راهب بحيريٰ
اهو گرمين جي شروعاتي ڏينهن مان هڪ گرم ڏينهن هو.
نيڻ نهار تائين پکڙيل صحرائي واري جي ڍڳن تي اُس تِرڪندي تِرڪندي ٿڪي پيئي هئي، سج هوريان هوريان اولهه ۾ لهڻ شروع ٿي ويو هو. اهو عيسائي سلطنت روم جي ڏن ڀَرو مملڪت شام جو سرحدي شهر بحريٰ هو، اڄڪلهه بصريٰ اردن ۾ سرحد کان 19 ڪلوميٽر اتر طرف آهي. بصريٰ جي معنيٰ آهي ”اوچو قلعو.“ اوچائيءَ تي موجود ان کي بصريٰ و شام به چوندا آهن. قبائلي ان کي ”ادومڪا“ ۽ ”بصوراه“ چوندا هئا. اهو هنڌ دمشق کان 150 ڪلوميٽر اولهه ۾ آهي.
ان زماني ۾ اهو واپاري شهر هو، مڪي جا واپاري قافلا دمشق ۽ قيصر جي گاڌي واري هنڌ قسطنطنيه ويندي، ستٽيهه، اٺٽِيهه ڏينهن جي مسافري کانپوءِ بصريٰ پهچندا هئا. ان جي اوڀر ۾ حيره مان ايندي به قافلا اتي ئي اچي ڊاٻو ڪندا هئا. حيره، ايران ۽ شام جي وچ ۾ ويرانين جي شاهوڪار ڏن ڀرو رياست هئي.بصريٰ جي اولهه ڏکڻ ۾ فلسطيني شهر غزه کان حيره ۽ فارس ڏانهن ايندڙ قافلا به اتي ئي ترسندا هئا.. انهن سڀني واپاري قافلن جي پڙاءُ جي ڪري بصريٰ ڇهين صدي عيسوي جي اٺين ڏهاڪي ۾ هڪ خوشحال ۽ پُرامن وسندي هئي، وڏا ويڪرا ريتيءَ سان جڙيل رستا ۽ گهٽين جي ٻنهي پاسن نفيس تراشيل پٿرن جي بلاڪن سان ٺهيل اوچن گهرن جا ويڪرا اڱڻ ۽ ڀتين ۾ گول اُوچا محراب هئا. ان ئي وسنديءَ جي ريگستان طرف مڪي کان رستي جي سامهون شهر کان ٻاهر هڪ اوچو ٽه ماڙ باسليق مخروطي دارالقضا هو. ان جي اندر هڪ سڳوري درگاهه هئي.
درگاهه، حضرت عيسيٰ عليه السلام جي هڪ سڳوري حواري ’سينٽ برجيس‘ سان منسوب هئي.
درگاهه سان گڏ ديول جي هڪ وڏي عمارت هئي.
پيڙهين کان اُن ۾ عالم فاضل راهب رهندا هئا.
اُنهن ڏينهن اتي هڪ اُجري من وارو سوچ ويچار ۾ ٻُڏل رهندڙ هڪ عيسائي راهب بحيريٰ رهندو هو. وٽس ستن پيڙهين کان ايندڙ علمي خزانا هئا، جنهن جي ڪري هو عربستان ۾ ٿيندڙ هر علمي ۽ روحاني انقلاب کان واقف هو. سندس ڪتاب اُن ٿيندڙ عظيم روحاني تبديلي جي خبر ڏيئي رهيا هئا.
