءَ ڀينر مُنهنجي،

    باتِ ٻُڌو هيءَ ڀينر مُنهنجي،
    ذات جَتن سان جيءُ نه ڳَنڍي ڪا.
    مُفت ڏُکن ۾ ويندي ڏرجي،
    ذات جَتن سان جيءُ نه ڳنڍي ڪا.

    رات رَهي ڪَن تات وَڃڻ جي،
    ڳالهه نه ڄاڻن پاند ڳنڍڻ جي.
    ڀوري اَوهان مان ڀُلجي ڀُلجي،
    ذات جَتن سان جيءُ نه ڳنڍي ڪا.

    ڪيچ وَڻن ڏي وَڃن قطاريو،
    ٻارڻ سرَتي ٻيڻان ٻاريو
    ڪين ٻُڌن ٿا ڪنهن پر ڪنهن جي
    ذات جَتن سان جيءُ نه ڳنڍي ڪا.

    هوتن ري سَڀ هوش هَڄي ويا،
    نيڻ نچي پيا، پير پچي پيا،
    ٿاڪ ٿرن ۾ ٿُڏجي ٿڪجي،
    ذات جَتن سان جيءُ نه ڳنڍي ڪا.

    دُور وِيا ڪنهن ديس پرائي،
    ڪابه نه ايندي تِن کي ورائي،
    مون جيئن مرندي رت ۾ رنڱجي،
    ذات جَتن سان جيءُ نه ڳنڍي ڪا.


    هيڻي هوتن سان، ڪهڙي هام هَڻي.

    هيڻي هوتن سان، ڪهڙي هام هَڻي.
    شَلَ ڪا خان بَلوچ کي، سَوِلي وَڻي.

    ڏاڍو ڏاڍ ڪري، مونسان ڏيرَ وِيا،
    ڇِڄي ڇَپَرن ۾، پچي پير پِيا،
    هاڻي ڏينهن، حياتيءَ جا بار ٿيا.
    کاڻي خان پُنهل کي، پئي هٿڙا کڻي،
    هيڻي هوتن سان، ڪهڙي هام هَڻي.

    وِندر منجهه ڪريان، آئون واڪا وَڏا،
    اُٺن اوٺين جا، پيئي ڳوليان اَڏا،
    پهُچن مانَ پُنهونءَ کي، هي حَب ۾ هَڏا،
    نِڪتي آهيان اَديون، ايءَ ڳالهه ڳڻي،
    هيڻي هوتن سان، ڪهڙي هام هَڻي.

    جن سان جيءُ اَڙيو، تِن ري ڪهڙو جيان،
    کاڌا کڏ ۾ پَون، پاڻي ڪيئن پيان؟
    جَتن لاءِ جبل ۾، پئي جهوتون ڏيان،
    شايَد ماءُ ڇَڏيو، سورن ڪاڻِ ڄَڻي،
    هيڻي هوتن سان، ڪهڙي هام هَڻي.

    ڪوهيارل اڳيان ڪريان، زاريون پَئي،
    پوتيون پانڌ وِجهان، جوڙيان هٿڙا ٻئي،
    ڪنديَس آزيون اُنهيءَ کي، آئون پيرن پئي،
    مَنَ ”سرويچ“ سندا، هو ڪي سڏڙا سُڻي،
    هيڻي هوتن سان، ڪهڙي هام هَڻي.

    ڏاڍا هوتَ هَڻي، وِيا تير مونکي.
    هاڻِ ڪين وَڻنِ، کنڊيون کير مونکي.

    آ، ڏيرن جي، اَديون ذات ڏنگي،
    وَٺي وَر ته وِيا، ڏيئي واٽ وِنگي،
    ڪَئي ماٺِ مَيَنِ، رَميا ڪينَ رِنگي،
    وجهي سيڻ ويا، سُتي سير مونکي،
    ڏاڍا هوتَ هَڻي، ويا تير مونکي.

    ڏِسيو سيڄ سُڃي، لَکِ وار لُڇان،
    پَتا پنڌ ڀلا، هاڻ ڪنهن کان پُڇان،
    ڪڙهي قلب پِيو، پوءِ ڪيئن ڪُڇان،
    وِجهي جيءَ ۾ ويا، جَتَ جهير مُونکي،
    ڏاڍا هوتَ هَڻي، ويا تير مونکي.

    ڦَٽَ ڪينَ ڇُٽَنِ، ٿِيا ڦاروُن ڦُٽي،
    غَمَ گهوٽَ سندي، گهوڙا! آهيان گهُٽي،
    سَڄا سُورَ ڪَنان، پيا سَنڌ ٽُٽي،
    ڪَشي ڪيچي ويا، ڪِلَ ڪير مونکي،
    ڏاڍا هوتَ هَڻي، ويا تير مونکي.

    ”سرويچ“ وِڌي آهيان، سوز سَٽي،
    ته به حُبّ هنيئن، منجهان، ڪينَ هَٽي،
    جَتَ يار بِنان، جَڏي ڪيئن جَٽي،
    مِل جَلد اچي، مَڪي مير مونکي،
    ڏاڍا هوتَ هَڻي، ويا تير مونکي.


    جَتن کان ته مونکي، نهَ جيڏيون جهَليوڙي.

    جَتن کان ته مونکي، نهَ جيڏيون جهَليوڙي.
    پُڄان مَنَ پنهونءَ کي، وَڃي ڊوڙي ڊوڙي.

    هي ڀَنڀور وَرَ ري، بُرو پيئي ڀانيان،
    پَٽولا نه پايان، کَٽون هَنڌ کانئيان،
    وِرههَ آهه مُنهنجي، هتي دِل وِلوڙي،
    جَتن کان ته مونکي، نه جيڏيون جَهليوڙي.

    وِهان هوتَ ڌاران، اِهو وَڙِ نهَ آهي،
    وَڃان ڪيچ ڪاهي، هِتي هاڻ ڇاهي؟
    ٿِئي ڀَل ته ڇُلڻا، ڇَپَر منجهه ڇوڙي،
    جَتن کان ته مونکي، نهَ جيڏيون جَهليوڙي.

    بِرهه باهه ٻاري، وَڌي بيقراري،
    ڏِسان جَلد آري، لَهي انتظاري،
    گهُٽي پَئي نِڙيءَ کي، سندي نينهَن نوڙي،
    جَتن کان ته مونکي، نهَ جيڏيون جَهليوڙي.

    اَچي هوتِ حامي، ته ”سرويچ“ ٿيندو،
    وَٺي نال نيندو ۽ گولي گڏيندو.
    ڪَندو پاڻ سائين، سَڄڻ سان سَجوڙي،
    جَتن کان ته مونکي، نهَ جيڏيون جَهليوڙي.


    پُنَهلَ پَنڌ ۾ تون، ٿِجئين ٻانهن ٻيلي.

    پُنَهلَ پَنڌ ۾ تون، ٿِجئين ٻانهن ٻيلي.
    اَچان پيئي توڏي، اَڪيلي، اَڪيلي.

    لَڳي لُوههَ ڪوسي، لَڪَن مَنجهه لٽڪان،
    سَندءِ ڀَر وَسي تي، برن ۾ پَئي ڀَٽڪان،
    کَنيمَ پاڻ سان ڪا، نهَ سَرتي سَهيلي،
    پُنهلَ پَنڌ ۾ تون، ٿجئين ٻانهن ٻيلي.

    رُلان رائي ۾ پَئي، سَڄا ڏينهن راتيون،
    جَبَلَ جي جُهريَن ۾، ڏِيان جامَ جهاتيون.
    ڇَڏيَم هوتَ تولَئه، حَرم ۽ حَويلي،
    پُنهلَ پَنڌ ۾ تون، ٿجئين ٻانهن ٻيلي.

    جَبَلَ جون ته جاڙون، جهلينديون نَه مونکي،
    هي پٿريون پرينءَ کان، پلينديون نهَ مونکي.
    پيلَ نيش نينهن جي آ، نَڪَ ۾ نَڪيلي،
    پُنهلَ پَنڌ ۾ تون، ٿجئين ٻانهن ٻيلي.

    سَفَرَ مَنجهه ”سرويچ“، سورهيه سَٻرَ ٿي،
    سَڄڻ جي ته پويان، سُران سينڌ ڀَر ٿي.
    پُڄي مَنَ وَڃان آئون آويلي، سويلي
    پُنهلَ پَنڌ ۾ تون، ٿجئين ٻانهن ٻيلي.


    وايون

    جيسين جياسين، تيسين هئاسين، سجن چنڊن تارن وانگر

    جيسين جياسين، تيسين هئاسين، سجن چنڊن تارن وانگر
    ڌرتيءَ تي دلدارن وانگر.

    تن جا اُجرا، من جا اُجرا، سُخنن ۾ سيپارن وانگر
    ڌرتيءَ تي دلدارن وانگر.

    ڪوئي ڪٿي ڪون سگهيو، اونها ڄڻ اسرارن وانگر
    ڌرتيءَ تي دلدارن وانگر.

    شوق اسان جو شينهن جهڙو، شعر سڀئي شهڪارن وانگر
    ڌرتيءَ تي دلدارن وانگر .

    سوڍا ۽ ”سرويچ“ ٿياسين، سرمد سچل پارن وانگر
    ڌرتيءَ تي دلدارن وانگر .


    آمر آمر سان او ساٿي، اکرين ٽَڪرين اٽڪياسين،

    آمر آمر سان او ساٿي، اکرين ٽَڪرين اٽڪياسين،
    پير نه هڪڙو هٽڪياسين.

    ڀونءَ ڀلي لاءِ سچ سليندي، ڀاڳن هوندي ڀٽڪياسين،
    پير نه هڪڙو هٽڪياسين.

    وک وک تي جت، سوريون، سامهون، لک لک اندر لٽڪياسين،
    پير نه هڪڙو هٽڪياسين.

    سوڍا ۽ ”سرويچ“ ٿياسين، سوڀن ڪارڻ سٽڪياسين،
    پير نه هڪڙو هٽڪياسين.


    ڪالهه به لِکيم، اڄ به لکان پيو

    ڪالهه به لِکيم، اڄ به لکان پيو
    ڪيئي عوامي قومي وايون.

    جيءَ جنجهوڙي جاڳائن جي،
    سيئي عوامي قومي وايون

    ڏاها ماڻهو، سڀ ويا آهن
    ڏيئي عوامي قومي وايون.

    قومن قلبن، اندر رکيون
    جيئي عوامي قومي وايون.

    پنهوارن کي، پهچائيندس،
    نيئي عوامي قومي وايون.

    جهوپن جهنگن، اندر ٻُرنديون،
    ٻيئي عوامي قومي وايون.

    سانگين کي ”سرويچ“ کپن ٿيون
    هيئي عوامي قومي وايون.


    مارن مسڪينن جي لاءِ، لکندي لکندي پوڙها ٿياسين

    مارن مسڪينن جي لاءِ، لکندي لکندي پوڙها ٿياسين
    ڳاڙها ڳاڙها ڳوڙها ٿياسين.

    لاکيڻن جي لڄن خاطر، پردا، ويڙها، لوڙها ٿياسين.
    ڳاڙها ڳاڙها ڳوڙها ٿياسين.

    سانگين خاطر سوچي سوچي، وار وڃائي ٺوڙها ٿياسين
    ڳاڙها ڳاڙها ڳوڙها ٿياسين.

    چوڙيلين جي چاڳن لاءِ، چٽ چنيءَ تي اوڙها ٿياسين
    ڳاڙها ڳاڙها ڳوڙها ٿياسين.

    سانگين سان ”سرويچ“ سدائين، جيءَ ڳنڍاڙي جوڙا ٿياسين
    ڳاڙها ڳاڙها ڳوڙها ٿياسين.


    هر هر پنهنجي حقن لاءِ پيو هيڏي هوڏي هٿ هڻان،

    هر هر پنهنجي حقن لاءِ پيو هيڏي هوڏي هٿ هڻان،
    ساهي ڪيئن کڻان.

    چوڙيلين جي چاڳن خاطر، چَٻيان ويٺو رُڪ چڻان،
    ساهي ڪيئن کڻان.

    ڇپر ڇپر ڇاپوليان ۽ گهاڙيان گهيڙ گهڻا
    ساهي ڪيئن کڻان.

