پيش لفظ
منهنجي آقاﷺ جو نالو ئي ايترو مبارڪ آهي جو اُن لکيل نالي کي چمڪائڻ، سَجائڻ سان ئي ڀاڳ ڀلا ٿيو وڃن. ان راز کان آءٌ ملتان جي ’حسين آگاهي بازار‘ ۾ واقف ٿيس. اُتي قرآن ۽ سيرت جي ڪتابن جو هڪ دڪان آهي، اها 1999ع جي ڳالهه آهي ،انهن ڏينهن آءٌ ملتان ڊويزن جي اسپيشل مانيٽرنگ ٽيم جو انچارج هئس. منهنجي گاڏيءَ جي پويان هوٽر وڄائيندي، ڳاڙهين نيرين ٻرندڙ وسامندڙ بتين واريون گاڏيون پوش پوش ڪنديون خدا جي خلق کي گهٽ سمجهنديون پيون هلنديون هيون ۽ آءٌ ڪالر تي ڳاڙهو ڦيٿو هڻي، ڳاڙهو هئڊو ٿيو ڦڪائيءَ ۾ پنهنجي گاڏين جي قافلي جي اُڏندڙ ڌڌڙ جو ذرو بنيو هَڄيو ويٺو هوندو هئس ته هڪ ڀيرو منهنجو قافلو اُن ئي بازار مان لنگهيو ۽ قرآن، حديث ۽ سيرت سان ڀريل ڪتابن جي دوڪان جي اڳيان ساڳئي تڪبر ۽ وڏائيءَ مان لنگهي ويو.
مٽي ۽ ڌوڙ جو ڪڪر اُڏيو
منهنجو فلوس اُڏي ويو
روح ڏڪي ويو
شام جو آءٌ ڪپڙا بدلائي پنهنجي اردليءَ کان سائيڪل وٺي اڪيلو ئي اُن دڪان تي ويس.. دڪان تي ٻه ننڍي وهيءَ وارا ڇوڪرا ويٺل هئا. هنن تيزيءَ سان ڏينهن جو منهنجي لنگهندڙ جلوس کي ته ڏٺو هوندو، پر مونکي نه سڃاتو. آءٌ اُتي ويهي رهيس. دڪان جا سڀ شيلف قرآن، حديث ۽ سيرت جي ڪتابن سان ڀريا پيا هئا. سڀني تي مٽي لڳل هئي. اُن ۾ منهنجي قافلي جي اُڏندڙ مٽي به هوندي.
منهنجو روح رڙڻ لڳو
آءٌ ڏڪي ويس
کيسي مان رومال ڪڍيم ۽ هڪ هڪ ڪتاب کڻي صاف ڪرڻ لڳس.
دڪاندار ٻارڙا حيران ٿي ويا.
مون کين سمجهايو ته منهنجي دل ايئن ڪرڻ پئي گهري. صاف ڪري ڪجهه ڪتاب وٺندس. اوهين پنهنجو ڪم ڪندا رهو، مونکي نه روڪيو. بس اهو رومال ڪتابن تان مٽي اُڏائيندو رهيو ۽ منهنجو روح اُجرو ٿيندو رهيو. اکين ۾ لُڙڪ تري آيا. پوءِ ڳڙي پيا. پهرين هلڪي بوندا باندي. پوءِ لُڙڪن جو مينهن وسڻ لڳو. رومال اُنهن مان ئي ڌوتم. نچوڙيم، پوءِ وري آقاﷺ جي مبارڪ نالي کي اُن سان چمڪايم ته ان نالي جي روشنيءَ ۾ آسمان جي سڀني تارن ۽ سڄي ماهِه ڪامل جو نور هو.
۽ روشني منهنجي اندر ۾ ترسي پيئي.
سيرت جا ڪتاب منهنجي لئبرريءَ ۾ ته اڳ ۾ به موجود هئا. پر اُن ڏينهن مونکي ڄڻ اُن لائبرريءَ جو داخلا ڪارڊ ملي ويو. ميمبر بنايو ويس. اتان هڪ هڪ ڪري ڪتاب خريدڻ لڳس. رات جو ويٺو پڙهندو هئس ۽ ڏينهن جو ڊيوٽيءَ تي نڪري ويندو هئس.
ڊيوٽي عجيب هئي.
