بدر جي جنگ
ٽي مهينا اڳ آقاﷺ ابو سفيان جي شام ويندڙ، جنهن قافلي جو ’عشيره‘ تائين تعاقب ڪيو هو، پر اهو هٿ نه لڳو هو. هاڻ اُن ئي قافلي جي ڪنهن به مھل شام مان واپسي ٿيڻي هئي.
اچڻ مھل مديني جي اتر ۾ ڪيترائي رستا هئا.
پر اُن قافلي جو هر رستو مديني کان 150 ڪلوميٽر مڪي ڏانهن بدر مان ٿي لنگهندو هو.
بدر هڪ ساڍن چئن ۽ ساڍن پنجن ڪلوميٽرن جو بيضوي ميدان هو. جنهن جي ريتي ٻنهي ڪنارن تي گڏ ٿي دڙا ٺاهيندي هئي. قرآن ۾ سوره انفال ۾ خدا جنگ جا خد و خال ۽ لڙائي جا طريقا ٻڌائي انهن دڙن کي قريبي ۽ پري جا دڙا چيو.
بدر جي ان ئي صحرائي ميدان جي ٻنهي پاسن وڏا پھاڙ هئا.
اُنهن پھاڙن جي وچ ۾ ريگستاني ميدان سان گڏ هڪ وڏي خشڪ بنجر جابلو ٽڪري آهي، جيڪا ’جبل اسفل‘ سڏجي ٿي. ان ٽڪريءَ تي چڙهبو ته ڏکڻ اولھه ۾ ڏھ ميل پريان پکڙيل ڳاڙهي سمنڊ جو نيرو پاڻي صاف نظر ٿو اچي.
بدر جي ريتيلي ميدان ۾ ڪيترائي کوھ ۽ باغ آهن.
اُتي واپاري قافلا ترسندا هئا.
ان زماني ۾ اتي پهرين ذيقعد کان اٺين ذيقعد تائين اٺن ڏينهن جو هڪ ميلو لڳندو هو. اُتي ڀرسان ئي بنو ضمره وارا آباد هئا.
آقاﷺ شام، بدر ۽ مڪي ڏانهن اڳ ۾ ئي جاسوس موڪليا هئا.
شام طرف سيدنا طلحه بن عبيدالله ۽ سيدنا سعد بن زيد موڪليا ويا هئا. ۽ بدر ڏانهن سيدنا لبسبس بن عمرو جھني روانا ڪيا ويا هئا. مڪي ڏانهن عدي بن ابي الزغبا کي روانو ڪيو ويو هو.
اها 12 هين مارچ 623عيسوي بمطابق 12 رمضان سن 2 هجري آچر جي ڏينهن جي ڳالهه آهي، جو ٻنپھرن ڌاري بدر ڏانهن موڪليل جاسوس لبسبس ڊوڙندو مسجد نبويءَ ۾ آيو. آقاﷺ سان اڪيلائيءَ ۾ ڪا ڳالهه ڪيائين، جيڪا ٻڌندي ئي آقاﷺ فرمايو :
”جن وٽ سواريون هِتي موجود آهن، اهي اسان سان هلن“.
لڳو ٿي ته گهڻي تڪڙ هئي
چراگاھ مان اُٺن آڻڻ جو وقت ئي نه هو.
جيڪا مديني کان ٻاهر اُٺن ملن ۾ پکڙيل هئي.
ماڻهن کي ميڙڻ ۾ به وقت لڳي ٿي سگهيو
ڪجهه ماڻهن کي مديني مان اوچتو روانگي سمجهه ۾ نه آئي
قرآن به تصديق ڪئي.
”توکي تنهنجي رب صحيح سبب جي ڪري ٻاهر ڪڍيو، جيتوڻيڪ ايمان وارن جو هڪ گروھ اُن مان خوش ڪونه هو.“
صحابين کي به خبر نه هئي ته ڪيڏانهن هلڻو آهي.
سفر جي تياري ۽ سفر جو سامان به مناسب نه هو
اڳ ۾ ايئن ٿيندو هو ته سفر جي لاءِ مديني مان ٻاهر نڪرڻ مھل ڪنهن جاءِ تي ترسي انتظامن جو جائزو ورتو ويندو هو.
