خير خواھه جي ڳولا
آقا ﷺ کي سڄي زندگي اڪيلي خدا پاران ڪائنات جي هر ذري ذري جيان تارن ۽ زمينن جي هر کهري، چُڀندڙ شئي کي انسانيت جي لاءِ اهڙي گول ۽ نرم ڪرڻ جي ذميداري ملي هئي ته ڪا به نوڪدار نوڪ ڪنهن جي زبان هٿ يا اک جي خراب اشاري سان به نه چُڀي.
الله جي جوڙيل هر شئي پنهنجي حسين ترين تناسب ۾ رهي
ٻين سان رواداري ۽ حُسن اخلاق سان جيئي ۽ جيئڻ ڏي
جنهن هڪ خدا جي اها سڄي کيڏ آهي.
جيڪو ڪائنات جو اڪيلو ۽ سُهڻو بادشاھ آهي
هر شئي ٺاهڻ ۽ ڊاهڻ وارو آهي
سندس سُڃاڻپ ايئن هجي ته اهوئي هر مخلوق جي ڀلائيءَ ۾ آهي، نه ته خدا ته بي نياز آهي ۽ اهڙو جو کيس نه مڃيندڙن کي به پنهنجي رحمت ۽ شان ڪريميءَ سان پالي ٿو. پر اهو چاهي ٿو ته انسان پنهنجي ڀَٽڪيل قدمن کي سڌاري،
جيڪي گناھ ٿيا اٿس مڃي
هو ته اسانجي توبهه جي هڪ هڪ لفظ ٻُڌڻ لاءِ اوسيئڙِي ۾ آهي.
معاف ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي.
اُن مهربان خدا جو ڀلائي ۽ محبت جي سبق جو پيغام هر روح جي لاءِ آهي.
اُن سڳوري پيغام جي واڌاري ۽ پورڻتا ]تڪميل[ آقاﷺ جو مشن هو ۽ آهي، کيس انهيءَ محنت، صحرا نوردي، سفر و حضر ۽ انهن سڀني مان مليل تڪليفن ۽ ڏکن کي سهڻ جي وڏي همت ۽ استقامت مليل هئي. ان سڄي ڊوڙ ۽ ڊُڪ جي بدلي ۾ پاڻ ڪنهن به انسان کان ڪوبه معاوضو نٿو گهري. اُلٽو پنهنجي زندگيءَ جي هر خوشي، راحت، آرام ۽ پنهنجا وسيلا، پنهنجي صحت، سڀ ڪجهه نڇاور ڪندو ٿي رهيو.
طائف مان واپس ورڻ تي جڏهن مڪي ۾ سيدنا ابوطالب جي چالاڻي کانپوءِ پاڻ سڳورن کي مڪي جي هڪ غير مسلم سردار معطم بن عديءَ پنهنجي پناھ ۾ ورتو ته آقا ﷺ پنهنجي دعوتي ڪم کي اڳيان وڌائڻ لڳا، هر سال مڪي ۾ حج جي ڏينهن دوران امن جي ٽن لڳاتار مهينن ۾ هڪٻئي جي پويان ڀرپاسي ۾ منڊيون ۽ بازاريون لڳنديون هيون. عڪاظ، حجر ۽ ذوالحجار. سڀني جو پويان تفصيل ڏيئي آيا آهيون. اُنهن مهينن ۾ عربستان جي پري توڙي ويجهن علائقن جا ڳوٺاڻا ۽ لاڏائو پنهنجن اٺن، گهوڙن، گڏهن تي ۽ پنڌ، ٽولين جي صورت ۾ اتي اچي مِڙندا هئا. هفتن جا هفتا انهن پڙِين ۾ پنهنجا خيما کوڙي ترسندا هئا، جيڪو وڪڻڻو ۽ خريدڻون هوندو هئن، اهو ڪندا هئا. انهن ريگستاني ميدانن جي ميلن ۾ لڳل دڪان سندن اٺن جي پاکڙن، گڏهن جي پُٺن ۽ پٿرن جي ڍڳن تي هوندا هئا. خريد ۽ فروخت ۾ عربن جي لاءِ هڪ وندر هوندي هئي، هنن جون ڳالهيون شگفته، رديف ۽ قافين ۾ ويڙهيل هونديون هيون.