بگڙيل ادارن کي سنوارڻ، ڪرپٽ ماڻهن جي ٻَڌ ٻَڌان. ملتان ڊويزن جا سڀئي شهر، ڊگها ڊگها سفر. صبح کان وٺي شام ٿي ويندي هئي ، رستي ۾ ڪو ڇانوري وارو وڻ ڏسي اُن جي هيٺان بيهي گهران آندل سُڪل مانين ۾ رکيل آمليٽ پاڻ به کائيندو هئس، ڊرائيور ۽ گن مين کي به ڏيندو هئس. هو پريشان ته هر هنڌ دعوت سان سَجيل ميزون هونديون هيون. اوڏانهن لڙڻو به نه آهي. ڪنهن جي ڊيوٽيءَ ۾ ميزبانيءَ جي سهوليت نه ڏيڻ تي ماڻهو مون کان ڊنل هوندا هئا.
اُن زماني ۾ ملتان جو ڊپٽي ڪمشنر پاڻ کي فرعون کان به وڏو ۽ وڌيڪ سگهارو سمجهندو هو. هُن جي رسائي ڪيترن ئي وڏن وڏن نانگن تائين هئي، ڪجهه ته انهن ۾ منهنجا ”باس“ به هئا. هو چوندو هو، ”آءٌ رڳو سج کي اوڀر کي جي بدران اولهه کان اُڀاري نٿو سگهان، باقي سڀ ڪجهه ڪري سگهان ٿو.“
هڪ ڀيري هن جي خلاف ڪا انڪوائري مون وٽ آئي، مون سچ کانسواءِ ڪجهه لکيو ئي ناهي.
مار کائي ويس
جيڪو سچ هو، اهو لکي ڇڏيم
سڄي ضلع ۾ ٻَڙڌڪ مچي ويو
ڪڏهن سفارشون
ڪڏهن ڌمڪيون
مون رپورٽ لکي موڪلي ڇڏي
ڊپٽي ڪمشنر معطل ٿي ويو.
هُن جي نانگن مونکي جڪڙي ورتو. انهن ڏينهن منهنجي ان کان به سٺي پوسٽنگ آئي هئي. اسلام آباد جي نيول اسپتال جي ڪمانڊنگ آفيسر جي. مون گهر جو سامان موڪلي ڏنو. ٻارڙن کي اسڪول مان ڪڍرائي ورتم، گهر وارا ساهرين هليا ويا. آفيس جي چارج به ڏئي ڇڏيم، هيڊ ڪوارٽر مان موومينٽ ليٽر اُن ئي معطل ڊپٽي ڪمشنر جي ڪزن کان وٺڻون هو، هن ٽال مٽول شروع ڪري ڏني. اندر ئي اندر ڪا کچڙي به رڌي ورتائين. چوڻ لڳو، سڀاڻي هليو وڃج. ٻي ڏينهن هليو وڃج، هڪ ٻه ڏينهن ترس.. ويهه چانهه چُڪو پي.
نيويءَ وار اوسيئڙي ۾ رهيا.
هُنن جي اسپتال ڪيترائي مهينا ڪمانڊنگ آفيسر کان سواءِ هلي رهي هئي، هنن کي اسپتال هلائڻي هئي، ڪنهن ٻي کي چارج ڏيئي ڇڏيائون. هُن کي بهانو ملي ويو. هاڻي نيويءَ وارا توکي نئين مقرري ڏين ته هليو وڃج. هڪ هڪ گهڙي. هڪ هڪ ڏينهن، هڪ هڪ رات زندگيءَ کان به ڊگهي.
ڏهه مهينا گذري ويا،
ڏينهن جو اڪثر نفلي روزو هوندو هو ۽ شام جو اهو ئي قرآن ۽ سيرت جو دوڪان. اکين ۾ لُڙڪ وڌي ويل. منهنجي آقا ﷺ جو نالو وڌيڪ چمڪڻ لڳو، قصو ڪوتاهه، ڏينهن جو اُداسين جي اُس ۾ آقا ﷺ جي سيرت جي ڇانوَ رهندي هئي، رات انهن ئي ڪتابن سان گذرندي هئي. هوريان هوريان سيرت جا سڀئي ماخذ پڙهي ورتم، ان کانپوءِ ننڍي کنڊ جي عالمن جا سيرت تي لکيل سڀئي ڪتاب به پڙهيم. جيڪي عام طور تي سيرت جي عظيم ماخذن جي اردوءَ ۾ ترجمو ٿيڻ کان اڳ لکيل هئا. ماخذ ته پوءِ لکي نٿا سگهجن. منهنجي خوشنصيبي ته سڀئي قديمي ماخذ ملي ويا. سي پڙهي ورتم.
منهنجو سڀ سامان، منهنجي سڄي لئبرري اسلام آباد جي نيول اسپتال ۾ کوکن ۾ بند هُئي. هيڏانهن هن سڄو گهر بند پيو هو. آءٌ هڪ سوٽ ڪيس ۽ گاڏيءَ سان گيسٽ روم ۾ ڏهن مهينن تائين رهيس، ملتان جي درگاهن ۾ اچڻ وڃڻ وڌي ويو. بهاء الدين ذڪريا، شاهه رُڪن عالم ۽ شمس تبريز وٽ ويندو هئس.
