آقا ﷺ جو ذڪر، سڳوري توريت ۽ زبور ۾
پالڻهار هر قوم، هر وستي ۽ هر واهڻ ۾ ڊيڄاريندڙ ۽ خوشخبري ڏيندڙ موڪليا. اُنهن سڀني کي آخري نبي ﷺ جي اچڻ جو اڳواٽ ئي اطلاع ڏنو ويو . کانئن وچن ورتو ويو ته جڏهن اُهو آخري نبي ﷺ اچي ته اُن جي پيروي، نصرت ۽ مدد ڪجو. الله تعاليٰ قرآن کانسواءِ باقي ٻين صحيفن ۽ ڪتابن جي، جيئن جو تيئن حفاظت جي ذميداري نه کنئي.
الله تعاليٰ کي ته ”قرآن،“ آخري ڪتاب کي محفوظ رکڻو هو.
تنهنڪري وقت سان گڏ وگڏ پراڻن ڪتابن ۾ بدل سدل ٿيندي رهي آهي، شروع ۾ شايد اُنهن ڪتابن جي پاڻمرادو عالمن اصل متن جي ترجمي ۾ پنهنجي مرضيءَ وجهندي ڪامائون ۽ فل اسٽاپ هڻي، خدا کان وڌيڪ پنهنجي ذهانت جي نرت ۽ پنهنجي اندر ۾ لڪل ڪو زهر ڪڍيو هوندو. پوءِ هنن اصل متن سان گڏ انهن جي تشريح لکي ڇڏي هوندي. هوريان هوريان اهي تشريحون ۽ حاشيا اصل متن سان گڏ وچڙ ٿي ويا هوندا. پوءِ ڪنهن خيال ئي نه ڪيو هوندو ته اصل متن ڪهڙو آهي ۽ ان ۾ ڪٿي ڪٿي ملاوت ڪئي ويئي آهي.
پر هڪ پرک اڃا به آهي.
سون جي پَرک جي عجيب ڪوٺاري .
اها هيءَ ته هر سڳوري صحيفي ۽ ڪتاب ۾ خدا، پنهنجي رسول ﷺ جو ذڪر ڪيو ۽ اهو محفوظ ڪري ڇڏيو، کيس زماني جي لَٽ ۾ نه لَٽيو، تنهن ڪري آقا ﷺ ذِڪر رسول الله کي خدا قيامت تائين وڌائڻ ۽ قائم رکڻ گهريو.
سڀئي نبي سڳورا، جن جا نالا قرآن مجيد ۾ آيا ۽ اِهي نبي جن جو نالو قرآن ۾ لکيل ڪونهي، سڀئي آقاﷺ جي اچڻ جون نشانيون ۽ خوشخبريون ڏيندا رهيا آهن. اُنهن صحيفن ۽ ڪتابن ۾، اهي سڀ لکتون وڏي وضاحت سان لکيل آهن. اهي ڪتاب پوءِ توريت هجي، زبور هجي، انجيل هجي يا ٻين علائقن جا مڃيل ڪتاب هجن، جيئن هنڌن جا ويد، پُراڻ، رامائڻ، يا گيتا، ٻڌ ڌرم جا ڪتاب هجن يا زرتشتين جا صحيفا، چين جي ڪنفيوشس جا ڪتاب يا قديم آمريڪي، ڪينيڊين يا يورپي لاڏائو قبيلن جي روايت ۾ اڄ سوڌي هلندڙ الوهي ڳالهيون سڀني ۾ رسول ﷺ آخري رسول جون نشانيون چٽي ۽ ناقابل ترديد نموني موجود آهن.
حضرت موسيٰ عليه السلام تي سڳورو توريت لٿو هو
توريت جون بشارتون به صفا چٽيون آهن.
جيتوڻيڪ يهودين ڪيترائي ڀيرا اُن ۾ بَدل سَدل ڪئي
سچ ڪوڙن جي هٿان نٿو مري
سچ اڃا تائين موجود آهي.
توريت جو عبراني زبان ۾ اصل متن ته موجود ڪونهي
قديم زبان جنهن ۾ لکيل ملي ٿو. اها عربي ئي آهي، موجوده توريت جي هڪ آيت هن ريت آهي.
