تجديد اسماعيل عليه السلام
سيدنا عبدالمطلب کي خدا سان ڪيترا سال اڳ ڪيل وچن ياد اچي ويو. هُن سڀني پُٽن کي گڏ ڪيو ۽ چيو: آءٌ اوهانکي اها گهڙي ياد ڏيارڻ ٿو گهران، جڏهن آءٌ خدا جي اشاري تي آب زم زم کي ظاهر ڪرڻ جي لاءِ ڪعبي جي اڱڻ ۾ ويو هئس، اُن وقت مونسان رڳو منهنجو هڪ پٽ گڏ هو، اوهان جو وڏو ڀاءُ حارث، سڄو ڪڙم اسان ٻنهي پيءُ پٽ جي مخالفت ۾ گڏ هو، اُن گهڙيءَ مون دل ئي دل ۾ هڪ باس باسي هئي. پنهنجي خدا سان وچن ڪيو هوم ته جيڪڏهن هو مونکي ڏهه پٽ ڏيندو ۽ انهن ڏهن کي آءٌ جوان ٿيندي ڏسان ته هڪ پٽ سندس راهه ۾ قربان ڪندس. اڄ اهو ڏينهن اچي ويو آهي، ڏسو اوهين ڏهه ئي جوان آهيو،
هاڻ ٻڌايو ته آءٌ پنهنجو وچن ڪيئن پورو ڪيان.
مون کي پنهنجو وچن پورو ڪرڻو آهي.
اوهان کي خبر آهي ته اسين ڪنهن جي اولاد مان آهيون؟
پيءَ پٽ حضرت ابراهيم ۽ حضرت اسماعيل کي مڃيندا هئا،
کين اُنهن جي ڪهاڻي جي خبر هئي.
کين ته خدا اشارو ڪيو هو، هتي سيدنا عبدالمطلب ڪڏهن پنهنجي دل ۾ خدا کي اهو اشارو ڏنو هو، هن خدا سان جيڪو شرط رکيو هو، اهو خدا پورو ڪري ڇڏيو. هاڻ هن جيڪو وچن ڪيو هو، اهو پورو ڪرڻ جو وقت اچي ويو هو.
سندس ڏهه ئي پٽ خاموش ڪنڌ جهڪايو ادب سان سندس سامهون بيٺا هئا، ٻُڌڻ مهل ته سڀني جي پيرن هيٺان زمين ڌُڏي هوندي.
هنن جي دلين ۽ دماغن ۾ زلزلو آيو هوندو.
پر هنن فقط ايترو چيو: بابا سائين اوهان جيڪو وچن ڪيو هو، اهو پورو ڪريو.
سيدنا ابراهيم ۽ سيدنا اسماعيل جي ڪهاڻيءَ ۾ وڏو فرق هو.
هو ٻيئي خدا جا پيارا نبي هئا، هڪ خليل الله ۽ ٻيو ذبيح الله، تڏهن ته اقبال چيو هو:
یہ فیضان نظر تھا یا کہ مکتب کی کرامت تھی
سکھائے کس نے اسماعیل کو آدابِ فرزندی.
اُتي پيءَ سيدنا ابراهيم جي نظر ڪرم جو فيض هو. کُٿاب اهوئي هو، پر شايد ان ۾ پيدا ٿيندڙ جليل القدر آخري نبي ﷺ جي نظر جو ڪرم هو ته هنن پنهنجي پيءُ جي سامهون ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو. ان وقت سيدنا عبدالمطلب جي ڏهن ئي پٽن مان عبدالله سڀني کان ننڍو هو. سونهن توڙي سوڀيا ۾، سيرت توڙي صورت ۾ مڪي ۾ سندس ڪو مَٽ ئي ڪونه هو. چوويهه سال عمر هيس، پيءُ جو صفا سڪيلڌو هو، پاڻ ۾ ٽي مائيتا ڀائر هئا، زبير،ابوطالب ۽ عبدالله. سيدنا عبدالمطلب جون ان وقت تائين ٿيندڙ پنج ئي ڌيئرون به سيدنا عبدالله جي امڙ جون پيٽ ڄايون هيون. جيڪي سڀئي مڪي جي سکر گهراڻن ۾ پرڻايل هيون. عبدالله جي امڙ به قريش جي هڪ معزز ڪُٽنب بنو مخزوم مان هئي، جيڪو وڏو مالدار ۽ ويڙهو قبيلو هو، سيدنا عبدالمطلب جڏهن پنهنجي سڀني پُٽن کي پاڻ سان گڏ وٺي ڪعبي جي متوليءَ وٽ تيرن جو فال ڪڍڻ جو فيصلو ڪرڻ روانو ٿيو ته زبير، ابو طالب ۽ عبدالله جي امڙ فاطمه مخزومي وٽ عبدالمطلب جون ٻيون زالون منٿ ميڙ ۽ سفارش ڪرڻ جي لاءِ پهتيون.