چوندو هئس بزرگو!
هاڻ وڃڻ ڏيوم
ڪير ٻُڌي ئي نه.
ڄڻ مولانا روم جو سڄو ٿيلهو شاهه شمس درياهه ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيو هو. منهنجي سڄي ادبي، تاريخي، ڊاڪٽري، قانون، سوشيالوجي، هر قسم جا ڪتاب وڃي بچيا هئا. ڪيترائي هٿ پير هنيم، پر منهنجي هڪ به نه هلي، چيف آف نيول اسٽاف ايڊمرل يسطورالحق منهنجي ڪتابن جو مداح هو، وائيس چيف آف آرمي اسٽاف جنرل محمد يوسف خان سان ته آءٌ تبوڪ، سعودي عرب ۾ رهيو هئس. ايڊ جوئنٽ جنرل اوڪزئي انتهائي سٺن گڻن جو مالڪ هو، ان حڪم جاري ڪري ڇڏيو، پر سابق ڊپٽي ڪمشنر جي ڪزن اهو به هوا ۾ اُڏائي ڇڏيو. نيويءَ جو ڊائريڪٽر جنرل ميڊيڪل سروسز ايڊمرل محمود احمد ڀائرن وانگر هو. مونکي روز فون ڪندو هو. اسانجو سرجن جنرل ليفٽيننٽ جنرل ڪرامت حسين ڪرامت منهنجي لاءِ پاڻ ملڻ جي لاءِ ملتان آيو، پر سڀني تي اڳوڻي ڊپٽي ڪمشنر جي سئوٽ اهو ثابت ڪري ڇڏيو ته ’هو رڳو سج کي اولهه مان نٿو اُڀاري سگهي، باقي سڀ ڪجهه ڪري سگهي ٿو.‘
جيئن ته آءٌ نئين آفيس وڃي نه سگهيس، تنهنڪري فيصلو ٿي ويو.
هُن اندر جي باهه ڪڍي ۽ مُرڪي معذرت ڪري مونکي ٻي پوسٽنگ تي وڃڻ جي لاءِ پرچي ڏيئي ڇڏي، پرچي مونکي اسلام آباد جي بدران ”کارايان“ جي ملي، ملتان مان نڪري کاريان جي ٽرين ۾ ويٺس ته ڪمپارٽمينٽ ۾ اڪيلو هئس. اک لڳي ويم. پليٽ فارم تي بهاء الدين ذڪريا، شاهه رڪن عالم ۽ شمس تبريز ٽيئي هٿ لوڏي مونکي خدا حافظ چئي رهيا هئا، هڪ شام اڳ هنن جي درگاهن تي موڪلائڻ جي لاءِ ويو هئس. ٽنهي هنڌن تان چادرون مليون هيم، اُن وقت ٽيئي چادرون منهنجي صندوق ۾ مون وٽ ٽرين ۾ هيون. عجيب وجد ۾ اچي ٽيئي چادرون اوڍي آءٌ خالي ڪمپارٽمنٽ ۾ سرمدي بيخوديءَ جي حالت ۾ نچي رهيو هئس. دل ۾ عجيب سرور هو ته جتي نانگ ڀاڳن کي ڏنگڻ جون وارداتون ڪن ٿا. اُتي الله جا دوست خدا جي اِذن سان حفاظت تي به مقرر رهندا آهن.
کاريان پهتس
اُتي ماکيءَ جو مانارو ملي ويو
سٻاجها، مٺڙا، انسان دوست، سٺا گڻائتا ۽ نيڪ فطرت.
برگيڊيئر غضنفر لطيف ڊار، ميجر جنرل مير حيدر علي خان، علم ۽ عرفان سان ٽٻٽار. وري ليفٽيننٽ جنرل شاهد اقبال، خوش خيال، سراپا محبت ۽ ڌيان، پيشه وراڻي مهارت ۾ ڪمال سان گڏ مدبر ۽ مؤثر. ليفٽيننٽ جنرل محمد اصغر به اُت هو. ڏسڻ ۾ جلالي، پر اندر جمال ئي جمال. ڪور ڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل جاويد عالم خان تائين ٻاجهارا ۽ مهربان.
کاريان ۾ پهريون ڀيرو اعتڪاف ۾ ويٺس.
اُتي هڪ دعا قبول ٿي ۽ ايندڙ اعتڪاف مسجد نبوي مديني ۾ ويٺس. سيرت لکڻ جي شروعات روضي پاڪ رسول ﷺ جي ڄاريءَ جي سامهون ويهي ڪيم.