اُن ڏينهن هو پنهنجي ديول جي ڀت تي چڙهي صحرا مان ايندڙ اُٺن جي هڪ قافلي کي ڌيان سان تڪيندو رهيو. هن جي اڳيان عجيب ماجرا هئي. حيرت ۾ وجهندڙ منظر، جيڪي هن ڪتابن ۾ پڙهيا هئا. ان ڏينهن ڏٺا هئائين. هو ڀڄندو پنهنجي لئبرريءَ ۾ ٿي ويو. ڪتابن ۾ مور پنک جي نشانين ۾ لکيل تحريرن مان پنهنجن شاهدين جي پڙتال ٿي ڪيائين. پوءِ وري ڊوڙي ڇت تي ٿي ويو، پوءِ زرد ٽڪرين تان ايندڙ اٺن جي قافلي سان لاڳاپيل پنهنجن شاهدين تي حيران پي ٿيو. کيس خبر هئي ته مڪي مان ايندڙ قافلن جي رستي ۾ يثرب آهي. پوءِ تيماء مان لنگهي اهو قافلو ’دومته الجندل‘ کان ٿي آيو هوندو. اهڙو قافلو فقط مڪي مان ئي اچي سگهيو ٿي، جنهن سان لاڳاپيل حيرت انگيز نظارا کيس نظر اچي رهيا هئا. وڻ ٽڻ، پٿر ۽ پهاڙ رستي جي هر شئي ان قافلي ۾ موجود، ڪنهن سڳوري هستي کي جهڪي سلام ڪري رهيا هئا. قافلو هوريان هوريان شهر جي ٻاهر جڙيل خانقاهه طرف وڌي رهيو هو. اُس سبب سڙيل آسمان تي هڪ خوشگوار ڪڪر جو ٽڪرو قافلي جي مٿان قافلي جي ئي رفتار سان هلندو پي آيو. قافلو ويجهو ايندو پي ويو.
راهب بحيريٰ جي دل جي ڌڙڪڻ تيز ٿي رهي هئي.
سندس دل اندر ۾ اُڇلون ڏيئي رهي هئي.
قافلي جا اُٺ هلندي هلندي ان خانقاهه جي ڀرسان هڪ گهاٽي وڻ جي هيٺان پهتا. لهندڙ سج جي، ترڇي اُس سبب وڻ جو پاڇو ڊگهو ٿي پري ٿي ويو هو. پر راهب بحيريٰ جيڪو منظر ڏٺو، ان سان سندس دل سان گڏ سندس هٿ به ڪنبڻ لڳا هئا. قافلي جا ڪجهه اُٺ جڏهن ان وڻ جي هيٺان آيا ته قافلي سان گڏ هلندڙ ڪڪر به وڻ جي مٿان بيهي رهيو. ۽ وڻ جون ٽاريون مُحبت ڀريل هٿن جيان هوريان هوريان ايئن پکڙيون ۽ جُهڪيون، جو پري ٿيندڙ ڇانورو انهن روڪي ورتو. وڻ جو سڄو پاڇو قافلي تي ڇانئجي ويو.
قافلي جا ماڻهو پنهنجن پنهنجن اُٺن تان پاکڙا لاهڻ لڳا.
راهب بحيريٰ اکيون ڦاڙي، تيز ڌڙڪندڙ دل سان عقيدت ۽ محبت جي جذبن سان ٽٻٽار بڙ بڙائڻ لڳو.
هو اچي ويو
جيڪو اچڻ وارو هو،
هو تڪڙو تڪڙو ديول جي ڀت تان لٿو. ديول ۽ درگاهه ۾ پنهنجن ماڻهن کي سڏي هُن گڏ ڪيو. هڪ سياڻي کي قريبي وڻ جي هيٺان ترسيل اُٺن جي قافلي وارن لاءِ نياپو ڏيڻ لاءِ موڪليو. کين چورايو ته اڄ شام جي هو ماني وٽس اچي کائن. هو سڀئي درگاهه جا مزمان آهن. راهب بحيريٰ جا مزمان آهن.
پيغام ڏيڻ وارو پيغام کڻي ويو.
راهب بحيريٰ دعوت جي تيارين ۾ جُنبي ويو.
درگاهه ۽ ديول ۾ کاڌي پيتي جو سامان جهجهي مقدار ۾ موجود هو. راهب بحيريٰ جي دل چئي رهي هئي ته دعوت ۾ هرڪا بهترين شئي دسترخوان تي سجائي. کيس تڪڙ هئي ته ايندڙ مسافر متان اڳ ۾ ئي ڪجهه کائي پي نه وٺن.
سندس نياپو پهچي ويو
قافلو مڪي مان آيو هو.
