ڪُٽنب
سيده خديجه ۽ آقا ﷺ جو گهر خوشين سان ڀريل هو.
خدا هڪ هڪ ڪري آقا ﷺ کي سيده جي پيٽان ڇھه ٻارڙا ڏنا. ٻارڙن جي عمرين ۾ گهٽ وڌ ڏيڍ سال جو وقفو هو. آقا ﷺ جي عمر 26 سال ٿي ته خدا کيس پُٽڙي سان نوازيو.
نالو قاسم رکيو ويو.
اُن جي ڪري ئي آقا ﷺ جي ڪُنيت ابو قاسم ٿي. ننڍڙو قاسم اڃا ارڙهن مهينن جو هو ۽ ٿڃ ئي پي رهيو هو جو بخار سبب گذاري ويو.. آقا ﷺ جي عمر اٺاويهه سال ٿي ته سندس گهر ۾ سيده زينب جنم ورتو. سوا سال کانپوءِ سيده رقيه جي ولادت ٿي، آقا ﷺ ٽيهن سالن جو هو ته سيده اُم ڪلثوم پيدا ٿي. جن ڏينهن خدا پنهنجي گهر جي نئين سر اڏاوت ڪرائي رهيو هو. مُڪي جا قبيلا پنهنجن ڪلهن تي پٿر ڍوئي آڻي رهيا ۽ خدا جي گهر جي نئين سر تعمير کانپوءِ حجر اسود آقا ﷺ جي هٿان رکرائڻ وارو واقعو ٿيڻ وارو هو. آقا ﷺ جي گهر ۾ جنت جي سڀني عورتن جي سردار سيده فاطمه جي ولادت ٿي. سانئڻ فاطمه جي باري ۾ آقا ﷺ فرمائيندا هئا ته سندس مقام اُم عيسيٰ بنت عمران سيده مريم کانپوءِ سڀني کان مٿانهون آهي.
آقا ﷺ جو ڇهون ٻار سيده خديجه جي پيٽان بعثت کانپوءِ ٿيو. ٻارڙي جو نالو عبدالله ۽ لقب طيب ۽ طاهر هو. اِهو ننڍي هوندي ئي گذاري ويو. ان وقت آقا جي عمر سوا ٽيتاليهه سال هئي. وحيءَ جي ايندي سوا ٽي سال ٿي چڪا هئا. اسلام طرف عام سڏڻ جي سڏ کي به ڪجهه مهينا گذري چڪا هئا. قريشي سردار آقا ﷺ مخالف تي سندرو ٻڌي لهي آيا هئا.
ننڍڙي طاهر- طيب جي وفات تي بنو سَهم جي بد فطرت قريشي سردار عاص بن وائل ڪعبي جي اڱڻ ۾ ماڻهن جي ميڙ ۾ چيو.
ڏٺوَ - ! ابن عبدالله ﷺ جو نسل ختم ٿي ويو ۽ هو (نعوذ بالله) اَبتر ( بي اولاد) ٿي ويو.
آقا ﷺ ڪڏهن به بُرائيءَ جو جواب بُرائيءَ سان نه ڏنو.
پر خدا، آقا ﷺ کي بُرو چوندڙ ڪنهن به بدبخت کي نه ڇڏيو.
سِرَ جو جواب پٿر سان ڏنائين.
نه رڳو انهن کي، پر آقا ﷺ جي دشمن جي نسلن مان اهڙا پٿر پيدا ڪري ڇڏيائين، جيڪي پنهنجا پنهنجا ڀاڳ پاڻ ڀڃن ۽ برباد ٿين.
آقا ﷺ خدا جو ”مان“ آهي. سندس گهر سِڪون ۽ خوشين سان ڀريو ويو.
سيده خديجه، جيڪا مڪي جي ڪامياب ۽ معزز واپارڻ هئي. پنهنجي ٻارن جي پرورش ۽ آقا ﷺ جي خدمت ۾ لڳي وئي. هر ٻارڙي جي جنم کان اڳ هڪ ٿڃ پيارڻ واريءَ جو بندوبست ڪيو ويندو هو. هر ٻارڙي جي جنم کان ست ڏينهن پوءِ عقيقو ٿيندو هو. ٻارڙي جي جنم تي ٻه ٻڪريون ۽ ڌيءُ جي جنم تي هڪ ٻڪري ڪُهي ماڻهن کي کارائيندي هئي. آقا ﷺ جي پُڦي صفيه، جيڪا سيده خديجه جي ڀاڄائي هئي. سندس آزاد ڪيل ٻانهي هر وقت سيده جي خدمت گذار هئي.