کاريان جي ويجهو جهلم ۾ منهنجو بابا عرفان الحق هو.
اُن کان اڪثر رهنمائي ملڻ لڳي. هو به مون وٽ ايندو رهندو هو.
سيرت جا شروعاتي باب کاريان ۾ ئي لکيا ويا.
اُنهن ئي شاندار ماڻهن جي اوڏو رهي
ياالله! اهي همراهه ملتان ۾ ڇو نه مليا.
ملتان مان ايندي جتي ملتان جي اوليائن جو ڌيان مليو، اُتي هڪ صوفي دانشور بيوروڪريٽ بئريسٽر ظفرالحق باري به مليو. سيد شمشاد جعفري ۽ اسرار الاهيءَ جو پيار به مليو ۽ هڪ اڻ ڄاتل نالي جي رڪشا واري درويش سان به دوستيءَ جا پيچ پيا. کاريان ۾ اهي همراهه ياد ايندا رهيا.
کاريان وارن محبت سان مونکي قلم جو ٻانهون سمجهي چيو ته ڪجهه دير جي لاءِ ڊاڪٽري ڇڏي ’آءِ ايس پي آر‘ وڃ، اتي پهچي ويس. ’هلال‘ جو نگران رائٽرز پول جو انچارج، پر زهريلي کُنڀين جي هيٺان سچ مري ويندو آهي. منهنجو سيرت جو ٿيلهو وقتي طور تي بند ٿي ويو.
ڪهاڻي ڊگهي آهي.
قصو ڪوتاهه، اُتان رٽائر ٿي ’اڪيڊمي آف ليٽرز اسلام آباد‘ ۾ ڊائريڪٽر جنرل بنجي هليو ويس. فخر زمان وڏي ڀاءُ جيان آهي. صوفي ازم تي عالمي ڪانفرنس ساڻس گڏجي ڪرايم. سئو کان وڌيڪ ملڪن جي دانشورن سان وقت گذريو. سڄي دنيا مان دعوتون اچڻ لڳيون. آمريڪا، وچ اوڀر،ڏور اوڀر، وچ ايشيا، چين، روس، هندستان، هر هنڌ اسڪالرن سان مليس. پوءِ ڪجهه عرصو اهڙي منسٽريءَ ۾ رهيس، جتي سڀني مذهبن کي پڙهڻ ۽ پرکڻ جو موقعو مليو. سڀني مذهبن جي ماڻهن جي ٻُڌيم ۽ کين آقا ﷺ جي زندگي ٻُڌايم، سڀني مڃيو ته هو عظيم ترين آهي، هُنن جي رڳو هڪ شڪايت هئي، اهڙي رحمت العالمين جا مڃيندڙ ايترا تشدد پسند ۽ گهٽ سَهپ رکڻ وارا ڇو آهن؟
منهنجو هڪ ئي جواب هوندو هو، اوهين اسان کي نه، اسان جي آقا ﷺ کي ڏسو.
اوهان هيترن ماڻهن جون بايوگرافيز پڙهيون آهن. هڪ ڀيرو منهنجي آقا ﷺ جي سيرت به پڙهي ڏسو، پوءِ ئي فيصلو ڪريو ته انسان جي عزت، پاڻ سڳورن کان وڌيڪ ڪنهن ڪئي، جي ڪئي آهي ته اها منهنجي سامهون آڻيو. اها منهنجي للڪار آهي. ڪو کانئس وڌيڪ رحيم هجي ته ڏيکاريو.
سيرت پاڪ ﷺ تي ڪيترن ئي ڀاڳ وارن لکيو آهي
دنيا جي هر زبان ۾ سيرت جا ڪتاب موجود آهن.
اسان جي ننڍي کنڊ ۾ اها ذميداري ڪيترن ئي وڏن عالمن نباهي آهي.
اُنهن جي علم مان به مون پرايو.
سيرت لکڻ جي دوران ڪيترائي اهڙا مرحلا آيا، جن جسم جي کل اُڊيڙي ڇڏي . رت ڄمي ويم، مٿو ڦاٽڻ لڳو، جسم ڦوندا ڦوندا ٿيڻ لڳو، اهي ڪيفيتون ڪٿان ڪٿان آيون، اوهين پڙهندڙ ئي محسوس ڪري سگهندا.
ڏوهه منهنجو آهي
آءٌ هڪ اديب آهيان، ناول نگار آهيان، ٽيهه ڪتاب لکي چڪو آهيان. اردو جو سڀ کان وڏو ناول ”دروازا کلتا هي“ الله لکرايو ۽ الله جي نالي ئي ان جو انتساب آهي، لفظ آهن.
الله جي نالي
جنهن قلم کي لکڻ سيکاريو .
