نجي سهولتون
عربن جي نجي زندگيءَ جا معاملا سندن وسيع اُجري پکڙيل ريگستان جهڙا هئا. ڀلي ڪيترا به طوفان اچن، هوائون هَلن، واچوڙا اُٿن، واريءَ جا دڙا رستي جي هڪ پاسي کان کسڪي ٻي پاسي هليا وڃن، پر انهن صحرائن ۾ ڏار نه پوندا هئا.
اهي سالم رهندا هئا.
چئي ته ايئن سگهجي ٿو ته واريءَ جي زرڙن سان جڙيل زمين ڏسڻ ۾ هڪ جان، ڳوهيل سلامت رهي ٿي. اُس آئي ٿي ته ذرو ذرو سُهائو، ڄڻ چانڊوڪي لٿل هجي ۽ واريءَ جو ريگستان هيرن جيان جَڳ مَڳ ڪرڻ لڳندو هو.
اڳ ۾ جنگيون گهڻيون ٿينديون هيون.
اَجايون- بي مقصد
رڳو قبائلي نفرت سان ڀريل.
ڪيترين ئي پيڙهين تائين ماڻهو ان جي ٻَل چڙهي ويندا هئا.
مرندا هئا
ماريندا هئا
پنهنجن پنهنجن وڏڙن جا ڳُڻ ڳائيندا هئا.
رجزيه شعر پڙهندا هئا.
وڙهندا رهندا هئا.
موسم به سخت
هر گرميءَ جي مُند ڪنهن نه ڪنهن گهر کي ٿڌا لُڙڪ ڏيئي ويندي هئي.
مسلمانن ۽ مڪي قريش جي جنگين ۾ به ڪيترائي ماڻهو موت جو شڪار ٿيا. مسلمان ته ايماني قوت سان سرشار هئا، موت هنن جي لاءِ شهادت هو، جنهن کين سدا حيات ڪري ٿي ڇڏيو. سدائين جي لاءِ اَمر ڪري ٿي ڇڏيو.
هو پنهنجن شهيدن کي عقيدت مان سلام ڪندا هئا.
کين محبت سَان ساريندا هئا.
کين خبر پئجي چڪي هئي ته هن زندگيءَ جو سڄو سفر هڪ رُخو آهي. هِتي اچي ويا آهيون ته هاڻ رڳو اڳتي وڃڻون آهي، ايندڙ جهان ۾.
جتي پُڇا ڳاڇا ٿيندي
هڪ هڪ ساهه جو حساب ٿيندو
جيڪو ڪمايو، اٿئون جيڪو کاڌو اٿئون
سڄي زندگي جي موڙي ڪٿي لُٽائي،
سڀ ڪجهه ٻُڌائڻو پوندو.
کين زندگيءَ جا هڙئي راز آقا صلي الله عليھ وسلم قرآن جي وسيلي ٻُڌائي ڇڏيا هئا. پنهنجي اُٿي ويٺيءَ سان سمجهائي ڇڏيا هئا. هنن جي لاءِ هيءَ زندگي ايندڙ ابدي زندگيءَ جو هڪ مختصر مسافر خانو بنجي ويئي هئي.
اهڙي کيتي، جنهن جا ٻج ته هتي پوکڻا ٿي پيا. گُل ٻوٽا، هِتان کان ئي اکيون ٻُوٽي نظر ٿي آيا، مليا ٿي.
هِتان کان عزت ۽ ڪامياب وڃڻ جي ڪُنجي اعليٰ مقصد ۽ عظيم نصب العين ۾ آهي. هو خدا جي ٻُڌايل ۽ آقا صلي الله عليھ وسلم جي سمجهايل رستي تي ٿي هليا.
هلندا ٿي رهيا.
ٻين جي لاءِ فائدي وارو بنجڻ
تور ۾ گهٽتائي نه ڪرڻ
سچ ڳالهائڻ
امانت کي موٽائڻ
مائٽن جو ادب ڪرڻ
پاڙي وارن جو خيال رکڻ
مسافرن جي خذمت چاڪري ڪرڻ
مسڪينن ۽ مسافرن کي کاڌو کارائڻ
الله جي سڄي مخلوق جي ڀَلائي گهرڻ
پاڻ تي ٻين کي ترجيح ڏيڻ
آڪڙ نه ڪرڻ
هَٺ ۽ وڏائيءَ کان بچڻ
ڪنهن کي گهٽ ۽ حقير نه سمجهڻ.
پنهنجن وڏڙن تي فخر نه ڪرڻ
پَر پُٺ ڪنهن جي گِلا نه ڪرڻ.
فتني ۽ فساد کان بچڻ
دل ۾ ڪنهن جي لاءِ ڪدورت ۽ وير نه رکڻ
ڇاڪاڻ ته اهو سڀ الله جو حڪم آهي.
جيڪو يڪتا، واحد ۽ احد آهي.
رڳو هو ئي عبادت جي لائق آهي
۽ آقا صلي الله عليھ وسلم، رسول الله، الله جا آخري رسول آهن.