”خدا وند سينا کان آيو، ساعير کان مٿن ظاهر ٿيو ۽ فاران جي جبلن تان جلوه گر ٿيو“. (توريت، استشناء 3-2)
طورسينا جبل تي حضرت موسيٰ تي الله جو ڪرم ٿيو. هم ڪلام ٿيو، ساعير فلسطين جو اهو هنڌ آهي، جتي حضرت عيسيٰعه تي خدا جي رحمت لٿي، جتي سندس جنم ٿيو. انهن ٻنهي جليل القدر نبين کانپوءِ ”فاران“ جي ٽڪرين تي الله جي صفت احديت ۽ فريت جو ظهور ٿيو.
فاران ڪٿي آهي.
مڪي ۾
جبل نور اُن جو ئي حصو آهي.
غار حرا اُن ۾ ئي آهي.
ايئن ڪونهي ته اهو نالو مڪي وارن پوءِ رکي ڇڏيو
صدين کان اهو ئي نالو آهي.
توريت جي اندر فاران جي ڊيگهه پکيڙ به لکيل آهي ۽ سڄو واقعو به، جنهن جي ڪري فاران کي سڳورپ ملي، توريت جون آيتون ڏسو.
”۽ هو لکين قُدسين مان آيو، سندس کاٻي هٿ تي جنهن جي لاءِ آتشي شريعت آهي“. (توريت، سيمنيه، سنستھ النار 22-21)
توريت ۾ هڪ ٻي هنڌ لکيل آهي:
”فاران جي بيابان ۾ رهندو هو“. (توريت ڪتاب استثناء، باب 33 آيت 2)
توريت ۾ هڪ ٻي هنڌ لکيل آهي:
”آءٌ اُنهن جي لاءِ سندن ئي ڀائرن مان هڪ تو وانگر نبي پيدا ڪندس ۽ پنهنجو ڪلام هن جي وات ۾ وجهندس ۽ کيس جيڪو حڪم ڏيندس، هو اهو ئي کين چوندو“. ( توريت، استشناء 18-18)
اڳيان هلي توريت ۾ الله دڙڪو به ڏنو آهي.
” ۽ جيڪو به منهنجي انهن ڳالهين کي، جيڪي هو منهنجو نالو ڳنهي چوندو، نه ٻُڌندو ته آءٌ ان جو کانئس حساب وٺندس“. (توريت استشناء 18-19)
توريت ۾ آقا ﷺ جي لاءِ ايترا ته چٽا اشارا آهن، جو يهودي ڊگهي عرصي کان آقا ﷺ جي اوسيئڙي ۾ هئا، کين اها به خبر هئي ته پاڻ سيدنا اسماعيل عليه السلام جي اولاد مان هوندو. سيدنا اسماعيل عليه السلام جي اولاد مان رڳو آقا ﷺ ئي آيو.
اها ٻي ڳالهه آهي ته يهودين شايد اهو طئي ڪري ڇڏيو هو ته هو خدا کي مجبور ڪري ڇڏيندا ته اهو آخري نبيصه سندن ئي خاندان مان آڻي ۽ جيڪڏهن نٿو آڻي ته هو ڄاڻي ٻُجهي اُن جا منڪر ٿيندا.
سيدنا عبدالله بن سلام ۽ سيدنا ڪعب بن احبار مديني ۾ مسلمان ٿيڻ کان اڳ يهودين جا وڏا عالم هئا. هو اڳين ڪتابن جو وڏو علم رکندا هئا، انهن کان روايت آهي ته جڏهن توريت ۾ بَدل سَدل نه ٿي هئي ته توريت ۾ هي آيت موجود هئي.
”اي نبي! بيشڪ اسان توکي خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ۽ اُمي ماڻهن جي حفاظت ڪرڻ وارو، ڪري موڪليو آهي. اوهان منهنجا ٻانها ۽ رسول آهيو،مون اوهانجو نالو ”متوڪل“ رکيو آهي، اهو نبي نه ته سخت مزاج هوندو، نه بداخلاق هوندو ۽ نه ئي بازارين ۾ هُل بَکيڙو ڪرڻ وارو، هو بُرائيءَ جو بدلو بُرائيءَ سان نه ڏيندو، پر معافي ۽ درگذر کان ڪم وٺندو. الله کيس تيستائين وفات نه ڏيندو جيستائين هڪ بگڙيل قوم جي وات مان لاالٰه الا الله چورائي کين پنهنجي واٽ تي نه وٺي ايندو“.
ڳالهه ته صفا چٽي پيئي آهي.
هيءَ آيت ڪنهن جي لاءِ آهي.
ڪير درگذر ڪري هڪ بگڙيل قوم کي پنهنجي وفات کان پهرين لاالٰھ الا الله تي وٺي آيو؟
منهنجو آقا ﷺ
اسان جو آقا ﷺ
آخري رسول ﷺ
حضرت محمد رسول الله ﷺ
حضرت دائود عليه السلام تي زبور ۾ هيءَ آيت لٿي.
