سانئڻ سلميٰ
يثرب، مديني جو پراڻو نالو آهي.
هاشم جو واپاري قافلو مڪي مان شام ڏانهن ويندڙ رستي تي هلندو رهيو ۽ ڏهين ڏينهن اُن جا اٺ يثرب جي بازارن ۾ پهچي ويا. کجين جي گهاٽن باغن ۾ گهيري اوچن پهاڙن جي وچ ۾ يثرب جي سرسبز شهري بستي هاشم کي ڏاڍي وڻي. يثرب جي هڪ بازار ”سوق النبط“ ۾ وڙڪندي سندس اکيون هڪ شانائتي عورت کي ڏسي ان تي ڄمي ويون.
ڪهڙي نه سُهڻي زائفان آهي، جيڪا مردن کان پنهنجي ڳالهه مڃرائي ٿي.
هاشم دل ۾ سوچڻ لڳو.
ساڻس گڏ سنگتين ساٿين ماجرا پُڇيس ته چوڻ لڳو،
هن زائفان کي ڏسو
بازار مان پنهنجي غلام سان گڏ سيڌو سامان وٺڻ آئي آهي،
جيڪو چوي ٿي سو غلام کڻي ٿو.
جنهن کان جهلي ٿي اهو ترسي ٿو پيئي.
ڏسو ڏسو
دڪاندار ۾ همت ئي ڪونهي جو کيس ڪَسو سامان وڪڻي.
ٺاهي ٺوڪي سودو پئي ڪري
پنهنجي ڳالهه ڪيئن نه پئي مڃرائي،
مڪي وارن جي لاءِ اها انوکي ڳالهه هئي، سندن شهر ۾ اڃا شهر جي بازارن ۾ صحرا نشنين جي بدوي زندگيءَ جو پرتوو هو. کين گهر کان ٻاهر زائفان کي ٻُڌڻ جي عادت نه هئي، نه ئي وري ايئن بازار ۾ دليري ۽ حوصلي سان ڪا زائفان پنهنجي ڳالهه مڃرائيندي نظر اچي. مڪي جي بازارين ۾ ايئن نه ٿيندو هو، هاشم پاڻ به بهادر هو ۽ بهادرن جو قدر ڪندو هو، کيس اها ڳالهه وڻي ته ڪا زائفان ايئن مردن تي حڪم هلائڻ به ڄاڻي ٿي، چوڻ لڳو :
خبر چار لهو ته رڳو مڃرائڻ ٿو اچيس يا مڃي به ٿي .
خبر پئي ته ان جو نالو سلميٰ آهي، سلميٰ بنت عمرو بن زيد، خزرج قبيلي جي هڪ شاخ ’بنو نجار‘ سان واسطو رکندي آهي. بيوه آهي، پهرين هڪ همراهه احيحه بن جلال جي نڪاح ۾ هئي، جنهن مان کيس ٻه پٽ عمرو ۽ معيد ٿيا، پوءِ مڙس مري ويس هن ٻيو نڪاح نه ڪيو آهي، نڪاح جي لاءِ سندس هڪ شرط آهي ته پرڻبيس ان سان جيڪو پنهنجي مڃرائڻ بدران منهنجي چوڻ آکڻ ۾ هجي، جيڪو چوان اهو مڃي، طلاق ڏيڻ جو حق به مڙس پاڻ وٽ نه رکي، ڪنهن کي اهي شرط قبول هجن ته پوءِ ڀلي اچي.
هاشم ڳالهه ٻولهه چوري.
خبر پيئي ته هوءَ يثرب جي هڪ سکر ڪُٽنب جي نياڻي آهي، ارادي جي پڪي، رڳو پنهنجي شرطن تي ئي پرڻبي. ٻُڌندي گهٽ، ٻڌائيندي وڌيڪ آهي، جنهن کي قبول هجي اهو ٻانهن گهري.