شادي کانپوءِ ۽ ٻارن جي ڄمڻ تي به ڪيترائي ڀيرا آقا ﷺ جي رضاعي امڙ، مائي حليمه، سيده جي گهر ايندي رهي ۽ سيده کان سوکڙيون پاکڙيون وٺندي رهي. شادي کانپوءِ ۽ پهريون ڀيرو جڏهن مائي حليمه آئي ته آقا ﷺ منهنجي ماءُ، منهنجي ماءُ چئي کيس کڻي ڳراٽڙي پاتي ۽ پنهنجي مٿي تي ٻڌل چادر لاهي ادب سان کولي پَٽَ تي وڇائي ۽ وڏي حب ۽ اُڪير مان امڙ حليمه کي اُن تي ويهاريو.
انهن ڏينهن امان حليمه جي علائقي ۾ سوڪهڙي سبب ڏڪار آيل هو.
سيده خديجه اُٺ جو هڪ ڪجاوه ان سان ڀريل ۽ چاليهه رڍون امان حليمه جي نذر ڪيون. امان حليمه جڏهن آقاﷺ جي گهر آئي ته پنهنجي پُڄت آهر پنهنجي هٿ جي ٺهيل چٽائي يا پنهنجي هٿن سان ڪو کاڌو رڌي کڻي ايندي هئي. جيڪو آقا ﷺ مُنهنجي امڙ جي هٿن جو پڪل لذيذ کاڌو چئي بسم الله پڙهي کائڻ لڳندا هئا.
آقا ﷺ کي ننڍي هوندي کان ئي امان حليمه جي هٿن جي رڌيل کاڌي جي سُڃاڻپ ۽ اُنهن جو گهڻو احترام هو.
سيده جي گهر ۾ سندس ڀائرن حڪيم ۽ عوام جي زالن ۽ ٻارڙن جي آوت جاوت جاري رهندي هئي. عوام جي زال صفيه آقا ﷺ جي ننڍي پُڦي ۽ سؤٽ ۽ آقا ﷺ جي هم عمر ، چاچي جي پُٽ ۽ دوست حمزه جي ماءُ ڄائي ڀيڻ هئڻ جي ناتي گهڻو ويجهو رکندي هئي. قاسم جي جنم وارن ڏينهن صفيه کي، هڪ پُٽ ڄائو، جنهن جو نالو زبير رکيو ويو. زبير، آقاﷺ جي سامهون کيڏندي وڏو ٿيو ته کيس ڏسي آقاﷺ محبت مان زبير کي کڻي ڇاتي سان لڳائيندا هئا.
سيده جي ڀاءُ حڪيم جي ڌيءَ جي شادي نيڪ فطرت عثمان بن مظعون سان ٿي، جيڪو دنيا جي هُل بکيڙن کان پري روحاني تصورن ۾ گم رهندو ۽ خدا واحد جي جستجوءَ ۾ لڳل رهندو هو. هن جي زندگيءَ لڳ ڀڳ هڪ راهب جهڙي پاڪيزه هئي.
سيده جي ڀيڻ هاله اڪثر اُتي ايندي هئي ۽ پنهنجي پٽ ابوالعاص کي پاڻ سان گڏ آڻيندي هئي. هاله جو پُٽ سيده ۽ آقا ﷺ جي نياڻي زينب کان ڪجهه سال وڏو هو. پوءِ وارن ڏينهن ۾ سيده زينب جي شادي اُن هاله جي پٽ ابوالعاص سان ٿي هئي.
جن ڏينهن آقا ﷺ ڪعبي جي نئين سر اڏاوت کانپوءِ حجر اسود پنهنجي هٿن سان لڳائي آيو، خدا هن جي گهر سيده فاطمه کي پيدا ڪيو ته آقا ﷺ پنهنجي چاچي ابوطالب جو ڇهن سالن جو پُٽڙو علي هميشه جي لاءِ پاڻ وٽ گهر وٺي آيو.