هاڻ انهيءَ خوش رنگ، مَهڪندڙ، عزت ڀرئي ايمان جي سلامتيءَ لاءِ هنن مڪي ۾ تيرهن سالن تائين مڪمل عدم تشدد }اهنسا{ جي ذريعي هر قسم جو تشدد ۽ ظلم سَٺو. لِڪي لِڪي پنج سئو ڪلوميٽر پري مديني آيا. هِتي به اهي پراڻا دشمن بار بار مٿن حملا ڪري آيا.
دشمنن جا به ڪيترائي ظالم مارجي ويا.
پنهنجا به شهيد ٿيا.
گهرن ۾ مري ويندڙن جو ڏک ته رهي ٿو.
ٻارڙا يتيم ٿيا.
عورتون بيوهه رنڙ ٿيون
پر صحرانشيني ۾ پنهنجي صحرائن جهڙي جاوداني آهي.
هو جلد ئي اُن ڏک کي جيتي، اڳيان وڌڻ لڳندا هئا.
جن جا مُڙس مري ويا، سي چئن مهينن جو عدت پورو ڪري نئون گهر آباد ڪنديون هُيون. يتيم ٻارن کي نون پاليندڙن جو سهارو ملي ويندو هو.
زندگيءَ جو ڦيٿو بدلجي ويندو هو.
پر هلندو رهندو هو.
گهرن جا معاشي، سماجي، بيالوجيڪل ۽ تحفظ جا هَڙئي اُمڪان ٻيهر جُڙي پوندا هئا.
صحرا جي اُجري، نفيس، سمنڊ جهڙي لهر ۾ لهرائيندڙ موجون پنهنجي جاءِ تان هلنديون هُيون، پر سڄو صحرا اُن ئي وقار سان موجود رهندو هو.
شهيدن جون زالون ٻي شادي ڪري وٺنديون هُيون. ٻي شادي ڪندڙ ۽ ڪرائيندڙ جي نرڙ تي ڪوبه گُهنج نه پوندو هو.
نه ڪو طعنو ڏيندو هو.
نه ڪو اُن مان ڪَنڊو ڪڍندو هو.
اُتي شادين ۾ عُمرين جي فرق به ڪا معنيٰ نٿي رکي.
گڏيل انساني قدرن وانگر هر مرد ۽ هر عورت پنهنجي ساٿيءَ جي چونڊ سمئه معاشري ۾ اُن جي عزت ۽ احترام کي گهڻي ترجيح ڏيندا هئا.
هر ڪو ڪنهن نه ڪنهن بهاني سان ڪنهن عظيم سگهاري شخصيت سان جُڙيو رهڻ کي ترجيح ڏيندو هو. ٻيو ته اتي ڪُٽنبي حيثيت ۽ عزت ۽ آبرو جي رجز يه شاعريءَ ۾ ته ماڻهو پنهنجي پيءُ ڏاڏي جي نالي جو رعب وجهندا هئا، پر ماءُ، ڀيڻ، ۽ ڌيءَ جي رشتي سان محبت ۽ دلي لگن جي ٻنڌڻ سان نسلن تائين ٻڌل رهندا هئا ۽ ان کي نبائيندا هئا. جنهن قبيلي جو ڪو ناٺي هوندو هو ته عام طور تي سڄو قبيلو پنهنجي ناٺيءَ جو خيرخواهه ۽ مَتوالو هوندو هو.
مخالف قبيلن مان شاديون، اُن دور جي قبائلي عرب سماج ۾ اُنهن قبيلن سان خير سگاليءَ جو ڀرپور اظهار هوندو هو.
اُنهن حقيقتن جي ڪري، بيوهه زائفائن کي جلد ئي مُڙس ملي ويندا هئا.
خدا جو حڪم به ايئن ئي آسمان تان لٿو...
”۽ پنهنجي قوم جي رنڙ زالن جو نڪاح ڪري ڇڏيندا وڃو ۽ ٻانهين جا به- جيڪڏهن هو مفلس آهن ته خدا پنهنجي فضل سان کين خوشحال ڪري ڇڏيندو ۽ خدا گهڻي وسعت ڏيندڙ ۽ سڀ ڄاڻڻ وارو آهي.“ (سورة نور، 32-43)
خدا جو فضل ٿي ويندو هو،
گهر ٻيهر آباد ٿي ويندا هئا.
ٻارن جي مٿان ٻيهر شفقت جو ڇانورو اچي ويندو هو.
اُنهن ئي ڏينهن جي ڳالهه آهي، سيدنا عمربن خطاب جي نياڻي سيده حفصه جو مُڙس جيڪو بدر جي جنگ ۾ زخمي ٿيو هو، احد جي جنگ ۾ شهيد ٿي ويو... بدر وارن ڏينهن ۾ ئي سيدنا عثمان غنيءَ جي گهر واري آقا صلي الله عليھ وسلم جي نياڻي بيماريءَ وگهي گذاري ويئي.
چئن مهينن جو عدت پورو ٿيو.
سيدنا عمر، سيدنا عثمان سان حفصه جي ڳالهه چوري.
پر هُن نٽايو.
