مڪي جي فتح- فيصلي جي گهڙي
مڪي جا مُشرڪ ڪنڌ جهڪايو، هارائي، آقا ﷺ جي سامهون بيٺا هئا.
فيصلو آقا صلي الله عليھ وسلم کي ئي ڪرڻون هو،
هُنن جي زندگي ۽ موت آقا صلي الله عليھ وسلم جي زبان مبارڪ مان نڪتل لفظن تي هو.
آقا صلي الله عليھ وسلم اُتي ئي ڪعبي جي دروازي تي بيٺي بيٺي پُڇيو:
”اي قريشيو! اوهين ڇا ٿا سمجهو
منهنجو اوهان جي باري ۾ ڪهڙو فيصلو هوندو؟
ميڙ مان جواب آيو
خيراخ کريم و ابن اخ کريم.
”اسين اوهان مان ڀلائي ۽ خير جي اُميد ٿا رکون، ڇو ته اوهين پاڻ ڀَلارا ۽ ڀلائي ڪندڙ ڀاءُ آهيو.“
جواب ڏيندڙ سُهيل بن عمرو هو، جنهن صلح حديبيه جا شرط طئي ڪيا هئا ۽ پنهنجي مسلمان پُٽ ابو جندل کي ٿڦڙ هڻي پاڻ سان گڏ مڪي وٺي ويو هو.
جنهن لکيل لفظ ”رسول الله“ ڪٽرايو هو.
پر آقا صلي الله عليھ وسلم جي ٻاجهه هر سمنڊ کان اونهي هئي.
هُن جي رحم کان هر آسمان هيٺ هو.
آقا صلي الله عليھ وسلم جي ٻاجهه ۽ رحم دليءَ جو جوش جولان ۾ آيو
آقا صلي الله عليھ وسلم فرمايو آءٌ اوهان کي اِهائي ڳالهه ٿو چوان جيڪا سيدنا يوسف عليھ السلام پنهنجن ڀائرن کي چئي هئي.
اذ هبو انتم الطلقاءَ لاتثريب عليکم اليوم
”يعني، جيڪو ڪجهه ٿيڻو هو، سو ٿي چڪو، اڄ اوهان تي ڪوبه الزام ڪونهي. وڃو اوهان سڀني کي معافي آهي.“
هڪئي جُملي ايڪيهن سالن تائين ڏوهه ڪندڙ ڏوهارين کي قيدي بنائڻ کانپوءِ معاف ڪري ڇڏيو
وڃو سڀ آزاد آهيو
غير مشروط طور تي
ايمان آڻيو يا نه آڻيو، آزاد آهيو
ڪنهن به سزا ڏيڻ کانسواءِ
ڪوبه فديو وٺڻ کانسواءِ.
قريشن جي ميڙ ۾ زندگيءَ جون نسون ٻيهر ڦڙڪڻ لڳيون.
هئڊن ٿيل چهرن تي خوشيءَ سان ڀريل رنگ اُڀرڻ لڳو.
هو سڀ بَچي ويا.
کين يقين ئي نه پي آيو
کين قيد مان آزادي ملي آهي.
سندن تلوارن جي هيٺان لڙڪندڙ ڪنڌن کي ڇوٽڪارو ملي ويو آهي.
سوريءَ تي لڙڪندڙ سندن جسم ڦندن کان ٻاهر اچي ويا آهن.
اهڙي ڪريمي، اهڙي رحمدلي، انساني تاريخ ۾ ڪڏهن به نه ڏٺي ويئي، نه ٻُڌي ويئي ۽ نه پَڙهي ويئي. اهو ڏينهن سڄي جهان کي رحمت العالمين جي رحمت ڏيکارڻ جو ڏينهن هو، اهڙي ڳالهه ته ڪڏهن ڪنهن سوچي به نه هوندي.
خطبي مان واندا ٿي عثمان بن طلحه کي سڏيائون.
بيت الله جي چاٻي اڃا سوڌي آقا صلي الله عليھ وسلم جي هٿ ۾ هئي.