اِهي همراهه اڳ به هتي ايندا رهندا هئا، راهب بحيريٰ جي دعوت جو نياپو- ملين ته هو خوش دليءَ مان مُرڪيا، ۽ حيران به ٿيا، ته راهب بحيريٰ اڳ ۾ ته ڪڏهن به اهڙي مهرباني نه ڪئي هئي. راهب بحيريٰ ماڻهن ۾ هڪ ماٺ ۾ رهندڙ گهٽ ڳالهائڻو ۽ اڪيلائي پسند عالم طور ڄاتو ويندو هو. سندس طرفان مانيءَ جي دعوت قافلي جي ٻاويهن ماڻهن لاءِ خوشگوار ۽ حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهه هئي.
ماني تيار هئي.
مهمان پهچڻ شروع ٿي ويا.
راهب بحيريٰ پنهنجي ٽه ماڙ تراشيل پٿر جي بلاڪن مان جُڙيل ديول جي محراب ٻاهران ڀت سان، دروازي جي چائنٺ کان ٻه وکون ٻاهر اُٺن جي اُن مان ٺهيل ڊگهي قبا پايو، ڳچيءَ ۾ صليب لڙڪايو ٻاهران ايندڙن جو مرڪي آڌر ڀاءُ ڪري رهيوهو. هو هر ايندڙ کي وڏي ڌيان سان ڏسي ۽ پرکي رهيو هو. پر کيس جنهن جو اوسيئڙو هو، اهو چهرو نظر نه آيو. نيٺ هن قافلي وارن کان پُڇيو:
شايد، سڀ نه آيا آهن. ڪو پُويان رهجي ويو آهي ڇا؟
قافلي وارن چيو، سڀ آيا آهيون. رڳو هڪ ٻارڙو پويان اٺن جي سار سنڀال لاءِ ڇڏي آيا آهيون.
نه نه ائين نه ڪريو
مون چيو هو ته قافلي جو هر فرد، پوڙهو، جوان، ٻُڍو، ٻار، آزاد، غلام هر ڪو دعوت تي اچي. اُٺن جي سنڀال ڪندڙ کي خبر ناهي ڪهڙن ڪهڙن جهانن جي رکوالي ڪرڻي آهي.
سڀني کي سڏيو
قافلي وارن کي پنهنجي غلطيءَ جو احساس ٿيو.
انهن مان ڪو پويان رهجي ويل ٻارڙي کي سڏڻ جي لاءِ ويو
هو اچي ويو
راهب بحيريٰ سُڃاڻي ويو
راهب بحيريٰ مهمانن جي آڌر ڀاءُ ۾ لڳو رهيو. پر سندس دل ٻارڙي ۾ اٽڪيل هئي، سندس اکيون به مٿس کُتل هيون. ماني کائي ختم ڪيائون ته راهب بحيريٰ هوريان هوريان گسڪندون مبارڪ ٻارڙي وٽ ويو ۽ عقيدت ۽ احترام مان ٻارڙي جو هٿ پنهنجي هٿ ۾ وٺي چيائين.
صاحبزادا،
جيڪڏهن اجازت ڏيو ته ڪجهه سوال پُڇان. جواب مرڪندڙ هاڪار ۾ هو.
راهب بحيريٰ هٿ ۾ ورتل هٿ احترام مان دٻايو ۽ چيائينس، لات ۽ عزيٰ جو قسم کائي رڳو سچ جواب ڏج. راهب بحيريٰ کي جيڪا وراڻي ملي، ان تي هو مرڪڻ لڳو، جواب هي هو ته آءٌ رڳو سچ ڳالهائيندو آهيان ۽ مون ڪڏهن به لات ۽ عزيٰ جو قسم نه کنيو آهي. راهب بحيريٰ ان روشن چهري واري شاندار مُرڪندڙ ٻارهن سالن جي ٻارڙي وٽ کجيءَ جي ڦڙن مان ٺهيل تڏي تي ويٺو ۽ هڪ هڪ ڪري پنهنجا سوال پُڇڻ لڳو، ڀرپاسي ويٺل قافلي جا ٻيا ماڻهو اڃا تائين کاڌل مزيدار ماني جي مزي ۾ ٻڏل هئا ۽ هڪٻئي سان ڪچهري ڪري رهيا هئا، ڪنهن ڪنهن مهل هنن مرڪندي پنهنجي ميزبان راهب بحيريٰ کي ٻارهن سالن جي ٻارڙي جو هٿ جهلي شوق مان ساڻس ڳالهيون ڪندي ڏسي، ڀرون کڻي نظرن ئي نظرن ئي ۾ پنهنجي قافلي جي اُن ٻارڙي کي واکاڻي ۽ پوءِ وري ڳالهين مُهاڙين ۾ لڳي ٿي ويا.
