عام دعوت ۽ رسالت جي سَند
مڪي ۾ جڏهن ڪو عام اعلان ڪرڻ جي لاءِ ڪا جاءِ چونڊيندو هو ته خدا جي گهر جي چوڌاري پهاڙن مان ڪنهن پهاڙ تي چڙهي ويندو هو ۽ حرم ڪعبه ۾ موجود ماڻهن کي پاڻ ڏانهن سڏڻ لڳندو هو. آقاﷺ خانه ڪعبه کان سؤ وال پري صفا جي پهاڙي چونڊي، هيءُ اهو ئي هنڌ هو، جتي ڪڏهن سيده هاجره ان پنهنجي ٿڃ پياڪ اُڃايل ٻارڙي اسماعيل عليه السلام جي لاءِ پاڻيءَ جي ڳولا ۾ ڪعبي جي ٻي طرف ويجهي ٽڪري مروه طرف ڊوڙڻ شروع ڪيو هو، سندس ڊوڙيل ستن چڪرن تي اڄ تائين خدا پنهنجي سڀني مڃيندڙن کي ڊوڙائي رهيو آهي.
آقاﷺ صفا جي ٽڪريءَ تي چڙهي ويا.
ماڻهن کي پاڻ ڏانهن ڌيان ڏيارڻ لاءِ رواج هو ته سڏيندڙ پنهنجي حسب نسب جي چمڪندڙ ستارن ماڻهن جا نالا وٺڻ شروع ڪندو هو، پنهنجن وڏڙن جا نالا کڻي انهن جا ڪارناما ٻڌائي ڌيان حاصل ڪندو هو. آقا سيدنا اسماعيلعه کان ڳالهه شروع ڪري ها ته سڀني عرب قومن جا پيءَ سندن وڏڙي جي نسل مان هئڻ جو دليل هو. پر پاڻ حسب نسب جي ڪنهن به فرق جي ڳالهه نه ڪئي. خانداني شرافت، عزت ۽ حيثيت جا قصا ته آقاﷺ جي نسل ۾ موجود هئا. پر آقاﷺ انهن گهوڙين جو سهارو به نه ورتو. پنهنجي ذاتي علمي برتري، ڏاهپ ۽ شاعراڻي حسن ڪلام جو به ماڻهو استعمال ڪندا هئا. آقاﷺ ڪعبي جي نئين سر اڏاوت وقت قريش جي هڪ سنگين جهيڙي کي پنهنجي تدبر ۽ ڏاهپ سان سُلجهايو هو ۽ ٻيا به ڪيترائي واقعا هئا، جڏهن مڪي جا ماڻهو آقاﷺ جي ذهانت ۽ ڏاهپ جا قائل ٿي چڪا هئا. پر آقا ڪڏهن به اهڙي ڳالهه طرف اشارو نه ڪيو. ماڻهو جسماني حُسن جو رعب به وجهندا هئا، آقاﷺ ته پيرن کان وٺي مٿي تائين سراپا حُسن هئا، پر اها ڳالهه به سندس ڪنهن ڳالهه جي نه ٿيڻ واري هئي. کيس ڪهڙا ڪپڙا پاتل هئا، سرڪار جو حليو مُبارڪ ڪهڙو آهي، اهو به مڪي جي ماڻهن ۾ ڪنهن وڏائيءَ جو نشان نه هو. مڪي جا ماڻهو به اهِڙي ئي لباس ۽ حليي ۾ هلندا وتندا هئا. ان ڏينهن آقاﷺ جو پيغام ته الوهي سڳورو پيغام هو، جيڪو ماڻهن کي پنهنجي ذات ڏانهن نه پر خدا جي وحدانيت طرف سڏڻ وارو هو، خدا ڏانهن سڏڻ وارن به اُن کان اڳ ڪيترن ئي قسمن جا سهارا ورتا هئا.
جڏهن موسيٰ عليه السلام کي ماڻهن کي خدا ڏانهن سڏڻ جو حڪم ٿيو ته هن خدا پاران ڏنل طاقتن کي ماڻهن کي ڏيکاري پنهنجي نبوت ۽ رسالت جي سَند ڏني، چيو ته ماڻهو ڏسو.