    واچوڙن ۽ طوفانن ۾، تيزو تيز تڻان،
    ساهي ڪيئن کڻان.

    جيئن جيئن ڇڙجان، ڇيرا بڻجان ڇانڀئي ڪين ڇڻان،
    ساهي ڪيئن کڻان.

    وانگين ڪارڻ ويڙهه وڙهان ۽ ويرين کي ٿو ڪين وڻان،
    ساهي ڪيئن کڻان.

    ”سرويچ“ آهيان سينو ساهيان، هڪ نه پر ڪي لک ڄڻان،
    ساهي ڪيئن کڻان.


    جوڌا جاڳائن پيا جُو، تن جي ڳاڙهين ڳالهين کان تو

    جوڌا جاڳائن پيا جُو، تن جي ڳاڙهين ڳالهين کان تو
    قومي قاتل رت نه رُو
    سنڌ سموري سوچون لوچون ميندي جي آ جن ۾ مُو
    جوڌا------

    هي جا پنهنجي وهي آ ويٺي، تنهن جي هاڪ دنيا تي هُو
    جوڌا------

    ڪاريون راتيون ڪاٽي ڪندا، صاف سهايون- سُو سُو سُو
    جوڌا------

    ڏاڍ ڏمر جا ڏند ڀڃندا، قيد نه ڪندن ڪي قابو
    جوڌا------

    گهر گهرگهاٽ گهٽي ۾ ٻُڌنڌين گهوٻاٽن جي گُهو گُهو گُهو
    جوڌا------

    ظالم تي لک لعنت پوندي جابر تي ٿُڪ ٿُو، ٿُو، ٿوُ
    جوڌا------

    موت نه تن کي ماري سگهندو موت کي ماريندا مارو
    جوڌا------

    هي سڀ لاٽون واٽون آهن. هي سڀ آهن ضو، ضو، ضو
    جوڌا------

    جرئت جا هي جبل آهن، هٺ ۾ جهڙا همالو
    جوڌا------

    جت جت رت جي راند رچي ٿي، دوست گهڙن اُت ڌوڪي ڌو
    جوڌا------

    ٻچو ٻچو سنڌ سان سچو، ڪهڙا ڪندين تون قابو
    جوڌا------

    هن جي هستيءَ مستيءَ آ، درياهه واري ڌو، ڌو، ڌو
    جوڌا------

    سنڌ سڄي پئي ٽهڪيو ٽهڪي ساکي جنهن جو آ سنڌو
    جوڌا------

    سنڌ سڄي ”سرويچ“ اُٿي پئي موت کي ماريندا ماڙهو.
    جوڌا------


    ڪالهه به پُـٽـڙا ڪُٺا،

    ڪالهه به پُـٽـڙا ڪُٺا،
    ويرين ويل ڪيا
    سانگيئڙن جي سنڌ مٿي
    ڪالهه به پُـٽـڙا ڪُٺا.

    سانگين پنهنجي سيم ۾،
    سهسين سُور سٺا
    ڪالهه به پُـٽـڙا ڪُٺا.

    ريٽي ريٽي رت ۾ تن،
    پُسيا پير پُٺا
    ڪالهه به پُـٽـڙا ڪُٺا.

    رهزن جي هن ريت ڪنا،
    مارو مور مُٺا
    ڪالهه به پُـٽـڙا ڪُٺا.

    ”سرويچن“ جي ڄائي ڄاڻج،
    ٿيندا سهنج سُٺا
    ڪالهه به پُـٽـڙا ڪُٺا.


    [ضيائي مارشل لا جي بربريت جي چٽي اهڃاڻ ٽوڙهي ڦاٽڪ جي شهيد شاگردن تي لکيل .]


    ڪينجهر ٻنهين ڪنڌئين، جڏهن نوريون ڪنديون ناز

    ڪينجهر ٻنهين ڪنڌئين، جڏهن نوريون ڪنديون ناز
    تڏهن مُرڪي مُرڪي ملبو.

    جڏهن اُتر هيرون نچنديون، روحن رچندا راز
    تڏهن مُرڪي مُرڪي ملبو.

    جڏهن جَر جي جهونگارڻ تي، سڙهن وڄندا ساز
    تڏهن مُرڪي مُرڪي ملبو.

    جڏهن ڳيرا ڳٽڪاريندا، بازن جُهرندا باز
    تڏهن مُرڪي مُرڪي ملبو.

    ساڻيهه ۽ ”سرويچ“ سُڻبا، آجپ جا آواز
    تڏهن مُرڪي مُرڪي ملبو.


    کيٽ کڙيا چيٽ ٽڙيا، دل ۾ وڄن چنگ

    کيٽ کڙيا چيٽ ٽڙيا، دل ۾ وڄن چنگ
    الا ڪڻڪ پڪا سنگ.

    تون نه اڃا آئين، مُڪم توڏي سوين ڪنگ
    الا ڪڻڪ پڪا سنگ.

    تولئه وڃايا مون مٺا، روئي پنهنجا رنگ
    الا ڪڻڪ پڪا سنگ.

    هر رات هڻي ڪات، هر ڏينهن لڳن ڏنگ
    الا ڪڻڪ پڪا سنگ.

    ”سرويچ“ سڄڻ جي ته، ورهه دل کي وڌا ونگ
    الا ڪڻڪ پڪا سنگ.


    موٽِ سگهو ميهار،

    موٽِ سگهو ميهار،
    لَهَرين لوڙهي ماري آهيان.

    دهشت داٻ درياهه ۾ ڏاڍي، دُوڌو ۽ دڌڪار
    لَهَرين لوڙِهي ماري آهيان.

    ڇاتي ڇيهون ڇيهون ڪيئي، ڇولِين جي ڇَڇڪار
    لَهَرين لوڙهي ماري آهيان.

    جهاڳڻ کان جَر آهه جَجهو، هي! جانب وَر جونجهار
    لَهَرين لوڙهي ماري آهيان.

    اوڙاهن ۾ اٽڪي پيس، هينئڙي هؤل هزار
    لَهرين لوڙهي ماري آهيان.

    واڳُن واتَ وڏائي ڦاڙيا، واهر ٿي وينجهار
    لَهَرين لوڙهي ماري آهيان.

    لُڙ ۾ لڱڙا ويڙم لُڙجي، لاشو ٿيو لهوار
    لَهَرين لوڙهي ماري آهيان.


    مِٽَ نه موٽيم ڪوئي، حالَ وِڃايَم روئي.

    مِٽَ نه موٽيم ڪوئي، حالَ وِڃايَم روئي.
    ماڙِيَنِ ماري، ماري آهيان، او! مِٽِ نَه موٽِيَم ڪوئي.

    لاکيڻن جي لاءِ لُڇندي، ليڙون ٿيَم لوئي،
    ماڙِيَنِ ماري، ماري آهيان.

    وار نه ويڙهينديس هي ڪَڏهن ڌنارين ري ڌوئي،
    ماڙِيَنِ ماري، ماري آهيان.

    ڏوٿين مون ڏي، ڪانه مُڪي ڪا، ڏونرن سَندي ڏوئي،
    ماڙين ماري ماري آهيان.

    جو ”سائين“ لکيو ”سرويچ“ ادا! هِت لوڙيان ويٺي سوئي،
    ماڙِيَنِ ماري، ماري آهيان.


    هَر دَم هينئڙا يارَ

    هَر دَم هينئڙا يارَ
    ڏونگر ڏاڍا ڏَنگ ڏُکيءَ کي.

    هينئڙيءَ ۾ هت هوتن جا ٿيا، مون کي هؤل هزار
    ڏونگر ڏاڍا ڏَنگ ڏُکيءَ کي.

    پٿر پَٻ جا پيرن مان ويا، اُڪري آرو پار
    ڏونگر ڏاڍا ڏَنگ ڏُکيءَ کي.

    ڏيل ڏهيون ٿي وئڙم سارو، ووڙيندي وڻڪار
    ڏونگر ڏاڍا ڏَنگ ڏُکيءَ کي.

    ساڻي ٿي ”سرويچ“ سان، منهنجا صاحب رب ستار!
    ڏونگر ڏاڍا ڏَنگ ڏُکيءَ کي.


    شخصيتن کي ڀيٽا

    پيل توکي ڀُٽا صاحب گلي ۾ گُل رَتا هوندا.

    پيل توکي ڀُٽا صاحب گلي ۾ گُل رَتا هوندا.

    خبر ڏيو ڪا خدا لڳ اڄ، اوهان جي ڪيئن پئي گذري،
    هتي اهنجي جُدائي ۾، نٿي ساعت صفا نبري،
    لبن تي آهي دم دلبر، اِجهو ڪي ٿو اِجهو نڪري،
    اوهان جي ياد وانگين کي، نٿي ڪا ويل هڪ وسري،
    قيامت تائين اي قائد، اوهين نت امرتا هوندا،
    پيل توکي ڀُٽا صاحب گلي ۾ گُل رتا هوندا.

    جڏهن مظلوم قومون ظالمن جا ڪنڌ موڙينديون،
    جڏهن مجبور قومون، جابرن کي هت جنجهوڙينديون،
    جڏهن مقهور قومون، سر قهارن جا ته ڦوڙينديون،
    جڏهن محڪوم قومون، اَلم آزاديءَ جا ته کوڙينديون،
    تڏهن ملعون منهن ڪارا، ٽنگيل هت اُبتا هوندا،
    پيل توکي ڀُٽا صاحب گلي ۾ گُل رَتا هوندا.

    اوهين آهيو سدا جيئرا، مري انصاف بلڪل ويو،
    اوهان کي ڪير ماريندو، مري ڪرنل ۽ جنرل ويو،
    اوهين مرڻا نه آهيو ميان، مري اسلام جو مُل ويو،
    اوهان کانپوءِ پاڪستان، مري سچ پُچ مڪمل ويو،
    سندس بنياد ۽ بازو بلاشڪ بي سَتا هوندا،
    پيل توکي ڀُٽا صاحب گلي ۾ گُل رَتا هوندا.


    ڀٽائي گهوٽ جي ڀر ۾، مٺا تون مُرڪندو هوندين،
    تون حضرت هوش محمد سان، ڪچهريون پيو ڪندو هوندين،
    سچل سرمست سان سوڍا، سدا پيو سوهندو هوندين،
    جي جوڌا چار مارچ جا، پيو تن سان جهومندو هوندين،
    اوهان مڙني جا اُن پاسي، وڏا ميلا متا هوندا،
    پيل توکي ڀُٽا صاحب گلي ۾ گُل رَتا هوندا.

    بهادر شينهن دودي سان، رُڌل هوندين رهاڻين ۾،
    بلاول گهوٽ سان هوندين، ڪَٺو قومي ڪهاڻين ۾،
    تون راجا راءِ سهاسيءَ سان، سُکيو هوندين سرهاڻين ۾،
    تون دريا خان سان هوندين، مقالن مائيٽاڻين ۾،
    انهن سڀني پڇيا توکان، هتي جا ڏس پَتا هوندا،
    پيل توکي ڀُٽا صاحب، گلي ۾ گل رَتا هوندا.

    حسيني ساٿ سائين، تون هوندين هم ڪلامي ٿيو،
    علي مُشڪل ڪُشا سان ڀي، هوندين عاشق انجامي ٿيو،
    سڳورن ڪُل سونهارن سان، سڄڻ هوندين سلامي ٿيو،
    محمد مصطفيٰ صه سان پڻ، ملڻ هوندءِ مدامي ٿيو،
    اوهان سان ظلم جيڪو ٿيو، انهيءُ تان سڀ تتا هوندا،
    پيل توکي ڀُٽا صاحب گلي ۾ گُل رَتا هوندا.


    خدا جي خاص مجلس ۾، اوهان جون عزتون هونديون،
    اوهان کي رب عطا ڪيون، سموريون جنتون هونديون،
    ڪنديون حورون هزارين اِت اوهان جون خدمتون هونديون،
    يزيد تي هتي ۽ اّت، لکين لک لعنتون هونديون،
    اوهان جي آجيان لاءِ فَلڪ تي فرشتا هوندا،
    پيل توکي ڀّٽا صاحب، گلي ۾ گُل رَتا هوندا.