هڪ اٺيتالهن سالن جو ڊگهو پروقار قريشي سردار ٻارڙي وٽ ويٺو ڌيان سان راهب بحيريٰ ۽ ٻارڙي جون ڳالهيون ٻڌي رهيو هو. ڳالهيون ٻڌي ان سردار جو چهرو فخر ۽ خوشيءَ سبب چمڪڻ ٿي لڳو. راهب بحريٰ ٻارڙي کان جاڳڻ سمهڻ جي عادتن کان وٺي ٻيا به ڪيترائي سوال پڇيا، نيٺ هو ڀرسان ويٺل سردار سان مخاطب ٿيو.
چيائين: هي ٻارڙو ڪنهن جو آهي؟
ڀرسان ويٺل سردار ابوطالب هو، جنهن چيو هي منهنجو پُٽ آهي.
راهب بحيريٰ نهڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو.
چيائين: ٻارڙي جو پيءَ هن وقت جيئرو نه هوندو.
سردار حيرت مان اکيون کوليون
چيائين؛ تون صحيح ٿو چوين
آءٌ هن جو چاچو آهيان.
ٻارڙي جو پيءُ سندس جنم کان ٻه مهينا اڳ گذاري ويو هو.
راهب بحيريٰ ڀرون مٿي کنيا. ڪنڌ ڌوڻيو،
اهو ئي آهي،
موڪل هجي ته ٻارڙي جي ڪلهن جي وچ ۾ پُٺيءَ کي ڏسان.
ٻارڙي پنهنجي ڪلهي وٽان پُٺي تان پنهنجي عبا سرڪائي.
ماني کائيندي رات پئجي ويئي هئي. ڀرسان ئي هڪ ڏيئو ٻري رهيو هو. راهب بحيريٰ ڏيئو پنهنجي هٿ ۾ کنيو ۽ ٻارڙي جي ڪلهي وٽ پُٺيءَ تي ڪلهي جي وچ ۾ سون جي دينار جهڙي ڀريل گوشت جي هڪ مُهر کي احترام مان ڇهي پنهنجي هٿن کي چپن سان لڳايو. ٻرندڙ ڏيئو وري طاق تي رکيائين ۽ هڪ ڊگهو ساھ کڻي، ڪنهن بي حد سڳوري ۽ عظيم الشان انڪشاف سبب پنهنجي چمڪندڙ اکين سان سردار ابوطالب کي ٻانهن مان جهلي هڪ پاسي ڇڪيندي چيائين:
خبر اٿئي تنهنجو ڀائيٽو ڪير آهي؟
ڪير؟
هيءَ ٻنهي جهانن جو سردار آهي.
هيءَ سڀني جهانن جي لاءِ رحمت بنائي موڪليو ويو آهي،
هيءَ خدا جو رسول ﷺ آهي
آخري رسول
جهانن جو آقا ﷺ .
سرٻاٽ ڪندي چيائين: آءٌ ڏينهن جو پنهنجي ديول جي ڀت تان اوهانجي قافلي کي ڪيترائي ميل پري کان ايندي ڏسندو رهيس. مٿي، پهاڙ، وڻ ٽڻ سڀ کيس سجدو ڪري رهيا هئا. اهو تعظيمي سجدو، سڄي مخلوق رڳو خدا جي نبيءَ کي ڪندي آهي. مون ڪڪر کي قافلي سان گڏ هلندي ڏٺو. اُس جو هڪ به تيز ڪرڻو خدا پنهنجي رسول ﷺ جي چهري تي پوڻ نه ڏنو. سڀ نشانيون لکيل آهن، جيڪي نسل در نسل آئون عالمن کان ٻڌندو آيو آهيان. اڄ ڏٺيون اٿم. هن سردار ابوطالب کي هڪ طرف وٺي وڃي ڪن ۾ چيو.