هيءَ لٺ آهي
زمين تي رکيائين ته ارڙ بنجي سُرڻ لڳي ۽ جادوگرن پنهنجي رَسين سان جيڪي نانگ بنائي ڏيکارڻ جو ڍونگ ڪيو هو، اهي سڀ ارڙ ڳيهي ويو، سيدنا موسيٰ عليه السلام پنهنجي ڪَڇن ۾ هٿ رکي ڪڍيا ته اهي چنڊ وانگر چمڪي رهيا هئا. ماڻهن جون اکيون کيريون ٿي ويون.
اهي خدا جون ڏنل طاقتون هيون.
انهن قوتن کي ڏسي به جن جي دلين ۾ فتور هو، تن نه مڃيو، اُبتو کيس تمام وڏو جادوگر سمجهڻ لڳا.
سيدنا عيسيٰعه جي پيءَ کانسواءِ پيدائش بذات خود معجزو هئي، پوءِ امڙ جي هنج ۾ سندس ڳالهائڻ، مٽيءَ مان پکي ٺاهي، انهن کي جاندار پکين جيان اُڏائڻ، ڪوڙھ جي مرض ۾ مبتلا يا ڪنهن بيماريءَ جي بيمار کي شفا ڏيڻ، ان حد تائين جو خدا جي مهر سان مئل کي جيئارڻ، اِهي سڀ خدائي قوتون هيون، جيڪي خدا کيس بخشيون هيون. انهن سڀني خدائي شانن مان سندس انفرادي، ذاتي صلاحيت جيڪا ماڻهن جي علم ۾ هُجي، جن کيس پيدا ٿيڻ کانپوءِ پنهنجي ئي بستيءَ ۾هڪ هڪ ڏينهن وڏو ٿيندي ۽ زندگي گذاريندي ڏٺو هو، اهڙي ڪابه سَند نه ٻڌائي ويئي. آقاﷺ هڪ لک چويهه هزار سڀني نبين ۽ رسولن تي آخري مهر هئي. ان کانپوءِ ڪوبه پيغمبر، ڪوبه رسول، خدا جو پيغام کڻي اچڻون نه هو. تنهنڪري آقاﷺ جي رسالت جي اعلان عام ۾ اڳ جهڙي ڪا عمومي سَند ڪافي نه سمجهي ويئي. آقاﷺ نه حسب نسب جو فخر باور ڪرايو، نه ذاتي نالو ۽ مشهوري، نه علم نه سمجهه، نه ڏاهپ نه يگانگت چئي، نه پنهنجو لباس، نه ماڻهن مُهانڊي جي ڳالهه، نه خدا جي ڏنل ڪنهن معجزاتي صفت جو سهارو ورتو. آقاﷺ ماڻهن جو ڌيان ڇڪائيندي چيو:
”ماڻهو! بني قريش جي سڀني قبيلن جا ساٿيو اوهين مونکي سُڃاڻو ٿا
آئون ٽيتاليهه سال هن شهر ۾ رهيو آهيان. هڪ ٿڃ پياڪ ٻار کان وٺي اڄ ڏينهن سوڌي منهنجو ڪو عمل، مُنهنجو ڪو فعل، منهنجي ڪا به ڳالهه اوهان کان ڳجهي ڪونهي.
ٻڌايو، اوهان ڪڏهن مونکي ڪوڙ ڳالهائيندي ڏٺو؟
اها آهي سنَد.
سڄي ميڙ هڪ آواز ٿي چيو، اوهان صادق آهيو، سچار آهيو.
اسان توکان فقط سچ ئي ٻُڌو آهي.
آقاﷺ وري پُڇيو: اي اهل قريش، اوهان مون وٽ امانتون رکرايون، ڪڏهن مونکي ڪنهن امانت ۾ خيانت ڪندي ڏٺوَ. مون وٽ جيڪا به شئي پهتي، ڇا مون ڪڏهن اُن ۾ پنهنجي طرفان ڪا گهٽ وڌائي ڪئي؟
اها هوندي آهي سَند.