ڀيڻ تون ته وڏي قبيلي واري آهين،
تنهن جا ٽي شينهن جهڙا پُٽ آهن، پنجن ڌيئرن جي ڪري به قريش جا پنج قبيلا توسان گڏ آهن، جيڪڏهن اسان جو ڪو پُٽ ڪُڻي ۾ اچي ويو ته ڀيڻ تون اسان جي مدد ڪج. کين ڪهڙي سُڌ ته ڇا ٿيڻ وارو آهي. سيدنا عبدالمطلب بيت الله جي دروازي تي وڃي ڀوپي کي ڏهن تيرن وارو فال ڪڍڻ جي لاءِ چيو. هر تير تي هر پٽ جو نالو لکيو ويو.
سيدنا جي پويان قريش جا سڀ قبيلا هئا، ميڙ ۾ سيدنا جون پنج نياڻيون به هيون، جيڪي عبدالله جون سڳيون ڀيڻون هيون. فيصلو ڪهڙو به ٿيڻو هو، ڪنهن ته ماءَ جي دل تي ڪاتي وهڻي هئي. پر فال وارو تير نڪتو ته ان تي نالو لکيل هو ”عبدالله“.
هاءِ!
اسانجو ڀائيٽو.. مخزومي ڀُڻ ڀُڻ ڪرڻ لڳا.
هاءِ.. ڇا چيوَ؟ پنجن ئي ڀيڻن هڪئي وقت دانهن ڪئي.
هي ته اسانجو مائيتو ڀاءُ آهي. زبير ۽ ابوطالب ڪنبڻ لڳا.
عبدالله هو به ته يوسف ثاني.
چوڌاري هُل مچي ويو.
اهو سيدنا عبدالمطلب جو به سڀني کان وڌيڪ سڪيلڌو ۽ لاڏلو هو.
پر هيءَ ته سندس ۽ خدا جي وچ ۾ وعدي جومعاملو هو. هي ڪاتي ڪڍي ڪعبي جي پٿرن تي ڦيري تکي ڪرڻ لڳو. ڪجهه وکون پَرتي سندس ئي لڌل زم زم جي کوهه وٽ اساف ۽ نائله جي بتن جي وچ ۾ قربانيءَ جو اسٿان هو. سيدنا عبدالمطلب، عبدالله کي هٿ مان جهليو ۽ اوڏانهن وڌڻ لڳو، سيدنا عبدالله جا ڀائر پيءُ جي پيرن کي چنبڙي پيا. امڙ به سامهون ٿي بيهي رهي. سيدنا عبدالله جي پنجن ئي ڀينرن کڻي آسمان مٿي تي کنيو. هاڻ هو سيدنا جون ڌيئرون ٿوروئي ڪو هيون، پنجن معزز قريش قبيلن جون مائرون ۽ نهرون هيون، هنن جي هڪ ئي اشاري سان وڏو هُل ٿي سگهيو ٿي، نيٺ عتبه مخزومي جيڪو عمر ۾ سڀني کان وڏو هو، اڳيان وڌيو ۽ چوڻ لڳو، ابو حارث! اسين ايئن ٿيڻ ڪينَ ڏينداسين!
سيدنا عبدالمطلب چيو ته هي منهنجو وچن آهي.