سردار تون پنهنجي ٻارڙي کي اڳتي دمشق يا قسطنطنيه وٺي نه وڃ. سلطنت شام ۾ يهودي به آهن. يهودي عالم پنهنجي ٻارڙي جيان هن کي سُڃاڻي وٺندا. سندن دلين ۾ مير ۽ بغض آهي، مونکي انهن پاران ٻارڙي کي ڪنهن نقصان پهچڻ جو ڊپ آهي. تون هن سفر ۾ پنهنجو واپاري نفعو ڇڏ. هن مبارڪ ٻارڙي کي واپس پنهنجي شهر مڪي وٺي وڃ. سندس خيال رکج.
اوهان سمجهي ويا نه ته هي ٻارڙو ڪير آهي؟
سردار ابوطالب مُحبت مان اکيون کولي سڀ راز ڄاڻندڙ وانگر ڪنڌ ڦيرايو. شايد کيس پنهنجي والد سردار عبدالمطلب جي ڪيترا ڀيرا ڪيل بشارتون ياد آيون. شايد کيس ياد اچي ويو ته هن ئي ٻارڙي جا هٿ پکيڙي عبدالمطلب مڪي جي خشڪ ساليءَ ۾ برسات پوڻ جي لاءِ دعا گهرندو هو ۽ برسات وسندي هئي. ڪتابن ۾ لکيل آهي ته سردار ابوطالب پنهنجي واپاري نفعي نقصان کي بي پرواهه ٿي راهب بحيريٰ جي چيل ڳالهه تي عمل ڪندي اُن مبارڪ ٻارڙي کي واپس مڪي وٺي آيو. اڳتي روم سلطنت نه ويو. ابن ڪثير اهو به لکيو آهي ته اڳتي روم مان ست يهودي کيس ان ئي رستي تي ڳولڻ جي لاءِ نڪتا ۽ هو بحيرا وٽ پهتا.
راهب بحيريٰ سندن بُڇڙي نيت ٻڌي چيو : هڪ ڳالهه ته ٻڌايو.
چيائون ، چئو.
راهب بحيريٰ چيو: اهو ته ٻڌايو ته جيڪڏهن خدا ڪنهن اَمر جي هئڻ جو ارادو ڪري ورتو آهي ته ڇا ڪو ان کي روڪي سگهي ٿو؟
چيائون: نه.
سوچيو
نه .
روڪڻ جي ڪوشش ته فرعون به ڪئي ، موسيٰ جي لاءِ .
هُون.
هو روڪي سگهيو ڇا. ان اَمر ربيءَ کي؟
نه
ته پوءِ اوهين ڇو رُلندا پيا وتو، جتان آيا آهيو، اوڏانهن موٽي وڃو.
جيڪو ٿيڻون هوندو سو ٿيندو.
جيڪو خدا کي ظاهر ڪرڻو آهي، اهو ظاهر ٿيندو.
هو سَت ئي موٽي ويا. ويندي ويندي اهو به ٻڌائيندا ويا ته ستن ٻين رستن تي به اسان جهڙا ماڻهو موڪليا ويا آهن ته هُو جتي به نظر اچي، کيس ماري ڇڏجو. هو هيئنر رستي ۾ آهي.
راهب بحيريٰ کي يهودين جي ناڪاري سازشي سوچ ڏکارو ڪيو.
سندس ديري تي موجود ٽي يهودي به هڪ گهڙي ۾ جهليا ويا. هُنن به مبارڪ ٻارڙي کي نقصان پهچائڻ جو ارادو ڪيو هو. راهب بحيره کين به خدائي طاقت جا اسرار سمجهايا ۽ ٻڌايو ته اوهين خدا جي ارادن کي بدلائي نٿا سگهو، چڱائي اُن ۾ اٿوَ ته پاڻ کي بدلايو، نه ته هو اوهان جي جاءِ تي ٻين کي فوقيت ڏيندو. اُنهن ٽنهي کي راهب بحيريٰ جي ڳالهه سمجهه ۾ اچي ويئي. هو پنهنجن بُڇڙن ارادن کان باز اچي ويا. انهن ٽنهي جا نالا هئا، زرير، ثمام ۽ درسيما. مڪي قافلو اڳتي هليو ويو، قافلي جو سردار پنهنجي ڀائيٽي کي وٺي مڪي موٽي ويو.
کيس خبر هئي ته ڀائيٽو وڏي شان وارو آهي. جهانن جو سردار .
زمين ۽ آسمان جي هر مخلوق جو آقا ﷺ .