الله اُن ۾ اهڙي برڪت وڌي جو دنيا جي ڪيترين ئي زبانن ۾ ان جو ترجمو ٿي ڇپيو. هاڻ هنديءَ جو به سڀ کان وڏو ناول آهي. عربيءَ ۾ ان جو ترجمو ’الازهر يونيورسٽي قاهره‘ مصر ۾ ٿئي پيو. اهو عربيءَ جو به ضخيم ترين ناول بڻجڻ وارو آهي، فارسي، بنگالي، جرمن، نيپاليءَ ۾ ترجمو ٿي ڇپجي رهيو آهي، گرمکيءَ ۾ ڇپجي چڪو آهي، سڀ ان ارپنا جي برڪت آهي، ان جي ڪهاڻي اسان جي ننڍي کنڊ جي آهي، جيڪا پاڪستان جي تخليق تي ختم ٿئي ٿي، اهو ناول لکندي مون هڪ ئي دعا گهري هئي ته الله سائين مون کان فقط اهو ئي لکرائج، جيڪو آءٌ ڏسي وٺان. ان واقعي مان پاڻ گذران، جنهن کي پنهنجي روح ۾ لاهي ڇڏيان، پنهنجي دل جي هر ڪُنڊ ۾ ، هر ڌڙڪن ۾ اها وسائي ڇڏيان. خوشيءَ جي گهڙي هجي ته خوش خيالي بنجي لفظ نڪرن، ڏک ۽ تڪليف جي ڳالهه هجي ته قيمي واري مشين مان گذاري پوءِ لکرائج.
الله ته ٻڌندو آهي
غار حرا تائين پهتس ته بُت لڏيو.
جسم مان روح ڪُل جو خطاب ٿيڻو هو، منهنجو ڪِنو ڦِٿو گنهگار جسم ڪيئن ساٿ ڏي ها. اهو ڪلام جبل تي لهي ها ته اهو به پرزا پرزا ٿي وڃي ها. مونکي ته فقط اُن جي روئداد لکڻي هئي، پر هئس ته آءٌ به ذرو، ٽٽي پيس. ذرو ٽٽندو آهي ته ڌماڪو ٿيندو آهي، سڄي ائٽمي سگهه ذري ۾ آهي، اسپتال پهتس، ليبارٽري ٽيسٽون ٿيون، اسڪيننگ ٿي. بايو آپسي ٿي، گردا سئو مان 78 سيڪڙو ناڪارا ٿي چڪا هئا، بخار چڙهندو رهندو هو، خود ايم بي بي ايس ڊاڪٽر آهيان، سمجهي ويس ته اُبتي ڳڻپ شروع ٿي چڪي آهي. ڊاڪٽر ۽ دوست چون ته آرام ڪر، پر مون ننڊ جو وقت به چورائي ورتو. اسپتال ۾ سيرت جو ٿيلهو کولي ورتم، ’غار حرا‘ اسپتال ۾ لکيم. پهرين وحيءَ کان پهرين آپريشن جي پٽي سميت اسپتال ۾ غسل ڪيم، پوءِ لکيم. لڙڪن جي بارش ۾ روح جي ڇَٽي کولي لکيم، اقراء، آقا ﷺ جي پسنديده دعا روح آلاپيندي رهي.
ربّ زدني علماََ
الله تون ئي ٻُڌڻ وارو آهين
دل ۾ ڳالهه ويهي رهي ته وقت گهٽ آهي ڪم کي تيز ڪر،
الله وقت ۾ برڪت وجهي ڇڏي
سڄي زندگي ڀرپور صحت سان ايترو تيز نه لکيم، جيترو اُن بيماريءَ ۾ الله لکرايو.
انهن ڏينهن منهنجي دوست امجد چوڌريءَ وڏو حوصلو ڏنو.هو منهنجو ’آءِ ايس پي آر‘ جو جونئر صحافي آهي ۽ منهنجي جنم ڀومي سيالڪوٽ جو آهي. منهنجي ننڍپڻ جي بابائن جو يار آهي، حضرت امام علي الحق شهيد ۽ پير مراديا هن جا ۽ منهنجي پراڻي گهر جا پاڙيسري آهن. هو انهن درگاهن تان منهنجو نالو ٻڌي منهنجو شيدائي بنجي ويو، جيئن آءٌ ممتاز مفتيءَ کي سمجهندو هئس.
هو منهنجي آزمائش بنجي ويو.