ساٿي ساريا ويندا هئا.
سواريون ڳڻيون وينديون هُيون
ايئن هڪ ميل ٻاهر اچي، ”بيئر ابي عقبه“ نالي کوھ تي ترسيا.
اُٺن کي پاڻي پياريائون-
ماڻهن به پاڻي پيتو
روزا ته ڀڳا ويا. جو سفر تي روانا ٿيا هئا.
پخالين ۾ پاڻي ڀريائون، سيدنا قيس بن صمحه کي کوھ تي بيهاريو ويو ته هو سوارين ۽ ساٿين کي ڳڻي.
ڳڻپ ٿي
خبر پئي ته 313 ڄڻا آهن.
74 مهاجر
229 انصاري
313 جي اُن سڄي گروھ وٽ رڳو ستر اُٺ ۽ ٻه گهوڙا هئا.
هڪ گهوڙو سيدنا مقداد جو ۽ ٻيو زبير بن عوام جو.
ست ننڍي عمر وارا ٻارڙا به گڏ ِآيا هئا.
آقاﷺ حڪم ڏنو ته ٻارڙا واپس وڃن.
سورهن سالن جو عمير بن ابي وقاص حڪم ٻُڌي روئڻ لڳو.
کُڙين تي اُڀو ٿي بيٺو ۽ چهرو لڙڪن مان ڀري ڇڏيائين
آقاﷺ کي رحم اچي ويو.
گڏ هلڻ جي اجازت ڏنائون.
اُن سفر ۾ به امن جو اڇي ڪبوتر جهڙو جهنڊو روايت موجب قائم رکيو ويو. جيڪو عَلم بردار قبيلي عبدالدار جي شهزادي سيدنا مصعب بن عمير جي هٿ ۾ هو. پر هن ڀيري پهريون ڀيرو ٻه ڪارا جهنڊا به کنيا ويا هئا. جيڪي سپاهين جي ٻنهي طرفن جي اڳواڻن وٽ هئا.
پهرين ڪاري جهنڊي تي عقاب ٺهيل هو
اهو عقاب وارو جهنڊو سيدنا عليءَ کي ڏنو ويو.
ٻيو ڪارو جهنڊو ”اوس“ جي سردار سعد بن معاذ کي مليو.
ستن اُٺن ۽ ٽي سئو تيرهن سوارين جي ڪري ماڻهن جا ٻه گروپ بنايا ويا. چئن چئن ماڻهن جي حصي ۾ هڪ سواري آئي. جنهن گروپ ۾ آقاﷺ هئا، سيدنا علي به اُن ۾ هو. باقي ٻه ڄڻا به سيدنا علي وانگي اصرار ڪري رهيا هئا ته الله جا رسول اوهان نه لھو. اسين پنڌ ٿا هلون.
پر چوونجاھ سالن جو آقاﷺ ته مُجسم عدل هئا.
فرمايائون .
”نه اوهان ۾ مون کان وڌيڪ هلڻ جي سگهه آهي ۽ نه آءٌ اوهان کان وڌيڪ خدا جي اَجر کان بي نياز آهيان.“
سفر جاري رهيو
تيز
وک وک سان ملائي.
وادي عتيق، ذوالحلفيه، ذات الجيش، تربان، ملل، غميس الحمام ۽ الساليه کان ٿيندا فهج الروحا جي کوھ تائين پھتا. پوءِ پاڻ سڳورا شنوڪر ۽ عرق الظبيه مان لنگهي سجسج پهچي ترسيا. ان ڳوٺ کي ’الروحا‘ به چيو ويندو هو. هتي پاڻ سڳورن ابو لبابه بن عبدالمنذر کي ابن مڪتوم جي جاءِ تي پنهنجو نائب ڪري مديني روانو ڪيو. پوءِ وادي رحمان مان لنگهندي، جڏهن السفر جي ڀرسان پھتا ته بنو ساعد جي حليف پنهنجي جاسوس لبسبس بن جھني ۽ بنو نجار جو حليف عدي بن ابي رعنا کي بدر ڏانهن وڌي ابو سفيان بن حرب جي قافلي جي تازي خبر آڻڻ جي لاءِ موڪليو.