ڪو وقت اهڙو به هو جڏهن آقا صلي الله عليھ وسلم عثمان بن طلحه کان اها چاٻي گُهري هئي. هن نهڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻي زبان سان انڪار ڪيو هو. آقا صلي الله عليھ وسلم کيس اُن ڏينهن به چيو هو:
عثمان هڪ ڏينهن اِها چاٻي منهنجي هٿ ۾ هوندي ۽ آءٌ جنهن کي چاهيندس اُن کي ڏيندس. آقا صلي الله عليھ وسلم اهو سڀ ياد ڪرائي پنهنجي هٿ ۾ جهليل چاٻي ڏيکاري،
آسمان تان وَحي لٿي
”اي پيغمبر! الله توکي حڪم ٿو ڏي ته امانتون امانت وارن کي پهچائي.“
آقا صلي الله عليھ وسلم فرمايو
عثمان منهنجي ويجهو اچ
عثمان بن طلحه ويجهو آيو
آقا صلي الله عليھ وسلم فرمايو:
”هيءَ چاٻي وَٺ، اڄ سُهڻي سلوڪ ۽ وعدي نباهڻ جو ڏينهن آهي، هيءَ چاٻي قيامت تائين وَٺ. هيءَ چاٻي توکي الله ڏياري آهي. ظالم ۽ غاصب کانسواءِ ٻيو ڪير به توکان هيءَ چاٻي نه کسيندو. اي عثمان! الله اوهان ماڻهن کي پنهنجي گهر جو امين بنايو آهي. تنهن ڪري توکي بيت الله مان جيڪو ملي اهو رسم ۽ رواج موجب استعمال ڪج.“ ]طبقات ابن اسعد، زرقاني، فتح الباري[
سيدنا عثمان بن طلحه کي نسل در نسل ان خدا جي گهر جي پاسباني جو مليل اعزاز ڪيئن لڳو هوندو.
اها سوچڻ جي ڳالهه آهي.
خدا کي به ياد هوندو.
هي اهو ئي شريف ۽ امانت دار شخص آهي، جيڪو هجرت وارن ڏينهن کان پهرين، مڪي مان هجرت ڪندڙ پهرين مسلمان خاتون اُم سلمه ۽ سندس پُٽ کي پنهنجي اُٺ تي ويهاري، مڪي کان مديني سندس مڙس ابو سلمه وٽ ڇڏڻ ويو هو، جنهن جي باري ۾ سيده اُم سلمه چوندي هئي ته مون هن کان وڌيڪ پرهيزگار ۽ شريف ٻيو ڪوبه شخص نه ڏٺو، جنهن پنج سئو ڪلوميٽرن جي ڏهن ڏينهن جي سفر ۾ هڪ ڀيرو به کيس پاڻ ڏانهن اک کڻندي نه ڏٺو. جيتوڻيڪ اُم سلمه مسلمان هئي ۽ ان وقت عثمان بن طلحه مُشرڪ ۽ ڪافر هو. اها ئي اُم سلمه، احد ۾ پنهنجي مڙس ابو سلمه جي شهادت کان پوءِ آقا صلي الله عليھ وسلم جي نڪاح ۾ اچي سڀني مسلمانن جي ماءُ جي حيثيت اختيار ڪري ويئي ۽ عثمان بن طلحهرضه کي انعام ۾ قيامت تائين سندس ڪُٽنب وٽ خدا جي گهر جي امانت داريءَ جي چاٻي پهچي ويئي.
چاٻي ڪهڙي به تالي جي هُجي
ايئن ته ناهي ملندي
اها چاٻي، جنهن سان ڪائنات جي جوڙ جوڙيندڙ، زمين ۽ آسمان ۽ اُن جي وچ ۾ جيڪي ڪجهه به آهي، اهو سُڃاڻڻ ۽ هلائڻ واري خدا جي پنهنجي گهر جي دروازي جي چاٻي، جڏهن اِها خدا جي گهر جي دروازي ۾ پنهنجي ”انا“ جي صليب تان لهي گُهمي وڃي ته اهو سڳورو دروازو کلي ٿو.
هتي رڳو نور ئي نور آهي
خدا جو نور، قرآن جو نور ۽ نور محمد صلي الله عليھ وسلم
اهو سجدي جو هنڌ آهي
چئني ڏسائن
اُتي طرفن جو ڪو نالو ڪونهي.