چيائين، قلم وٺڻ اوڏانهن ويس، چيائون ابدال ڏانهن وڃ. چيائين مون قلم کڻي ان وقت جي چائنٺ تي رکيو. عرض ۾ مس ڏيو، جواب مليو سائين مس به وٽس ئي آهي. هن مونکي ڏڪائي سڄي ڪهاڻي ٻڌائي ته مون کڻي هٿ ٻڌامانس، عرض ڪيم. امجد آءٌ ننڍڙو حقير ٻانهو آهيان. ايئن ئي رهڻ ڏينئم. مون وٽ ته منهنجي گرو ممتاز مفتيءَ جو قلم آهي. تنهنجي ۽ منهنجي مرشد اقبال جو قلم آهي، منٿون ڪري، باسون باسي، ليلائي ڪيترن ئي هنڌن تان ورتو اٿم، سلطان باهوءَ کان، نظام الدين اولياءُ کان، قطب الدين بختيار ڪاڪيءَ کان، علي هجويريءَ کان، بو علي قلندر کان، ميان محمد بخش جي بابا دمڙي شاهه کان، شاهه حسين کان، وارث شاهه کان، ڪهڙا نالا وٺي ڪهڙا وٺان. هي قلم گهرڻ سان ملي ها ته آءٌ گهرڻ بنا ڪعبي جي پردي ۾ ڪلاڪن تائين لڪيل رهيس، روئيندو رهيس، لکندو رهيس، لکڻ ته ان کي ايندو آهي، جنهن قلم کي لکڻ سيکاريو. اسين ته اجاين مغالطن ۾ هوندا آهيون، قلم اُن جي حڪم جي تابع آهي، تڏهن ته قلم کان سچ لکرايو ويندو آهي.
هر شئي جي سکيا ٿيندي آهي.
جيڪو ڪجهه گذري ويو، اهو ته گذري ها ته جيڪو پوءِ گذري ها، اهو ڪيئن گذري ها، الله کان وڏو تربيت ڪندڙ ڪير آهي، اسين ماڻهو جنهن کي اتفاق سمجهي ٽاري ڇڏيندا آهيون، اهو ڪهاڻيءَ جو اهم موڙ هوندو آهي. سُهڻي واقفيت، بازار کان واقفيت، منهنجي جيون جو هڪ اهڙو انوکو موڙ هو. جنهن زندگيءَ جو اسٽيئرنگ ڪٿان کان ڪيڏانهن موڙي ڇڏيو. هنن مون کان ترقيءَ جو هڪ گُل کسيو، پالڻهار مونکي ڪائنات جي سڀ کان سُھڻي گُل ٺاهڻ، سجائڻ ۽ اختيار ڪرڻ جي سگهه ڏني.
پالڻهار، شايد ٽيهه ڪتاب هن ڪتاب لکڻ جي لاءِ، قلم کي روان ڪرڻ جي لاءِ لکرايا، چوڻ ۾ ته اهو به چئي سگهجي ٿو، ته لفظن جي عزت، بناوٽ ۽ ساختياتي حسن جي سڄي دلڪشي پنهنجي شهر جي گورنمينٽ ڪاليج لاهور جي استادن ۽ اُتي جي دانشورن کان سکيم. انهن ۾ پروفيسر مرزا منور، مشڪور حسين ياد، صوفي تبسم ۽ فيض احمد فيض هئا. لفظن جي سُڌ، راڳ ۾ پوتر سوچ ۾ ڳالهائڻ اشفاق احمد سيکاريو ۽ سوچيل سڀني اُجرن لفظن کي ڪاغذ تي لاهڻ جو راز منهنجي گرو ممتاز مفتيءَ ڏنو. ڪهاڻي ڪيئن ٺاهڻي آهي، ۽ ڪهاڻيڪار ڪيئن اُن جي اُڻت ڪندو آهي، اهو ڳجهه انهن کوليو، علامه اقبال جا روحاني ڪلاس خواب ۾ مليا.
خوابن ۾ به وڏي تعميري صلاحيت هوندي آهي.
ڪڏهن ۽ ڪيترا ڀيرا آقا ﷺ جي خواب ۾ ۽ خواب کان سواءِ زيارت ٿي، اِهي ڳالهيون وري ڪنهن ڀيري.
چئبو آهي ته تحرير جو حسن اهو آهي ته اهي لفظن سان تصوير ڪشي ڪن. گذريل منظرن کي ٻيهر جنم ڏين، جيڪو صديون پٺتي رهجي ويو، لفظ اهو وڃي. جَهٽين، اُن گهڙيءَ ۾ اهڙو ٻَڌجي، جيئن اها گذرندڙ گهڙي، اها گهاريندڙ گهاري رهيا هئا، لکڻ واري جو رت سَت سُڪي وڃي، رت جي بوندا باندي روح جي پاتال تي رسندي رهي، رت جو دٻاءُ وڌي وڃي ته لکڻ جي لاءِ پنهنجي دل تي ڪاتي رکي.