عربن جي کل ڀوڳ ۾ هڪ خاص رنگ هو.
ملڻ جلڻ ۽ ڪچهرين سان گڏ قصن، ڪهاڻين جا دور به هلندا هئا. وڏا وڏا ڪهاڻيڪار، شاعر ۽ داستان گو، اُتي پنهنجي جادوگري ڏيکاريندا هئا. عربن کي لفظن کي سنوارڻ، ٺاهڻ ۽ جملي بازيءَ ۾ وڏو مزو ايندو هو. ڳالهه ٻولهه جي دوران هو زبان جي حُسن کي، هو انساني شخصيت جي سڄي حسن جي ماءُ سمجهندا هئا. اهڙين محفلن ۾ هر خوش گفتار پنهنجي زبان جي فصاحت ۽ بلاغت جو مظاهرو ڪرڻ جو شوقين هوندو هو، پر صدين جي شيرين زباني، تدبر ۽ فڪر کانپوءِ سطحي ۽ گهرين ڳالهين جو فرق سمجهي ويا هئا. وٽن هم عمر ۽ مزاج جي ماڻهن لاءِ ٻُڌل ۽ چيل لفظن جي ڌار پسند ۽ سُڃاڻپ به هئي، پر هر نئين ڳالهه تي هو ڇرڪي به پوندا هئا.
کين خبر هئي ته انساني ڪلام جون حدون ڪهڙيون آهن.
۽ غير انساني، الوهي ڪلام ۾ ڪهڙي سرمستي، سرخروئي ۽ بُلندي هوندي آهي.
اهڙين محفلن م عرب قبيلا جَٿا ڪري، پنهنجي پنهنجي قبيلي جي سردار جي وڏائي عظمت، حسن، اخلاق، سخاوت، ملڪيت، گهوڙن، اٺن ۽ پُٽن جو تعداد سُڻائي ٻين تي رعب وجهڻ جي ڪوشش ڪندا هئا.
فخر ۽ وڏائيءَ جا مقابلا ڪندا هئا.
تاڙيون وڄائيندا هئا.
هُل مچائيندا هئا.
ٺينگ ٽپا ڏيندا
هڪ ٻئي کي نيچو نوائڻ جو هر اُهو عمل ڪندا ۽ هر اهو ٻُول ٻوليندا هئا، جنهن سان ميڙ ۾ سندسن عظمت ۽ وڏائيءَ کي ثابت ڪري سگهن. اهڙن ئي ماڻهن جي ميڙن ۾ صرف هڪ آقاﷺ پنهنجي سُهڻي صورت، روشن مُهانڊي ۽ ڪائنات جي حسين ترين مُرڪ ۾ پنهنجي يا پنهنجي ڪعبي جي پاسبان عظيم قبيلي جي ڪا ڳالهه ڪرڻ جي بدران رڳو پنهنجي رب جي عظمت ۽ وڏائي بيان ڪندا هئا.
رب جون ڳالهيون به سندس ئي لفظن ۾ چوندا هئا، جيڪي خدا کيس چيون هونديون هيون.
پاڻ پنهنجي طرفان هڪ اکر به نه ٻوليندا هئا.
جيڪو کيس خدا چوندو هو، اهوئي چوندا هئا
خدا به پنهنجي ثناءَ کان بي نياز آهي
پر ڪهڙي خبر ته خدا کي آقا ﷺ جي وات مان نڪتل پنهنجي لاءِ اِهي ڳالهيون ڪيڏيون نه سُٺيون لڳنديون هجن. جن کي خدا جبرائيلعهجي ذريعي پنهنجي آقا ﷺ جي قلب تي نازل ڪيو هو. ڪندو رهندو هو.
اها هڪ ٻن ڏينهن جي ڳالهه ڪونهي
ٽيويهن سالن تائين قرآن جو هڪ هڪ لفظ منهنجي آقا ﷺ جي پاڪ قلب جي سطح تي لهندو رهيو.
