بني قنيقاع مان ڇوٽڪارو
مديني ۾ يهودين جي ٽن قبيلن مان ’بنو قنيقاع‘ شهر جي اندر رهندو هو ۽ اهو ٽنهي يهودين قبيلن مان وڌيڪ شاهوڪار هو. اهي ٻني ٻارو نه ڪندا هئا، نه ئي وري سندن کجين جا باغ هئا. اهي هنرمند هئا، گهڻو تڻو سونارا هئا ۽ سونارڪو ڪم ڪندا هئا. هو سون، چاندي ۽ قيمتي پٿرن جا واپاري يا وري لوهه ۽ پتل جا ڪاريگر هئا، هٿيار ٺاهيندا هئا. ٿانوَ به ٺاهيندا هئا ۽ وياج جو ڪم ڪندا هئا.
وٽن پئسي ڏوڪڙ جي ريل ڇيل هئي.
اُن پئسي جي ڏڍ تي اهي ٻين يهودين قبيلن جي ڀيٽ ۾ گهڻي شرارت ڪندا هئا. مسلمانن تان ٽوڪون ۽ چٿرون ڪندا هئا. لکت ۾ ڪيل ٺاهه جي بار بار ڀڃڪڙي ڪندا هئا. ڪيترائي ڀيرا آقا صلي الله عليھ وسلم کين سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هُنن جون گستاخيون وڌنديون ويون.
رئيس المنافقين عبدالله بن ابي سلول ظاهري طور ته مسلمان ٿي چڪو هو، پر هو حد کان وڌيڪ مسلمانن جو دشمن هو. اُن بني قنيقاع جو حليف هو، انهن جي ئي ڏڍ تي اندر ئي اندر فتني ۽ فساد جا ٻجَ ڇٽيندو رهندو هو.
بدر جي جنگ کانپوءِ اهي همراهه سرعام اهو چوندا وتندا هئا ته اڻ تجربيڪار ماڻهن کي ماري ڪهڙو تير ماريو اٿن. اسان سان اٽڪن ها ته خبر پوين ها.
وٽن ست سئو ويڙهاڪ هئا، جن مان ٽي سئو زرهه پوش هئا. تلوارون، نيزا، ڀالا ته هو پاڻ ئي ٺاهيندا هئا، جن جو وٽن ججهو تعداد موجود هو. ان ڳالهه کين پاڻيءَ مان ڪڍي ڇڏيو هو.
آقا صلي الله عليھ وسلم کين هڪ ڀيرو ٻيهر سمجهائڻ ويا.
جنهن تي هو اُلٽو مڇرجي پيا ۽ چيائون.
”اي محمد (صلي الله عليھ وسلم) ڪنهن خود فريبيءَ ۾ مبتلا نه رهجو. قريشي ته اڻ ڄاڻ، اڻ تجربيڪار ۽ جنگ جي اصولن کان اڻ واقف هئا. اوهان کين ماري ڀڄايو ته ڪهڙا ڦاڙها ماريوَ. جيڪڏهن اسان سان مقابلو ڪريو ها ته اوهان کي خبر پئجي وڃي ها ته جنگ ڇاکي چئبو آهي ۽ اها ڪيئن وڙهبي آهي.“
يهودين جون اِهي گستاخيءَ واريون ڳالهيون سُڻي به آقا صلي الله عليھ وسلم خاموش رهيا ۽ خاموشيءَ سان هليا آيا.
هُنن سمجهيو ته اسان ڊيڄاري ڇڏيو آهي، تنهن ڪري هو وڌيڪ فتني خوري ڪرڻ لڳا. هڪ ڏينهن هُنن ڏاڍي بُڇڙي حرڪت ڪئي.