ان کان اڳ سيدنا عمر، سيدنا صديق اڪبر سان به اظهار ڪري چڪا هئا. جيتوڻيڪ هن جي عمر 53 سال هئي. آقا صلي الله عليھ وسلم کان ٻه ورهه ننڍا، پر هو به ماٺ ۾ رهيو. سيدنا عمر کي، عثمان غنيءَ کان وڌيڪ شڪايت هئي، جيڪو اڪيلو هو ۽ عمر به اڃا 39 سال هُيس.
آقا صلي الله عليھ وسلم وٽ شڪايت کڻي ويو.
آقا صلي الله عليھ وسلم فرمايو:
ڪهڙي خبر الله کي ڪجهه ٻيو منظور هُجي.
ڇا-؟ سيدنا عمر پڇيو.
ممڪن آهي ته خدا عثمان کي توکان سُٺو سهرو ڏي ۽ توکي عثمان کان سُٺو ناٺي-
سيدنا عمر هڪ گهڙي جي لاءِ آقا صلي الله عليھ وسلم جي ڳالهه تي ويچاريو.
ڳجُهه کلي پيو... چيائون: يا رسول الله صلي الله عليھ وسلم ڇا ايئن ممڪن آهي؟
آقا صلي الله عليھ وسلم فرمايو: ڇو نه.
سيدنا عثمان بن عفان جي ٻي شادي آقا صلي الله عليھ وسلم جي ٽين نياڻي سيده اُم ڪلثوم سان ٿي ۽ سيده حفصه آقا صلي الله عليھ وسلم جي نڪاح ۾ آئي. عمر ۾ هوءَ سيده عائشه کان ٻه سال وڏي هئي. اُن وقت سيده عائشه 21 سالن جي هُئي ۽ سيده حفصه 23 سالن جي.
ٻنهي ۾ ساهيڙپ ٿي ويئي.
اها 3 هجري جي ڳالهه آهي.
سيده حفصه پڙهيل ڳڙهيل ۽ سگهڙ عورت هئي.سيده عائشه کانئس لکڻ ۽ پڙهڻ سکيو. بس طبيعت ۾ سيده حفصه ٿوري تيز هئي. عظيم پيءُ جي ڌيءَ.
جيڪو دل ۾ هوندو هئس، زبان تي آڻي ڇڏيندي هئي.
اُن وقت آقا صلي الله عليھ وسلم جي وهي 55 سال هئي.
سيده حفصه آقا صلي الله عليھ وسلم جي خدمت ۾ اٺ سال رهي. 59 سالن جي عمر ۾ 41 هجريءَ جمادي الاول ۾ وفات ڪيائين. سندس پهرينءَ گهرواري جو نالو خنيسرضه بن حذاقه بن قيس بن عدي اسلميٰ هو. ٻيئي سابقين مسلمانن مان هئا. حبشه ۽ مديني جون هجرتون ڪيائون. سندس ڀاءُ عبدالله بن حذاقه اسلمي به صحابي هو ۽ مشهور شاعر به. سيده حفصه جي امڙ زينب بنت مظعون به مسلمان هئي ۽ هجرت کان اڳ گذاري ويئي هئي. سيده جو مامون عثمان بن مظعون درويش، تارڪ الدنيا مسلمان هو. مديني ۾ هجرت ڪندڙن مان سڀ کان پهرين فوت ٿيو. بقيع ۾ دفن ٿيو. آقا صلي الله عليھ وسلم سندس نرڙ تي چمي ڏني ۽ خود دفنايو. پنهنجي ٿڃ پياڪ پُٽڙي سيدنا ابراهيم عه جي قبر 10 هجري ۾ اُتي ئي سندس قبر جي ڀرسان جوڙيائون.
سيده زينب بن خزيمه جي وهي سٺ سالن کان به وڏي هئي. آقا جي پُڦيءَ جي پُٽ عبدالله بن حجش جي رنڙ هئي. احد ۾ سندس مڙس شهيد ٿي ويو. سار سنڀال لاءِ ڪير به نه هو. عبدالمطلب ڪُٽنب جي ڏهٽي جي ڪراڙي رنڙ بي آسرا ٿي ته آقا صلي الله عليھ وسلم مٿس هٿ رکيو. اڍائي مهينا آقا صلي الله عليھ وسلم جي زوجيت ۾ رهي، پوءِ گذاري ويئي. ماءُ پاران هيءَ اُم المومنين ميمونه جي ڀيڻ هئي، جيڪا آقا صلي الله عليھ وسلم جي آخري گهرواري بڻي.
جن جن سان به نڪاح ٿيو ته ته مسجد نبويءَ جي اوڀر ۾ هڪ ننڍو ڪچو ٻارهن باءِ ڏهه جو حجرو جوڙيو ٿي ويو. ايترو ئي اڳيان اڱڻ به هوندو هو. اڱڻ ۽ ڀتيون ڪچيون، ڀت تي کجيءَ جي ڦڙن تي مٽيءَ جو راڳو، ڀتيون به ڏسڻ ۾ ڪچيون، اندر کجيءَ جا ڦَڙا، مٿان مٽيءَ جو راڳو ٿيل هوندو هو. مينهن پوندو هو ته مٽي ڳري ويندي هئي ۽ ڦَڙا ظاهر ٿي پوندا هئا. طوفان يا واچوڙو لڳندو هو ته اهي ڦڙا ڦڙ ڪندا ٿڙڪڻ لڳندا هئا. گهر جي اندر هڪ ڪونڊي، چمڙي جو کجين جي ڦڙن سان ڀريل وهاڻو، هڪ ٻه پيالا، هڪ چُلهه جيڪا هفتن جا هفتا نه ٻَرندي هئي. کائڻ جي لاءِ ڳڻي کجيون کائبيون هيون. خيبر جي فتح جي ڳالهه آهي، سيده عائشه چوي ٿي ته ان کانپوءِ اسين ڳڻڻ کانسواءِ کجيون کائڻ لڳيوسين.