”توکان پوءِ هڪ نبي ايندو، جنهن جو نالو احمد ۽ محمد ﷺ هوندو. صاف سُٿرو سردار، آءٌ ڪڏهن به مٿس ناراض نه ٿيندس ۽ نه هو مونکي ناراض ڪندو. ۽ مون هُن جا اڳيان پويان سڀ گناهه معاف ڪري ڇڏيا آهن. سندس اُمت رحمت يافته هوندي. جنهن کي اڳوڻن سڀني نبين جي انعامن سان نوازيو اٿم، مٿس اهي فرض لاڳو ڪيا اٿم، جيڪي اڳوڻن نبين جي نور وانگر هوندا. اي دائود ! مون ان اُمت محمدصه کي خير الامم ۽ سڀني امتن کان افضل قرار ڏنو آهي“. (ابن ڪثير)
هڪ ڀيرو سيدنا صديق اڪبررضه هڪ واپاري قافلو وٺي هرقل قيصر روم طرف ويو، قيصر جي دربار ۾ به وڃڻ ٿيس، هو آقا ﷺ جو پيغام پڙهي چڪو هو، سچ کان واقف هو، سيدنا ابوبڪر کي پنهنجي محل جي خاص ايوان ۾ وٺي ويو.
اهو قديمي نوادرات سان ڀريل شاهي ميوزيم هو.
ڀتين تي صندل ۽ آبنوسي الماڙين ۾ دنيا جهان جا قديمي خزانا پيل هئا. پيليون زرد شمعون ٻري رهيون هيون. ڪمري ۾ عجيب سڳورپ ڀري سُهائي ڦڙڪي رهي هئي، ائين ڪنبي رهي هئي ڄڻ ان جي سهائي جي اک کي ٿوري دير کانپوءِ ڪا اهڙي شڪل ڏسڻي آهي. جنهن جي احترم ۾ اهي مشعلون اڃان به زبانون جهلي روشني جي اک ۾ سج پوکڻ جي ڪوشش ڪري رهيون هجن.
بادشاھ هرقل سيدنا ابوبڪر کي وٺي هڪ صندل جي الماڙي کولي بيهي رهيو. صندل جي خوشبو، لوبان جي سُرمئي دڳندڙ خوشبودار دُنهه ۽ پيلي روشنيءَ جي اُلائن جي بيتاب روشنيءَ ۾ هرقل ان الماڙي مان ڪپڙي تي ٺهيل ڪجهه تصويرون ڪڍيون، هو تصويرون ڏيکاريندو ۽ نبي سڳورن جا نانءَ ڳنهندو ويو.
اوچتو، ڪمري جي مشعلن ۾ اُلا اڇلجڻ لڳا.
روشني جو هڪ طوفان آيو
لوبان جي خوشبو وڌي،
۽ هرقل هڪ تصوير هٿ ۾ کڻي ادب سان بيهي رهيو.
سيدنا ابوبڪر تصوير سُڃاڻي ورتي
اها آقا ﷺ جي هئي.
پراچين سمئه جي ڪنهن ڪپڙي تي ٺهيل
يا ڪنهن وڻ جي ڇال تي ڇپيل
سيدنا ابوبڪر به بيهي رهيو
ٻنهي جي اکين مان لڙڪ جاري ٿي ويا.
سيدنا ابوبڪر پُڇيو قيصر روم کان ته تو وٽ هيءَ تصوير ڪٿان آئي،
هرقل چوڻ لڳو
هيءَ حضرت آدم عليه السلام جي خزاني ۾ محفوظ هئي.
حضرت آدم عليه السلام سوال ڪيو هو ته منهنجي پيڙهيءَ مان جيڪو تنهنجو انعام يافته نبي آهي ۽ خاص طور تي آخري نبي سرور ڪونين ﷺ ، ان جي شبيهه ته ڏيکاريو، دل خوش ٿيندي.