سردار ابو طالب جون ٽي نياڻيون به هيون
عرب سماج ۾ سَتن اٺن ٻارڙن تي مشتمل ڪُٽنب ڪو گهڻي اولاد وارو ڪٽنب نه سمجهيو ويندو هو. اها ڌار ڳالهه آهي ته ڪعبي جي متوليءَ جي حيثيت سان سردار ابو طالب، هر سال حج وارن ڏينهن ۾ خدا جي گهر ايندڙ هزارين مهمانن کي پاڻي پيارڻ ۽ ماني کارائڻ جي ذميداري به نباهيندو هو. اڪثر چوڻ وارن سردار ابو طالب کي گهڻي اولاد هئڻ سبب تنگ دست به چيو آهي.
سردار پنهنجي گهڻي اولاد جي ڪري تنگ دست نه هو، البت خدا جي مهمانن جي گهڻي تعداد جي خدمت چاڪريءَ سبب ڪو مال ۽ ملڪيت گڏ ڪري نه سگهيو هو.
سردار جا ٻيا ڀائر سُٺي زندگي گذاري رهيا هئا.
سردار جو ننڍو ڀاءُ عباس جيڪو آقا ﷺ کان ٽي سال وڏو هو. سون جو ڪاروبار ۽ وياج جي ڏيتي ليتي ڪرڻ سبب چڱو موچارو مالدار هو. هڪ ڀيري آقاﷺ پنهنجي چاچي عباس کي چيو ته اسين ٻيئي چاچا ابو طالب جي ٻن پُٽن کي پنهنجي پرورش ۾ وٺون ٿا. جيئن سردار پاڻ ٻنهي جي پرورش ڪئي هئي. ته جيئن پاڻ ۾ مُحبت وڌي.
چاچو عباس راضي ٿي ويو .
ٻيئي سردار ابو طالب جي خدمت ۾ حاضر ٿيا ۽ اچڻ جو سبب بيان ڪيائون.
سردار چيو عقيل کي مون وٽ رهڻ ڏيو
باقي اوهين جيڪو فيصلو ڪريو.
عقيل کان ڏھ سال ننڍو جعفر هو ۽ سورهن سالن جي جعفر کان ڇهه سال ننڍو علي هو. عباس ڪاروباري ماڻهوهو، شايد هُن سوچيو ته سورهن سالن جو نينگر ڪم ڪار ۾ هٿ ونڊائيندو. هن جعفر جي ٻانهن گهري، آقا ﷺ مُرڪندي سردار جي سڀني کان ننڍڙي پُٽڙي ڇهن سالن جي عليءَ جي مٿي تي محبت مان هٿ رکي کيس هنج ۾ کنيو. اُن ڏينهن کان سيده خديجه ۽ آقا ﷺ جي گهر ۾ سندن چئن نياڻين سان گڏ سندن نئون پُٽ علي پرورش پائڻ لڳو.
اُنهن ڏينهن آقا ﷺ جي امڙِ سيده آمنه جي خادمه بَرڪه، جنهن جي ڪنيت اُم ايمن هئي، اها به واپس اچي آقا ﷺ جي ڪٽنب سان گڏي هئي. آقا ﷺ جي امڙ جي چالاڻي مهل مڪي ۽ يثرب جي وچ ۾ ’ابواء‘ جي جاءِ تي ويراني ۾ رڳو اُم ايمن، ئي آقا ﷺ سان گڏ هئي. هُن ئي سيده آمنه جي زندگي جي آخري ڏينهن ۾ سفر ۽ بيماريءَ ۾ خدمت ڪئي هئي. هُن جي سامهون ئي سيده آمنه جي رحلت ٿي هئي، هُن ئي يثرب ۽ مڪي جي مسافرن سان گڏجي سيده آمنه کي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو هو. هُن سان ئي يتيم آقا ﷺ پنهنجي امڙ جي وفات کانپوءِ ڏکاري حالت ۾ بي وسيءَ جي انتها تي ڇهن سالن کان به گهٽ عمر ۾، سڄو مهينو گرم وارياسي پٿريلي صحرا ۾ هلندي مڪي پنهنجي ڏاڏي عبدالمطلب وٽ پهتا هئا. اُم ايمن سان آقا ﷺ کي جيڪو انتهائي گهرو دلي لڳاءَ هو، بيان کان مٿي آهي.
عمر ۾ اُم ايمن آقا کان ست سال وڏي هئي.
