زم زم کي کوٽ
ڪڏهن ڪڏهن هڪ خواب ايتري ته روحاني خوشي، سگهه ۽ سڪون جو سبب بڻجندو آهي جو اک پٽجڻ سان ئي ماڻهو گهرندو آهي ته ان ئي خواب جو سمئه جاري رهي. خواب ۾ ڏٺل، ٻُڌل ڪيفيت جاري رهي. سيدنا عبدالمطلب سان به ايئن ئي ٿيو. اِها اُن رات جي ڳالهه آهي جڏهن هو معمول جي ابتڙ ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي گهر جي اڱڻ تي سمهڻ جي بدران ڪعبي جي ڀت جي ڇانوري ۾ وڃي سمهندو هو. ان رات هو پنهنجو اوڇڻ وڇائي ڪعبي جي اُترينءَ حصي ۾ هجر جي ڀت سان ’حطيم‘ جي فرش تي سُتو پيو هو، خواب جي ڪيفيت ماکيءَ کان به مِٺي ۽ صحرائي وسندڙ ڪڪرن جي پاڻي کان به نرم هئي، خواب ۾ آواز آيو.
”ڳولي لهه !“
سيدنا پُڇڻ لڳو ڇا؟
وراڻي ملي، ”طيبه .“
اک کليس ته ماڻهن کان طيبه جو مطلب پُڇندو پي ڦريو. اها ته سُڌ هيس ته اهو پاڪ ۽ پوتر شئي جي لاءِ چيو ويندو آهي. پر اها ڪهڙي شئي آهي ، پوءِ ڪٿان ڳولهي لهان؟
ڪيئن ڳولهيان؟
خواب هوئي اهڙو سُندر جو پاڻ ٻي رات به پنهنجو بسترو ’حطيم‘ وٽ کڻي ويو. ڪعبي جي ڀت سان مٿو ڏيئي. ڪعبي واري جي سندر ۽ سڳوري سوچ تي سوچيندي سوچيندي اک لڳي ويس، وري به اهو ئي آواز ڪنن ۾ پيس ڄڻ ڪنن ۾ سُريليون گهنڊڻيون وڃي رهيس.
هن ڀيري آواز آيس ”برهه“ کوٽي ڪڍ.
صبح جو وري سوچيندو ماڻهن کان پُڇڻ لڳو ته ” برهه “ ڇا آهي؟
اها برڪت واري شئي ڪهڙي آهي، اها ڪٿان ڳولي لهان.
ڪٿان به ڪو جواب نه مليس.
ٽين رات سيدنا عبدالمطلب سوچ ۾ پئجي ويو ته زمين ۾ اهو خزانو ڪٿي دفن آهي؟
پر ڪٿي، آئون ڪٿي کوٽيان ؟
ڇا نڪرندو اُن مان؟
ڳوٺ وارن کان پڇيائين: آسپاس ڪٿي خزانو دفن آهي ڇا؟
هو سيدنا جو سوال ٻڌي مُرڪڻ لڳا. هو ڪهڙو جواب ڏين، هو سڀ اڻ ڄاڻ هئا، لڳ ڀڳ پنج سئو سالن جو عرصو گذري چڪو هو جڏهن مڪي جي پراڻن سنڀاليندڙن جو پاڻ ۾ جهيڙو ٿيو هو، ٻيئي نه ڪعبي جي سنڀال جا حقدار هئا، نه وري اُن جي لاءِ مناسب. انهن مان هڪ ته ’جرهم قبيلو‘ هو، جيڪو سيدنا اسماعيل جو ساهراڻو قبيلو هو. جيڪو سالن تائين اُتي پنهنجو اقتدار ڄمايو ويٺو هو. پوءِ هيئن ٿيو ته مڪي جي هيٺاهين واري علائقي ۾ اچي ويٺل مضبوط جسمن جي مالڪ خزاعه قبيلي وارن جرهمين کان اقتدار کسي ورتو.