سامهون واري جيڪڏهن ڪو اُبتو سُبتو سوال ڪيو ته آقا ﷺ آسمان کي ڏسي، پنهنجي قلب تي لٿل خدا پاران آيل جواب سُڻي، ٻڌائي ڇڏيندا هئا.
عرب زبان ۽ بيان جي هر باريڪيءَ کان واقف هئا.
هو ڇرڪن ڇو نه ها
مڃن ها
مڃي وٺن ها ته هي ڪلام انساني ڪلام ڪونهي
غير انساني ڪلام آهي.
اهڙين محفلن ۾ جتي داستان سرائن ۾ ڪهاڻيون ۽ ڪويتائون چيون وينديون هجن، اُتي آقا ﷺ قرآن جا لفظ سُڻائي ماڻهن کي قرآن لاهڻ واري ڏانهن سڏيندا هئا. انهن ئي ڏينهن آقا ﷺ انهن ميلن، منڊين ۽ بازارين سان لڳل بيشمار قبيلن وٽ ويا. ساڻس گڏ ڪڏهن سندس ويجهو دوست سيدنا ابوبڪررضه ته ڪڏهن وري سندس پيارو غلام زيد رضه هوندو هو.
بنو ڪعب قبيلي وارن ڌيان سان ٻُڌو.
انهن جي خيمن مان نڪري ماڻهو ڌيان سان ٻڌندا رهيا.
مڃيائون ته ٻڌايل ڪلام قرآن غير انساني آهي.
سَراپا ڀلائي آهي.
پوءِ به هنن اهو چئي ٽاري ڇڏيو ته ميلي ۾ آيا آهيون، پوءِ فيصلو ڪنداسين.
بنو عامر صحصحه جو هڪ چالاڪ ۽ سمجهو شخص بحيره بن فراس ته آقاﷺ جو ڪلام ٻڌي پٿرائجي ويو.
اکيون حيران.
وات پَٽيل رهجي ويس.
هن پاڻ سان آيل سنگتي کي ڀُڻ ڀُڻ ڪري چيو: جيڪڏهن هي شخص منهنجو ٿي وڃي ته آءٌ سڄو عربستان ڳڙڪائي ويندس. والله! هن جي هر ڳالهه مان جيت پئي بکي. پوءِ آقا ﷺ کي مخاطب ٿي چيائين. جيڪڏهن اسين توکي پنهنجي قبيلي ۾ کڻون، اوهانجو ساٿ ڏيو، پوءِ جڏهن اوهين هرهنڌ غالب ٿي وڃو ته پوءِ ڇا اوهان کانپوءِ حڪومت ۽ اختيار جون واڳون اسانجي حوالي ڪندا؟
آقا مُرڪيو ۽ چيائين.
حڪومت ۽ اختيار، وقت ۽ زماني تي حڪومت رڳو خدا جي آهي
اها فقط اُن جي هٿ وس آهي.
بحيره بن فراس اُبتو هٿ هنيو ۽ منهن ڦيري ڇڏيائين. پوءِ جڏهن اهي ماڻهو پنهنجي اباڻي علائقي ۾ پنهنجي قبيلي جي سڀ کان پوڙهي ۽ ڪراڙي شخص سان گڏيا ۽ کيس سڄو واقعو ٻڌايائون ته هو مَٿو جهلي ويهي رهيو
چيائين: اوهان وڏي چُڪ ڪري آيا آهيو
اُن جي ڪابه تلافي ٿي نه ٿي سگهي
اهو پوڙهو ڪيتري ئي دير تائين پنهنجا وار پٽيندو رهيو
مٿي تي هٿ هڻندو چوندو رهيو
بي وقوفو! بني اسماعيل جي ڪٽنب مان سوين سالن کان ڪنهن نبوت جي لاءِ ڪوڙ نه ڳالهايو آهي.
اهو ڪراڙو شايد جوانيءَ ۾ ڪٿي، ڪڏهن آقا ﷺ جي ڏاڏي سيدنا عبدالمطلب سان ملي چڪو هو، هن ڄاتو ٿي ته نبوت اُن ئي ڪٽنب ۾ ايندي، هو ڪيترن ئي ڏينهن تائين پنهنجي قوم جي ماڻهن کي دڙڪا ڏيندو رهيو ته اوهانجو عقل ڪيڏانهن هليو ويو هو.