آقا ﷺ جي عمر پنجٽيھه سال هئي ته ام ايمن ٻائيتاليھن سالن جي هئي.
اُم ايمن جي شادي هڪ ڀيرو ٿي چڪي هئي. اُن شاديءَ مان ايمن نالي ڇوڪري پيدا ٿي هئي. جيڪا ننڍي هوندي ئي گذاري ويئي. جنهن سان پَرڻي هئي، اهو يثرب جو هو، جڏهن اهو به گذاري ويو ته اُم ايمن واپس موٽي آئي. چوويهن سالن جي زيد ۽ ٻائيتاليهن سالن جي اُم ايمن جي پاڻ ۾ شادي ٿي ويئي.
سيدنا زيد، آقا ﷺ کان ٻُڌو هو ته هن دنيا ۾ هلندڙ ڦرندڙ جنتي عورت ” ام ايمن“ آهي. پرڻي کانپوءِ هو ٻيئي به سيده خديجه ۽ آقا ﷺ سان سندن ئي ان وڏي ٻه ماڙ گهر ۾ رهندا هئا. سندن پرڻجڻ کان ڪجهه سال پوءِ سيدنا زيد ۽ سيده ام ايمن کي هڪ سُهڻو پٽڙو ڄائو، جنهن جو نالو اُسامه هو .
اُسامه جي حيثيت آقا ﷺ جي پوٽي جهڙي هئي.
اڪثر آقا ﷺ اسامه کي پنهنجي ڪلهن تي ويهاري ڪعبي جي اڱڻ ۾ هليا ايندا هئا.
قريش جي ڏهن قبيلن مان بنو هاشم ۽ بنو مطلب هڪ ئي ڪٽنب ڳڻيو ويندو هو. شايد اُن جو سبب اهو هو ته سردار مطلب، پنهنجي ڀاءُ هاشم جي وفات کانپوءِ ڪعبي جي سار سنڀال پنهنجي گهر ۾ رکڻ جي بدران يثرب مان هاشم ۽ سلميٰ جي پُٽ عبدالمطلب کي آڻي ان جي حوالي ڪئي هئي. کيس پنهنجي ڀائيٽي عبدالمطلب سان دلي پيار هو ۽ عبدالمطلب به سندس محبت ۾ پنهنجو نالو شيبه ڇڏي، سندس غلام رهڻ يعني ” عبدالمطلب“ سڏرائڻ پسند ڪيو.
غلامي هر آقا کي کَٽي وٺي ٿي.
تنهن ڪري هن پنهنجي اولاد جي لاءِ ڌار ” بنو مطلب“ جي بدران پنهنجي ڀائيٽي عبدالمطلب ۽ پنهنجي ڀاءَ بنو هاشم جي سڃاڻپ ئي رهڻ ڏني. بنو مطلب کي بنو هاشم ۾ ئي شامل رکيو. باقي ڏھ قريش قبيلا پنهنجي ڪثير اولاد ۽ گهڻي مُوڙيءَ جي ڪري قريشن ۾ اُمتيازي ۽ باوقار سڃاڻپ جي ڊوڙ ۾ لڳا رهيا. انهن گهراڻن ۾ خاص طور تي ٻه گهراڻا پنهنجي گهڻي موڙي ۽ ڪثير جوان اولاد جي ڪري پاڻ کي قريش قبيلن جا سرپئنچ سمجهندا هئا.
اُنهن مان هڪ ته سيدنا هاشم جي جاڙي ڀاءُ عبدشمس جو اولاد، بنو اُميه مان ابو سفيان بن حرب هو، جيڪو وهيءَ ۾ آقاﷺ کان ٻه سال وڏو هو. ان ئي عبد شمس ڪٽنب مان ٻه ڀائر شيبه ۽ عتبه هئا. عتبه، ابوسفيان، بن حرب جو سهرو هو. ابو سفيان جي زال هنده جو پيءُ، اُن ئي عتبه جو پيءُ ربيع هو، جيڪو عبد شمس جو پٽ هو. شيبه جي ماءُ آمنه عبدالدار قبيلي مان هئي. ابو سفيان چمڙي ۽ تيل جو واپاري هو، هو مڪي مان اُٺن جا وڏا وڏا قافلا وٺي شام طرف ويندو هو. جيڪڏهن ڪڏهن هن جو قافلو نه ويندو هو ته هو ته سيده جي قافلي سان گڏ پنهنجا اُٺ موڪليندو هو. ڪڏهن وري سيده جا واپاري اُٺ ابو سفيان بن حرب جي قافلي سان گڏ هليا ويندا هئا. هڪ ڀيري هيئن ٿيو ته آقا ﷺ به ابو سفيان بن حرب جي قافلي ۾ واپار جي لاءِ ’غزا‘ طرف ويا هئا. آقا ﷺ جي بعثت کانپوءِ اُن ئي ابو سفيان بن حرب، آقا ﷺ ۽ مسلمانن جي حد درجي جي مخالفت ڪندي اسلام جي خلاف سڀني اهم جنگين جي اڳواڻي ڪئي.