الصفرا جي کاٻي پاسي کان لنگهي ”ذفران“ جي ويجهو ترسڻ مهل هڪ نئين خبر ملي ويئي.
خبر به اهڙي جنهن کي شروع ۾ پهرين نه ته آقاﷺ جي ساٿين سچ سمجهيو ۽ وري ذهني طور تي ان کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سوچي گهران نڪتا هئا. پر آقاﷺ جي پيرويءَ ۾ ته هو ڪنهن به طوفان سان ٽڪرائجڻ جي لاءِ تيار هئا.
خبر اِها هئي ته ابوسفيان جي واپاري قافلي کي بچائڻ جي لاءِ مڪي مان هڪ وڏو جنگي لشڪر نڪري چڪو آهي ۽ اُن جو رخ به بدر ڏانهن آهي.
ڳالهه هيءَ هئي ته ابو سفيان پنهنجي اُن واپاري قافلي ۾ مڪي جي هر گهر تي اهو لازمي ڪري ڇڏيو هو ته مڪي جو هر مرد، هر عورت ان قافلي جي لاءِ سيڙپ ڪري. ۽ اُن مان ايترو ته فائدو حاصل ڪيو وڃي، جو ان مان اٺ، گهوڙا، تراڙيون، زرهون، ڍالون، نيزا، ڀالا ۽ ٻانها خريد ڪري مديني تي هلان ڪئي وڃي ۽ مسلمانن کي نيست و نابود ڪيو وڃي.
تاريخ جي صفحن ۾ پوءِ ابوسفيان اهو مڃيو ته مون اهو چيو هو .
”قريش جو هر فرد، مرد توڙي عورت بانس جيترو به نش يا جيڪو به هجي، اهو قافلي جي لاءِ ڏي.“ ]طبقات ابن سعد[
نش سون جي اڌ اوقيه جيترو يا ويهن درهمن جو هوندو آهي.
اُن ماليت ۾ چانديءَ جا سڄا سارا چار تولا ايندا هئا.
ايئن اُن قافلي ۾ مجموعي طور تي پنجاھ هزار دينار ن جي سيڙپ ٿيل هئي.
اُن زماني ۾ ايتري ماليت ۾ ارڙهن هزار ست سئو پنجاھ تولا نج سون ملندو هو.
اهو مڪي جي تاريخ ۾ سڀني کان مَهنگو ۽ سنهري قافلو هو.
اُن قافلي سان ستر زرھ پوش جوانن جو دستو هو.
ايڏي موڙيءَ وارو قافلو، جنهن ۾ هڪ هزار اٺن تي سامان لڏيل هجي.. ابو سفيان به غافل نه هو ۽ هن به پنهنجا جاسوس ڀرپاسي ڊوڙايا هئا.
تياريون ڪيون هُئائين
معاملا کُلي جنگ هئا.
جنگ ۾ ڪير ٿو ڪنهن کي پنهنجي پاڻي، پنهنجن صحرائن يا پنهنجي ڀرسان گذرڻ ڏي. خاص طور تي اهڙا قيمتي لاجسٽڪ خزانا، جنهن جو مقصد دشمن کي تباھ ڪرڻ هجي.
هن واپسي تي ٻيڻو.. ٽيڻو بندوبست ڪيو هو.
رستي ۾ جوڻيت مقرر ڪيا هئا.
مديني جي منافقين ۽ يهودين کان آقاﷺ جي چُرپر جي خبر وٺندا رهندا هئا.
کين اهو پتو پئجي چڪو هو ته آقاﷺ پنهنجي ساٿين سميت روانا ٿي ويا آهن، ته هڪ خاص جاسوس کي واويلا مچائڻ جي لاءِ تيز رفتاريءَ سان مڪي موڪليائون.
اُن جو انعام ابو سفيان اڳواٽ ڏئي ڇڏيو هو.
20 مثقال سون، جيڪو ساڍا ست تولا سون ٿو ٿئي.
اُن جي ذميداري اها هئي ته هو خوف ۽ هراس پکيڙي
هيجان پيدا ڪري
مڪي جي سڄي فوجي سگهه کي تيزيءَ سان بدر تائين وٺي اچي.
هو پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب رهيو.
ان جو نالو ضمضم بن عمرو هو
مڪي جا سڀئي سردار پنهنجن قتل گاهن ڏانهن نڪري پيا.