هَن چيو ته: پر هي ته ناحق خون آهي.
پر وعدو ته حق سان ڪيو هئم
هر خون جو خون بها به هوندو آهي.
رسم هوندي آهي.
هوندي، به پر مون وچن ڪرڻ مهل اهو نه سوچيو هو.
نيٺ ماڻهن سردار عبدالمطلب کي بي وس ڪري ڇڏيو.
کيس اهو مڃرايائون ته هڪ ڀيرو ٻيهر ڀوپي وٽ هلجي. من ڪا واٽ نڪري پئي. سردار عبدالمطلب پاڻ به عبدالله جي عشق ۾ گرفتار هو، سندس اندر ۾ به طوفان مَتل هو، پر خدا جي اڳيان ڪيترائي سال اڳ ڪيل وچن کيس هٿ ۾ ڪاتي کڻڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو هو. نيٺ هو ڀوپي وٽ ويو ته ڪا ٻي واٽ ڪڍجي.
قريش قبيلن چيو.
هيءَ رسم ئي ختم ڪرڻي آهي.
نه ته جيڪڏهن اها رسم هلي پيئي ته اسانجا قبيلا ختم ٿي ويندا. سيدنا عبدالله جا مخزومي ماما سڀني کان اڳيان هئا. هنن اهو پڪو پهه ڪري ڇڏيو هو ته ڇا به ٿي پوي عبدالله کي بچائڻو آهي.
قدرت جو پنهنجو نظام آهي.
هي اهوئي بنو مخزوم آهي، جنهن ڪٽنب ۾ پوڻان چار سال پوءِ ابو جهل پيدا ٿيڻون هو، جنهن پنهنجي سڄي زندگيءَ جو مقصد اهوئي بنائي ورتو هو ته سيدنا عبدالله جي ’چنڊَ‘ آقا ﷺ سان دشمني ڪرڻي آهي.
خدا اُن ڪٽنب کي آقا ﷺ جي والد جي زندگي بچائڻ جي وڪالت ڏني.
هو مرڻ مارڻ لاءِ تيار ٿي ويا.
سيدنا عبدالله کي رهڙ به اچڻ نه ڏينداسين.
هو جٿو ڪري تراڙون نيام مان ٻاهر ڪڍي بيهي رهيا.
بنو زهراه وارا به مرڻ ۽ مارڻ جي لاءِ تيار ٿي بيهي رهيا.
عبدالله کي قربان ٿيڻ نه ڏنو ويو.
ڀوپو ڊڄي ويو.
چوڻ لڳو منهنجي گرو ڪاهنه يثرب ۾ رهي ٿي.هوءَ عارفه آهي،هوءَ ئي ٻڌائي سگهي ٿي ڇا ڪرڻو آهي. سڀني قبيلن اُٺ پلاڻيا ۽ يثرب جي راهه ورتائون، ڏهن ڏينهن کانپوءِ هو اُتي پهچي ويا، عارفه چوڻ لڳي ته ، اڄ اوهين وڃو، سڀاڻي اچجو، ڇاڪاڻ ته منهنجو مؤڪل جنهن کان پُڇي ٻڌائيندي آهيان اڄ موجود ڪونهي. سڀاڻي هوندو،
سڀاڻي اچجو،
ٻي ڏينهن سڀ ڏانهنس ويا
ڪا هنه چوڻ لڳي، اڄ اوهان کي جواب ملندو.
هنن سڄي ڳالهه ڪري ٻڌايس
ڪاهنه پُڇڻ لڳي، اوهانجي علائقي ۾ هڪ انسان جو خون بها ڪيترو آهي؟
سيدنا عبدالمطلب وراڻيو: ڏهه اٺ.
عارفه ڪاهنه چيو؛ موٽي وڃو، اُن ڀوپي کي چئو ته ڪعبي ۾ رکيل تيرن مان ٻه تير کڻي. هڪ تي عبدالله جو نالو لکي ۽ ٻي تي ڏهه اٺ لکي.
