بدر جي جنگ.... ابو لهب جو انجام
هارايل مڪي فوج، ٽڙيل پکڙيل، شرمساريءَ ۾ ورتل، بي وس چورن وانگر لِڪندي پنهنجن گهرن ڏانهن واپس وڃڻ کان لنوائي رهي هئي.
مڪي وارن پنهنجي لشڪر جو جيڪو پهريون شخص ڏٺو، اهو حيسمان بن عبدالله خزاعي هو. لٿل مُنهن، اکيون ڏرا ڏيئي ويل، چپن تي خشڪيءَ جا تهه ڄميل.
چُپ
ماڻهو گڏ ٿي ويا...
خدا جي حرم جو هنڌ
ماڻهن پُڇيس
ٻُڌاءِ
ڪهڙي خبر آندي اٿئي...
هو ماٺ...
کانئس ڪجهه به ڪُڇيو نه ٿيو
هڪ ٻن ڄڻن ڪلهن مان جهلي لوڏيس.
هُن جي نڪ جي ناسن ۾ هڪ مک گهڙي، جنهن کي اُڏائڻ لاءِ هن هٿ هلايو، پوءِ اهو ئي هٿ ڳچيءَ تي ڇري جيان ڦيريو ۽ چيو:
اسان جا سڀ وڏا وڏا سردار مارجي ويا.
ميڙ مان هڪ حيرت ۾ وجهندڙ ”اَئي گهوڙن هيس.. هي وري ڇا..“ جو آواز نڪتو.
ڪير ڪير...
هُن پنهنجن سُڪل چپن کي کاٻي هٿ سان مَهٽيو
ٿُڪ ڳڙڪايائين.
ڪجهه گهڙيون سندس ڪنڌ جون نسون ڦڙڪنديون رهيون. هڪ ڊگهو ساهه کنيائين. پوءِ مرندڙن جا نالا وٺڻ لڳو.
عتبه بن ربيعه مارجي ويو.
شيبه به...
وليد به نه بچيو...
ابو جهل به ڪري پيو ۽ مري ويو.
ماڻهو هن جي واتان نالا ٻڌڻ سان ئي ڄڻ زمين ۾ گهڙندا پي ويا. ڄڻ ڪا اڻ ٿيڻي ٻُڌي رهيا هجن.
حطيم ۾ اُميه بن خلف جو پُٽ صفوان ويٺو سُڻي رهيو هو
چيائين
هي همراهه پنهنجي هوش ۾ ڪونهي...
نشي ۾ آهي... کانئس پُڇو
صفوان بن اُميه جو ڇا ٿيو؟
هڪ ڄڻي پُڇيو.
خبر ڏيندڙ ٻڌي صفوان ڏانهن هٿ جو اشارو ڪيو... هو ته گڏ ويو ئي نه هو، هوڏانهن حطيم ۾ ويٺو آهي.
هو ڏسو.
پر سندس پيءُ اُميه بن خلف منهنجي اکين جي اڳيان قتل ٿيو.
گهر گهر خبر پهچڻ لڳي
هر گهر ۾ ماتام مچي ويو.
سيدنا عباس جو گهر خوشيءَ سان ڀرجي ويو.
سيدنا عباس ته مصلحت خاطر پنهنجو ايمان لڪائي رکيو هو- پر سندس گهرواري اُم فضل ۽ ٻارڙا اعلانيه طور مسلمان هئا. سيدنا عباس جو هڪ غلام ابو رافع جيڪو پوءِ مديني ۾ آقا صلي الله عليھ وسلم جي غلاميءَ ۾ اچي ويو هو. زم زم جي کوهه وٽ ٺهيل هڪ حجري ۾ ويهي ڪاٺيون چيري اُن جي منهن ۾ لوهه جي اَڻي هڻي تير ٺاهيندو هو. اُن جو گهر سيدنا عباس جي گهر سان گڏ هو. اُم فضل خوشيءَ مان ٻَهڪندي ابو رافع وٽ آئي، ساڻس مسلمانن کي سوڀَ ملڻ تي خوشيءَ جو اظهار ڪيائين.