پوءِ لکي
اُن ڪري اسپتال وڃڻو پيو
امجد چوڌري اچي دلاسا ڏيندو هو
هن ڪتاب جو هڪ ٻيو ديوانو دوست فهد حميد اچي هٿ پير دٻائيندو هو.
ٻئي چوندا هئا، مڪي جي فتح تائين لکي وٺندين ته ليباريٽري ٽيسٽون بدلجي وينديون.
ڪجهه ايئن ئي ٿيو
فرق ته پيو آهي
اهو ٿي ئي نٿو سگهي ته ڪو رسول الله ﷺ جي مدح لکي ۽ اهو آقا عليه السلام جي نظر کان پري رهي، اِهي سڀ خوشنصيبيءَ جون ڳالهيون آهن. جنهن ڪم کي پورو ڪرڻ جي لاءِ چوڏهن سالن تائين لڳ ڀڳ ٻه سئو ڪتاب پڙهيم، نوٽس ٺاهيم، تحقيق ۽ جستجو ڪيم ۽ مُحبت سانڍيم، ڪيترائي سال سعودي عرب جي انهن ئي پٿريلن پَٽن تي گذاريم، اهو پالڻهار 17 هين رمضان تي روزي کولڻ مهل پورو ڪرائي ڇڏيو.
هي ڪتاب هڪ ٻانهي پاران پنهنجي ۽ سڄي ڪائنات جي آقا ﷺ جي لاءِ تبرڪ جو هڪ هديو آهي. ٻيو ته هن ڪتاب ۾ پنهنجي علميت، فوقيت، عظمت، خطابت يا پنهنجي ڪنهن مسلڪ جو حوالو ڪونهي. ڪٿي به بحث نه ڇيڙيو اٿم. بنا سبب جي ڪو واقعو ٻيهر لکي پڙهندڙ کي ٿڪايو نه اٿم، نه مونجهاري جو شڪار ڪيو اٿم ، ڪوشش اها ئي ڪئي اٿم ته پڙهڻ وارو جيڪو پڙهي رهيو آهي ، اهو زماني ترتيب سان، سڀني تفصيلن سان، ان منظر ۾ ايئن وڃي گڏجي، جو هو پاڻ کي ان جو شاهد سمجهي، ڄڻ هو سڀ ڪجهه ڏسي رهيو هُجي ۽ اهو سڀ مٿس وهي واپري رهيو هُجي.
آءٌ بنهه ننڍو، ميرو گناهگار ٻانهو آهيان،
پالڻهار، گناهگارن جي روئندڙ پُڪار به ٻڌندو آهي،
اُنهن کي ضرور ٻُڌندو هوندو، جن کي ڪو ٻيو نه ٻُڌي .
لڳي ٿو ته هُن ٻڌي ورتو، ڇو ته هو ڪوڙ نه ڳالهائيندو آهي.
جيڪو هُن لکرايو، سو لکي ڇڏيم،
آقا ﷺ ته سڄي ڪائنات جو روح آهي،
پهريون سڳورو روح جيڪو خدا تخليق ڪيو، جنهن کي جوڙي سڄي ڪائنات جوڙيائين، آقا ﷺ جبرائيل عليه السلام جو ڏٺل اهو تارو آهي، جيڪو ٻاهتر سالن کانپو آسمان تي اُڀرندو آهي، ۽ جيڪو حضرت جبرائيل عليه السلام ستر هزار ڀيرا ڏٺو هو ۽ آقا ﷺ فرمايو: ”اهو تارو آءٌ آهيان.“
اُن تاري جو هڪ ڪرڻو به مڪمل طور تي ڪيئن ٿو لکي سگهجي؟
اسين ته جَر تي ڦوٽي جيئن آهيون،
اُڀرون ٿا، ڦاٽي ٿا پئون
آقا ﷺ جو نالي يڪو جُڙجي ويو، اهو قائم ٿي ويو.
کيس دوام ملي ويو.
آقا ﷺ جي ذڪر تي دل ڌڙڪي ٿي، ڌڙڪندڙ لڙڪ نڪرن ٿا، منجهه ئي منجهه آقا ﷺ جي سَرمدي نور سان لُڙڪن جون نديون، درياءَ بنجن ٿيون ۽ ان جي رحمت جي انت نه پار سمنڊ ۾ وڃي گڏجن ٿا، پوءِ ان رحمت العالمين جي مٺي سمنڊ جي برڪت سان ڀريل ڪڪر جهومي اُٿندا آهن ۽ سڄي ڌرتيءَ تي رم جهم ڪري روح کي ڀِڄائي ڇڏين ته اها ان ادني جي دل جي اُجرائپ آهي،
روشني شيشي مان عڪس ڇڏي ٿي،
لکڻي ڪيتري به جاذب نظر هُجي، اها پڙهندڙ جي ريشمي سُندر بي داغ چمڪندڙ روح تي چوڏهينءَ جي چنڊ جيان چمڪندڙ چانڊوڪي آهي، جيڪا اوهان جهڙي خوشنصيب روح کي وجد ۾ آڻي سرمدي سُر ۾ سوساٽ ڪندي، عشق رسولﷺ جي رنگ ۾ رڱجي ويندي آهي. جنهن کان سهڻو رنگ زمين جي مٿان ۽ آسمان جي هيٺان ٻيو ڪوبه ڪونهي.