اُهو خدا جي گهر جو دوازو آهي. اُن جي چاٻي ۽ اُن جو چاٻي بردار ڪو عام شخص ٿي نٿو سگهي.
خدا هر چاٻي سوچي سمجهي ڏيندو آهي
شايد رڳو اُن کي ڏيندو آهي، جنهن ڪڏهن به ڪنهن جو تالو ناهي ٽوڙيو.
۽ هٿ ۾ آيل چاٻيءَ جو ناحق استعمال نه ٿئي.
اهي سڀ خدا جا راز آهن.
تالن ۽ چاٻين وارا
اُنهن چاٻين سان آسمان تي سج هلي ٿو،
آسمان تي تارا جهرمرڪن ٿا.
چنڊ پنهنجي چانڊاڻ پکيڙي ٿو.
رڻ پَٽ ۾ واري وسندي آهي
سنگلاخ ٽڪرين تي اُس چڙهندي آهي.
ساين ماٿرين ۾ گؤنچ ڦُٽن ٿا.
ساوڪ جون چادرون پکڙجن ٿيون
نيلن، پيلن ۽ لال گلابي،
سڀني رنگن جي پنهنجي ٻولي
سڀني رنگن جو پنهنجو ڳُجهه
هر ڳُجهه جي پويان چاٻي
هر چاٻيءَ جي پنهنجي کيڏ
چاٻي ملي ته خوش بختي
رستي جو هر دروازو
کُلي پئي ٿو.
سيدنا عثمان بن طلحه جي ڀاڳن جو دروازو کلي پيو.
سج پنهنجي رستي تي هلندو رهيو.
مٿي کان مٿي ٿي نيازمنديءَ سان آقا صلي الله عليھ وسلم ڏانهن جُهڪيو
اڳينءَ جو وقت ٿي ويو هو
آقا صلي الله عليھ وسلم سيدنا بلال بن رباح کي حڪم ڏنو
ڪعبي جي ڀت تي چڙهي ٻانگ ڏي.
پوءِ مڪي جي مُشرڪن هڪ انوکو منظر ڏٺو.
جنهن کي هو تپندڙ واريءَ تي رسين سان ٻڌي ڪاٺ يا لوهه وانگر حقير ۽ بي جان شئي سمجهي گهليندا هئا، جنهن جي هيڻي ۽ اڌ مئل سڄي زخمي بُت تي اُس سبب تپندڙ وڏا وڏا پٿر رکي، هُن جي سِڏڪندڙ وات مان نڪرندڙ لفظن کي سُڻندا هئا، جيڪو پنهنجي جان جي امان گهرڻ جي بدران رڳو هڪئي لفظ چوندو هو احد ... احد ... اُن ڪاري بدن واري غلام کي اڄ ڪهڙو انعام ملي رهيو هو. خدا جي گهر جي ڇت تي چڙهي اُنهن ئي چپن سان خدا جي عظمت بيان ڪرڻ، اها به وڏي آواز ۾.
الله اکبر
اهي چپ، جن کان ڪڏهن پورو ساهه کڻڻ جو اختيار به کسيو ويو هو، جنهن کي چيو ويندو هو ته جيڪڏهن جيئڻو اٿئي ته خدا جو نالو نه وٺ. هن سوچيو ته اهڙيون هزارين زندگيون آءٌ اُن نالي تان قربان ڪري ڇڏيان... جيڪو ڪو ٻيو نه پر رڳو احد آهي. هڪ آهي، اڪيلو واحد الله آهي.
الله اڪبر
اڄ اُن واحد خدا جي طرفان انعام ڏيڻ جي گهڙي هئي
غلام خدا جي گهر جي ڇت تي بيٺو هو،
اهڙين عظمتن لاءِ غلام ئي چونڊيا وڃن ٿا، تاريخ اهو ئي ٻُڌائي ٿي.
غلام به ڪنهن جو؟
اُن آقا صلي الله عليھ وسلم جو، جيڪو خدا جو سڀ کان وڏو غلام آهي.