سيده زينب بن خريمه جي چالاڻي کانپوءِ سيده اُم سلمهرضه آقا صلي الله عليھ وسلم جي نڪاح ۾ آئي. هُن جي ڪهاڻي به ڏکوئيندڙ هئي، جنهن جو گذريل صفحن ۾ ذڪر ٿي چڪو آهي. هوءَ ابوجهل جي قبيلي بنو مخزوم سان واسطو رکندڙ قديمي مسلمان هئي. مڪي ۾ ابو جهل کيس ڪافي ستايو. سندس مڙس ابو سلمه عبدالله بن عمرو بن مخزوم جو واسطو ابو جهل جي قبيلي سان هو. ماءُ جي رشتي ۾ ابو سلمه، آقا صلي الله عليھ وسلم جي سڳي پُڦي ”بره“ بن عبدالمطلب جو پُٽ هو. جڏهن ابو جهل ٻنهي زال مڙس کي گهڻو ستايو ته سيدنا ابو طالب انهن ٻنهي کي پنهنجي قبيلي بنو هاشم پاران پناهه ڏني، جنهن تي ابو جهل گهڻو بگڙيو، دڙيائين پر اهو مڪي جي دستور موجب هو ۽ هاڻ ابو جهل ٻنهي کي هٿ به لڳائي نه ٿي سگهيو. سڄو بنو هاشم سندن پُٺڀرائيءَ ۾ هو.
ٻيئي ڄڻا ڪجهه وقت جي لاءِ حبشه هجرت ڪري ويا.
سيدنا ابو سلميٰ، آقا صلي الله عليھ وسلم ۽ سيد الشهداء امير حمزي ٻنهي جو رضائي ڀاءُ هو.
سيدنا ابو طالب جي وفات کانپوءِ بني هاشم جي سردار ابو لهب پناهه ختم ڪري ڇڏي. مديني هجرت جي ڳالهه ٻولهه هلي رهي هئي، اڃا بيعت ثاني نه ٿي هئي ته ٻيئي زال مڙس پنهنجي پُٽ سلميٰ کي ساڻ ڪري مديني روانا ٿيا. ابو جهل گهراڻي ٽنهي پيءُ، ماءُ ۽ پُٽ کي الڳ الڳ ڪري ڇڏيو، ڪيتري وقت تائين اُم سلميٰ اڪيلي روئندي رهي. پوءِ ٻارڙو مليس. مڙس مديني ۾ هئس. اڪيلي پنڌ ئي پنڌ مديني وڃڻ جي لاءِ نڪري پيئي. پنج سئو ڪلوميٽر جابلو،خشڪ بنجر صحرائي رستو، رستي ۾ خدا جي گهر جو ڪُنجي بردار نيڪ سيرت عثمان بن طلحه ملي ويس، جيڪو اڃا مسلمان نه ٿيو هو، پر سندس روح اڇو ۽ اُجرو هو، خدا ايئن ئي ته پنهنجي گهر جي چاٻي کيس ڪونه ڏني هئي. هو پنهنجي اُٺ جي واڳ جهلي کيس ٻارڙي سميت ويهاري قبا تائين پهچائي آيو.
مڙس ابو سلميٰ بدر ۾ شريڪ ٿيو.
اُحد ۾ شهيد ٿيو.
سندس چار ٻارڙا هئا...
سلميٰ، عمر، دره ۽ زينب.
سندس نالو هند هو. آقا صلي الله عليھ وسلم رمله رکيس.
امڙ عاتڪه هُيس، عاتڪه بنت عامر خزيمه- اڪثر آقا صلي الله عليھ وسلم سان گڏ مهمن تي ويئي. صلح حديبيه، خيبر جي جنگ، عمرة القفاء جي اهم موقعن تي گڏ هئي. ڏاڍي ذهين ۽ هوشيار خاتون هئي.
جڏهن آقا جي نڪاح ۾ آئي ته 35 سال عمر هيس.
40 سال عمر ماڻيائين 60 هجريءَ ۾ وفات ڪيائين. آقا صلي الله عليھ وسلم جي ساٿ ۾ سوا ڇهه سال رهي. نڪاح وقت آقا صلي الله عليھ وسلم جي عمر 56 سال هئي. سندس لاءِ نئون حجرو ٺاهڻ جي گهرج نه پئي، جو ساڻس نڪاح کان ٿورا ڏينهن اڳ سيده زينب بن خزيمه گذاري ويئي. اِهو حجره کيس ڏنو ويو.