ٻنهي جون اکيون چمڪي رهيون هيون
سندن اکين ۾ تارا نچي رهيا هئا...
ايتري ۾ ابو لهب، لٿل مُنهن، ٻَرندر اکين سان پنهنجون ٽنگون گهليندو پنهنجي ڦيڦي ۽ بي ڊول بُت سان اچي پهتو. اڃا ڪا ڳالهه به نه ٿي هئي، جو ابو لهب جو ڀائيٽو ابو سفيان بن حارث به اُتي پهتو. هي ابو سفيان، آقا صلي الله عليھ وسلم جي سڀ کان وڏي چاچي، حارث جو پُٽ هو. سندس عمر آقا صلي الله عليھ وسلم جيتري هئي. ننڍي هوندي ۽ جوانيءَ ۾ آقا صلي الله عليھ وسلم سان دوستي هُيس. پر مَن جو صفا ميرو هو، ايمان نه آندو هئائين. شاعر به هو، پنهنجي تُڪ بنديءَ سبب آقا صلي الله عليھ وسلم کي ڏاڍو ستايو هئائين. اهو بدر جي جنگ کان موٽيو هو. ماڻهو کانئس خبرون چارون پُڇي رهيا هئا. هُن ابو لهب کي ايندي ڏٺو ته ان جي حجري ۾ آيو.
ابو لهب کيس هٿ جي اشاري سان سڏي پاڻ وٽ مُوڙي تي ويهاريو ۽ پڇيائين.
ڀائيٽا ٻُڌائي ڇا ڏٺئي-؟
ڇا ٿيو-؟
ابولهب جي سيني تي ڄڻ ڇُپَ رکيل هئي.
سوال پڇندي به ڄڻ آهه ٿي ڀريائين.
ابو سفيان بن حارث ڪنڌ جهڪائي ايئن گهمايو، جيئن اُکريءَ ۾ موهيلڙو ڦيري چٽڻي ٺاهبي آهي.
چيائين-
چاچا... عجيب ماجرا ڏٺم...
اسان جو هيڏو وڏو لشڪر هو.
سندن سامهون سڀ بي جان رڍون بنجي وياسين.
ٿورا مسلمان هئا...
اسان تي حاوي... مڪمل حاوي.
جنهن کي چاهيائون گجر- موريءَ وانگر ڪٽي ٿي ڇڏيائون.
جنهن کي ٿي چاهيائون، اُن جون ڇڪي ٻانهون ٿي ٻڌائون.
قيدي ٿي بنايائون.
آءٌ پنهنجن همراهن کي ملامت نٿو ڪريان... پر حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهه هيءَ هئي ته اسان جو مقابلو آسمان تان لٿل چٽڪمرن گهوڙن تي سوار اڻڄاتل مخلوق سان هو، هُنن جي سامهون بيهڻ ڏکيو هو.
ابو سفيان بن حارث سان گڏ اچي بيٺل سندس پُٽ مغيره بن حارث به اهو ئي ٻُڌائڻ لڳو.
اهي چٽڪمرن گهوڙن وارا الائجي ڪير هئا؟
تير ٺاهيندڙ چمڪندڙ اکين ۽ خوشيءَ سان ٽٻٽار سيدنا عباس جي غلام ابو رافع اهو ٻُڌو ته سندس وات مان بي اختيار نڪري ويو،
اهي ملائڪ هئا... ملائڪ.