    تو هيڻن جي حمايت ڪئي، تڏهن سوريءَ تي چاڙهيو وئين،
    تو اّڀرن جي اُمامت ڪئي، تڏهن سوريءَ تي چاڙهيو وئين،
    تو بگهڙن سان بغاوت ڪئي، تڏهن سوريءَ تي چاڙهيو وئين،
    تو مُلن تي ملامت ڪئي، تڏهن سوريءَ تي چاڙهيو وئين،
    مُلان مڪار منهن ڪارا، سدا بي عزتا هوندا،
    پيل توکي ڀُٽا صاحب گلي ۾ گُل رتا هوندا.

    اوهان جي سر ڏيڻ کانپوءِ، اجها ڄڻ آئي آزادي،
    اُتان ئي پيو اکين ڏسجئين، تون بدڪارن جي بربادي،
    سمورا وير ويرين کان، هيءَ وٺندي سنڌ جي وادي،
    اوهان جي ئي قبر ڀرسان، ڪبي هن ملڪ جي گادي،
    اُتي آزاد جيئڻ جا، مڙيئي مقصد متا هوندا،
    پيل توکي ڀُٽا صاحب گلي ۾ گُل رتا هوندا.

    اوهان سوريءَ مٿي پنهنجو، مٿو مُرڪي ڏنو آهي،
    اوهان لئه سنڌ ڌرتيءَ جو، سڄڻ سينو ڇنو آهي،
    اوهان لئه سارو ’ايل ايم سي‘ ته لڙڪن سان ڀِنو آهي،
    اوهان لئه مڙن مظلومن ته، ريٽو رت رنو آهي،
    حشر حورن ڪيا هوندا، فڪر ۾ فرشتا هوندا،
    پيل توکي ڀّٽا صاحب گلي ۾ گُل رتا هوندا.

    اوهان جو وير ويرين کان، وڏي واڪي سان وٺڻو آ،
    اوهان جي قاتلن کي ڪنهن به قيمت تي نه ڇڏڻو آ،
    اسان جو انتقامي رت نه مرڻو آ نه ٺَرڻو آ،
    علل اعلان وڙهڻو آ، علل اعلان وڙهڻو آ،
    مڪارن جا ته منهن هوندا، جوانن جا جُتا هوندا،
    پيل توکي ڀّٽا صاحب گلي ۾ گُل رتا هوندا.

    سچو ”سرويچ“ تون آهين. ڇڏي سوري تو سينگاري،
    نه هٻڪئين حق چوڻ کان، بس هليو ئي آئين هاڪاري،
    نه مڃبي آڻ آمر جي، چيئي لُچن کي للڪاري،
    چيو تو قيد ڪوٽن مان، سڄي لشڪر کي للڪاري،
    خدا جي فضل سان فردوس ۾ با-فرحتا هوندا،
    پيل توکي ڀّٽا صاحب گلي ۾ گُل رَتا هوندا.


    [4 اپريل 1979ع تي محبوب قائد جناب ذوالفقار علي ڀٽي صاحب جي شهادت جي موقعي تي نهايت ڏکوئيندڙ حالت ۾ لکيو ويو. جيڪو اڄ تائين پ پ جي جلسن، جلوسن ۾ وڏي اهتمام ۽ احترام سان پڙهجندو رهي ٿو.]


    جس هجيئه او مارئي ٻاگهي

    جس هجيئه او مارئي ٻاگهي
    جس هجيئه او منهنجي ڀيڻ

    سرديون گرميون سيجون تولئه سوريون توکي سجدا ڪن،
    مينهن توڙي طوفانن ۾، تنهنجي جذبن جو جوڀن،
    آلاپي ٿو گيت گلابي، ڏڪي جن کان ڏائڻ ڏيڻ،
    جس هجيئه او مارئي ٻاگهي- جس هجيئه او منهنجي ڀيڻ.

    زنجيرن جا زور ڇنا تو، لاٿا هٿ ڪڙين تان ڪَس،
    ڪُلفيل ڪارين ڪوٺين ۾، تو ٺاهيا پنهنجا گهر ۽ گَس،
    زندانن جي ديوارن کي، موڙي ڪيو تو مکڻ ميڻ،
    جس هجيئه او مارئي ٻاگهي- جس هجيئه او جوڌي ڀيڻ.

    راڪيٽن ۽ بارودن جا، دونهان ڌڌڪارا ۽ ڌم،
    ٽينڪون توپون گن مشينو، گوليون توڙي گولا بم،
    تنهنجي اٽل ارادي اڳيان، سڀ ٿيا سڪل ڇيڻ،
    جس هجيئه او مارئي ٻاگهي- جس هجيئه او جوڌي ڀيڻ.

    لشڪر لشڪر خاڪي آٿر، ڏهه ڏهه ڦيٿون ڏهه ڏهه ڦُل،
    گهر جا ڪڪڙ ماريندڙ هو، گيدي غنڊا ڪن ٿا غُل،
    هانءُ هڙن جا هُڙڪن هر هر، ڏسندي تنهنجا گهرا نيڻ،
    جس هجيئه او مارئي ٻاگهي- جس هجيئه او جوڌي ڀيڻ.

    گاديون ۽ درگاهون ڌڙڪن، پاڳارن جي اُڏري پَڳ،
    فتويٰ بازي ڦورو مُلان، ٿڙڪن توکان ٺوري ٺَڳ،
    ويڪو منصف لرزن لڪن، ٻُڌندي تنهنجو ڀڻڪو ڀيڻ،
    جس هجيئه او مارئي ٻاگهي- جس هجيئه او جوڌي ڀيڻ.

    سچ سُڻايان توکي سانئڻ، تنهنجي سر جو آهم سونهن،
    رئيسن توڙي پيرن ميرن، پرمارن جو سائو منهن،
    غيرت غيرن وٽ وڪيائون، وڪيئون پنهنجي لڄ ۽ ليڻ،
    جس هجيئه او مارئي ٻاگهي- جس هجيئه او جوڌي ڀيڻ.

    جمهوريت لاءِ جيڪي وڙهندا، تن جي آهين تون اڳواڻ،
    صدين تائين جيئري هوندينءَ، سالارن جي تون سرواڻ،
    تنهنجو نانءُ وٺڻ سان وسرن، ويس وڳا ۽ کاڌا کيڻ،
    جس هجيئه او مارئي ٻاگهي- جس هجيئه او جوڌي ڀيڻ.

    ’بي بي سيءَ‘ تان بات ڪرين تان، باطل ڀورا ڀورا ٿئي،
    سرويچ نگر مان سڏ ڪرين تان، قاتل ڀورا ڀور ٿئي،
    تنهنجي حشمت همت اڳيان، هاٿي توڙي هاڙهيه هيڻ،
    جس هجيئه او مارئي ٻاگهي- جس هجيئه او جوڌي ڀيڻ.

    تنهنجو مٽ نه ڪوئي ثاني- توسان ٿيندو ڪير نظير،
    تنهنجي سيرت سونهن اڳيان، ٿيون هي هي چيزون سڀ حقير،
    ماڻهو، حورون، ماڻڪ، موتي، هنج هرڻ ۽ پکي پيڻ،
    جس هجيئه او مارئي ٻاگهي- جس هجيئه او جوڌي ڀيڻ.

    نصرت اندرا2 بندرا3 ليليٰ4، ٿيچر5 توڙي واجد6 شيخ،
    بختاور ۽ ٻاگهي جي پڻ، من ۾ تنهنجي کتل ميخ،
    تنهنجي عظمت اوچائي جا، سڀ ٿيون ڳائن ڳيچ ۽ ڳيڻ،
    جس هجيئه او مارئي ٻاگهي- جس هجيئه او جوڌي ڀيڻ.

    مسڪينن جي مٽئي توسان، تون ئي تن جي ساهه جي سنڌ،
    اک اک ۾ اوطاق سنديئي، هينئن هينئن ۾ تولئه هنڌ،
    تو پڻ تن تان گهوري گهوريا، ڪهڙا سر ۽ ڪهڙا سيڻ،
    جس هجيئه او مارئي ٻاگهي- جس هجيئه او جوڌي ڀيڻ.

    سانگين کي تون سر کان پياري، سانگين جو تون ساهه پساهه،
    تنهنجي قولن ڠڶڵڷ تي آ، ۆإڷڧۑ ۆإڷڧۑ کي ويساهه،
    باقي نحس نڀاڳن جي لاءِ، تنهنجو نالو وڍ ۽ ويڻ،
    جس هجيئه او مارئي ٻاگهي- جس هجيئه او جوڌي ڀيڻ.

    ”سرويچن“ ۽ سانگيئڙن جي، سونهن به تون ۽ ساک به تون،
    اونداهين ۾ تون ئي اُماڙي، اميدن جي باک به تون،
    ڄاڻ ته اُڀريا سج- سُکن جا، ڄاڻ وهائي ڪاري ريڻ،
    جس هجيئه او مارئي ٻاگهي- جس هجيئه او جوڌي ڀيڻ.

    [هي نظم 1981ع ۾ لکيو ويو هو. ان وقت محترمه بينظير صاحبه پنهنجي جرئت مند ماءُ بيگم نصرت ڀٽو سان گڏ سهالا ريسٽ هائوس ۾ نظربند هئي. ۽ ساڳيو نظم ڊسمبر 1981ع ۾ سنڌ مدرسه ڪراچي ۾ ملهايل’ سنڌۑ ساهت ڪانفرنس‘ جي ڪوٺايل سنڌي مشاعري ۾ ، جنهن جي صدارت مرحوم مخدوم طالب الموليٰ صاحب ڪئي هئي، جنهن ۾ سڄي سنڌ جا نمائندا شاعر شريڪ ٿيا هئا، اتي هن بيت سان پڙهيو ويو هو.
    سنڌ مدرسه تنهنجي پڙ ۾، سچ سڻائڻ پئجي ويو
    سچ سڻائڻ عيوض بيشڪ قيد ڪمائڻ پئجي ويو
    ان بعد پيپلزپارٽي جي هر جلسي ۾ بينظير صاحبه جي موجودگي ۽ غير موجودگي ۾ پڙهجندو رهيو]


    تون آن شهيد اعظم

    تون آن شهيد اعظم

    محبوب مُحب منهنجا، مانجهي مٿير ڀُٽا،
    توتي سلام اربين، دلبَر دلير ڀُٽا.

    تون آن هميشه زندهه، تون آن شهيد اعظم،
    شاهن کان شان شاهي، تنهنجو آ شير ڀُٽا.

    توکي دعائون دَم دَم، تنهنجو ثنائون هردم،
    ڳوٺن جا ڳوٺ ڪن ٿا، هر ڪنهن ئي وير ڀُٽا.

    ايڪيهه ماهه اوهان کي قيدن ۾ بند ڪيو ويو،
    ڪيڏا نه ڪيا اوهان سان، انڌن انڌير ڀُٽا.

    ساڳيو حُسين وارو، ٿي ويو حساب توسان،
    ساڳيا يزيد ڪيا ڏس، هاڃا هي هيرَ ڀُٽا.

    تنهنجو به ان پاڻي، بلڪل هو بند پيارا،
    تنهنجا به هئا ٻڌا ويا، هٿ بازَ پيرَ ڀُٽا.

    ڪاٽيو تو سال سارو، ڦاسي جي ڪوٺڙيءَ ۾،
    آيو نه پوءِ به عزم ۾، ڪو فرق ڦير ڀُٽا.

    تنهنجو به ساٿ سارو، سوگهو سنگهر ۾ سائين،
    بلڪل ٻَڌو ويو پي آڌي اوير ڀُٽا.

    تنهنجي به ڌيءَ بيبيءَ، قيدن تي قيد ڪاٽيا،
    قُربان قوم تان ٿئي اهڙو ٻيو ڪير ڀُٽا.

    تو ڀيءَ حُسين وانگر بيعت نه مڃي بُز جي،
    بيشڪ عظيم آهين، بَل بَل بَلير ڀُٽا.

    نصرت جي رت ساڻ ئي، رڱجي وطن هي ويندو،
    وٺبا سمورا ساري، ويرين کان وير ڀُٽا

    تنهنجي ته بينظير جو، سچ پچ نظير ناهي،
    جنهن جي عزم جي اڳيان زنجير زير ڀُٽا.