هنڌ اهوئي هو
بدر..
بدر جي جنگ ۽ عاتڪه جو خواب
اڃا ابوسفيان بن حرب پاران مڪي مان جنگي لشڪر کي گهرائڻ جي لاءِ موڪليل ضمضم بن عمرو غفاريءَ جي مڪي ۾ پهچڻ ۾ ٽي ڏيهاڙا هئا، جو هڪ عجيب واقعو پيش آيو.
مڪي ۾ ٽِڪيل آقاﷺ جي پُڦي عاتڪه هڪ خواب ڏٺو
خواب ڀَوائتو هو
هوءَ هَڄي وئي
پنهنجي ڀاءُ سيدنا عباس کي هٻڪندي هٻڪندي اهو خواب سُڻايائين.
اُن سان گڏ تاڪيد ڪيائينس
ته ڪنهن کي نه ٻُڌائج
متان ڪو مذاق نه اُڏائي
خواب سُڻي سيدنا عباس به ڇرڪي پيو
خواب هو به اهڙو،
خواب ۾ ڏٺائين ته هڪ عجيب اُٺ سوار آيو آهي. ابطخ جي هنڌ تي اُٺ جهليائين، پوءِ واڪا ڪرڻ لڳو.
اي آل غدر، ٽن ڏينهن جي اندر پنهنجن قتل گاهن ڏانهن هلو.
ماڻهن ۾ ڀَڄ ڍُڪ مچي ويئي هن جي چوڌاري مِڙي ويا.
پوءِ هو پنهنجو اٺ وٺي مسجد حرام ويو.
ميڙ گڏ هئس. اُٺ کي ڪعبي جي ڀت سان بيهاريائين
پوءِ وري اهوئي آواز ڏنائين
پوءِ جبل قيس جي چوٽيءَ تي بيٺل نظر آيو.
اُتي به سڏيائين
هُن جي سڏ ۾ عجيب قسم جي رڙ هئي.
جنهن سان هڏين تان گوشت لهندي محسوس ٿيو.
اهڙو ڊيڄاريندڙ آواز ٻُڌي هوش ئي اُڏي وڃن. پوءِ هن جبل جي چوٽيءَ تان هڪ پٿريلي ٽڪري مڪي جي بستيءَ ڏانهن لڙڪائي، ٽڪري گسڪندي آواز پيدا ڪندي جبل جي ڀڪَ ۾ ڪِري ته ڌماڪي سان ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويئي، سنگلاخ نوڪدار پٿر اُڏيا ۽ مڪي جي هر گهر مٿان اچي ڪريا.
ڪوبه گهر سلامت نه بچيو
عاتڪه اهو خواب ٻُڌائي ڏڪندي چيو
ڀائڙا! مونکي لڳي ٿو ته تنهنجي قوم تي ڪا مصيبت اچڻ واري آهي. پر تون ڪنهن سان اُن جو ذڪر نه ڪجائين.
سيدنا عباس ڀيڻ جي تاڪيد تي ڪنڌ ڌوڻيو. پر اندران ڏڪي ويو.
کيس سمجهه ۾ نه آيو ته ڇا ٿيڻ وارو آهي.
اهو سوچيندي هو پريشانيءَ وچان وڃي رهيو هو، جو وات تي وليد بن عتبه ملي ويس.
هُن پڇيس: ابو فضل ايترو ماٺ ڇو آهين؟
وراڻيائين نه پُڇين ته چڱو
پر هُن زور ڀريس ته ٻڌاءِ،
هُن کيس عاتڪه جو خواب ٻڌائي ڇڏيو.
اُن سان گڏ اها به تاڪيد ڪيائينس ته ڪنهن سان ذڪر نه ڪجائين.
وليد اها ڳالهه وڃي پنهنجي پيءَ عتبه بن ربيعه کي ٻڌائي
ايئن ڳالهه پکڙجي ويئي.