بلال ڪَنن تي هٿ رکي سڏي رهيو هو
الله اکبر
الله اکبر
مڪي جي قريشن جي لاءِ اها ٻِٽي وڏي حيرت هئي.
هڪ اها ته ڪو خدا جي گهر جي ڇت تي چڙهي
گويا انسان جي حيثيت ۽ عزت خدا جي گهر کان وڌي ويئي
ٻي اها ته اهو غلام هُجي، ڪارو شيدي هُجي
۽ اهو سڏي، ڇا... الله جو نالو... خدا جي عظمت
اُتي ته صدين کان پنهنجي قبيلي، پنهنجن ابن ڏاڏن ۽ پنهنجي واکاڻ ڪرڻ ۽ ٻُڌڻ جو رواج هو. هيءَ وري ڪهڙي نئين رسم شروع ٿيڻ واري آهي. پنهنجي ذات کان وڌيڪ ڪنهن ٻي کي چوڻ جي عادت-
مُشرڪ قريش سوچي رهيا هئا،
وڏي ذات ته فقط هڪئي آهي... الله
صرف الله ئي وڏو آهي.
الله اکبر
باقي سڀ ٻانها
غلامن جو به هڪ ئي آقا صلي الله عليھ وسلم آهي.
اهو به خدا جو غلام آهي.
الله اکبر
سيدنا بلال ٻانگ ڏيئي رهيو هو.
ميڙ ۾ سانت-
هڪ ايڪيهين سالن جي ڇوڪري عتاب بن اسيد ڀُڻ ڀُڻ ڪري پنهنجي ڀَر ۾ بيٺل ابو سفيان بن حرب ۽ ٻين ساٿين کي چيو- ”الله منهنجي پيءُ اسيد جي عزت رکي ورتي. جو هُو هي آواز ٻڌڻ کان اڳ مري ويو، نه مري ها ته اڄ کيس هي آواز ٻڌڻو پوي ها.“ ڀَر ۾ حارث بن هشام چيو: ٻُڌ! مون کي جيڪڏهن علم هجي ته تون حق تي آهين ته آءٌ ضرور تنهنجي پيروي ڪريان ها. پوءِ هو ابو سفيان بن حرب کان سندس راءِ ٻڌڻ جي لاءِ جُهڪيو ته ابو سفيان چيس: ڏس! خدا جو قسم! آءٌ هڪ لفظ به نه چوندس، ڇو ته جيڪڏهن مون زبان مان هڪ لفظ به ڪڍيو ته هي پٿريون به مون بابت خبر ڏينديون. هن پَٽ تان ڪجهه پٿريون هٿ ۾ کڻي عتاب بن اسيد ۽ حارث بن هشام کي ڏيکاريون.
ٿوري دير کان پوءِ آقا صلي الله عليھ وسلم اُتان لنگهيا
انهن ٽنهي وٽان لنگهندي گهڙي کن بيٺا ۽ فرمايائون: اوهان ٽنهي جيڪي ڳالهيون ڪيون آهن،
پٿريون اِهي مون کي ٻڌائي چڪيون آهن، پوءِ آقا ﷺ اهي سڀ ڳالهيون ورجايون، جيڪي ٻُڌي حارث بن هشام ۽ عتاب بن اسيد جون اکيون ڦاٽي ويون ۽ وات پَٽيل رهجي ويا ۽ هو ٻئي هڪدم گوڏن ڀر ويهي ڪنڌ جهڪائي چوڻ لڳا.
اسين شاهدي ٿا ڏيون ته اوهان واقعي الله جا رسول آهيو ۽ الله هڪ ئي آهي.
الله اکبر.
آقا صلي الله عليھ وسلم اُن ايڪيهن ورهين جي عتاب بن اسيد کي ڪلهي کان جهلي پاڻ سان ورتو، اهو عتاب بن اسيد جيڪو ڪجهه گهڙيون اڳ چئي رهيو هو ته شڪر آهي جو منهنجو پيءُ گذاري ويو، نه ته اڄ کيس هي آواز ٻڌڻون پوي ها. کيس آقا ﷺ مڪي جو گورنر نامزد ڪري ڇڏيو.
هڪ گهڙيءَ ۾ ڀاڳ ايئن ٿا بدلجن.