ويندي ويندي هنن ڪعبي جي اندر نذراني طور ڏنل حميرينن جي ٻن سون جي هرڻن کي کڻي زم زم جي کوهه ۾ اڇلي ڇڏيو ۽ ڪعبي جي اندران نڪتل ناياب پراڻيون تلوارون دٻائي کوهه کي لَٽي ڇڏيو. چون ٿا ته ان خزاني ۾ هنن خدا جي گهر جي مٿي تي رکيل جهومر جيان رکيل خدا جي موڪليل سڳوري پٿر ”حجر اسود“ کي به ڪنهن بي حد ملهائتي خوشبودار ڪپڙي ۾ ويڙهي اُتي تلوارن جي وچ ۾ رکي مٿان پٿر ۽ مٽي وجهي بند ڪري ڇڏيو.
سڄو قيمتي سامان لڪي ويو. اُن سان گڏ زم زم جو کوهه به بند ٿي ويو.
اهو ڪم جرهم قبيلي جي عمرو بن حرب بن مضاض بن عمرو جرهميءَ ڪيو هو.
هو شاعر به هو.
بعد ۾ هن پنهنجي شاعريءَ م ڪعبي جي عظمت، ڪعبي جي جلال، زم زم جي چشمي جي مِٺاس ۽ حجر اسود کي ڪپڙي ۾ ويڙهي لڪائي ڇڏڻ جو ذڪر به ڪيو هو. پر پنهنجي ڪنهن به شعر ۾ هن جنهن هنڌ اهي لڪايون ويون هيون، اُن جي نشاندهي نه ڪئي هئي. خدا کي جڏهن منظور ٿيو ۽ جن هٿن سان منظور ٿيو، ان کي خواب ۾ پوري جاءِ سمجهائڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيائين.
اُن واقعي کي ٿيندي پنج صديون گذري ويون.
ڪي ٽيهه، چاليهه نسل آيا ۽ هليا ويا.
هوريان هوريان ماڻهن کان زم زم جي کوهه جي ڳالهه ئي وسري ويئي هئي. سيدنا عبدالمطلب جنهن کي خواب ٿي ٻڌايو ويو ته اهو ڏندن ۾ آڱريون وجهي سوچڻ ٿي لڳو ۽ پوءِ ناڪار ۾ ڪنڌ ٿي ڌوڻيائين.
چوٿين رات اچي ويئي.
سيدنا عبدالمطب پنهنجو بسترو حطيم جي اندر وڇائي ويهي رهيو.
حطيم ڪعبي جو حصو ئي آهي، پر ڪعبي جي ڪمري کان ٻاهر اتر اوڀر ۾ آهي. جتي هينئر برسات وسڻ مهل آسمان مان ”ميزاب رحمت“ وسندو آهي. ان جي ڀت جي هيٺان ٻن عظيم هستين جون قبرون آهن. هڪ سڄي عرب جي امڙ سيده هاجران جي ۽ ٻي سندس پُٽ اسماعيل جي. بهرحال خدا جو حڪم جيڪو ان وقت هو، اڄ به اهوئي آهي. ڪعبي جو طواف اُن حطيم سميت ڪرڻون آهي. جنهن جي اندر خدا جون ٻه محبوب هستيون سُتل آهن، انهن ٻنهي قبرن جي آسپاس هڪ ڀيرو جيڪڏهن ڪو طواف لاءِ اچي ته کيس سُت چڪر هڻڻا پوندا آهن.
چوٿين رات سيدنا عبدالمطلب وري اتي ئي بسترو وڇايو ليٽيو پيو هو، ڳپل دير تائين سندس اکين ۾ ننڊ نه آئي. هو پريشان ٿي ويو، جيڪڏهن خواب نه آيو ته اهو خط جيڪو خواب جي صورت ۾ قسطن ۾ هلي رهيو آهي. اُن جي اڄ قسط رهجي ويندي، کيس اها خبر نه هئي ته اڄوڪي رات خواب سڄي تفصيل سان بيان ڪيو ويندو.
ائين ئي ٿيو.