آقا صلي الله عليھ وسلم جي زينب جي نالي واري ٻي گهرواري به هئي. زينب بن حجش خزيمي. سندس امڙ ”اميه“ آقا صلي الله عليھ وسلم جي سڳي پُڦي هئي. سندس پهريون نڪاح آقا صلي الله عليھ وسلم جي آزاد ڪيل ۽ پٽيلي، بي حد لاڏلي سيدنا زيد بن حارث سان ٿيو هو. اهو نڪاح هڪ سال تائين رهيو. نڪاح کان اڳ سيده زينب ۽ سندس گهروارا اُن شاديءَ جي لاءِ تيار نه هئا. آقا جي چاهت هئي. الله، آقا صلي الله عليھ وسلم جي راءِ کي حڪم جو درجو ڏيئي ڇڏيو، آيت لٿي:
”جڏهن خدا ۽ سندس رسول ڪنهن ڳالهه جو فيصلو ڪري ڇڏي ته ڪنهن مومن يا عورت جي لاءِ ان ڪم ۾ پنهنجو ڪو اختيار نٿو رهي.“ (قرآن 33: 36)
نڪاح وڌو ويو،
پر زيد ۽ زينب پَري پَري ئي رهيا.
گهر ۾ ناچاڪي رهي.
سيدنا زيد بار بار آقا ﷺ کي چيو ته زينب طلاق پئي گهري.
اوهان اجازت ڏيو ته ڏيانس؟
آقا صلي الله عليھ وسلم کيس جلهيندا هئا.
چوند اهئا: حلال شين مان اها شئي مون کي سڀني کان وڌيڪ ناپسند آهي.
پر اسان جي خدا شادي جي اُن ٻنڌڻ سان عربن ۾ صدين کان هلندڙ هڪ رسم کي ٽوڙڻ ٿي گهريو. رسم اِها هئي ته رت جي رشتي کانسواءِ ئي ڪو شخص ڪنهن کي به پنهنجي گود وٺي پنهنجو پُٽيلو بنائي پنهنجي پُٽ هئڻ جو اعلان ڪري ڇڏيندو هو. ماڻهو کيس اُن جو پُٽ چئي سڏڻ لڳندا هئا. نه رڳو اهو پر اهو پنهنجي وات ڪوٺئي پيءُ جي وراثت جو حقدار به بنجي ويندو هو. جيڪڏهن اڳ ۾ سڳو اولاد به هوندو هو يا پوءِ ٿيندو هو ته هڪ قضيو جنم وٺندو هو. پوءِ جيڪا عزت ۽ احترام سڳي ڀاءُ سان لاڳاپيل هوندي هئي، اها ئي پٽيلوحاصل ڪري وٺندو هو.
آقا صلي الله عليھ وسلم پنهنجي شديد محبت ۾ مبتلا پنهنجي غلام زيد کي آزاد ڪري کيس پنهنجو پُٽ سڏيو هو. مڪي ۾ هو زيد بن حارث جي بدران زيد بن محمدصه جي نالي سان سڏيو ۽ سُڃاتو ويندو هو.
هاڻ خدا کي اها رسم بدلائڻي هئي.
قرآن پاڪ ۾ گهڻو اڳ آيت لهي چڪي هئي...
”محمد (صلي الله عليھ وسلم) تون مردن مان ڪنهن جو به پيءُ ناهين“ (قرآن 33-40)
هاڻ تفصيل سان حڪم نازل ٿيو.
”خدا اوهان جي وات ڪوٺلن کي اوهان جو پُٽ ناهي بنايو. اهي اوهان جون پنهنجون ڳالهيون آهن ۽ الله سچ فرمائي ٿو ۽ سڌي واٽ تي هلائي ٿو. اهڙن شخص کي سندن پيئرن جي نالن سان سڏيو، خدا وٽ اهائي ڳالهه اتفاق واري آهي.“ ]قرآن 338-41-5[
هاڻ هڪدم زيد بن محمد صلي الله عليھ وسلم ٻيهر زيد بن حارث سڏائڻ لڳو. اها جيڪا پُٽيلو هئڻ ۽ پيءُ پُٽ هئڻ جي ڳنڍ هئي، نڪري ويئي. محبت ۽ پيار، ۽ آقا صلي الله عليھ وسلم ۽ غلام جو جيڪو رشتو هو، اهو موجود هو، بلڪ اَڻ مٽ ٿي ويو.
ٻنهي زال ۽ مڙس جي نا چاڪي بدستور قائم رهي.
زيد طلاق جي موڪل گهري ٿي.
آقا صلي الله عليھ وسلم گهريو ٿي ته گهر آباد رهي، منع ٿي ڪيائين.
سيده زينب کي قريشي معززين جو مان هو.
زيد غلاميءَ کي مٿي جو تاج سمجهي رهيو هو.
آخر آسمان کي ٻيهر اهو مسئلو سُلجهائڻو پيو.
خدا وري اهو اهڙي نموني سلجهايو ته پوءِ مسلمانن ۾ ڪو شڪ نه رهي ته پٽيلو اصلي پُٽ نه هوندو آهي.