پر عقل هر وقت هن ڪنهن جو ساٿ نه ڏيندو آهي.
آقا ﷺ بنو بڪر وائل جي خيمن وٽ به ويو.
اهي ٻَٽاڪون هڻڻ لڳا.
اسين هزارن ۾ آهيون ۽ اسان وٽ هزارين تلوارون آهن، آقا ﷺ جو دوست سيدنا ابوبڪر به گڏ هو، تنهن پُڇيو اوهانجو علائقو ته ايران سان لڳ آهي، ڇا ان سان وڙهي سگهو ٿا؟
هو ڦڪي کل کلڻ لڳا،
چيائون؛
ايراني سلطنت سان ڪير ٿو ٽڪرائجي سگهي
آقا ﷺ مرڪيا ۽ چيائون:
اهڙي ڪابه ڳالهه ڪونهي. اوهين منهنجي ڳالهه مڃيو ته جلد ئي اوهين ايران جي منزلن ۾ به فاتح بنجي سگهو ٿا.
هو اکيون ڦاڙي حيرانيءَ مان آقا ﷺ کي ڏسڻ لڳا
ڄڻ هُنن ڪا اڻ ٿيڻي ڳالهه ٻُڌي هجي
ايتري ۾ آقا ﷺ جي پويان هڪ ٿلهو، بي ڊولو، اکيون اُس ۾ سڙي ڳاڙهيون ٿيل، وڏي وات ۽ ويڪري ڏاڙهيءَ وارو ڪراڙو تکو تکو ايندي نظر آيو.
اهو ابو لهب هو
آقا ﷺ طرف اشارو ڪندي چيائين
هي منهنجو ڀائيٽو آهي.
وڏي شان وارو هوندو هو، پر (نعوذ بالله) هاڻ ڪَلَ ٿڙي ويئي اٿس
اوهين هِنَ جي ڳالهين ۾ متان اچو
آقا ﷺ ڪجهه چوڻ کانسواءِ اُٿي هليا ويا.
ابولهب، بنوبڪر جي منڊليءَ ۾ پاٿاري ڪري ويهي رهيو.
بنوبڪر وارن چيو.. اسين هن جي ڳالهين کي ڏاڍي سنجيدگيءَ سان وٺي رهيا هئاسين، پر جڏهن هن ايران جهڙي عالمي سلطنت کي جيتڻ جي ڳالهه ڪئي ته اسين سمجهي وياسين ته جيڪو اوهان چيو اهو درست آهي.
حالانڪه تاريخ جا ڪتاب کولي ڏسنداسين ته ان واقعي کان ٺيڪ پندرهن سال پوءِ آقا ﷺ جي هڪ غلام ٻي مسلمان خليفي سيدنا عمررضه بن خطاب جي زماني ۾ سڄو ايران مسلمانن جي حڪومت هيٺ هو.
آقا ﷺ جيڪو اشارو ڪيو هو اهو ئي سچ هو
پر سچ ۽ اُن جي برڪت هر ڪنهن جي ڀاڳ ۾ نه ايندي آهي
آقا ﷺ بني شيبان بن تعلبھ وٽ به ويا
اُن ملاقات ۾ آقا ﷺ سان گڏ سندس دوست سيدنا ابوبڪررضه کانسواءِ سيدنا علي رضه به هو ۽ اها روايت به سيدنا علي فرمائي ٿو
اِها وڏي باوقار مجلس هئي.
حسب نسب جي علم جو ماهر سيدنا بوبڪر، آقا ﷺ کي ٻڌائڻ لڳو ته سرڪار هي ڏاڍا معزز ماڻهو آهن. ان محفل ۾ مثنيٰ بن حارثه، مفروق بن عمرو، هاني بن قيصه، نعمان بن شريڪ به موجود هئا. مفروق پنهنجي قوم جو ستارو هو.