سيدنا سمهي پيو. آواز نه آيو ”احضر زم زم“ (زم زم کي کوٽ)
هن پُڇيو ”وما زم زم “ (زم زم ڇا آهي؟)
جواب آيو، ٻُڌ! زم زم اهو آهي، جنهن جو پاڻي ڪڏهن به ختم نه ٿيندو.
نه اُن جي مرمت ڪئي ويندي.
حاجي جيترو گهرندا اوترو پي سگهندا
ٻُڌ،
اهو هنڌ اُتي آهي
جتي ڪعبي جي اڱڻ ۾ ڳاڙهي چُهنب ۽ ڳاڙهين پيرن وارو ڪانگ چهنبون هڻي رهيو آهي.
اُتي ڇيڻي ۽ رت جا ڇنڊا آهن،
۽ ماڪوڙين جي قطار.
خواب پورو ٿيو ته سيدنا عبدالمطلب جي به اک کلي پئي.
اک اهڙي کلي جو سڄو نقشو سامهون پکڙيل هو،
اُٿي ويهي رهيو
ڏٺائين ته هڪ ڪارو ڪانگ آسمان تان پَر پکيڙي ڪعبي جي ڀت کان چاليهن فوٽن تي اڱڻ ۾ اچي لٿو ۽ زمين ۾ ٺونگا هڻڻ لڳو. سيدنا ڌيان سان ڏٺو، ڪانگ جي چُهنب ۽ پير ڳاڙهي رنگ جا هئا، سيدنا جاڳندي سامهون ڏٺل خواب ڏسڻ لڳو، سيدنا اهو هنڌ ڄاتو ٿي، روز اُتان لنگهندو هو، ان جاءِ تي عرب ڪعبي جي نالي تي قربانيءَ جا جانور اچي قربان ڪندا هئا، اتي گوشت جا ڇيڇڙا رت ۽ ڇيڻو پٿرين سان مليل پيو هوندو هو. سيدنا اُٿي تڪڙو اوڏانهن ويو. ويجهو ويو ته ماڪوڙين جي قطار به نظر آيس.
هاڻ باقي ڪهڙو شڪ هو،
تڪڙو گهر ويو، اُنهن ڏينهن سندس هڪ ئي پُٽڙو هو
حارث،
کيس پاڻ سان گڏ ورتائين ڪوڏر ۽ بيلچو کنيائين ۽ مقرر هنڌ تي پهچي ويو.
ڏينهن چڙهي چڪو هو
ماڻهو گڏ ٿي ويا
هي ڪعبي جو سردار بيلچو ۽ ڪوڏر کڻي ڪعبي جي اڱڻ ۾ ڇا کوٽڻ آيو آهي؟
ماڻهو پُڇڻ لڳا.
سيدنا ٻُڌايو ته هتي هڪ کوهه آهي، اهو ظاهر ڪرڻو آهي. اچو مون سان همراهي ڪرايو.
هو کلڻ لڳا.
هو ڪيترين ئي پيڙهين کان اُتي رهيا پيا هئا. چاليهن پيڙهين کان ڪنهن کي به خبر نه هئي ته هتي زم زم هوندو هو. هوسڀ سيدنا کي روڪڻ لڳا.
ايئن نه ڪر.
ماڻهن جي خيال ۾ اڱڻ جي اُن حصي جي اهميت ۽ عزت اُن ڪري به وڌيڪ هئي، جو اتي ٻه بُت کتل هئا. جن جي هو پوڄا ڪندا هئا. هڪ عورت جو ۽ ٻيو مرد جو. عورت نائله هئي ۽ مرد اساف هو. روايت هئي ته انهن ٻنهي ڪعبي جي اڱڻ ۾ گستاخي ڪئي هئي. بدڪاري ڪئي هئي. خدا کين پٿر بڻائي ڇڏيو. هو انسانيت جي درجي تان ڪري پٿر بنجي ويا. هُئڻ ته ايئن کپي ها ته ماڻهو کين پٿر هڻن ها، پر اهو اُبتو دور هو، انهن ڏينهن شايد پٿر هڻڻ انسانيت کان وڏي شئي سمجهي ويندي هئي. هو شايد اُن کي خدا جو انعام سمجهي پوڄا ڪندا هئا. بلڪه مٿن نذر ۽ نياز به ڪرڻ لڳا ۽ جانور سندن پيرن ۾ آڻي قربان ڪرڻ جي رسم وڌائون.