    ممتاز ، مير ، شاهه ۽ ننڍڙيءَ صنم جا بابا،
    تنهنجو هي خون ناحق وڄندو ٿي ڀير ڀَٽا.

    تنهنجي ٻُڌي شهادت ڳاڙها ڳڙي پيا ڳوڙها،
    ميٽيو مِٽن تان جن هو، مٽي ۽ مَير ڀُٽا.

    هاري مزور هَر هَر ”هئي هئي“ ٿا ڪن اوهان لئي،
    مسڪين مار ٿي وئي، تنهنجي بغير ڀُٽا.

    سازش سان سامراج جي، توتي ستم ڪيو ويو،
    جن کي تو پنهنجو سمجهيو، سي ئي ٿيا غير ڀُٽا.

    تنهنجي ته دشمنن کان وٺبا حساب ساري،
    وڍبا اُنهن جا ويهي نڪ چپ پير ڀُٽا.

    ظالم ”زيان خور“ کي، ٿڏن سان ماريو ويندو،
    ٿيندي نه ڪم انهي ۾، دم جي ڪا دير ڀُٽا.

    دنيا ۾ نانءَ تنهنجو، روشن سدائين رهندو،
    روضي تي تنهنجي هوندا، رحمت جا ڍير ڀُٽا.

    جنت ۾ جاءِ تنهنجي جوڙي جليل رب آ،
    حورون اوهان لئه حاضر، سانجهيءَ سوير ڀُٽا.

    ”سرويچ“ سرفراز تون، تون آ سپوت سنڌي،
    جن تي به ڇٽ ڇُلن، تون تن ۾ ڇڳير ڀُٽا.

    محبوب محب منهنجا مانجهي مٿير ڀٽا،
    توتي سلام اربين دلبر دلير ڀُٽا.


    شال سدا پئي سوڀون ماڻيئين

    شال سدا پئي سوڀون ماڻيئين
    [محترم بينظير ڀٽو جي نالي]

    ڏاڍا ڏونگر ٽوڙيئين ٽاڻيئين، ڇڄ کڻيو پئي ڇپر ڇاڻيئين.
    شال سدا پئي سوڀون ماڻيئين، شال سدا پئي سوڀون ماڻيئين.

    هاڙهه هاڙهه کي هٽڪائين، اکڙيون اجگر سان اٽڪائين،
    ايڏا عزم ڪٿان ٿي آڻيئين، شال سدا پئي سوڀون ماڻيئين.

    ڪيڏي عاقل ارڏي آهين، ڪُل وڏن کان وڏي آهين،
    ڏاگهي ڏاگهي کي ٿي ڏاڻيئين، شال سدا پئي سوڀون ماڻيئين.

    پنڌ اڙانگا اوکا جيڏانهن، جيءَ کي پهچن جوکا جيڏانهن،
    تيڏانهن پئي تون تاڻيو تاڻيئين، شال سدا پئي سوڀون ماڻيئين.

    ڪيڏو سارو جاکوڙيئن ٿي، اوچا عرش اُکوڙينءَ ٿي،
    ٻاڙيءَ ٻاڙي کي ٿي ٻاڻيئين، شال سدا پئي سوڀون ماڻيئين.

    ٽڪر سان ٿي ٽئنڪون ٽوڙيئن، هٺ هٺيلن جا ٿي ڦوڙيئن،
    ست سمونڊن جا ٿي واڻيئين، شال سدا پئي سوڀون ماڻيئين.

    مشرق مغرب ڇيڙا تنهنجا، مست مَڇن سان جهيڙا تنهنجا،
    مغرورن کي گهوٽيئن گهاڻيئين، شال سدا پئي سوڀون ماڻيئين.

    توسان جيڪي وير رکن ٿا، من ۾ تو ڏانهن مير رکن ٿا،
    ٽانڊن ۾ ٿي تن کي ٽاڻيئين، شال سدا پئي سوڀون ماڻيئين.

    سچ سان تنهنجو نينهن نسورو، ڪوڙن لئه تون زهر ڪٽورو،
    کوٽا ٻڏندا اندر کاڻيئين، شال سدا پئي سوڀون ماڻيئين.

    تو وٽ ويٺي وِير مُنجهن ٿا، پڙهيل لکيل پير مُنجهن ٿا،
    گوهيون ڪن ٿا سي گڏجاڻيئين، شال سدا پئي سوڀون ماڻيئين.

    ”سرويچ“ چوانءِ سرڪش توکي، دنيا چئي ٿي دلڪش توکي،
    ريس ٿئي ٿي تو وٽ راڻيئن، شال سدا پئي سوڀون ماڻيئين.


    [1993ع جي اليڪشن جي موقعي تي دعا طور لکيو ويو.]


    بينظير اچي پئي، بينظير اچي پئي

    بينظير اچي پئي، بينظير اچي پئي

    اڄ شهر ٺٽي مان ته ٿڌي هير اچي پئي،
    هن گهوٽ ڀُٽي جي ته سا تصوير اچي پئي،
    طوفان مثل آهي اُکوڙي ته ڇڏيندي،
    سمونڊن جيئن اٿي آ، سا ٻوڙي ته ڇڏيندي،
    وڏيرن جي مٿان يار، وڏي وير اچي پئي،
    بينظير اچي پئي.

    جي وک وجهي ٿي ته، وڏا وير ڪِرن ٿا،
    سو پير، وڏا مير ۽ مهمير ڪِرن ٿا،
    هر چور چڪاري کي، وجهڻ چير اچي پئي،
    بينظير اچي پئي.

    للڪار ڪري ٿي ته، وڏا ڍنگ ڍرن ٿا،
    بدهوش ۽ بدڪار، بي موت مرن ٿا،
    مظلوم عوامن جي ته مدد گير اچي پئي،
    بينظير اچي پئي.

    مسڪين سندو ماس، جو مردار چٻاڙي،
    ان جو ٿي ڪڍي اوجهه، لتن ساڻ لتاڙي،
    هيڻن جي وڏي واڪ، طرف گير اچي پئي،
    بينظير اچي پئي.

    تقرير اندر جوش ۽ جولان ڏسو پيا،
    تحرير اندر سچ جا سامان ڏسو پيا،
    هن قوم ڪٺل جي، ته سا تقدير اچي پئي،
    بينظير اچي پئي.

    مارئي جو ٿيو مان، عمرڪوٽ ٽٽي پيو،
    عظمت جي اڳيان ڪيئن نه، هو جلاد جهڪي پيو،
    هن شير علي شاهه جي شمشير اچي پئي،
    بينظير اچي پئي.

    رهبر جو جهي ويس، جو راڪاس گهمي پيو،
    مسڪين سندي جسم مٿان ماس پٽي پيو
    اُن کي ته هڻڻ يار، تکا تير اچي پئي
    بينظير اچي پئي.

    هارين سان ملي حق، وٺون هاڻ هٿن سان،
    ڪا ويڙهه ڪريون يار، وڏيرن ته وڏن سان،
    ستمگر جي سسيءَ کي ته، وجهڻ سير اچي پئي،
    بينظير اچي پئي.

    مشينن ۽ مِلن منجهه، حصو آهي اوهان جو،
    منشور اسان جي ۾، قصو آهي اوهان جو،
    مزدور سندي خواب جي، تعبير اچي پئي،
    بينظير اچي پئي.

    خوشحال ڪندي ملڪ، مڻيادار مِٺن جو،
    ڏس هاڻ، ادا ڄاڻ، وريو ڀاڳ ڀُٽن جو،
    کڻي خلق خدا جي لاءِ کنڊيون کير اچي پئي،
    بينظير اچي پئي.

    مٺو پيءَ به ڏنائين ۽ سڳو ڀاءُ به ڏنائين،
    هن قوم مٿان يار ڀلا ڇا نه ڏنائين،
    نيڻن ۾ فراقن جو، ڀري نير اچي پئي،
    بينظير اچي پئي.
    قرآن پڙهي ڪوڙ هڻڻ کان نه ٿڪا جي،
    افسوس! وري پو به مسلمان پڪا جي،
    فرعون سندي دين، جي آخير اچي پئي،
    بينظير اچي پئي.

    مجهول مُلان جو نه کپي، دين اسان کي،
    ان تي ته ڪڏهن ڪين، آ يقين اسان کي،
    تسبيح و تلاوت جو، تفاسير اچي پئي،
    بينظير اچي پئي.

    محبوب اٿس پيءُ ۽ مسلمان اٿس ماءُ،
    طريقي تي رسول جي، سٺئين ڇا نه ڀلا گهاءُ،
    محمدصه جي سچي دين جي، تنوير اچي پئي،
    بينظير اچي پئي.

    زينب جو وٺي روپ، وري روح وريو آ،
    ڪربل ۾ ٿيل ڪوس، اڃا ڪونه ٺريو آ،
    ڪچ ڪوڙ ڪرڻ ڌوڙ، سچ سير اچي پئي،
    بينظير اچي پئي.

    ”سرويچ“ ٿجو يار، ڏجو ساٿ اديءَ جو،
    قسم آهي اوهان کي ته، امڙ سنڌ نديءَ جو،
    مارن جي مٺي ڀيڻ، مهاوير اچي پئي،
    بينظير اچي پئي،

    [1986ع ۾ محترمه بينظير ڀٽو صاحبه پاران جلاوطني ختم ڪري ملڪ پهچڻ جي موقعي تي لکيو ويو. جيڪو بعد ۾ سندس ٺٽي واري جلسي ۾ سندس موجودگيءَ ۾ پڙهيو ويو.]


    نُصرت عظيم آهي

    نُصرت عظيم آهي

    جي نُصرت نه ڄمي ها، ته قائد شهيد کي هي، صحبت نه ملي ها.
    جي صحبت نه ملي ها، ته عظمت نه ملي ها،
    جي عظمت نه ملي ها، ته شهرت نه ملي ها،
    جي شهرت نه ملي ها، ته شهادت نه ملي ها.

    معلوم ٿيو ته جيجي، نصرت عظيم آهي،
    جنهن جي قدم قدم سان هلچل مقيم آهي.

    جي نصرت نه ڄمي ها، ته بينظيرا نه ملي ها،
    جي نصرت نه ڄمي ها، ته مرتضيٰ نه ملي ها،
    جي نصرت نه ڄمي ها، ته شهيد شاهه نه ملي ها،
    جي نصرت نه ڄمي ها، ته صنم غنويٰ نه ملي ها.

    معلوم ٿيو ته جيجي، نصرت عظيم آهي،
    جنهن جي قدم قدم سان هلچل مقيم آهي.


    1994ع ۾ سجاول ۾ ٿيل جلسي ۾ بيگم نصرت ڀٽو ۽ غنويٰ ڀٽو جي موجودگيءَ ۾ پڙهيو ويو.


    مسڪين قوم جي هيءَ امڙ امام آهي

    مسڪين قوم جي هيءَ امڙ امام آهي

    هيڻن جي همدرد آ، لوٽن خلاف آهي،
    سچن جي ساٿياڻي، کوٽن خلاف آهي،
    دوکي فريب وارن، ووٽن خلاف آهي.

    عالي جناب آهي، هي احترام آهي،
    مسڪين قوم جي هيءَ، امڙ امام آهي،
    تنهنجو ۽ منهنجو تنهن تي، هر دم سلام آهي.

    غاصب غدار سارا، هيءَ ٿي گهڻو سڃاڻي،
    بيٺا نه ڪالهه جيڪي، هڪ هڪ ڄڻو سڃاڻي،
    پنهنجو سڄو ٿي سانئڻ، هيءَ پرڳڻو سڃاڻي.

    واقف گهٽي گهٽي جي، ڄامن جي ڄام آهي،
    مسڪين قوم جي هيءَ، امڙ امام آهي،
    تنهنجو ۽ منهنجو تنهن تي، هر دم سلام آهي.

    ڏونگر ڏارڻ ۾ جيڪا، فرهاد کان به ڏاڍي،
    پنهنجي وچن ۾ پنهنجي، اولاد کان به ڏاڍي،
    جنگين جي پَڙ اندر سا، فولاد کان به ڏاڍي.