سندن بازار ۾ انصاري مسلمان کير وڪڻندڙ زائفان ڪجهه وٺڻ ويئي. هوءَ دڪان تي ويٺي ته هڪ يهوديءَ ان زائفان جا ڪپڙا پويان هڪ لڙڪندڙ ڏوريءَ سان چپ چپات ۾ اهڙي طرح ٻڌي ڇڏيا، جو هوءَ جڏهن اُٿڻ لڳي ته بي سَتر ٿي پيئي.
يهودين جا سڄي بازار ۾ ٽهڪ ٻُرائجڻ لڳا.
اُتي هڪ مسلمان به ويٺو هو.
هو ڪاوڙ مان اُٿيو ۽ ان يهوديءَ کي کڻي دَسيائين. جنهن تي بازار ۾ موجود سڀ يهودي مِڙي آيا ۽ مسلمان کي لوهي سيخن سان هڻي ماري وِڌائون.
فساد ته وڌڻو هو.
سو وڌي ويو.
مسلمان آقا صلي الله عليھ وسلم جي بارگاهه ۾ حاضر ٿيا. طئي ٿيل ”ميثاق مدينه“ موجب هر قضيي ۽ تڪرار جو فيصلو آقا صلي الله عليھ وسلم کي ئي ڪرڻو هو. پر يهودي آقا صلي الله عليھ وسلم جي عدالت جا انڪاري بنجي پنهنجي عهد تان ڦِري ويا.
آقا صلي الله عليھ وسلم کي آسمان مان حڪم جو اوسيئڙو هو.
حڪم اچي ويو.
”جيڪڏهن توکي ڪنهن قوم مان خيانت جو انديشو هُجي ته اُن معاهدي کي اعلانيه سندن آڏو ڦِٽو ڪر. پڪ سان الله خيانت ڪندڙن کي پسند نٿو ڪري [القرآن]
اُنهن ماڻهن هڪ ڏينهن هڪ ٻيو فتنو برپا ڪيو. مڪي مان آيل خط کي کڻي اُن جو سرعام ذڪر ڪرڻ لڳا. خط ۾ ’ابو سفيان بن حرب‘ کين لکيو هو:
”اوهين هٿيارن پنهوارن ۽ قلعن جا ڌڻي آهيو. تنهن ڪري اهو ضروري آهي ته اوهين سڀ اسان جي دشمنن سان وڙهو. نه ته اسين اوهان سان جيڪو ڪجهه ڪري سگهياسين، اهو ڪنداسين.“ [فتح الباري/ابو دائود]
هُئڻ ته ايئن کپندو هو ته اُن توهين واري ڌمڪيءَ کانپوءِ هو قريش جي خلاف اُٿي کڙا ٿين ها، جن کي هي ناتجربيڪار چوندا هئا. پر هو الٽو ان غلط فهميءَ ۾ اچي ويا ته قريش کين ڇوٽڪارو ڏياريندڙ سمجهي کين عربستان جي حڪمرانيءَ ۾ ڀاڱي ڀائيوار بنائي ڇڏيو آهي.
مسلمانن کي جنگ جو ڌڙڪو ڏيئي، هو پاڻ ئي قلعن ۾ بند ٿي ويهي رهيا ته قلعن ۾ ويهي وڙهنداسين.
اهو جمع جو ڏينهن هو.
شوال جي 15 تاريخ- 2 هجري بمطابق 15- اپريل 623ع.
اها بدر واري جنگ کان اٺاويهه ڏينهن پوءِ جي ڳالهه آهي.
آقا صلي الله عليھ وسلم فوج جو جهنڊو سيدنا حمزه عه کي ڏنو.