ٻن ڏينهن کانپوءِ سيدنا عباس مسجد حرام ويو ته ڏٺائين ته اُتي ابوجهل ڪانڀ ٻڌيو مَنڊلي مچايو، ان خواب تي پيو ڳالهائي
سيدنا عباس کي ڏسندي ئي چيائين
”اي بني عبدالمطلب
تنهنجي مرد تي نبي هئڻ جي دعويٰ ڪئي آهي ۽ هاڻ اوهانجون عورتون به نبياڻيون بنجڻ لڳيون آهن.“
سيدنا عباس کيس گهري نظر سان ڏٺو ۽ چپ رهيو
ابوجهل جي زبان ڪئنچيءَ وانگر هلندي هئي.
چيائين
ڏس ابوالفضل
خواب ۾ ٽن ڏينهن جي مدت چيل آهي نه، اڄ ٻه ڏينهن ٿي ويا آهن، سڀاڻي ٽيون ڏينهن آهي، جيڪڏهن سڀاڻي تائين تنهنجي ڀيڻ جو ٻُڌايل اُٺ وارو نه آيو ته آءٌ هڪ لکت لکرائيندس. جنهن ۾ لکرائيندس ته سڄي عربستان ۾ تنهنجو ڪٽنب ’بنو هاشم‘ سڀني کان وڌيڪ ڪوڙو آهي. اها لکت ڪعبي جي ڀت تي ٽنگيندس.
سيدنا عباس پوءِ به چُپ رهيو.
گهر آيو ته گهر ۾ ڳالهه ڪيائين
ٻُڌئون ته کيس گهيري ورتائون.
تنهنجي غيرت ڪٿي مري ويئي هئي.
اُن سوئر ۾ ايتري همت جو هو تنهنجي ڀيڻ ۽ عورتن جي باري ۾ ايئن ڳالهائي ۽ تون ماٺ ۾ رهين.
سيدنا عباس کي به ڪاوڙ آئي ۽ پنهنجي خاموشيءَ تي ڦِڪائي ٿيس. ٻي ڏينهن هو پنهنجي اندر ۾ اها ڪاوڙ سانڍي حرم ۾ ويو ته اڄ ابوجهل کي ست سُريون ٻُڌائيندس.
ابوجهل سامهون بيٺو هو.
پر هو سيدنا عباس ڏانهن ڏسڻ جي بدران مسجد حرام جي دروازي ڏانهن ڏسي بد حواس ٿي وٺي ڊوڙيو
هيڏانهن ابو سفيان جو اُماڻيل ضمضم بن عمرو پنهنجي اُٺڻ تي ويٺو اُبتي قميص پايو، وارن کي پَٽي، پنهنجي ڇاتي ڪَٽيندي، چرين جيان رانڀاڙ ڪري چئي رهيو هو.
بچايو
بچايو
ابو سفيان جي قافلي تي حملو ٿي ويو.
اوهين سڀ لُٽجي ويا.
مارجي ويا.
هُن پنهنجي اٺڻ جون ناسون به چيري رتو رت ڪري ڇڏيون هُيون. اٺڻ جا ڪَن چيريل هئا، پنهنجي ۽ اُٺڻ جي منهن تي رت مَکيل هئس، مٿي ۾ مٽي ۽ واري وڌل هُيس.
ماڻهو ڊپ ۾ مِڙڻ لڳا.
قريشن کي عاتڪه جو خواب وسري ويو.
اچي قافلي بچائڻ جي هوري لڳين.
اُن قافلي تي هر ڪنهن جو پئسو سيڙيل هو.
ابوجهل هڪدم ڪمان سنڀالي ورتي.
لشڪر تيار ڪريو
هلو جلدي ڪريو، دير نه ڪريو.
سڀ قريش سردار تيار ٿي ويا.
ڪوبه پوئتي نه رڪيو.
مجبوريءَ جي حالت ۾ بني عبدالمطلب کي به گڏ نڪرڻو پيو. اُن وچ ۾ سيدنا عباس جيڪو آقاﷺ جو ڳجهو سپلائي ماسٽر به هو، هڪ همراھ کي آقاﷺ ڏانهن ڊوڙايو ۽ پاڻ مجبوريءَ ۾ لشڪر سان روانو ٿيو.
ابو لھب بدنيت هو.
ٿلهو ۽ وڏي عمر جو
پاڻ ته نه وڃي سگهيو پر پنهنجي جاءِ تي پنهنجي هڪ قرضيءَ کي، جنهن تي چار هزار درهم گهرندو هو، اهو چئي روانو ڪيائين ته منهنجي طرفان محمد (ﷺ) سان وڃي وڙھ ته تنهنجو قرض معاف. اهو همراھ تيار ٿي ويو.