هي ڪتاب ڇنڻ وارو ڪونهي
پر ماڻهن کي آقا ﷺ سان ڳنڍيندڙڪتاب آهي .
هي اُن محبت جي سفر جي ڪٿا آهي، جيڪا هڪ غلام پنهنجي آقاﷺ ڏانهن وک وک وڌندي پوري ڪئي آهي، ان دوران جيڪي طوفان، واچوڙن جهولن ۽ سنهري وجد ڀريل گهڙيون آيون، اهي سڀ هن ڪتاب ۾ رکي ڇڏيا اٿم، لکڻ مهل جيڪي لڙڪ تڙپي ڪاغذ تي ڪريا، اِهي ته منهنجي ناشر ڪتاب ڇپائڻ مهل لڪائي ڇڏيا، پر آقا ﷺ جي مُحبت سان ڀريل اوهان جي دلين مان چِڪايل اوهان جي آبرومند اکين جا لڙڪ هن ڪتاب تي ڪرن ته سمجهي وٺو ته آقا ﷺ اوهانجي خوشبختي ڏسي ورتي آهي.
هن ڪتاب کي مڪمل ڪرڻ ۾ منهنجي اسڪول جي استاد ڊاڪٽر محمد يونس، دوست پروفيسر ڊاڪٽر ادريس فاروق بٽ، مديني شريف جي رهاڪو دانشور ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جي ليکڪ ڊاڪٽر محمد الياس عبدالغني، هندستان لڌيانه جي سينئر اديب ڊاڪٽر ڪيول دهير، الازهر يونيورسٽي مصر جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر محمد ابراهيم، تهران يونيورسٽي ايران جي اردو شعبي جي صدر ڊاڪٽر علي البيات، ڍاڪا يونيورسٽي بنگلاديش جي ڊاڪٽر عبدالواحد ۽ محترمه بشريٰ رحمٰن جي ڌيان ۽ دعائن وڏو حوصلو ڏنو.
ادب ۽ صحافت سان لاڳاپيل اُجرين دلين ۽ نکريل لفظن جي ساٿين به حوصلا افزائي ڪئي. مُجيب الرحمٰن شامي، محمود شام، سليم بخاري، حنيف خالد، اوريان جان مقبول، ڊاڪٽر اجمل نيازي، جاويد صديقي، برگيڊئر صولت رضا ۽ عطاءالحق قاسمي، اِهي ڪجهه دوستن جا نالا آهن، هن ڪتاب جي ڪمپوزر سجاد محمود کي پنهنجي اکين مان وسندڙ لڙڪن سبب ڀنل ”ڪي بورڊ“ تي ڏڪندڙ آڱرين سان اتنهائي محبت سان هي ڪتاب ڪمپوز ڪرڻو پيو.
اُنهن سڀني جو ٿورائتو آهيان.
منهنجي ڪتابن جو پبلشر افضال احمد، سنگ ميل پبليڪشنز لاهور، پاڻ به عشق رسول ﷺ سان سرشار خوشنصيب آهي، سندس خواهش آهي ته منهنجي ٻين ڪتابن کان وڌيڪ هن ڪتاب جا سڄي دنيا جي زبانن ۾ ترجما ٿين ۽ اِهي پاڻ ئي ڇَپي، هن ڪتاب جي اشاعت کانپوءِ مونکي پنهنجي ناشر سان گڏجي انشاءَ الله، آقا ﷺ جي بارگاهه اَقدس ۾ حاضر ٿي هي ڪتاب پيش ڪرڻو آهي، جنهن جي روضي جي ڄاريءَ جي سامهون ويهي مون هي لکڻ شروع ڪيو هو.
هزارين درود ۽ سلام هُجن
مُنهنجي آقا ﷺ
مُنهنجي رسول الله ﷺ
آخري رسول ﷺ تي
جنهن تي مُنهنجي جان، مال، عزت هر شئي قربان.
ڊاڪٽر ابدال بيلا
12- ڊاڪٽر ٽائون، بي ڊبليو ڊي روڊ
سيڪٽر 11-9- اسلام آباد.