عبد شمس گهراڻي جي اُن لڙيءَ مان اُميه جي پٽ عاص جو پوٽو عثمان بن عفان آقا ﷺ سان حد کان وڌيڪ محبت ۽ عقيدت رکندڙ هو.
هو پنهنجي سڄي قبيلي ۾ سڀني کان وڌيڪ خوبرو ۽ خوش شڪل جوان هو.
عمر ۾ زيد جي هم عمر هو، ڪاروبار ۾ آقا ﷺ جي سڀ کان ويجهي دوست ابوبڪر جو ساٿي هو. بعد ۾ کيس آقا ﷺ جي ٻن نياڻين سيده رقيه ۽ سيده اُم ڪلثوم سان هڪ جي وفات کانپوءِ ٻيءَ سان نڪاح جو شرف حاصل ٿيو. هو مسلمانن جو ٽيون خليفو به ٿيو. جتي هي مسلمانن جي ٻانهن جو ٻَل هو، اُتي سندس گهراڻي مان عتبه بن ربيعه، شيبه بن ربيعه، وليد بن عتبه، عتبه بن ابي معيط ۽ ابو سفيان جهڙا رسول الله جا دشمن به هئا.
قريش جو سرپئنچ قبيلو بنو مخزوم هو.
بنو مخزوم ۾ آقا ﷺ جي ڏاڏي سردار عبدالمطلب پنهنجون ٻه نياڻيون اميمه ۽ عاتڪه پرڻايون هيون. آقا جي انهن ٻنهي پڦين جا ٻارڙا، آقا ﷺ سان پيار ڪندا هئا ۽ سندن آقا جي گهر اچڻ وڃڻ ٿيندو هو. سردار ابو طالب پنهنجي ڌيءَ ”فاخته“ جيڪا ’اُم هاني‘ جي نالي سان مشهور ٿي. اها بنو مخزوم ۾ پرڻائي خود سيده جي ٻي مرهيات خاوند جو واسطو به اُن مخزوم قبيلي سان هو، اُن وقت ان قبيلي جي سردار حڪمت جو پيءُ ابو الحڪم جي لقب سان ڄاتو ويندو هو، ان جو نالو عمر بن هشام هو. عمر ۾ هو آقا ﷺ کان ڪجهه سال ننڍو هو، پر پنهنجي هَٺ، وڏائي ۽ سرڪشيءَ جي ڪري هو آقا ﷺ ۽ مسلمانن جو انتهائي شديد دشمن هو، ان ڪري آقا ﷺ ان جو نالو ابوالحڪم جي بدران جهالت جو پيءُ يعني ”ابو جهل“ رکيو.
تاريخ ۾ هُو اُن ئي نالي سان ڄاتو وڃي ٿو.
هُن جي مخالفت گهڻي تڻي مڪي ۾ رهي ۽ مدني دور جي پهرين لڙائي بدر ۾ هو مارجي ويو. اُن قبيلي مخزوم مان آقا ﷺ جي پُڦين جا پُٽ گهڻو ڪري آقا ﷺ جا دوست ۽ فرمانبردار رهيا. ارقم بن الارقم، جيڪو ننڍي هوندي کان ئي آقا ﷺ جو عقيدت مند ۽ خيرخواھ هو. اُن قبيلي بنو مخزوم مان هو. عمر ۾ هو آقا ﷺ کان ڏھ سال ننڍو هو. پر سندس آقا ﷺ جي گهر اچڻ وڃڻ ٿيندو رهندو. آقا ﷺ به صفا وٽ سندس سُهڻي ۽ کليل گهر ۾ اڪثر ايندا ويندا هئا. جيڪو مڪي جي آباديءَ کان ٿورو پَر ڀرو هو. اُتي ئي آقا ﷺ جا پروانا وٽس گڏ ٿيندا هئا. ان گهراڻي مخزوم مان الوليد بن مغيره جا پُٽ وليد بن الوليد ۽ سندس پٽ خالد بن وليد آقا ﷺ جي امانت ۽ ديانت جي ڪري سندس احترام ڪندا هئا. اُن قبيلي مان اُم سلميٰ جو مڙس ابو سلمه آقا ﷺ سان خاص اُنسيت رکندو هو.