    لوٽن لُچن جي لاءِ، لوهي لغام آهي،
    مسڪين قوم جي هيءَ، امڙ امام آهي،
    تنهنجو ۽ منهنجو تنهن تي، هر دم سلام آهي.

    اڄ ڪالهه ملڪ ۾ ڪو، قانون ڪونه آهي،
    برباد ٿي ويا ماڻهون، سڪون ڪو نه آهي،
    ڦرمار کان سوا ڪو، مضمون ڪونه آهي،

    ڌاڙي قتل زنا جو، دستور عام آهي،
    مسڪين قوم جي هيءَ، امڙ امام آهي،
    تنهنجو ۽ منهنجو تنهن تي، هر دم سلام آهي.

    چورن جو راڄ آهي، ڪرسين تي نانگ ويٺل،
    هنجن سان جيل ڀريل، تختن تي ڪانگ ويٺل،
    هر هڪ وزير وٽ آ، ٺڳن جي ڇانگ ويٺل،
    ڌنڌو ڦُرڻ لُٽڻ جو، ڏينهن رات شام آهي،
    مسڪين قوم جي هيءَ، امڙ امام آهي،
    تنهنجو ۽ منهنجو تنهن تي، هر دم سلام آهي.

    چاري چغل هيءَ چونڊي، لوڌي ڪڍڻ ٿي چاهي،
    ويري ويا جي وڪجي، تن کي وڍڻ ٿي چاهي،
    دشمن ڌڪڻ ٿي چاهي، پنهنجا پَسڻ ٿي چاهي.

    هن وٽ ته پارٽي جو، بهتر نظام آهي،
    مسڪين قوم جي هيءَ، امڙ امام آهي،
    تنهنجو ۽ منهنجو تنهن تي، هر دم سلام آهي.

    اڄ بينظير کي جي، واسينگ ويا وڪوڙي،
    تن جا ڇڏيندي نصرت، پيٽ ۽ پُٺا اُڊوڙي،
    مُڪن سان تن جا وجهندي، نڪ ۽ نراڙ ڦوڙي.

    اهڙو اوهان سان سندس، عهد و انجام آهي،
    مسڪين قوم جي هيءَ، امڙ امام آهي،
    تنهنجو ۽ منهنجو تنهن تي، هردم سلام آهي.

    مڪار ملڪ سڄي جا، پنڪي جي آس پاس،
    ڇورا وڏيرڪا سڀ، وسڪي جي آس پاس،
    قاتل سڀئي ڀُٽي جا، ڪُرسي جي آس پاس.

    ڪيڏي نه يار ٿي وئي، ڪاري قيام آهي،
    مسڪين قوم جي هيءَ، امڙ امام آهي،
    تنهنجو ۽ منهنجو تنهن تي، هر دم سلام آهي.
    هيءَ ٿي چوي ته ڌيئڙي، پنهنجا سڃاڻ ساٿي،
    همت ۽ هوش سان تون، هڪلي هٽائي هاٿي،
    بندن ۾ ڇو رکيا ٿئه، پنهنجي ئي گهر جا ڀاتي.

    ڪُرسي نه رهندي ڪنهن وٽ، مٺڙي مَدام آهي،
    مسڪين قوم جي هيءَ، امڙ امام آهي،
    تنهنجو ۽ منهنجو تنهن تي، هر دم سلام آهي.

    ڪيڏا ورهه وڇوڙا، جهولي وجهي جهليا ٿس،
    ڪانڌ ۽ ڪنڌار ٻچڙو، هٿن منجهان هليا ٿس،
    صدما سوين سٺا ٿس، جيرا جگر جليا ٿس.

    گهاون تي گهاءُ سهندي، آئي تمام آهي،
    مسڪين قوم جي هيءَ، امڙ امام آهي،
    تنهنجو ۽ منهنجو تنهن تي، هر دم سلام آهي.

    باهي لڳي جتي ٿي، جاءِ جلي اُها ٿي،
    سيڻن هٿان سڙي جا، صدما سلي اُها ٿي،
    ڪونڌر ڪُسن ته پوءِ به، هٻڪيو هلي اُها ٿي.

    حق حق هميشه تنهن جو، ڪلمون ڪلام آهي،
    مسڪين قوم جي هيءَ، امڙ امام آهي،
    تنهنجو ۽ منهنجو تنهن تي، هر دم سلام آهي.

    جابر سان جنگ ۾ هيءَ، جُڳ جُڳ جوان آهي،
    ڪُهن جي قوم تن لاءِ، ڪڙ ڪڙ سان ڪان آهي،
    ڪانئر جي ڪاڻ ڪشيل، تير وَ ڪمان آهي.

    عالي وقار آهي، اعليٰ مقام آهي،
    مسڪين قوم جي هيءَ، امڙ امام آهي،
    تنهنجو ۽ منهنجو تنهن تي، هر دم سلام آهي.

    آ پارٽي سندس ۽، سرواڻ پاڻ آهي،
    محبوب مرتضيٰ ڀي، هن ساڻ ساڻ آهي،
    وارث آ ورڪرن جي، سورهيه سڄاڻ آهي.

    هي چيرمن اسانجي، هن سان عوام آهي،
    مسڪين قوم جي هيءَ، امڙ امام آهي،
    تنهنجو ۽ منهنجو تنهن تي، هر دم سلام آهي.

    ”سرويچ“ آهي سورهيه، سر جا ڪري نه سانگا،
    اوڙاهه وڃي ٿي اُڪريو، اونها ڏسي نه تانگها،
    ڪيڏين قيامتن مان، آئي لنگهي هي لانگها،

    هي ’نيلسن منڊيلا‘، سچ پچ ’صدام‘ آهي،
    مسڪين قوم جي هيءَ، امڙ امام آهي،
    تنهنجو ۽ منهنجو تنهن تي، هر دم سلام آهي.






    [1994ع ۾ سجاول ٽائون ڪميٽي گرائونڊ تي ٿيل جلسي ۾ بيگم نصرت ڀٽو ۽ غنويٰ ڀٽو جي موجودگيءَ ۾ پڙهيو ويو. ]


    شهداءُ جو سلسلو آ

    شهداءُ جو سلسلو آ

    محبوب مرتضيٰ جا قاتل بچن بچن پيا،
    دگران شينهن ورڪر، پوءِ ڀي نچن نچن پيا،
    اهڙي جيئڻ کان سچ پچ، سرويچ يار سنڌ جا،
    گهر گهر گهٽيون ۽ ماڻهو، تڙپن پچن پچن پيا.

    محبوب مرتضيٰ جا قاتل، بچي ڀڄي نه سگهندا،
    سو ڏينهن پري نه آهي، لاشا سندن نه لڀندا،
    غنويٰ جي رهبريءَ ۾، رهزن سان ويڙهه ٿيندي،
    جوڌا جوان هي سڀ، للڪار ساڻ لڙهندا.

    محبوب مرتضيٰ جي، رت جي ڦـُڙي ڦـُڙي جو،
    چڪتو حساب وٺبو، عُضوي جَڙي جَڙي جو،
    قاتل بچي نه سگهندين، آهي وچن اسان جو،
    سو ساٿي نه مير جو آ، مارڻ ڪنان مُڙي جو.

    غنويٰ جو قافلو آ، منزل تي ڄاڻ پهتو،
    شهداءُ جو سلسلو آ، منزل تي ڄاڻ پهتو،
    غنويٰ ۽ فاطمه جي، غور و فڪر جي اڳيان،
    نزديڪ فاصلو آ، منزل تي ڄاڻ پهتو.

    غنويٰ ۽ فاطمه سڀ، ڏونگر ڏري ڇڏينديون،
    خوشحال سنڌ ساري، بلڪل ڪري ڇڏينديون،
    ساٿين جو ساٿ هوندو، ڪوڙن جا ڪنڌ ڀڃبا،
    پرمار ملڪ مان سڀ، پيڙهي پري ڇڏينديون.

    غنويٰ ۽ فاطمه سان، ”سرويچ“ ساٿ ڏيندا،
    ظالم جي هڏ هڏ کي، ڀوري ڀڃي ڇڏيندا،
    ڳڀرو هي جُنگ جوڌا، جابر سان جنگ جوٽي،
    انصاف ۽ امن جا، پرچم هتي اڏيندا.


    سو راڻل فاضل راهو هو

    سو راڻل فاضل راهو هو

    هو ماري هو مردارن جو، ۽ قاتل سوئر ڪارن جو،
    جو قاتل سوئر ڪارن جو، سو ڦورن لاءِ ڦاهو هو،
    جو ڦورن لاءِ ڦاهو هو، سو راڻل فاضل راهو هو،
    هو ڏاڍو ڏاهو ڏاهو هو.
    هن راهوڪيءَ جو راهو هو.

    هو ماري هو هر ماريءَ جو، هو ننگ ته ننگر ناريءَ جو،
    جو ننگ ته ننگر ناري جو، سو ڍيڍن لاءِ ڊاهو هو،
    جو ڍيڍن لاءِ ڊاهو هو، سو راڻل فاضل راهو هو،
    هو ڏاڍو ڏاهو ڏاهو هو.
    هن راهوڪيءَ جو راهو هو.

    هُو ڪُوپو هو، هُو ڪو ڪرنل هو، هُو جرنيلن جو جنرل هو،
    هو پاڻ ”ڪماني“ جاني هو، ۽ قوم سڄيءَ جو ڪاهو هو،
    جو قوم سڄيءَ جو ڪاهو هو، سو راڻل فاضل راهو هو،
    هو ڏاڍو ڏاهو ڏاهو هو.
    هن راهوڪيءَ جو راهو هو.

    هر ڀاڳئي سان هُو ڀيڙو هو، هو هڪ نه پر ڪو ميڙو هو.
    هو مارُن لاءِ ماندو هو، پر ٽڪارن لا ٽاهو هو،
    جو ٽِڪارن لا ٽاهو هو، سو راڻل فاضل راهو هو،
    هو ڏاڍو ڏاهو ڏاهو هو.
    هن راهوڪيءَ جو راهو هو.

    هر ڌارئي کي هن ٽاريو هو، هن لُچن کي للڪاريو هو،
    هو پنهنجي سنڌي ماڻهن جي، يَرَ آزادي جو چاهو هو،
    جو آزاديءَ جو چاهو هو، سو راڻل فاضل راهو هو،
    هو ڏاڍو ڏاهو ڏاهو هو.
    هن راهوڪيءَ جو راهو هو.

    هو جنگي جوڌو جانٺو هو، ۽ بدڪارن لاءِ بانٺو هو،
    هر ڏاڍ جي ڏونگر ڏاڍي سان، هو سورهيه سيني ساهو هو،
    هو سورهيه سيني ساهو هو، سو راڻل فاضل راهو هو،
    هو ڏاڍو ڏاهو ڏاهو هو.
    هن راهوڪيءَ جو راهو هو.

    هو ويرين کي ته وڍيندڙ هو، هُو صالح سنڌ اَڏيندڙ هو،
    هو پنهنجي ٺاڻن ڀاڻن جو، ڪو ٺاٺارو ۽ ٺاهو هو،
    جو ٺاٺارو ۽ ٺاهو هو، سو راڻل فاضل راهو هو،
    هو ڏاڍو ڏاهو ڏاهو هو.
    هن راهوڪيءَ جو راهو هو.

    هُو راڻو هو ڪُل راڄن جو، ۽ عاشق قومي ڪاڄن جو
    هُو سنڌ سڄي جي سونهپ هو، ۽ پَرمارن لاءِ پاهو هو
    جو پَرمارن لاءِ پاهو هو، سو راڻل فاضل راهو هو،
    هو ڏاڍو ڏاهو ڏاهو هو.
    هن راهوڪيءَ جو راهو هو.

    هُو ڪوسيءَ توڙي ٿڌيءَ ۾، هو قوم سان ٻڌل ٻڌيءَ ۾،
    هو سڏ ۾ ڏيندو سڏ هئو، هو ڪڙمين جو ڪَرلاهو هو،
    جو ڪڙمين جو ڪَرَلاهو هو، سو راڻل فاضل راهو هو،
    هو ڏاڍو ڏاهو ڏاهو هو.
    هن راهوڪيءَ جو راهو هو.