الله حڪم ڏنو
تصوير جڙي وئي
الله ته مصور به آهي نه
ڏيکاريوس
ذوالقرنين اِهي ڪڍيون
دانيال عليه السلام جي حوالي ڪيون
پوءِ سڪينه جي صندوق ۾ آئي
۽ مون تائين پهچي ويئي. ( ابن هشام)
قرآن ۾ الله تعاليٰ ائين ته ارشاد نه فرمايو آهي:
” اِهي ماڻهو جن کي ڪتاب ڏنو هوسين، اِهي کيس ائين سُڃاڻن ٿا، جيئن پنهنجن پُٽن کي. بيشڪ انهن مان ڪي ماڻهو حق کي لڪائين ٿا، جيتوڻيڪ کين خبر آهي“. ( سوره البقره 146-2)
سڳوري زبور ۾ ته خدا آقا ﷺ جي سهڻي شخصيت جي رڳو تصوير ڪشي ئي نه ڪئي آهي. پر سندس بي مثال سڄي زندگيءَ جي جدوجهد، پيغام، هدايت، بنيادي ۽ روحاني قوتن جو ڀرپور اجمالي خاڪو به موڪلي ڏنو آهي. اهو وري خدا چيو به ڪڏهن، هزارين سال پهرين سڳوري زبور ۾ حضرت دائود عليه السلام جي لاءِ، جيڪو شايد پنهنجي سُريلي ساز تي ويهي پنهنجي مٺڙي آواز ۾ گنگنائيندي پنهنجي قوم کي ٻُڌائيندو هوندو. سڳوري زبور ۾ چيل آهي.
هن جي سلطنت سمنڊ کان سمنڊ تائين هوندي
بيابانن ۾ رهندڙ هُن جي سامهون جهڪندا
هُن جا دشمن مِٽي چٽيندا
ترسيس ۽ ٻيٽن جا بادشاهه سندس ڏن ڀَرو ٿيندا.
سبا ۽ سيبا جا بادشاهه سوکڙيون آڻيندا
سڀ بادشاهه هُن جي اڳيان سيس نوائيندا
ڇو ته هو محتاج کي جڏهن دانهيندو ۽ غريب کي جڏهن هن جو ڪو واهرو نه هوندو، ڇڏرائيندو.
هو غريبن ۽ محتاجن تي رحم کائيندو
مُحتاجن جي جان بچائيندو
هو فديي مان هنن جي جانين کي ظلم ۽ جبر کان ڇڏرائيندو ۽ سندن رت هن جي نظر ۾ مُلهائتو هوندو.
هو کٽندو رهندو ۽ سبا جو سون کيس ڏنو ويندو
ماڻهو هُن جي حق ۾ پيا دعائون ڪندا
۽ سَڄو ڏينهن کيس دعائون ڪندا
زمين تي، جبلن جي چوٽين تي اناج جي گهڻائي هوندي ۽
انهن جو ميوو لبنان جي وڻن وانگر جهومندو
۽ شهر وارا زمين جي گاهه وانگر ساوا ستابا هوندا
۽ سندس نالو هميشه قائم رهندو،
جيستائين سج جيئرو رهندو، هُن جو نالو رهندو.
۽ ماڻهو هن جي وسيلي برڪت ماڻيندا.
سڀ قومون کيس ڀاڳوان چونديون.
]سڳورو زبور، باب 72- آيت 8 وما بعد[
ڪو شڪ رهي ٿو .
تنهن ڪري ته قرآن حڪم ڏي ٿو ته سڀني صحيفن ۽ ڪتابن تي ايمان آڻيو، جن ڪتابن تي ايمان آڻڻون آهي، انهن جي هڪ ننڍي نشاني اها آهي ته انهن ۾ منهنجي آقا ﷺ جي واکاڻ ۽ اڳڪٿيون آهن، جيڪي الله انهن ڪتابن مان ميسارجڻ نه ڏنو.
اِها خدا جي محبت جي تقاضا آهي.
جنهن حڪم ڏنو.
”الله ۽ اُن جا ملائڪ پيغمبر تي درود موڪليندا آهن. مومنو! اوهين به درود ۽ سلام موڪليندا وڃو.“ (القرآن، سوره الاحزاب، آيت 56)
اهو درود پاڪ، اها واکاڻ رسول ﷺ، اهي آقا ﷺ جي شان ۾ قصيدا، الله پنهنجي هر نبيءَ جي وات مان چورايا. پنهنجي هر سڳوري ڪتاب ۽ صحيفي ۾ لکي موڪليا ۽ محفوظ ڪيا. ڪائنات جي ٻاڙي ٻاڙي جتي الله جي حمد ۽ ثنا ڪري ٿي، اُتي اِها آقا ﷺ تي درود ۽ سلام به موڪلي ٿي. ڪنهن کي اهڙا ٻڌڻ وارا ڪن مليا آهن ته هو اها ٻڌي ۽ خدا جو قسم شڪ نه ڪري.