هاشم هٿ اڳتي وڌايو
سلميٰ جي گهر شادي لاءِ سنيهو موڪليائين
مڪي جو رئيس هو، قريش جو سردار.
سُهڻو جوان ۽ خدا جي گهر جو پاسبان، ڪعبي جو رکوالو، واپاري قافلو وٺي نڪتو هو، قافلي ۾ مال ۽ سامان سان لڏيل سوين اٺ هئا، چاليهه قريشي به گڏ هئا، ڄڃ بنجي ويئي، واپاري قافلو پنهنجي سردار کي پرڻائڻ نڪتو. اٺن جي ڳچين ۾ ٻڌل گهنڊڻين سان يثرب جو گهٽيون گُنگائڻ لڳيون. شادي ٿي ويئي. واپاري قافلي جا ڪجهه همراهه اڳيان نڪري ويا، ڪجهه پويان موٽي ويا. سامان سڙو سوديندا ۽ وڪڻندا رهيا، هاشم پنهنجي ساهرن ۾ زال وٽ ٽڪي پيو، زال پيٽ سان ٿي، هڪ سهڻي ٻارڙي جنم ورتو.
نئين ڄاول ڀاڳوان ٻار جي مٿي ۾ ڪارن وارن جي وچ ۾ ڪجهه اڇا وار هئا، ڏسڻ وارا کل خوشيءَ مان سلميٰ کي چوڻ لڳا، سلميٰ تو ته هڪ پوڙهي کي ڄڻيو آهي، هڪ بابا جنميو آهي.
اڇن وارن واري پوڙهي بابا جي لاءِ وٽن هڪ نالو هو.
شيبه
هنن ٻارڙي جو نالو شيبه رکي ڇڏيو،
هاشم ٻارڙي جو مُکڙو ڏسي پنهنجي واپاري قافلي سان شام ۽ روم طرف هليو ويو، سفر تان واپس وريو ته ڪجهه عرصو يثرب ۾ زال ۽ ٻارڙي وٽ ترسيو، ايئن هاشم جو اهو معمول بنجي ويو ته ايندي ويندي يثرب ۾ سندس رهڻ ٿيندو هو، سلميٰ، مان شيبه کانپوءِ هڪ ڌيءُ رقيه به ڄائي جيڪا ننڍپڻ ۾ ئي گذاري وئي،
مڪي ۾ هاشم جون ڇهه ٻيون به زالون هيون.
هڪڙي قبيلي خزاعه سان واسطو رکندڙ عمر بن مالڪ بن جزيمه جي ڌيءَ قيله هئي. ٻي بنو قضاءَ جي اميه، ٽين بنو عدي مان ام عبدالله، بنو عدي جي ئي حبيبه بن حارث جي ڌيءَ عدي به سندس زوجيت ۾ هئي، يثرب جي ساهراڻي قبيلي خزرج مان به هڪ زال هيس. جنهن جو نالو هند هو. بهرحال جوان هاشم جي وهي اڃا ايتري نه هئي هڪ ڀيري هو مڪي کان ڏور شام جي واپاري سفر تي ويو ته وري پوئتي نه آيو. فلسطين ۾ غزه جي علائقي ۾ پهتو ته هاشم بيمار ٿي پيو، قافلو ترسي پيو.
هاشم جي بيماري ختم نه ٿي، پاڻ ختم ٿي ويو.
غزه ۾ ئي وطن کان ڪجهه ڏور هو گذاري ويو،
سندس ساٿين کيس غزه ۾ ئي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ۽ پاڻ ڏکارا بنجي موٽي آيا.
هاشم جا چار پُٽ ۽ پنج ڌيئرون هيون
پر هن پنهنجو جانشين پنهنجي وڏي ڀاءُ ”مطلب“ کي ڪيو هو.