آسمان مان آيت لٿي،
”پوءِ جڏهن زيد جي دل کانئس ڀرجي ويئي، اسان اوهان سان هُن جو نڪاح ڪري ڇڏيو ته جيئن مسلمانن تي پنهنجن وات ڪوٺيل پُٽن جي زالن سان نڪاح جي باري ۾ ڪا تنگي نه رهي، جڏهن هو کين طلاق ڏيئي ڇڏين ۽ الله جو اهو حڪم ته ٿيڻ وارو هو. (القرآن)
سيده زينب بن حجش ڏاڍي سخي ۽ عبادت گذار خاتون هئي. هٿ جي هُنرن جي به ماهر هئي. چمڙو رڱڻ، سيبو ٽوپو ڪرڻ، رڌ پچاءُ ۽ گهر کي ٺاهڻ جوڙڻ ۾ به ڀَڙ هئي. پنهنجي هنرمنديءَ سبب ڪمائيندي به هئي ۽ جيڪو ڪجهه ڪمائيندي هُئي، ان مان خيرات به ڪندي هئي. ٻي خليفي سيدنا عمر جي زماني ۾ 20 هين هجريءَ ۾ وفات ڪيائين. ان وقت سندس عمر 52 سال هئي. شادي وقت چاليهن سالن جي هئي. پنجن سالن کان به گهٽ وقت آقا صلي الله عليھ وسلم جي ساٿ ۾ گذاريائين. سندس ئي چوڻ تي آقا صلي الله عليھ وسلم ماکي پاڻ تي حرام ڪري ڇڏي هئي، ڇاڪاڻ ته کيس ماکيءَ جي بوءِ نه وڻندي هئي. الله خبردار ڪيو ته: حلال شين کي حرام نه ڪريو.
آقا صلي الله عليھ وسلم ڌڻيءَ در اڳيان توبه ڪئي ۽ ٻيهر ماکي واپرائڻ شروع ڪئي. امڙ عائشه چوندي هئي: ”زينب ئي آهي جيڪا بارگاهه رسول الله صلي الله عليھ وسلم ۾ منهنجي حيثيت جي برابر هئي.“
اسلام ۾ سيده زينب سان شادي کانپوءِ ئي اسلام ۾ عورتن کي مَٿو ڍڪڻ جو حڪم مليو. سندس اصل نالو ”بره“ هو.
شاديءَ جو اهو واقعو 5 هجري جو هي.
ماڻهن اُن شاديءَ جي حڪمت کي سمجهڻ کانسواءِ ئي هروڀرو افسانو بنائي ڇڏيو. اسان جا اڪثر سيرت نگار به اُن وهڪري ۾ وهي ويا ۽ اسلام جي دشمنن کي هروڀرو خدا جي ان سُهڻي فيصلي کي مِٽيءَ هاڻو ڪرڻ جو موقعو ڏنو، اهو چئي ته (نعوذ بالله) هڪ ڀيري آقا صلي الله عليھ وسلم زيد جي گهر ويا ۽ سيده زينب کي ڏسي مٿس مُوهت ٿي پيا. هوءَ آقا صلي الله عليھ وسلم جي سڳي پُڦي زاد هئي، سندس ئي اڳيان وڌي وڏي ٿي هئي. پردي جو ته اڳ ۾ ڪو قانون موجود نه هو. پنهنجن هٿن سان ئي پنهنجي لاڏلي غلام زيد سان وڏي هيجَ مان پرڻايو هئائينس... ڇا اُتي سيده کي پهريون ڀيرو ڏٺو هئائين؟ اُن وقت آقا صلي الله عليھ وسلم جي عمر 54 سال هئي. مڪي ۾ 35 سالن جي عمر ۾ 40 سالن جي رنڙ سيده خديجه سان شاديءَ جي 25 سالن جي ٻنڌڻ دوران ٻي ڪابه شادي نه ڪيائين. پڇاڙيءَ تائين سيده خديجه کي محبت ۽ احترام سان ياد ڪيو ۽ اها ڳالهه چوندا هئا ته خدا کيس ان کان وڌيڪ ٻي ڪا بهتر زال عطا نه ڪئي.
ٻيو ته آقا صلي الله عليھ وسلم جي زندگي ته هڪ عالمگير اِلاهي سڳوري مشن جي تڪميل هئي. ازواج جو پنهنجن پنهنجن حجرن ۾ قيام، آقا صلي الله عليھ وسلم جي اُنهن پيغامن کي پهچائڻ ۽ نشر و اشاعت جي لاءِ هو، جيڪي نجي معاملن بابت هئا. نه ته سڄو ڏينهن خلوت ۽ جلوت ۾، شهر هجي يا ويراني، امن ۾ يا مهمن ۾ آقا جي آسپاس رڳو مرد ئي مرد هوندا هئا. زندگيءَ جا جيڪي جُز عورتون چڪائينديون هُيون، تن ڏانهن مردن جو ڌيان نه هوندو هو. مرد حال ۾ رهندا هئا، جيڪي صاحب نظر آهن، ورنه مستقل ۾، اُنهن جي هر فقري جي پڄاڻي ”هوندو/هوندي“ تي ٿئي ٿو. پر عورت گذريل وقت ۾ جيئي ٿي، گذريل ڳالهين تي ايئن ڳنڍ ٻڌي ويهي ٿي رهي، جيئن ڪُڪڙ ڇار تي ويهندي آهي. وري اهو به نه پنهنجي گمان موجب انهن ڪڪڙ جي بيدن مان ڪڏهن بدڪ ته ڪڏهن سُرخاب جا چوزا به ڪڍندي آهي. عورت جي حسي تخليق ڪمال جي آهي. سندس ڳالهه ٻُولهه جي پُڄاڻي سدائين ماضيءَ جي جملن تي ختم ٿيندي آهي.