    هن ٽڪر ڪيئي ٽوڙيا هئا، ۽ اوکا ڪوٽ اُکوڙيا هئا،
    جن کاهوڙين سان کؤنس ڪئي، تن کوٽن لاءِ کاهو هو،
    جو کوٽن لاءِ کاهو هو، سو راڻل فاضل راهو هو،
    هو ڏاڍو ڏاهو ڏاهو هو.
    هن راهوڪيءَ جو راهو هو.

    هو ڪولهين ڀيلن يار هئو، هُو ماڻهو مڻيادار هو،
    هو ڏکن ڏاريل ڏوٿيئڙن جي، آس وڏي ۽ آهو هو،
    جو آس وڏي ۽ آهو هو، سو راڻل فاضل راهو هو،
    هو ڏاڍو ڏاهو ڏاهو هو.
    هن راهوڪيءَ جو راهو هو.

    هو قول جو پختو پڪو هو، ۽ ٿَڪ نه ڪنهن کان ٿَڪو هو،
    هو هارين سان گڏ هاري هو ۽ هيڻن جو همراهو هو،
    جو هيڻن جو همراهو هو، سو راڻل فاضل راهو هو،
    هو ڏاڍو ڏاهو ڏاهو هو.
    هن راهوڪيءَ جو راهو هو.

    هو ڏاڍو ڪو محبوب مٺو، هو ماروئڙن کي خوب مٺو،
    هو من جو اڇو اُجرو هو، ۽ ماکيءَ مکڻ ماهو هو،
    جو ماکيءَ مکڻ ماهو هو، سو راڻل فاضل راهو هو،
    هو ڏاڍو ڏاهو ڏاهو هو.
    هن راهوڪيءَ جو راهو هو.

    هو سوڍو ۽ ”سرويچ“ سچو، هو سانول سنڌي ٻچو هو،
    هو رهزن رت پياڪي لاءِ، هو راڻو ڄڻ راتاهو هو،
    جو رهزن لاءِ راتاهو هو، سو راڻل فاضل راهو هو،
    هو ڏاڍو ڏاهو ڏاهو هو.
    هن راهوڪيءَ جو راهو هو.


    [شهيد عوام محمد فاضل راهوءَ جي پهرين ورسيءَ جي موقعي تي راهوڪي ۾ جلسه عام ۾ پڙهيو ويو.]


    پليجو پنڌ ۾ آهي

    پليجو پنڌ ۾ آهي

    سُڪل سنڌو وهائڻ لاءِ، پليجو پنڌ ۾ آهي،
    لڳل لاهور وارن کي، ڪو، ڪُوڪو ڪنڌ ۾ آهي.

    پڪاريندو هو پاڻي لاءِ، اچي پيو عزم اوچي سان،
    سمايل سڪ سنڌو جي، سندس سنڌ سنڌ ۾ آهي.

    نڪو ڪو ڊيم هت ٺهندو، نڪو ڪئنال ڪو وهندو،
    اهائي هام حق جي هُن، هنئي هر هنڌ ۾ آهي.

    يزيدي ياد تازي اڄ، ڪري حاڪم هَچارو پيو،
    ڪتو ڪرنل هو ڪرسي لاءِ، انڌو ٿيو انڌ ۾ آهي.

    پويتر پاڪ پاڻي لا، وڏي واڪي اچي وڙهندو،
    ڪڏهن موري، ڪڏهن مڪلي، ڪڏهن مانجهند ۾ آهي.

    هڻيو هر ديهه ۾ ڌرڻا، چوي هر چوڪ تي بيٺو،
    پليتو سنڌ جو پاڻي، ڀلا ڇو بند ۾ آهي.

    سدائين ڳالهه سچ جي تي، رهيو ثابت قدم هر دم،
    ها غيرت سنڌ جي ڪيڏي، ته غيرت مند ۾ آهي.

    مٺو مهراڻ جي موجن ۾، ويو ٿي مست ايڏو آ،
    نه اهڙي موج ۽ مستي، ڪا ماکي منڌ ۾ آهي.

    حرامي ڦر وڏيري جو، نه ڪوئي لانگ مارچ ۾،
    لٽيرو سنڌ جو لوسي، لِڪو پيو هنڌ ۾ آهي.

    ڪبا پاڻي مٿي جهيڙا، ڪريو ميڙا ٿيو ڀيڙا،
    سڄي تحريڪ جي طاقت، ٻڌي ۽ ٻنڌ ۾ آهي.

    کپن ٿا ڊيم جي آن کي، ته رهندو ڪونه پاڪستان،
    اها چُڻ ڀُڻ اهو چرچو، ته رستي رند ۾ آهي.

    نه مُڙندا مُوڙ ڪنهن تي هي، نه هٽندا پير هڪ پُٺتي،
    فولادي سگهه ڏسو ڪيڏي ته هر فرزند ۾ آهي.

    سونهاري سنڌ جو سوڍو، سگهو ’سرويچ‘ سوڀارو،
    نه جهڙس جُنگ جوڌو ٻيو، ڪو ايشيا کنڊ ۾ آهي.




    [محترم رسول بخش پليجي پاران ڪالاباغ ڊيم خلاف سکر کان ڪراچي تائين ڪيل لانگ مارچ دؤران لکيو ويو ۽ ٺٽي شهر ۾ لانگ مارچ جي جلسي ۾ پڙهيو ويو.]


    نڪري ٿي نروار سسئي

    نڪري ٿي نروار سسئي

    پي- پي جي اڄ پنڌ ڏکئي تي، نڪري ٿي نروار سسئي.
    جبلن کي هيءَ جهورڻ واري، ساڳيو ئي ڪردار سسئي.

    سسئي واري سگهه اڳيان هي، روهه جبل ٿي ويندا رتيون،
    اڳيان ان جي ايندا جيڪي، منجهي وينديون تن جون متيون،
    پهڻ پٿر سڀ پرزا ٿيندا، پهچي ٿيندي پار سسئي.

    سچ وفا جي ساک رکڻ لئه، لڙڻ لڙائي آئي آهي،
    ڏاڍن جا هت ڏاڍ ڏسي هوءَ، ڇڏي پڙهائي آئي آهي،
    نينهن نڀائڻ لاءِ نڪتي، نهٺي نازڪ نار سسئي.

    ڪالهه ڪُٺا جن سنڌي ماڻهو، روڊن توڙي رستن تي،
    سسئي سامهون بيٺا سيئي، وڪجي اگهن سستن تي،
    اهڙن لُچن لوڀين لاءِ، بنجي وئي للڪار سسئي.

    ڪالهه ڪراچي مان ٿي آيا، لاشن پويان لاش هتي،
    ڪهڙي مُنهن سان قاتل سنڌ جا، بيٺا هو بدمعاش هتي،
    ڌارين سان دلدار هجي پر، پنهنجن جي دلدار سسئي.

    سنڌ جي ڄائي سسئي کي ئي، واري واري ووٽ ڏبا،
    ووٽ ڏبا ۽ ورڪ ڪبا ٻيا، قربن جا ڪئين ڪوٽ ڏبا،
    سچ پچ سڀني ماڻهن جي آ، ووٽن جي حقدار سسئي.

    بينظير آ مارئي سنڌ جي، سسئي ان جي ساٿياڻي آ،
    پي پي سان پت پارڻ واري، ساڃهه وند سياڻي آ،
    مارئي جي آ مهڪ انهي ۾، مارن جي منٺار سسئي.

    سسئي هن جو نالو آهي، ڏونگر سارا ڏاريندي،
    بُکيا باندر بگهڙ برجا، مُڪا هڻي ماريندي،
    پي پي واري پرچم جي آ، پختي پيرو ڪار سسئي.

    لنگهه لتاڙي، جبل جهاڙي، منزل آخر ماڻيندي،
    تاڪو ماڻهو تڙجي ويندا، تير جڏهن هيءَ تاڻيندي،
    ساڪرائي سيم سڄي ۾، جهانگين جي جهونگار سسئي.

    پهڻ پليجي پارس آهي، همت واري هاڪاري،
    ڏسجو ويٺا ڏاڍا ڏاري، سانئڻ بنبي سوڀاري،
    تڪ ۾ ٿيندي تازن تازن، گيتن جي گونجار سسئي.

    چاهيو ٿا جي، چونڊن کان اڳ، مارئي موٽي ماڳ مڪان،
    چونڊ ۾ ٻي ڪا چونڊ نه ٿيندي، چونڊيو هڪڙو تير نشان،
    واحد ، بابو ، جلباڻي سان، ساٿياڻي سينگار سسئي.

    ذاتين پاتين وارا سارا، فرق مٽائي ڇڏيو جاني،
    مسڪينن ۽ مظلومن کي، پاڻ سڏيو ۽ گڏيو جاني،
    اگهن اَڀرن ماڻهن جي آ، اوکيءَ ۾ آڌار سسئي.

    هي ووٽ نه ويڪو ماڻهن جو، هي ووٽ جمهوريت ماڻڻ جو،
    ووٽ نه پنهنجو يار وڃايو، وقت ادي کي آڻڻ جو،
    ڀونءَ ڀنڀور ۾ ڀيڙا ٿيندا، ڀيچي ڀيڻون ڀار سسئي.

    ٿوري مڙسي ڪرڻي آهي، سوڀ صبحاڻي سرڻي آهي،
    ڌرتي ڄائي ڌيءَ ڀُٽي جي، ويجهائي ۾ ورڻي آهي،
    ڪرڻو پوندو قوم سڄي کي، اهڙو ئي اظهار سسئي.


    * (محترمه سسئي پليجو صاحبه جي 2002ع واري چونڊ مُهم لاءِ لکيل)


    فاضل مست قلندر هو

    فاضل مست قلندر هو


    فاضل شاهه عنايت هو ۽ فاضل مست قلندر هو،
    فاضل دولهه دودو هو ۽ فاضل ڀونگر ننگر هو،
    فاضل ڀونگر ننگر هو ۽ فاضل مست قلندر هو.

    فاضل عاقل عالم هو ۽ فاضل ڄڻڪ فرشتو هو،
    فاضل سچ ۽ سوجهاڪي جو سالم صاف سرشتو هو،
    فاضل جو ڪل راڄن سان هت روحاني ڪو رشتو هو،
    فاضل مڙني ماڻهن جي لئه، مسجد هو ۽ مندر هو،
    مسجد هو ۽ مندر هو، فاضل مست قلندر هو.

    فاضل اوندهه اوجهڙ منجهان، پار اُڪارو رستو هو،
    فاضل ڏاڍو مهانگو هو، پر سانگين ڪاڻ ته سستو هو،
    فاضل هڪڙو گُل نه هو ڪُل گُلڙن جو گلدستو هو،
    فاضل جهڙو ٻاهر هو ۽ اهڙوئي سو اندر هو،
    اهڙوئي سو اندر هو فاضل مست قلندر هو.


    فاضل جو ڪم ڪيڏو هو ۽ فاضل جو قد ڪيڏو هو،
    فاضل هيڏو هيڏو هو ۽ جاڙن جبلن جيڏو هو،
    جيڏو اوچو عرش الله جو، هو پڻ اوچو ايڏو هو،
    مٿو ماٿيلي کان اڳتي، قدم ڪيٽي بندر هو،
    قدم ڪيٽي بندر هو، فاضل مست قلندر هو.

    فاضل وانگي وانگيءَ جي لا، واءُ جهليندڙ ويڙهو هو،
    فاضل ڀاڄ نه کاڌي ڀئو کان، ڀٽَ ڀڙي تي ڀيڙو هو،
    دلبر هن ڌوپاري جو بس دنگ نه ڪوئي ڇيڙو هو،
    اونهائي ۾ اونهو ايڏو، سمجهو ڄڻ ته سمندر هو،
    سمجهو ڄڻ ته سمندر هو، فاضل مست قلندر هو.

    فاضل پنهنجي وجهه ۽ وپ ۾، ويڙهاڪو وڻجارو هو،
    فاضل ويرين وردين لاءِ وڏ ڦڙو وسڪارو هو،
    فاضل پنهنجي گفتن اندر گولين جو گجڪارو هو،
    قوم جي ڪارڻ اڌ عمر، قابو ڪوٽن اندر هو،
    قابو ڪوٽن اندر هو، فاضل مست قلندر هو.