اهو ابوجهل جو ڀاءَ عاصي بن هشام هو
اُميه بن خلف به تيار ته هو
پر اندر ۾ ڊنل هو.
جنهن ڏينهن ڪعبي جي احاطي ۾ مديني مان آيل اوس جي سردار سعد بن معاذ ابو جهل جي ڌڙڪي جي جواب ۾ نهايت وڏي آواز ۾ کيس للڪاري چيو هو ته هاڻ اسانجي شهر جي ڀرسان قافلو لنگهائي ته ڏيکار ته ڀرسان بيٺل اُميه بن خلف، سعد بن معاذ جو ڪلهو جهلي چيو هو، ”هوريان ڳالهاءِ! هي ابوالحڪم اسان جي سردارن مان آهي“ ته سعد بن معاذ، اميه بن خلف جو هٿ اڇليندي چيو هو : لڳي ايئن ٿو ته تنهنجي باري ۾ آقاﷺ جيڪو چيو هو ۽ اهو ئي ٿيڻون آهي.
اُميه بن خلف پريشان ٿي ويو
کيس خبر هئي ته آقاﷺ جو چيو ٽري نٿو سگهي
هن سڄي عمر ڪڏهن ڪوڙ نه ڳالهايو آهي.
اُن ڏينهن ابوجهل ته رستي تان هٽي ويو، پر اُميه بن خلف، سيدنا سعد بن معاذ سان ضد ڪرڻ لڳو.
منهنجي باري ۾ تنهنجي آقا ڇا چيو هو، جيڪو ٿيڻون آهي؛
سعد بن معاذ کي ڪوڙ ڳالهائڻ نه ايندو آهي.
سچ ڳالهايائين
چيائين، آقاﷺ چيو هو ته
”تون به سندس ئي ساٿين جي هٿان مرندين.“
اُميه ته اُن ڏينهن ئي مري ويو هو.
ڏسڻ ۾ ته ٿلهو متارو
پر اندر ۾ ڄڻ سُرو لڳي ويس.
گهر اچي سڄي ڳالهه زال کي سُڻايائين
ان ڏينهن جڏهن ماڻهو ڊوڙندا پنهنجن گهرن ڏانهن ويا ته جيئن زرهون پائي، تلوارون، نيزا، ڀالا ۽ ڍالون کڻي لشڪر ۾ وڃڻ جي لاءِ نڪتا ته اُميه بن خلف جي زال، دروازي کي جهلي بيهي رهي.
چيائينس.
پنهنجي اُن يثربي دوست جي ڳالهه وساري ڇڏيئي ڇا؟
ڇو پيو مرڻ وڃين.
خبر به اٿئي ته محمد (ﷺ) جيڪو چوندو آهي، سو ٿيندو آهي.
هن پاڻ به وڃڻ نه پي گهريو
حرم ۾ سِگهريءَ ۾ لوبان ٻاري ويهي رهيو.
عقبه ابن معيظ چٿر ڪندي چيس. جيڪڏهن قومي جنگ ۾ وڃڻون نه اٿئي ته بازاري رنن وانگر پنهنجا ڪپڙا کولي پَڙو پکيڙي ويهي بُت کي واس ڏي.
اهو ٻڌي اُميه بن خلف سگهريءَ کي لت هنئي،
گهر اچي تراڙ کنيائين ۽ زالهنس جي جهلڻ جي باوجود به اچي لشڪر ۾ پهتو.
ٽن ڏينهن جي تياري ۾ تيرهن سون جو لشڪر تيار ٿي ويو.
هڪ سئو گهوڙا
اُٺن جو ته ڪو ڳاڻيٽو ئي نه هو.
ايترا اُٺ ته مسلمانن وٽ به نه هئا، جيترا هنن رستي ۾ ڪُهي کاڌا، قريش جي نون معزز ماڻهن اُن لشڪر جي هر پڙاءُ ۾ کاڌي پيتي جو بندوبست ڪيو. ابوجهل پهريون پڙاءَ ’مرالظهران‘ ۾ ڪيو .