گهڙي گهڙيءَ جو نصيب هوندو آهي.
جاءِ جاءِ جي ڳالهه هوندي آهي.
هاڻ اهو عتاب بن اسيد سوچي رهيو هو ’ڪاش منهنجو پيءُ زنده هجي ها ته ڏسي ها ته سندس پُٽ مڪي جو راجا بنجي ويو آهي.‘
جنهن گهڙيءَ سيدنا بلال ٻانگ ڏيئي رهيو هو، ان مهل سامهون ميڙ ۾ ڪجهه ٻارڙا ٻانگ جو نئون آواز ۽ نئون انداز ڏسي حيران ٿيا. ڪجهه ٻارن سيدنا بلال جي ٻانگ جي آهل ڪندي جملا وڏي سَڏ چيا. اها آهل ڪندڙن ۾ هڪ سورهن سالن جو ٻارڙو ابو مخذوره به هو، سندس آواز سُٺو ۽ سُريلو هو، پر ان گهڙيءَ ته هن شرارت ڪئي هئي.
آقا صلي الله عليھ وسلم انهن شرارتين کي ڏسي ورتو
فرمايائون: جهلي اچو هُنن کي
جهلڻ وارا ڊوڙيا...
ڪجهه ٻارڙا ڀڄي ويا
ابو مخذوره ۽ ڪجهه ٻارڙا جهلجي پيا.
هو سڀ سمجهي ويا ته هاڻ مارجي وينداسين.
قتل ڪيا وينداسين.
آقا صلي الله عليھ وسلم سڀني کي ڇڏي ڏنو
پر ابو مخذوره کي وڃڻ نه ڏنو.
هو سَمجهي ويو ته بس هاڻ ماريو ويندس
آقا صلي الله عليھ وسلم ابو مخذوره کي چيو:
هاڻ آهل ڪڍ.
ساڳئي طريقي سان ٻانگ ڏي
ابو مخذوره سمجهي ويو ته ٻانگ ٻڌي قتل جو حڪم ڏيندو.
پنهنجي زندگيءَ جي آخري هڏڪيءَ وانگر عجيب سوز مان ٻانگ ڏنائين.
آقا صلي الله عليھ وسلم کيس درهمن مان ڀريل هڪ ٿيلهي ڏني.
سندس مَٿي ۽ پيشانيءَ تي مُحبت مان هٿ ڦيريو.
پوءِ سيني ۽ پيٽ تي هٿ مبارڪ سان ٿڦڪي ڏني، پوءِ دعا ڪئي.
آقا صلي الله عليھ وسلم جو هٿ مبارڪ مَٿي، پيشاني ۽ سيني تي ڦِرڻ سان ابو مخذوره جو ڦِرڪو ئي ڦِري ويو. هو محبت ۽ ديوانگيءَ مان ﷺ کي تڪڻ لڳو.
چيائين
آقا صلي الله عليھ وسلم مون کي ٻانگ ڏيڻ اچي ويئي آهي.
مون کي ٻانگو مقرر ڪرڻ فرمايو
اهو ته ڏيڻ جو ڏينهن هو
آسمان تان ڪريمي ۽ رحمت زمين تي لٿل هئي.
آقا صلي الله عليھ وسلم کيس خانه ڪعبه جو ٻانگو مقرر ڪري ڇڏيو.
الله اڪبر
گورنر ايڪيهين سالن جو
ٻانگو سورهن سالن جو
ڪجهه گهڙيون اڳ هو ٻئي ڇا هئا
۽ هاڻ ڪجهه گهڙين ۾ هو ڇا مان ڇا ٿي ويا.
اهو آهي گهڙين جو ڀاڳ
گهڙي گهڙيءَ جي ڳالهه آهي
ڳالهين ڳالهين ۾ ڳالهه جي تقدير
هُن جي تدبير جي اڳيان
هر تدبير بيڪار
مڪو فتح ٿي ويو
هاڻي دليون فتح ٿيڻ لڳيون
مُحبت ئي هڪ اهڙي تلوار آهي
جيڪا جنهن تي وار ڪري
اهو مات ٿيو وڃي.