    هر هڪ آمر جا جابر سان هو، جهيڙيندڙ ۽ اڻ جهل هو،
    گفتي گفتي ۾ سو غازي، گُهرندو پيو سنڌ جيجل هو،
    پنهنجي ٻنيءَ ٻولي جو هُو، ٻيلي هو ۽ ٻيجل هو،
    پنهنجي ڀُونءَ جو ڀڳت ڪنور يا هو ڀڳت چندر هو،
    يا هو ڀڳت چندر هو، فاضل مست قلندر هو.


    هڪڙو ڏاهو

    هڪڙو ڏاهو

    هڪڙو ڏاهو ڏيهي پنهنجو، ڏوٿيئڙن کان ڏاڍو ڏور
    لکپت واري ڪوٽ ڪِني مان، لُچن کي للڪاري ويٺو
    سچ جا سج اُڀاري ويٺو.

    سور ۽ سختيون سَهندي سَهندي، ٻاٽ ۾ لاٽون ٻاري ويٺو
    سچ جا سج اُڀاري ويٺو.

    زور ظلم ۽ ڏاڍائيءَ کي، ڏنڊن سان سو ڏاري ويٺو،
    سچ جا سج اُڀاري ويٺو.

    ڪُن مان ٻيڙو قوم سڄيءَ جو، تارو ٿي سو تاري ويٺو.
    سچ جا سج اُڀاري ويٺو.

    قوم سان پنهنجي نينهن جو ناتو، نيئر منجهه نکاري ويٺو
    سچ جا سج اُڀاري ويٺو.

    مايوسين کي مرد مجاهد، گُهٽا ڏيئي ماري ويٺو
    سچ جا سج اُڀاري ويٺو.

    چنگ امڙ جي آزاديءَ جا، چارڻ ٿي چونگاري ويٺو
    سچ جا سج اُڀاري ويٺو.

    انڌا اونڌا ويڄ لکي، هو ڦورن کي ڦٽڪاري ويٺو
    سچ جا سج اُڀاري ويٺو.

    ’هوچي من‘2 ۽ ’مائو‘3 لکي، سو ڏاهپ ڏانءَ ڏيکاري ويٺو
    سچ جا سج اُڀاري ويٺو.

    ڀائر ڀيڻون ڌيئون پٽڙا، قيدن منجهه قطاري ويٺو
    سچ جا سج اُڀاري ويٺو.

    سنڌڙي جو ”سرويچ“ سچو آ، سنڌڙي کي سينگاري ويٺو
    سچ جا سج اُڀاري ويٺو.


    سري ديوي

    سري ديوي

    مبارڪ زندگي تُنهنجي، هجي توکي سري ديوي.
    تو جهڙي ايشيا ۾ ڪا، ڄمي مشڪل وري ديوي.

    مٽي مدراس واري مان، مليئن تون مورتي اهڙي،
    جهڪا تنهنجي اڳيان جوهر، جُهڪن ڪل جوهري ديوي،

    سنديئي جسم کي جوڙيو، آ واحد واندڪائي ۾،
    ڏسڻ سان هر ڏسندڙ جي، پوي ٿي دل ٺري ديوي،

    توهان جي سونهن صورت ۾، سجن چنڊن جو سهڃاڻيون،
    حُسن ۾ هنج هرڻ توسان، ڪندا ڇا همسري ديوي.

    ٿيو تنهنجي اداڪاريءَ جو چرچو چؤطرف آهي،
    لکن چاهيندڙن جي دل، ٿيو پئي ٿي چري ديوي.

    ڪُنڍين ڪارين اکين سان تو ڪُٺو ڪوپن ڪنڌارن کي،
    تون آهين حور جنت جي، يا آهين شاهه پري ديوي.

    اشارن سان اَدائن سان، لڱن جي لچڪداريءَ سان،
    لکن ناچاڪ دلين جي، ڪرين ٿي دلبري ديوي.

    ٻڍن ٻارن جوانن کي، ڇڏيو جڪڙي تو جلون سان،
    جڙيل تنهنجي ته جملن ۾، وڏي جادوگري ديوي.

    فلڪ ۽ فرش کي آهي، فخر توتي اي فنڪاره،
    ڏسان بحرن ۽ بستانن تي تنهنجي برتري ديوي.

    سياست ۾ قدم تنهنجا، سعادت مند ٿي پوندا،
    اهو پنڌ پيچرو پيشو، ته آ پيغمبري ديوي.

    هئي جيئن هند ۾ اندرا، اسان وٽ بينظير آ جيئن،
    ائين اونهن ۽ تانگهن مان، تون ترتئون اچ تري ديوي.

    سياست علم اوکو آ، وڃن ٿا وير مل وڦلي،
    سنڀالي وک کڻج پنهنجي، متان ٿيئن ويسري ديوي.

    هتي سودا سسين جا ٿا، ٿين بي مهل بي موقعي،
    هتي معراج ماڻڻ جي ته قيمت آ ڳري ديوي.

    مگر جي عزم ارڏو آ، ته پو هاڙهه وڃن هٽڪيو،
    هينئان هاٿين جا ڦاٽن ۽ پون ٿا ڍنگ ڍري ديوي.

    اچي ڪر خلق جي خدمت، سڄي مخلوق ماندي آ،
    ويا انسان تي آهن، وڏا ٻارڻ ٻري ديوي.

    تون ماڻهن ۾ گهڻو مقبول آهين حوا جي ڌيءَ،
    وڃن من عزم تنهنجي ساڻ هي دوزخ ٺري ديوي.

    بُکيا توڙي ڏُکيا ڏٻرا، اُگهاڙا ۽ اگها ماڻهو،
    انهن جي ڪر اچي عملن ڀلائي بهتري ديوي.

    ٿين جيئن ايشيا اندر جمهوريت جون جَڙون پختيون،
    ته پو جڳ جڳ پئي جيئنديئن، تون جنگاور جري ديوي.

    نه جنهن جو ڪو نظير آهي، انهي سان هم صلاحي ٿي،
    عوامي راڄ آڻڻ ۾، ڪريو ٻئي رهبري ديوي.

    اسان جي ڪن اديبن ۽ ڪٽر قومي پُڄارين وٽ،
    سندم هي شعر ڇپجڻ کانپوءِ، ويندي وٺ ٻَري ديوي.

    سڏي ”سرويچ“ پيو توکي، ته سوڍي تون سجاول اچ،
    مٺو مهراڻ جو پاڻي، پياريائين پري ديوي.


    ]ڀارت جي عظيم اداڪاره سري ديوي پاران سياست ۾ اچڻ جي اعلان تي آجيان طور لکيو ويو.[





    کيت ادب جا کيڙي ويٺو

    کيت ادب جا کيڙي ويٺو

    ماڻڪ موتي ميڙي ويٺو، يار اسان جو يوسف سنڌي.
    کيت ادب جا کيڙي ويٺو، يار اسان جو يوسف سنڌي.

    علم و ادب جي آبياريءَ لئه سارا پنهنجا سُک ڦٽائي،
    جوتن ڪارڻ جهيڙي ويٺو، يار اسان جو يوسف سنڌي.

    نظم نثر جي نرواريءَ لئه، نيڻن جو هو نُور نچوئي،
    ٿير ٿلها سڀ ٿيڙي ويٺو، يار اسان جو يوسف سنڌي.

    اونداهيءَ جا عضوا ٽوڙي، سنڌ سڄيءَ کي سوجهاڪا ڏيئي،
    واٽون واٽون ويڙهي ويٺو، يار اسان جو يوسف سنڌي.

    تجليءَ 2 جون تارون تاڻيو، تارن سان تڪرار ڪريو،
    چنڊ ۽ سج کي ڇيڙي ويٺو، يار اسان جو يوسف سنڌي.

    علم ادب جا سارا سارا صفحا، تنهن جون ساکون ڏين،
    ٽانگر ٽاريون ٽيڙي ويٺو، يار اسان جو يوسف سنڌي.

    ڪتابن جا اُٺ قطاريو، قوم سڄي کي قُوت ڏيڻ لئه،
    اوکا گس اُکيڙي ويٺو، يار اسان جو يوسف سنڌي.

    ’سرويچن‘ جي سيم سڄيءَ ۾ ريٽا روپا رنگ ڀرڻ لئه،
    پنهنجو نينهن نکيڙي ويٺو، يار اسان جو يوسف سنڌي.


    موج ڀريو مهراڻ مجيدي

    موج ڀريو مهراڻ مجيدي

    اُستادن استاد، مجيدي
    فڪرن ۾ فولاد، مجيدي
    طبيعت ۾ آزاد، مجيدي
    ٻاروچو اولاد، مجيدي،
    نعرا نعرا ناد، مجيدي،
    علم رکيو آباد، مجيدي،
    مريم ۽ ارشاد مجيدي،
    جڳن تائين ياد، مجيدي.
    مٺڙو محمد خان مجيدي، ماڻڪ موتي داڻو هو،
    ملڻو کلڻو رلڻو رانجهن، راڄن جو سو راڻو هو.

    سنڌوءَ جو سينگار، مجيدي،
    جملن جو جونجهار، مجيدي،
    اکرن جو انبار، مجيدي،
    ماڻهو مڻيادار، مجيدي،
    شعرن جو شهڪار، مجيدي،
    مٽيءَ جي مهڪار، مجيدي،
    تريو تانگها تار، مجيدي.
    يارن جو هو يار مجيدي
    مٺڙو محمد خان مجيدي، ماڻڪ موتي داڻو هو،
    ملڻو کلڻو رلڻو رانجهن، راڄن جو سو راڻو هو.
    پنهنجو مَٽ هو پاڻ، مجيدي،
    رکندو هو ڪل ڄاڻ، مجيدي،
    موج ڀريو مهراڻ، مجيدي،
    سنڌين جو سرواڻ، مجيدي،
    هيرو، هيرن کاڻ، مجيدي،
    ياد اچي پيو هاڻ، مجيدي،
    آزادي اُهڃاڻ، مجيدي،
    چانڊوڪيون چانڊاڻ، مجيدي،
    مٺڙو محمد خان مجيدي، ماڻڪ موتي داڻو هو،
    ملڻو کلڻو رلڻو رانجهن، راڄن جو سو راڻو هو،

    ڏيئا ڏيئا ڏات، مجيدي،
    ليئا ليئا لات، مجيدي،
    وائي وائي وات، مجيدي،
    مور نه کاڌي مات، مجيدي،
    پرهه ڦٽي ڀرڀات، مجيدي،
    تن من تنهنجي تات، مجيدي،
    ڳائي هر ڪا ذات، مجيدي،
    قاتل لاءِ ڪات، مجيدي،
    مٺڙو محمد خان مجيدي، ماڻڪ موتي داڻو هو،
    ملڻو کلڻو رلڻو رانجهن، راڄن جو سو راڻو هو.

    ڌرتي جو هر نام، مجيدي،
    پيار سندو پيغام، مجيدي،
    گهيڙ گهٽيون هر گام، مجيدي،
    جهاڳون جهاڳين جام، مجيدي،
    دشمن جي لا دام، مجيدي،
    صبح توڙي شام، مجيدي،
    ويڙهاڪو وريام، مجيدي.
    مٺڙو محمد خان مجيدي، گل رخ ۽ گلفام مجيدي،
    ملڻو کلڻو رلڻو رانجهن، راڄن جو سو راڻو هو.

    پيريءَ ۾ هو جوان، مجيدي
    شاعر عاليشان، مجيدي
    آزادي اعلان، مجيدي
    شعر ادب جو شان، مجيدي
    دردن جو درمان، مجيدي
    لاکيڻو لاثان، مجيدي
    جذبا ۽ جولان، مجيدي
    اعليٰ هو انسان، مجيدي
    مٺڙو محمد خان مجيدي، وانگين جو واکاڻو،
    ملڻو کلڻو رلڻو رانجهن، راڄن جو سو راڻو هو.