جتي پاڪ ۽ برڪت ڀرييءَ پاڻيءَ جي چشمي جي ڳولا ۾ ڪوڏر ۽ بيلچو لڳي رهيو هو، اُتي ناپاڪ نائله ۽ اساف جي بتن جا بنياد لڏي رهيا هئا. قريش پنهنجي بتن جا لڏندڙ پاڇولا ڏسي مرڻ مارڻ جي لاءِ تيار ٿي ويا.
سيدنا عبدالمطلب کين چئي رهيو هو، آءٌ اوهان سڀني جي لاءِ کوهه پيو کوٽيان، اچو مون سان همراهي ٿيو.
مدد نٿا ڪريو ته منع ڇو پيا ڪريو،
هٽي پَرتي ٿي بيهو،
سيدنا بيلچو پنهنجي پُٽ حارث کي ڏنو ته جيڪو به اچي منهنجو هٿ جهلي اُن جو مٿو ڦاڙي ڇڏج. آءٌ اڪيلو ئي اهو کوهه ظاهر ڪري ساهي پٽيندس.
نيٺ به ته هو پنهنجي قوم جو سردار هو، جلال ۾ اچي ويو.
سيدنا زمين کوٽيندو رهيو
ماڻهو هُل ڪندا رهيا
اوچتو سيدنا جو بيلچو ڪنهن سخت شئي سان ٽڪرايو.
سڄي ميڙ هڪ ئي وقت ڪنڌ ڌوڻي سيدنا کي ڏٺو، ماڻهن جون ڳالهيون بيهي ويون، ڪجهه پَل عجيب سانت ۾ گذري ويا. سيدنا اتي زمين ۾ ڪوڏر ڦيرائي مٽي، واري ۽ پٿر ٻاهر ڪڍيا ته گڏ ڀنل ڀنل واري به ٻاهر اچي ويئي.
ماڻهن جي سانت اڃا به پُر اسرار ٿي ويئي.
سيدنا کڏي ۾ هٿ وڌو ، هاڻ جو هٿ ٻاهر ڪڍيائين ته اُن ۾ ريتي ۽ مٽيءَ ۾ دٻيل قديم قلعي تلوار نڪري آئي سيدنا تلوار ڪڍي چئني پاسن لهرائي.
تلوار نيام کانسواءِ هئي.
پنج سئو سال ريتي ۽ مٽيءَ ۾ دٻيل هئڻ جي باوجود به ڏسڻ سان ئي خبر پئجي ٿي ويئي ته اها ’بني قلعيله‘ جي جڙيل ناياب قلعي تلوار آهي. سيدنا اها تلوار پنهنجي پُٽ حارث ڏانهن وڌائي، جنهن بيلچو ڇڏي تلوار هٿ ۾ جهلي. سيدنا وري جُهڪيو ۽ مٽيءَ ۾ هٿوراڙيون ڏنائين، هڪ ٻي قلعي تلوار نڪري آئي، کڏ جي ڪناري تي رکيائين ته اندران سون جا ٻه هرڻ نڪري ِآيا. هرڻ ڇڪي ڪڍيائين ته پنج سئو سالن کان ستل پاڪ ۽ پوتر زم زم جو چشمو اُٻڙڪي ڪنارن تائين آيو.
ڏسندڙ ميڙ جي هٿن جون تريون پگهرجي ويون
اَڙي هي ڇا ٿيو؟
هيترو سون تلوارون ۽ ٿڌو مٺو پاڻي،
ميڙ جيڪو ٿوري دير اڳ تائين مَنڊ ۾ مَنڊيو بيٺو هو، اهو سڀ ڪجهه ڏسي رهيو هو، هو هڪدم ڇرڪ ڀري جاڳيو ۽ لالچي آوازن ۾ چُڻ ڀُڻ ڪرڻ لڳو.