هاڻ آقا صلي الله عليھ وسلم جو پيغام جيڪو ايندڙ هر وقت ۾، هر گهڙيءَ ۾ محفوظ رهڻو هو، اُن جي لاءِ ذهين ۽ هوش ۽ حواس وارين ڏاهين عورتن جو آقا صلي الله عليھ وسلم جي ساٿ ۾ رهڻ ۽ اهو به حلال ۽ جائز طريقي سان ڪيترو ضروري هو.
اهو ئي ٿيو.
سيده عائشه کان ٻه هزار ٻه سئو ڏهه حديثون روايت ڪيل آهن. جن مان 174 صحيحن ۾ متفقه آهن. رڳو بخاريءَ ۾ 54 آهن. صحيح مسلم ۾ 67 ۽ ٻين معتبر ڪتابن ۾ انهن جو تعداد 2017 آهي.
مومنن جي انهن اَمڙين مسلمانن جي علمي رهنمائيءَ جي لاءِ وڏو ڪم ڪيو.
سيده زينب جي لاءِ به هڪ ڪوٺڙي بنجي ويئي.
هن پنهنجي سُگهڙائپ سان اها سجائي ورتي.
سيده اُم حبيبه قريشن جي سردار ابو سفيان بن حرب جي ڌيءَ هئي.
جن ڏينهن ابو سفيان مڪي جي مسلمانن تي ڏمريل هو،انهن ڏيهن سندس نياڻي اُم حبيبه مسلمان ٿي ويئي. سندس اصل نالو ”رمله“ هو. سندس پهريون گهروارو عبدالله بن جحش هو. اُن سان گڏ پيءُ جي تشدد جي ڊپَ کان حبشه هجرت ڪيائين. مُڙس حبشه وڃي عيسائي ٿي ويو، پوءِ اُتي ئي گذاري ويو، پرديس ۾ اڪيلي رهجي ويئي. هڪ رات خواب ڏٺائين ته ڪو کيس ’اُم المومنين‘ ئي پيو سڏي.
گهٻرائجي ويئي.
ڪٿي رسول الله ﷺ جي ٻانهي... ڪٿي هي انعام... الله الله.
پوءِ نياپو آڻيندڙ به اچي پهتي.
سيده خوشي ۾ پنهنجي ٻنهي ڪراين ۾ پاتل سونا ڪڙا لاهي کيس انعام ۾ ڏنا. نڪاح حبشه جي بادشاهه نجاشيءَ پڙهايو. آقا صلي الله عليھ وسلم طرفان چار سئو درهم حق مهر ادا ڪيو ۽ پوءِ سيدنا جعفر بن ابو طالب ۽ ٻين مسلمانن سان گڏ مديني روانو ڪيو. جڏهن اُتي پهتا ته مسلمان خيبر فتح ڪرڻ جي لاءِ ويل هئا. سيدنا جعفر خيبر وڃي آقا صلي الله عليھ وسلم سان گڏيو، سيده مديني ۾ ٽِڪي پيئي. هُن جي لاءِ به حجرو بنجي ويو. پر قريش سردار ۽ ڪنانه جي ڌيءَ هئي. اُتي ڀرسان ئي مديني ۾ محل نما پنهنجو گهر هئس، اُتي ئي رهندي هئي.
باقي ٻين ازواج مطهرات جو ذڪر به گڏوگڏ ٿيندو رهيو آهي.
ايندڙ صفحن ۾ به ايندو.
ڳالهه شروع ٿي هئي عربن جي عائلي ۽ خانگي نظام جي.
اهو نظام ايترو ته سڌو ساڌو ۽ ڪنهن مونجهاري کان سواءِ آهي، جو اُتي گهرن ۾ ڪڏهن به اڻ پرڻيل، رنڙ يا ڪنواري نه ويٺي. ان زماني ۾ ڇوڪريءَ ۽ ڇوڪري وارن کي پنهنجي پنهنجي نصيب تي ڀروسو هوندو هو. جڏهن ڪا ڇوڪري بلوغت کي رَسندي هئي ته اُن جو پرڻون ڪيو ويندو هو. طلاق به خوشيءَ سان ورتي ويندي هئي، بلڪ اڪثر جيڪڏهن هڪٻئي سان نباهه ٿي نه سگهندو هو ته گهري ويندي هئي.
اهو نه ٿيندو هو ته اندر ئي اندر پيو ڪڙهبو، پڄربو ۽ دکبو هو.
اڄڪلهه ته ايئن ئي ٿئي ٿو.