خيما کوڙجي ويا.
ديڳيون ڌَمجي ويون.
لشڪر جو پهريون ميزبان خود ابوجهل هو. جڏهن اُن دعوت جي لاءِ اُٺ ڪٺا پي ويا ته هڪ اٺ زخمي حالت ۾ تڙپندو وٺي ڀڳو. هن جي ڪٽيل ڳچيءَ جي ڪنهن نس مان رت جي پچڪاري نڪري رهي هئي. هو تڙپندو، ڪرندو پنهنجي زندگيءَ جي آخري ڊوڙ ۾ قريش جي خيمن طرف نڪري آيو. رت سندس زخم مان ڦوهارا ڪري وهي رهيو هو. اُن جا ڇنڊا قريشن جي سڀني خيمن تي لڳا، ڪوبه خيمو بي داغ نه رهيو.
اهڙو ئي هڪ هڪ خواب هڪ رات اڳ اُن سفر ۾ ’جهيم بن احلت‘ ڏٺو هو، ابوجهل سندس به مذاق اُڏايو. ڇو ته هو بنو عبدالمطلب مان هو.
بنو عدي ته اهوواقعو ۽ ٻيئي خواب ٻڌي واپس موٽي ويو. اهو سيدنا عمر بن خطاب جو ڪَٽنب هو، جنهن جي ڪنهن به فرد بدر جي جنگ ۾ قريش جو ساٿ نه ڏنو.
قافلو عسفان پهتو
ته دعوت ٿلهي ۽ ڊنل اُميه بن خلف پاران هئي.
قديم هنڌ تي ٽي ڏينهن سهيل بن عمرو ٻيهر پنهنجا اٺ ڪهي لشڪر کي کارايا.. اُتي ئي شام جو شيبه جي ڀاءُ عتبه بن ربيعه پنهنجا اٺ ڪٺا. ان کانپوءِ سيدنا عباس به سندن پيٽ ڀريو. ڳجهي ايجنسي جي ڊيوٽيءَ ۾ دشمن کي دوست ٺاهي رکڻ جي قيمت ته ڏيڻي پوندي آهي. ۽ کين کارائڻو ۽ پيارڻو پوندو آهي. اهو لشڪر جڏهن بدر پھتو ته ابوالبختري سندس کاڌي پيتي جو بندوبست ڪيو.
ايئن هو دعوتون کائيندا هَٺ ۽ آڪڙ مان پنهنجي شان ۽ شوڪت ڏيکاريندا بدر پهتا.
هو جڏهن وادي عسفان ۽ قدير اڪري جحفه تائين پهتا ته کين ابو سفيان جو نياپو به اچي مليو.
قافلو بچائي، هُنن کان پري وٺي آيو آهيان.
هاڻ خطرو ڪونهي
تنهنڪري واپس موٽي وڃو.
آقاﷺ جي ناناڻي آڪهه جا قريشي بنو مروه وارا ٽي سئو هئا.
اُنهن جي سردار اخنس بن شريف صاف چئي ڇڏيو.
اسين جنهن قافلي کي بچائڻ جي لاءِ آيا هئاسين، اهو ته بچي نڪري ويو آهي.
هاڻ اڳتي وڃڻ جو ڪهڙو فائدو
ابوجهل ڀَڀڪي ڏني
اسين سندن ٻيڙو ٻوڙي ڇڏينداسين
سڄي علائقي ۾ اسانجي هاڪَ مچي ويندي.
بدر جي ميدان ۾ موج ميلا ڪنداسين
رنڊيون اسان سان گڏ آهن
ناچ گانو ٻُڌنداسين
هنن جا اُٺ جهلي رڌي کائينداسين
اسين ته واپس ڪونه مُڙنداسين
بنو زهره وارن ابوجهل جي هڪ به نه ٻُڌي
سندن سردار اشارو ڪيو
قبيلي جا ٽي سئو جوان پنهنجن اٺن، گهوڙن ۽ هٿيارن پنهوارن سان مڪي موٽي ويا. شايد آقاﷺ جي امڙ سيده آمنه جي قبيلي مان ٽڪر الله کي پسند نه هو. ان قبيلي جو هڪ فرد به بدر جي جنگ ۾ نه هو.