صفا جي هيٺان بيٺل ميڙ مکين جي ماناري وانگر چُڻ ڀُڻ ڪري رهيو هو.
تون ’الامين‘ آهين.. سڀني کان وڏو امانتدار.
اوهان ڪا ٻي بُرائي مون ۾ ڏٺي. جنهن سان منهنجي چيل ڳالهه جو اثر گهٽجي؟
نه تون سراپا سچائي، حق گوئي، مروت، عدل، احسان ۽ امانتداريءَ جي اعليٰ ترين قدرن جو امين آهين. تون سچ آهين.. يڪتا آهين.
آقاﷺ پُڇيو: آءٌ جيڪو به چوان، اوهين مڃيندؤ!
بلڪل مڃينداسين. اوهان سدائين سچ ئي چيو آهي.
آقاﷺ مثال ڏيڻ جي لاءِ پڇيو: جيڪڏهن آءٌ چوان ته هن جبل جي پويان هڪ دشمن حملو ڪرڻ وارو آهي ته ڇا اوهين مڃيندؤ؟
جي! بلڪل مڃينداسين.. ڇاڪاڻ ته اوهان مان فقط سچ جي اُميد آهي.
تڏهن آقا چيو: اي قريشيو! آءٌ اوهان کي هڪ واحد خدا طرف سڏيان ٿو، جيڪو سڀني جو خالق آهي. اهوئي اڪيلو عبادت جي لائق آهي. اسين سڀ آدم جو اولاد آهيون ۽ آدم مٽيءَ مان پيدا ڪيو ويو، سڀ انسان برابر آهن. اسان مان بهتر اهو ِآهي، جنهن جو اخلاق سُٺو هُجي، ان ئي رب طرف واپس ورڻون آهي ۽ هِتي گذاريل هڪ هڪ گهڙيءَ جو حساب ڏيڻو آهي، جنهن ڏينهن سڀ ٻيهر جيئرا ڪيا ويندا.. خبر ڪونهي اُن ڏينهن آقاﷺ صفا تي بيهي ڪيتري دير ڳالهايو. ماڻهو خاموشيءَ سان ٻُڌندا رهيا. پوءِ ان ئي ميڙ مان آقاﷺ جن جو بدبخت چاچو ابولهب هٿ مٿي ڪري هُل ڪندي چوڻ لڳو (نعوذ باالله) تنهنجا ٻيئي هٿ ڀَڄن، تو اسانکي اها ڳالهه چوڻ جي لاءِ سڏيو هو. هلو هلو.. ڀائرو پنهنجي ڪم تي موٽي هلو. هو بڙ بڙ ڪندو، اُبتيون سُبتيون ڪندو، ماڻهن کي صفا جي پهاڙي جي هيٺ تائين وٺي ويو. سندس زال اُم جميل جيڪا ابوسفيان بن حرب جي ڀيڻ هئي، اها آقاﷺ جي گهر جي ٻاهر مٿي تي ڪنڊا کڻي آئي ۽ رستي تي اڇلائڻ لڳي، ابولهب، آقاﷺ جي پاڙي ۾ رهندو هو. هو وقت بي وقت آقاﷺ جي شان ۾ گستاخيون ڪرڻ لڳو، آقاﷺ ابولهب جي ڏنل ڪنهن به گار جي ڪا ورندي نه ڏني. پر آقا جو رب، پنهنجي محبوب جي شان ۾ ڀَلا ڪيئن ٿو گستاخي سهي سگهي.
آسمان مان ملائڪ لٿو ۽ خدا ابولهب جي گستاخي جي جواب ۾ ڪلام نازل فرمايو:
”ابولهب جا هٿ ڀَڄن ۽ چَٽ ٿئي، نه سندس مال سندس ڪم آيو ۽ نه سندس عمل جيڪي هُن ڪيا. هو جلدي دڳندڙ باھ ۾ پوندو ۽ سندس زال به، جيڪا فتني باز آهي. ان جي ڪنڌ ۾ پوندو رسو ڪاٻاڙ جو.“ (لهب- 115)