پوءِ فال ڪڍي. جيڪڏهن جواب آيو ته ڏهه اٺ قربان ڪج، پر جيڪڏهن عبدالله جو نالو نڪتو ته پوءِ ٻي تير تي لکجو ويهه اٺ، ائين اُٺن جو تعداد ڏهه ڏهه ڪري وڌائيندا رهجو، جيستائين فال اُٺن جي نالي جي نه نڪري.
وڃو!
سڀ خوشيءَ مان ڀڄندا ڊوڙندا ڏهن ڏينهن جو پنڌ نون ڏينهن ۾ پورو ڪري اچي مڪي پهتا. ايندي ئي فال ڪڍيائون.
فال نڪتو عبدالله
هنن ڏهن جي بدران ويهه لکي پرچي وڌي
ٻيهر جواب آيو. عبدالله
ويهن جي جاءِ تي ٽيهه ٽيهن جي جاءِ تي چاليهه، پنجاهه، سٺ، ستر، اسي، نوي هر ڀيري فال عبدالله جي نالي جي ئي نڪتي ٿي. نيٺ جڏهن ٻي تير تي اُٺن جو تعداد سئو لکيو ويو ته هن ڀيري فال سئو اٺن جو نڪتو. سڄي ميڙ ۾ الله اڪبر جو نعرو ٻُرائجڻ لڳو، سيدنا عبدالمطلب جي چهري تي اطمينان آيو، پر چيائين.
ماٺ ڪريو.
معاملو ڳنڀير آهي.
آئون ٽي ڀيرا فال ڪڍندس، ٻه ڀيرا وري به فال ڪڍندس.
ٻنهي ڀيرن وري به فال نڪتو. سئو اُٺ.
فيصلي موجب سيدنا عبدالمطلب سئو اٺ قربان ڪري انسانن ۽ جانورن جي لاءِ ڪعبي جي احاطي ۾ پکيڙي ڇڏيا. جنهن کي جيترو وڻي اوترو کڻي ۽ کائي موج ڪري.
مڪو ننڍي وسندي هئي. هيڏو وڏو واقعو، يثرب تائين ڪيس ويو هو، اُتي چوٻول ٿيڻ لڳو، آسپاس جي قبيلن ۾ اها ڳالهه ايئن پکڙجي ويئي، جيئن اڄ جي دور ۾ ٽيلي ويزن تي ٽپا ڏيندڙ ’بريڪنگ نيوز‘ هر ڪنهن جو ڌيان ڇڪرائيندي آهي.
هر گهر تائين خبر پهچي ويئي.
ان خبر سان گڏ بني نوع انسان جي لاءِ هڪ بي حد معتبر ۽ سگهارو واقعو جيڪو ٿيو هو. سو اهو ته ان ڏينهن کانپوءِ هڪ انسان جو ملهه ڏهن اٺن کان وڌي سئو اُٺ قرار ڏنو ويو.
اهو ئي تعداد پوءِ حضرت محمد ﷺ به برقرار رکيو جيڪو اڄ تائين قائم آهي.
خدا جي حڪمت ڏسو ته پنهنجي محبوب ﷺ جي آمد لاءِ جنهن پوتر سهڻي شخص سيدنا عبدالله کي ڌُڻيائين. ان کي به ذبيح جو درجو ڏيئي، ان جي وسيلي هر انسان کي ڏهه ڀيرا وڌيڪ معزز ۽ ملهائتو بنائي ڇڏيائين.
انسان جو قدر ڪٿان کان ڪٿي پهچي ويو.
ڏهن اُٺن واري حيثيت جي انسان جو خون بها سئو اٺ ٿي ويو.
انهن ڏينهن سيدنا عبدالله سڄي مڪي ۾ ايئن مشهور ٿي ويو. ، جيئن ڪو شهزادو ڪنهن رياست کي فتح ڪري آيو هُجي. مرد توڙي زائفائون، کيس واٽ ويندي گهڙي پل لاءِ ڏسڻ ۽ ڳالهائڻ تي مجبور هئا. وري تماشو اهو هو ته هو ڏاڍو سُهڻو هو،حسن جي قدر دانن کي وجهه ملي ويو.