    سوڀارو ”سرويچ“، مجيدي
    ڀونءِ سان ڀيچو ڀيچ، مجيدي
    پيار جو پختو پيچ، مجيدي
    جهاڳيو ڪڇ ۽ ڪيچ، مجيدي
    ڪيٽيءَ کان ڪشمور، مجيدي
    ڪارونجهر جي ڪور، مجيدي
    محفل جو هو مور، مجيدي.
    مٺڙو محمد خان مجيدي، ماکي جهڙو ماڻهو هو،
    ملڻو کلڻو رلڻو رانجهن، راڄن جو سو راڻو هو.


    1 اپريل 2004ع تي محمد خان مجيدي جي پهرين ورسيءَ جي موقعي تي پڙهيو ويو.


    اسانجو نوجوان ساقي!

    اسانجو نوجوان ساقي!

    نٿو هر دم لهين منهنجي، سڄڻ! تون دل مٿان ساقي!
    سدا صورت تصور ۾، پيو تنهنجي ڏسان ساقي!

    سجاول کي وري شايد، ڪو ملندو تو جهو مانجهي،
    وڏي مشڪل سان تو جهڙا، ملن ٿا سخندان ساقي!

    ڏنا تو درس ٿي هردم، صداقت ۽ سياڻپ جا،
    عمل پيرا اُنهن تي شل! رهون هردم اَسان ساقي!

    گهڻا ”ساقي“ ڏٺا مون، جن پياري سُرڪ اَڌ مس ٿي،
    مگر تنهنجيءَ سخاوت جو، ڪيان ڪهڙو بيان ساقي!

    پياريا مئي اَدب جا تو، پيالا بي حساب آهن،
    ٿيا سرشار سائل سَوَ، سدا تُنهنجي هٿان ساقي!

    نه مون اَهڙو ڏٺو هن کان، ڪو هو اڳ دل سخي ساقي،
    پياريا مئي اَدب جا تو، پيالا ٽٻ ٽٻان ساقي!

    هئي ٽمٽار ٽهڪن سان، سموري زندگي تنهنجي،
    رهين نا مهربان تي ٿي هميشه مهربان ساقي!
    ڪيو جنهن ڪاروان هو، عزم پهچڻ راههِ مقصد تي،
    سدا اُن ڪاروانِ، قوم جو تون ساربان ساقي!

    اچي سرهاڻ جن گلڙن منجهان ٿي، ديس واسين کي،
    اُنهيءَ باغ اَدب جو هئين، برابر باغبان ساقي!

    رهيون منور هميشه ٿي، اَدب جون محفلون توسان،
    اَدب جي هر اِشاعت جو، به تون روح روان ساقي!

    سدا تون صاحب سيرت، اَدب اطوار جو ڪوڏيو،
    اسان جهڙن جي لاءِ سچ! ته هئين پارس سَمان ساقي!

    ڪئي بي لوث خدمت، قوم جي هر حال ۾ توئي،
    سچو اُستاد عالي تون، مثال گُل خندان ساقي!

    جي دولت هئي ته، اَخبارن، ڪتابن ۽ رسالن جي،
    اُنهيءَ دولت مٿي هردم، رهئين تون شادمان ساقي!

    چوان مان ڪيئن ته، تنهنجي اَڄ اَسان کان الوداعي آ،
    اَسان جي تان دلين ۾ تون، رهين ٿو جادوان ساقي!

    ڏسڻ تو ٿي گهريو، سنڌي اَدب کي اوج تي هردم،
    پياري ساهه کان توکي هئي، سنڌي زبان ساقي!

    کسي ڇو وئين؟! اڙي! ظالم اَجل تون ان عمر ۾ ئي،
    اسان کان مشڪندڙ چهرو، اسانجو نوجوان ساقي!

    ملون ها پاڻ ۾ جيڪر، ڪريون ها موڪلاڻي پر،
    وڃڻ جو ڪونه هو تُنهنجي، اَسان وهم و َگمان ساقي!

    اديبِ سنڌ اَڄ تولئه، سڀئي ارمان ۾ آهن،
    اسان جا هم وطن ساقي! اسان جا همزبان ساقي!

    ويا تُنهنجي وڃڻ کانپوءِ، گهڻا اهل قلم آهن،
    اُنهن جي داغ فرقت پڻ، ڪيا دل تي نشان ساقي!

    ستارا سنڌڙيءَ جا، بس وڃن پيا موڪلائيندا،
    اَلاجي ڇو؟ وساري سنڌ کي، ويٺا اَوهان ساقي!

    اوهان جي ماءُ اوهان لاءِ، ڪري ٿي اڄ به اوسيئڙا،
    پُڇائي پانڌين کان پيئي، اوهان جا آستان ساقي!

    وڃڻ کي بس ويا جانب! وساري سچ سڄڻ ويٺا،
    نٿا ڪو موڪليو ماڳهين، نياپو ۽ نشان ساقي!

    مان ڀانيا ٿو ته ايڏانهين، اوهانکي ٿيو سڪون حاصل،
    تڏهن جلدي ڇڏيندا پيا وڃو، ير! هي جهان ساقي!

    هتي جي زندگي اي دوستو! اَڳ کان به اڄ مشڪل،
    ڏسي جيڪا ويا آهيو، اهائي ڪشڪشان ساقي!

    اهو انسان اڳئين وانگر، اڃان پيو پيڙجي سائين!
    اهائي ظلم جي بارش، سندي آ وس وسان ساقي!

    اهائي قوم فاقن ۾، اڃا تائين سڄڻ آهي،
    اهائي عصمتن جي اڄ به، آهي لُٽ لُٽان ساقي!

    اهي معصوم ڌيئر اڄ، سُڪَلَ لولي جي لئه سڏڪن،
    اَٻاليون او! اَديون اڄ پڻ، ڏسان ڪپڙن منجهان ساقي!

    اهو محشر بپا آهي، اهائي تڙپ دلين ۾،
    ِلِکيو جنهن تي اوهان پڻ ٿي، ويهي رات وَ ڏينهان ساقي!

    اوهان جي روح کي ايڏانهن، رسائي شل ڌڻي راحت،
    هتي جو ڪين پُڇ، باقي اَدا! تون داستان ساقي!

    جو گذريو وقت آهي سو، گهڙي گهٽ ڪينَ جهنم کان،
    ٻڌائي ڇا ٻيو ”سرويچ“، آهين رازدان ساقي!







    [مرحوم ساقي سجاولي (غلام احمد عرف عارب داروغو) جي ادبي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪندي لکيو ويو. ساقي سجاولي 16 سيپٽمبر 1960ع تي وفات ڪئي. هن ڪيترائي ڪتاب لکيا. جن ۾ ’ماهر‘، ’سندري‘ پيغامبر (خليل جبران جي ناول جو ترجمو) وغيره شامل هو. ورهاڱي کانپوءِ ساقي سجاولي پهريون ترقي پسند ادبي رسالو ”اهل قلم“ به شايع ڪيو.]


    روزانه شام لاءِ

    روزانه شام لاءِ

    شام شام جو جڏهن، اخبار شام ٿي ملي.
    دُنيا ۾ مار ڌاڙ جي ڄڻ، ڌوم ڌام ٿي ملي.

    رنگ رنگ ۾ رتل سا، موهيو وجهي ٿي من کي،
    مينهوڳ مند ۾ ته سا، انڊلٺ جي ڪام ٿي ملي.

    رنگين صورتن سان، رڱجيو رچيو اچي ٿي،
    پيرن پڪن جي جهڙي، لڏندڙ ڪا لام ٿي ملي.

    خبرن ۾ ڄڻ ته آهي، خالق سندو خزانو،
    اَڻ کُٽ انيڪ ڳالهين، سان تڪڙي تمام ٿي ملي.

    مضمون ۽ مقالا، ڪالم سچا ۽ سهڻا،
    ٻيا ڀي نڪور نسخا، ترڪيب تام ٿي ملي.

    ڪيڏي حسين آهي، ڪئين ٿي دليون ڌتاري،
    جهڙي ڪا ڪُنوار ڳاڙهي، ڪندي سلام ٿي ملي.

    آواز آهي هر هڪ، شاعر سچي پچي جو،
    ”سرويچ“ سنڌ سڄيءَ ۾، سا عام جام ٿي ملي.


    روزانه عوامي آواز لاءِ

    روزانه عوامي آواز لاءِ
    پهچي ٿو وڃي جت به، هي آواز عوامي،
    ٿو ڀاڄ اُتان کائي، جو هڙٻوڙ حرامي،
    هي آواز عوامي.
    هيءَ اخبار عوامي.

    لُچن ۽ لُٽيرن سان، وڏي واڪ وڙهي ٿي،
    مظلوم سَندي آهي، مددگار عوامي،
    هي آواز عوامي.
    هيءَ اخبار عوامي.

    خبرن جا صبح ساڻ، ڀري جهول اچي ٿي،
    هر روز ٿئي سنڌ سڄي ساڻ سلامي،
    هي آواز عوامي.
    هيءَ اخبار عوامي.

    مضمون مزيدار ۽ ڪالم به سگهارا،
    هر درد ونديءَ دل، جو آ درمان عوامي،
    هي آواز عوامي.
    هيءَ اخبار عوامي.

    پرڏيهه توڙي ڏيهه، جتي ڏاڍ ٿئي ٿو،
    آڻي ٿي اُتان جو ته، سا احوال اُڏامي،
    هي آواز عوامي.
    هيءَ اخبار عوامي.


    مُنهنجي شاعري، لِڪي نه لِڪندي،

    مُنهنجي شاعري، لِڪي نه لِڪندي،
    ڪيئي سَن سڪندي، سنڌڙي سرويچ لاء.

    مُنهنجي شاعري، لِڪي نه لِڪندي،
    ڪيئي سَن سڪندي، سجاول سرويچ لاءِ.

    منهنجو هرهڪ شعر، لِڪو نه لِڪندو،
    سارو لاڙ لُڇندو، ڪيئي سَن سرويچ لاءِ.


    سنڌ سلامت

    سنڌ سلامت
    www.sindhsalamat.com

    سنڌ سلامت جو مشن ۽ مقصد سنڌي ٻوليءَ جي ڊيجيٽلائيزيشن ۽ پکيڙ کي وسيع ڪرڻ آهي ۽ پڻ دنيا سان گڏ سندس رفتار سان هلڻ جو سانباهو ڪيو آهي ڇو ته تاريخ هميشه انهن قومن جو احترام ڪيو آهي جن پنهنجي علمي سرمائي جي حفاظت ڪئي آهي. سنڌ سلامت پڻ پنهنجي ٻوليءَ جي بقاء خاطر سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيل قيمتي ۽ ناياب ورثي کي ضايع ٿيڻ کان بچائڻ ۽ ان کي نه رڳو محفوظ رکڻ پر پنهنجي اديبن، ليکڪن، محققن ۽ شاعرن جي علم، هنر ۽ مشاهدن کي کي ڊيجيٽلائيز ڪندي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ موجود سنڌين تائين مفت ۾ آسانيءَ سان پهچائڻ جو عزم ڪيو آهي.
    اسان جي خواهش ھئي ته سنڌي مواد تي مشتمل هڪ اهڙوڪتاب گھر قائم ڪجي جتي هر موضوع تي مشتمل ڪتاب موجود ملن جن کي ڳولڻ ۽ ڊائونلوڊ ڪرڻ آسان هجي پر اينڊرائيڊ سميت آئي فون يا ونڊوز آپريٽنگ سسٽم سميت هر قسم جي ڊوائيس تي آساني سان آن لائين پڻ پڙهي سگهجي.
    ۽ اهو سڀ ”سنڌ سلامت ڪتاب گھر“ ذريعي ئي ممڪن ٿي سگھيو. اميد ته سنڌ سلامت ڪتاب گھر ذريعي سموري دنيا ۾ موجود سنڌي نه صرف ڀرپور لاڀ حاصل ڪندا پر سنڌ سلامت ڪتاب گھر کي وڌيڪ فائديمند بنائڻ لاءِ پنهنجو پورو پورو ساٿ نڀائيندا.

    سنڌ سلامت ڪتاب گھر جي اينڊرائيڊ اپليڪيشن پلي اسٽور جي ھن لنڪ تان ڊائونلوڊ ڪريو:

    https://play.google.com/store/apps/details?id=com.sindhsalamat.book


    بئڪ ٽائيٽل


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 881
    ڪتابن جو مشاهدو: 2589472
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 663477
    2020 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