سڄو ڏينهن ڪِر ڪِر، هڻ وٺ، نه پاڻ جيئڻ نه ٻي کي جيئڻ ڏيڻ، ساڙ، حسد.
ٻاهر ته مصنوعي مُرڪ پر اندر ۾ ڪاتيون... تون تون، مان مان.
عدم تحفط ’مال جو جُوف‘ ڪو ٻي جائيداد ۾ شامل نه ٿي وڃي. اهي چريائپ جهڙيون فڪرمنديون، ڄڻ پاڻ ئي خدا هُجي.
پاڻ ۾ نٿي جُڙي ته الله واهي.
جهيڙو جَهٽو ڪهڙي ڳالهه تي.
پنهنجي پنهنجي پسند پنهنجون پنهنجون ترجيحون.
ساڌو سُوڌو فلسفو.
طلاق مليل آهي ته اُن ۾ ڪهڙو حرج آهي.
بيوه ٿي ويئي ته ان ۾ ڪهڙو ڏوهه. بس هر عورت جي زندگيءَ جي واٽ ڪنهن صدمي سان دوچار ٿي، ڪجهه مهينن کانپوءِ وري نين وکن سان، خوشدليءَ سان ٺهيل جُڙيل واٽ تي هلڻ لڳندي هئي.
اسلامي نجي ڪلچر جو اهو پهلو اسان جي ننڍي کنڊ ۾ نه آيو.
جتي ڪڏهن وفا جون پتليون بنجي مڙس جي اَرٿيءَ سان گڏ سڙي ”سَتي“ ٿي وينديون هيون، ڇو ته سندن سماج کين نه قبوليندو هو. اڄڪلهه سَتي هئڻ جو رواج ته ڪونهي، پر عورتن سَتيءَ جي اها رسم پنهنجي تقدير مان ڪڍي پنهنجن پنهنجن مڙسن جي ڀاڳ ۾ ٽنگي ڇڏي آهي. اها به سندن جيئري جاڳندي زندگيءَ ۾ ته اسين مرون يا نه مرون، پر اوهين جي نه سَگهو.
اسان کي عرب مسلمان معاشري کي ڏسي سندن ڪپڙن لٽن، کاڌي پيتي کان وڌيڪ سندن زندگيءَ جي انهن نجي معاملن کي اختيار ڪرڻ گهرجي، پوءِ ڏسجو ته اسان جي سماج ۾ ڪابه عورت مجبور، اڪيلي ۽ بي سهارا نه رهندي.
مجموعي طور تي معاشرو هر لحاظ کان صحتمند، عزت ڀريو ۽ گُڻائتو هوندو. بس حسد، ساڙ ۽ رشڪ جي جاءِ تي پاڻ ۾ ڀائيچاري، رواداري ۽ ورهائي کائڻ جي سُنهري اصولن کي اختيار ڪرڻون پوندو.
اولاد به ڏکويل مائرن جي رنگ ۾ زهر آلود رهي ٿو. کين به عرب سماج جي سُونهري اصولن کي اختيار ڪرڻ گهرجي. ٻين جي ميڙي چونڊيءَ تي رڳو پنهنجو حق سمجهڻ نه گهرجي. ڪمائڻ لاءِ سندن پنهنجا هٿ به هوندا آهن ۽ سندن هٿن ۾ به ڀاڳ جون لڪيرون هونديون آهن.
لالچ، ڪمينگي ۽ ذاتي مفاد مان نڪري کين پنهنجي ماءُ پيءُ کي انسانن وانگر خوشدليءَ سان جيئڻ ڏيڻ کپي ۽ جڏهن هو جوان بنجن ته ’پيرا سائٽ‘ بنجڻ جي بدران پنهنجن پيرن تي بيهڻ گهرجي، نه ڪي سڄي عمر پيءُ جي هڏين تان ماس روڙڻ گهرجي ۽ کين گهٽ وڌ ڳالهائجي ته اسان جي لاءِ ڇاڪيئهِ ڪمايئه؟
اها ڏکي ڳالهه ڪونهي، سوچ بدلائڻ جي ڳالهه آهي.
ڪلچر سکڻ واري شئي آهي.
سِکي سگهجي ٿي.
سيکاري سگهجي ٿي
اختيار ڪري سگهجي ٿي
اهو جين ۾ ٽرانسفر نٿو ٿئي.
رسم ۽ رواج سان بنجي ٿو، لاڳو ٿيڻ سان پڪو ٿئي ٿو، قلم ڪار اُن جو خاڪو مقرر ڪن ٿا. ۽ معاشري جو هر حساس ۽ هوشمند کيس وڌائي ٿو. خدا جي ڏنل هر سهوليت ۾ اسانجي لاءِ سولائي آهي. آقا صلي الله عليھ وسلم سدائين انهن ٻن رستن مان اهو رستو ڌُڻيو، جيڪو سولو هو ۽ سهولتون پيدا ڪندڙ هوندو هو.
اهوئي اسان جو اصول هئڻ گهرجي.
جيڪڏهن اسين آقا صلي الله عليھ وسلم جي پيروي ڪرڻ گهرون ٿا.