سيدنا هاشم جي چالاڻي کان پوءِ مطلب مڪي جو سردار بنجي ويو، پر سندس دل وڇڙيل ڀاءُ هاشم سان ئي اٽڪيل هئي. هو پنهنجي اولاد کان وڌيڪ هاشم جي اولاد تي ساهه پَساهه ڏيندو هو. اڪثر هاشم جي ڌيءَ خالده وٽ اچي چوندو هو ڀائيٽي تو جيڪو پنهنجي پيءَ جي وڇوڙي تي شعر ٻُڌا هئا، اهي سڻاءِ، ڌيءُ اکين جا لڙڪ اُگهي پنهنجا شعر پڙهڻ لڳندي هئي:
موت جو نياپو ڏيڻ واري بي رحم شخص
صبح جو سوير ئي هڪ اهڙي ناليري شخص جي وڇڙڻ جي خبر ڏني،
جيڪو زمين تي هلندڙ سڀني ماڻهن ۾ وڌيڪ عزت وارو هو.
هڪ اهڙي شخص جي وڃڻ جي خبر ڏني
جيڪو قوم جو اڳواڻ هو.
۽ جنهن جي اخلاق جي هاڪَ هئي
۽ جنهن جي سخاوت،خدمت ۽ ڳالهه شريفاڻي هئي.
اڏول، اٽل، سگهارو ۽ جوان
هو نه پوڙهو ٿيو هو
نه بي هُمت انسان هو،
لڳاتار سوڪهڙِي ۽ ڏڪار جي ڏينهن ۾ به هو سڄي قبيلي جي شان ۽ عزت ڀريي بهار جي رُت هو.
سڄي ڪٽنب ۾ ’لوي‘ جو سڀني کان مهذب هي ڀاتي
اڄ
ڏور شام جي علائقي ۾ مٽي ۽ پٿرن جي وچ ۾ آرامي آهي.
اي آسمان!
تون جيستائين جيئرو آهين
اهڙن وڏن جوانن جي موت تي روئيندو رھ
۽ پنهنجي اُداس اُس پکيڙ
۽ چئو ته توکي اهڙن بزرگن کي وڇڙندي ڏسڻون پيو
جيڪو فياضي ۽ بزرگيءَ جو مُهندار هو
جيڪو پنهنجي قبيلي جو سردار مڃيو ويو.
۽ مڃرايو ويو.
هاشم جي ٻي ڌيءُ شفاء به پيءُ جي وڇوڙي تي مرثيو چيو.
چوي ٿي.
” اي اک تون روئڻ شروع ڪر
۽ اُن سخي مهربان بزرگ جي لاءِ لڙڪ لاڙ
خير ۽ خوبيءَ سان ڀريل هاشم جي لاءِ
جيڪو مال ۽ مرتبي ۽ بزرگي جي ڪمال درجي تي هو،
سگهارو، حوصلي مند سخي ۽ نج /نبار مخلص
اي اک!
پنهنجي پيءَ لاءِ روءِ
جيڪو پنهنجي قوم جو وڏو سردار هو
روءِ ۽ هِنجون هاريندي رهه
ان شخص جي لاءِ
جيڪو حاجتمندن جي حق ۾ بهار جي مُند هو
۽ خراب مُندن طرفان
کُلندڙ ڀاڳن جي دروازن جو سنڀاليندڙ
تجربيڪار، ڦڙت، اوچي اُڏار وارو باز
ڌرتيءَ جي سڀني کان شريف ڪٽنب جو سُهائو ڏيئو
جنهن جو ڪُٽنب قديمي ۽ معزز آهي.
صحت مند
ڊگهو، سُهڻو
فصيح ۽ بليغ
پِڙ، ۾ شينهن وانگر گجندڙ
مُهذب، سهڻي طبيعت جي قوم جو اهو سردار
جيڪو گهاٽي بَڙ جي وڻ جيان هو،
ڇانورو ڪندڙ ۽ ميون سان ڀريل
جُهڪيل
مُعرڪن ۾ سڌو، سورمو
۽ دوستن ۾ ’مرد اَبريشم‘
جنهن جي ڪا به عادت خراب نه هئي“.