پاڻ سپاهين سان گڏ نڪتا ۽ ’بني قنيقاع‘ جي قلعن کي گهيري ورتائون. اهي جيڪي جنگي مهارت جون وڏيون وڏيون ڊاڙون ۽ ٻَٽاڪون هڻندا هئا، ڪنهن مسلمان کي هڪ رهنڊ به پائي نه سگهيا. ڊپ سبب پنهنجن گهرن ۾ ويٺا ڄڻ مينهن ۾ ڀنل ڪڪڙ ٿي ويا. سڀ امير هئا. جنگ جون اجايون ڳالهيون ڪرڻ، ٻٽا ڪون هڻڻ ۽ هٿيارن گڏ ڪرڻ جا شوقين هئا. جڏهن اصلي ويڙهاڪن کي پنهنجن قلعن جي ٻاهران شينهن جيان گُڙندي ڏٺائون ته پندرهن ڏينهن جي اندر ئي همت هاري ويٺا ۽ هٿيار ڦٽا ڪري پاڻ کي آقا صلي الله عليھ وسلم جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏي ڏنائون.
عهد ڀَڃڻ جي سزا خود سندن پنهنجي ڪتاب توريت ۾ لکيل هئي.
سندن حليف منافقن جو اَبو ’عبدالله ن ابي سلول‘ سندن مدد لاءِ ڊوڙندو آيو ۽ آقا صلي الله عليھ وسلم کي چوڻ لڳو: هنن مون سان هر ڏکئي وقت ۾ ساٿ ڏنو آهي،آءٌ کين قتل ٿيڻ نه ڏيندس، سندن جان بخشي وڃي. آقا صلي الله عليھ وسلم ڪوبه جواب نه ڏنو. مُنهن ڦيرائي ڇڏيائون ۽ ٻيهر سامهون آيو ۽ آقا صلي الله عليھ وسلم جي ڪلهي تي هٿ رکيائون.
آقا صلي الله عليھ وسلم فرمايو
”هٿ هٽائي.
تنهنجي خاطر اُنهن سڀني کي بخشي رهيو آهيان، پر سڀني کي جلاوطن ٿيڻو پوندو. پاڻ سان ڪوبه هٿيار پنهوار نه کڻندا.“
آقا صلي الله عليھ وسلم سعد بن عباده کي حڪم ڏنو ته کين مديني جي حدن مان تڙي ٻاهر ڪڍو. حڪم جي تعميل ٿي.
هو سڀ پنهنجو سون چاندي پاڻ سان گڏ کڻي ويا. پهرين هو شام طرف ويا. اُتان کان پوءِ ’ازرعات‘ ۾ وڃي ٽڪيا. سندن گهرن ۽ قلعن ۾ پيل هٿيارن ۽ پنهوارن جو وڏو ڍڳ مسلمانن کي هٿ لڳو، جن ۾ تلوارون، ڍالون، زرهون، زيور ٺاهڻ وارا اوزار ۽ ٽين جا ٿانوَ ٺاهڻ جا اوزار شامل هئا. سندن وڃڻ سان انصارن ۽ مهاجرن جون مالي حالتون بدلجي ويون.
آقا صلي الله عليھ وسلم جي گهر ۾ اهو جنڊ
اهي ئي ٻه پيالا.
اهو ئي کجين جي ڦڙن وارو بسترو.
آقا صلي الله عليھ وسلم پنهنجي رهڻي ڪهڻي ساڳئي رکي.
هٿيارن جي ورهاست ٿي ته آقا صلي الله عليھ وسلم جي حصي ۾ ٽي ڪمانون آيون. انهن جا نالا هئا: ڪتوم، روحاء ۽ ٽي بيضا- ٻه زرهون صخديه ۽ فضه به آقا صلي الله عليھ وسلم جي حصي ۾ آيون. ٽي تلوارون به آقا صلي الله عليھ وسلم جي حصي ۾ آيون، جن مان ٻن جا نالا هئا قلعي ۽ بتار ۽ ٽيءَ جو نالو رڪارڊ تي ڪونهي. آقا پنهنجي لاءِ ٽي نيزا به چونڊيا.
مديني جا مسلمان ٽن يهودي قبيلن مان هڪ قبيلي جي شَر کان محفوظ ٿي ويا. اڃا ٻه شرارتي قبيلا مديني ۾ هئا.