علم وارو ۽ شانائتو مُڙس هو ۽ سيدناابوبڪر سان گڏ ويٺل هو
مفروق پڇڻ لڳو. اوهين شايد قريش مان آهيو؟
سيدنا ابوبڪر هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو ۽ چيو: اوهان اهو ته ٻڌو هوندو ته خدا پنهنجو آخري رسول ﷺ اسان مان مبعوث فرمايو آهي.
پوءِ اُٿيا.
آسمان مان ايندڙ اُس جي ڪرڻن جي اڳيان پنهنجي پَڳ کولي آقا ﷺ جي مٿان ڇانورو ڪري بيهي رهيو ته ڪنهن کي شڪ نه رهي ته رسول الله ﷺ ڪير آهي.
آقا ﷺ ڪير آهي
غلام ڪير آهي
مفروق احترام ۾ پنهنجو منهن آقا ﷺ ڏانهن ڪيو ۽ تسليم ڪيو
هائو، اسان تائين اها ڳالهه پهتي آهي
پوءِ مفروق آقا ﷺ سان مخاطب ٿيو.
چيائين: اوهين ڪهڙي ڳالهه جي تعليم ٿا ڏيو؟
آقا ﷺ سوره انعام جون 151 کان 153 تائين آيتون تلاوت فرمايون.
هو ڪنڌ جُهڪائي ويٺو رهيو ۽ چوڻ لڳو، اها وڏي بي وقوف قوم هوندي جنهن اوهانکي نه مڃيو، ڇو ته اوهين بهترين اخلاقي گُڻن ۽ اعليٰ سهڻن جملن ۽ بني نوع انسان جي ڀَلائيءَ جي دعوت ڏيو ٿا. پوءِ مفروق پاڻ سان ويٺل هاني بن قيصه جو تعارف ڪرايو ۽ چيو ؛
هي اسان جو مذهبي اڳواڻ آهي.
هانيءَ چيو؛
قريشي ڀائو!
مون اوهانجي ڳالهه ٻڌي ۽ اُن جي سڃاڻپ جي تصديق ڪئي، پر هڪئي ملاقات ۾ پنهنجو اڳوڻو مذهب ڇڏي اوهانجي پيروي ڪرڻ تڪڙ ٿيندي. اسين پنهنجي اباڻي ٿاڪ پهچي اُن تي پاڻ ۾ صلاح سولي ڪري ڪو فيصلو ڪنداسين.
هانيءَ پوءِ آقا ﷺ جو پاڻ سان ويٺل پنهنجي ساٿي مثنيٰ بن حارثه سان تعارف ڪرايو.
هي اسانجو جنگي سالار آهي.
مثنيٰ به آقا ﷺ جي ڪلام جي تصديق ڪئي.
۽ مُهلت گهري.
چيائين: اسين اهڙي هنڌ تي رهون ٿا، جتي اسانکي ٻن رڪاوٽن کي منهن ڏيڻو ٿو پوي، هڪ يمامه آهي ۽ ٻيو صحاوه (عراق جو اهو علائقو جيڪو ٻيٽ نما عربستان سان لڳ آهي) هڪ ته جبل ۽ عربستان جو ريگستان ۽ ٻيو ايران جو علائقو ۽ ڪسريٰ جون نهرون، عربستان جي مقابلي ۾ ته اسين اوهانجي مدد ڪري سگهون ٿا، ريگستان ۽ جبلن تي ته اسين وڙهڻ جا هيراڪ آهيون، پر ايران سان وڙهڻ جي همت ڪنهن ۾ به ڪونهي.. اسان ۾ به نه.
آقا ﷺ مرڪيا ۽ فرمايائون.
ٿورو صبر ڪريو، جيڪڏهن اوهين اسان جو ساٿ ڏيندؤ ته الله فارس وارن ۽ اُنهن جو سڄو ملڪ اوهان کي عطا ڪري ڇڏيندو.
هو سڀ حيرت جي تصوير بنيا آقا ﷺ کي تڪڻ لڳا. ڄڻ پاڻ سڳورا ڪو
اڻ ٿيڻيون خواب سوچي رهيا هجن. جنهن کي هنن ڪڏهن به نه ڏٺو هجي..