هيءَ ته پنهنجو مال آهي.
اسانجو به هن ۾ حصو پَتي آهي.
هٽي پري بيهو،
سيدنا کڏي جي ڪناري تي رکيل ٻي تراڙ جي مُٺئيءَ ۾ هٿ وڌو. پوءِ ٻنهي سون جي هرڻن جي ٽنگن جي وچ ۾ لڪيل هڪ ريشمي ڪپڙي جي هڙ کولي، ان جي اندر حجر اسود هو، سيدنا عبدالمطلب کي اهو سمجهڻ ۾ دير نه لڳي ته ڪعبي جي ڪهڙي ڪنڊ ۾ اُن جي جاءِ آهي. جتان هي لاٿو ويو هو، اتي ان وقت هڪ کڏو رهيل هو، پر ماڻهو اهو هنڌ چمي اُتان ڪعبي جو طواف شروع ڪندا هئا، سيدنا هٿ مٿي کڻي پهرين هي اعلان ڪيو ته طواف ڪرڻ کان اڳ اوهين جنهن هنڌ کي چمي طواف شروع ڪريو ٿا، هيءُ اُن جاءِ جو سڳورو پٿر آهي. ڏسڻ ۾ به هي پٿر زمين جو نٿو لڳي. ماڻهن ٿوري دير جي لاءِ احترام سبب صفا ٻِيڻا ٿي ويا. پوءِ چوڻ لڳا.
هيءُ هنڌ ته اسان سڀني جو گڏيل آهي.
هي سون، هي کوهه به سڀني جو هئڻ گهرجي
هن مان اسان جي پتي ڪڍ.
سيدنا وراڻيو
خبردار
آءٌ اوهان کي مدد ڪرڻ جي لاءِ چوندو رهيس، پر اوهان ڪابه همراهي نه ڪرائي، ورندو مون مٿان ٺٺوليون ڪيوَ، مونکي جهليندا رهيا، منهنجي ڪم ۾ رنڊڪ وڌوَ، مونکي ڊيڄاريندا، ڌمڪائيندا رهيا، هاڻ خدا جي ٻُڌايل هنڌ تان مونکي جيڪو ڪجهه به مليو آهي، اُن تي منهنجو ۽ منهنجي اولاد جو حق آهي.
اوهين ۽ اوهان جو اولاد ڇو، اسين سڀ هڪ قوم آهيون.
سڄي قوم جو هن تي حق آهي.
هاڻ قوم ياد آئي اٿوَ
جڏهن آءٌ سڏيندو رهيس، ان وقت مدد ڇونه ڪئي اوهان.
ٺيڪ آهي، اسان کان ڀُل ٿي،
هاڻ ڀُليل ئي رهو
نه وري
اهو ته فيصلو ٿيندو .
ڪير ڪندو؟
هلو ڪعبي جي ڀُوپي وٽ
ڀُوپو ڪهڙو پري هو .
اهو ان ميڙ ۾ بيٺو هو، هٿ جوڙي نوڙت مان چيائين: آءٌ ڪو فيصلو ڪرڻ کان لاچار آهيان.کيس شايد سيدنا عبدالمطلب جي سچائيءَ ۽ باقي قريشن جي ٽولي جي ناراضگيءَ جي نتيجن جو احساس هو. چيائين، منهنجي گرؤ ڪاهنه قبيلي ”سعد“ جي جادوگرياڻي آهي، جيڪا يثرب کان پرتي ’معان‘ ۾ رهي ٿي، اوهين پهريون يثرب وڃو، شايد اها اتي ملي وڃي. اهائي فيصلو ڪندي.
اوڏانهن وڃو.
قريشن جا ويهه همراهه تيار ٿيا. قريش جي مختلف شاخن مان ٻه ٻه ڏاها- سيدنا عبدالمطلب به پنهنجن ويجهن قريشي مائٽن کي ساڻ کنيو ۽ يثرب روانا ٿي ويا.