ڀرسان ويٺل ابو لهب الائجي ڪهڙي ازل جي باهه ۾ سڙي رهيو هو، ابو رافع جي وات مان ملائڪن جو نالو ٻڌي، صفا باهه ٿي ويو ۽ ڀَرڪري هڪ زورائتو ٿڦڙ ابو رافع کي هڻي ڪڍيائين. ابو رافع ڪمزور ۽ ننڍي وهيءَ جو هو، پر ابو لهب جو ٿڦڙ کائي چيتي جيان گُڙيو. ابو لهب، ابو رافع کي کڻي دسيو ۽ هن جي ڇاتيءَ تي چڙهي ويهي رهيو ۽ مُڪن ۽ ٿڦڙن سان ابو رافع کي مارڻ لڳو. اُم فضل به ان ڪمري ۾ موجود هئي. تنهن جو اهو لقاءُ ڏٺو ته ڪاوڙ ۾ اچي ڀت سان رکيل هڪ ٿلهو ڏنڊو کنيو، جيڪو ڪنهن خيمي جي ٿوڻي هئي، جنهن جي هڪ سِري کي لوهه جي پٽي چڙهيل هئي، هن اهو ڏنڊو کڻي زور سان ابو رافع جي ڇاتيءَ تي ويٺل ابو لهب جي مٿي تي واهي ڪڍيو...
هڪ ئي ڌڪ سان ابو لهب جو مٿو ڦاٽي پيو...
رت ٺينڍيون ڪري وهڻ لڳس ۽ سندس بُڇڙي چهري ۽ ڏاڙهيءَ کي پُسائيندو سندس ڪلهن تائين آيو.
اُم فضل شينهڻ جيان لٺ کڻيو بيٺي هئي.
چيائين: هن گهر جو مالڪ ڪونهي... اُن ڪري تون هن کي مارينءَ پيو.
ابو لهب پنهنجو ڦاٽل مٿو جهلي، چڪرائيندو اتان نڪري ويو.
سندس زخم ناسور بنجي ويو.
زخم جي اندر الائجي ڪهڙو جراثيم اچي ويو، جو اهو ڇُٽي نه سگهيو.
اُلٽو سندس ڪنڌ جي پويان ڳنڍا ٿي پيا.
سندس ٻنهي بغلن ۾ به انگور جي داڻن جيتريون سخت ڳنڍيون اُڀري آيون.
هينئر پاڻ اهڙين ڳنڍين کي ”لمف نوڊ“ چئون ٿا.
بس اُن ڏينهن کان ست ڏينهن پوءِ.
ابو لهب مري ويو.
مُئل ابو لهب جو لاش سُڄي پيو-
چوڌاري ڌپَ پکڙجي ويئي.
سندس پُٽن مان ڪنهن به سندس لاش کي هٿ به نه لڳايو.
۽ ڀلا ڪير سندس ويجهو وڃي ها.
هو پنهنجن غلامن جي ذريعي هڪ بانس سان ٻڌي ابو لهب جي بدبودار لاش کي آباديءَ کان ٻاهر کڻي ويا. اُتي ويرانيءَ ۾ ڪنهن کڏ ۾ اُن ڦاٽل ۽ ڌپاري لاش کي ڦِٽو ڪيائون ۽ پريان بيهي پٿر کڻي لاش کي اڇليائون ۽ انهن پٿرن مان کڏو ڀري ڇڏيائون-
گويا ابو لهب مرڻ کانپوءِ پنهنجن ئي پُٽن هٿان سنگسار ٿيو.
خبر ڪونهي.
اُنهن پٿرن لڳڻ سان ڪيترا ڀيرا سندس ٻانهون ڀڳيون.
هو ڪيترا ڀيرا مري مري مئو.
هو جنهن جي مرڻ کان ڪيترا سال اڳ آسمان مان سندس انجام جي خبر لٿي هئي-
تَبَّتْ يَدَآ اَبِيْ لَهَبٍ وَّتَبَّ Ǻۭ مَآ اَغْنٰى عَنْهُ مَالُهٗ وَمَا كَسَبَ Ąۭ سَيَصْلٰى نَارًا ذَاتَ لَهَبٍ Ǽښ
ابو لهب جا ٻيئي هٿ ڀڄن ۽ هلاڪ ٿئي، نه ته سندس ڪو کيس ڪم آيو، نه وري اهو ڪم آيس جيڪو هن ڪمايو. هو جلد ئي ڀڙڪندڙ باهه ۾ داخل ٿيندو (سوره لهب)