هاشم ۽ عبدشمس جي ڀاءَ نوفل جي اولاد مان مطعم بن عدي بن نوفل ۽ معطم جو پٽ جبيربن معطم آقا ﷺ جي خير خواھن مان هئا.
بنو زهره به قريش جو معزز قبيلو هو.
آقا ﷺ سان ويجهي رشتي جي ناتي اُن قبيلي جا ماڻهو بعثت کان اڳ ۽ پوءِ به عام طور تي آقا ﷺ جا دوست ۽ محبت ڪندڙ رهيا. ان ئي قبيلي مان آقا ﷺ جا ٻه عظيم دوست ۽ خير خواھ سعد بن ابي وقاص ۽ عبدالرحمٰن بن عوف هئا. شايد هن پنهنجي ماسي سيده آمنه کان آقا ﷺ جي ولادت واري وقت جي ڏٺل حيران ڪندڙ معجزاتي ڳالهيون ٻُڌيون هيو. اِهي ٻيئي عمر ۾ آقاﷺ کان ٻارهن پندرهن سال ننڍا هئا. پر آقاﷺ جي ويجهي دوست ابوبڪر جا ڪاروباري ساٿي به هئا. اُن جي ڪري ئي ٻنهي جو اڪثر آقا ﷺ سان گڏجڻ ٿيندو رهندو هو.
قريش جي اُنهن قبيلن مان قبيلي بنو عدي جو سعيد بن زيد، آقا ﷺ سان محبت ڪندڙ هو. اُن قبيلي جي قريش جو سڀني کان قد آور ۽ شهزور جوان عمر بن خطاب جيڪو آقا کان عمر ۾ چوڏهن سال ننڍو هو. بعثت کانپوءِ شروع وارن ڪجهه سالن ۾ جتي آقا ﷺ جو دشمن هو، اُتي مسلمان ٿيڻ کانپوءِ آقا ﷺ جي ٻانهن جو ٻَل ۽ اسلام جو ٻيو خليفو رهيو. جنهن جي خلافت جي ٻارهن سالن ۾ ان وقت جي ٽنهي وڏين سلطنت کي هن اهڙو ته فتح ڪيو، جو اهي سڀ اڄ تائين مڪمل طور تي مسلمان آهن.
جتي آقاﷺ جي دوستن جي ڳالهه ٿئي ته اها آقاﷺ جي ننڍپڻ کان وٺي آخري پساهن تائين سڀني کان پياري ۽ عظيم ترين دوست ابوبڪر تي ڳالهه ختم ٿئي ٿي.
سندس نالو عتيق هو
قريش جي معزز قبيلي تيم سان واسطو هو.
اُن قبيلي سان جنهن جي هڪ وڏڙي عبدالله بن جدعان جي وڏي عاليشان گهر ۾ آقا ﷺ ويهن سالن جي وهيءَ ۾ مظلومن جي حمايت جو حلف کنيو هو.
سيدنا ابوبڪر ڪپڙي جو واپار ڪندا هئا.
پاڻ ڪيترائي ڀيرا آقا ﷺ سان واپاري قافلن ۾ ويا هئا.
سيدنا ابوبڪر جي قبيلي جو طلحه بن عبدالله به آقا ﷺ جي دوستيءَ جو دم ڀريندو هو. سيدنا ابوبڪر نه رڳو سڀني قريشن ۾، پر سڄي عربستان جي گهڻن تڻن قبيلن ۾ عزت ۽ احترام سان ڏٺو، ڄاتو ۽ سُڃاتو ويندو هو.
قبيلا نسل در نسل ۽ قبيلن جي شجرن جو عالم سمجهيو ويندو هو.
پاڻ سچائي ۽ انصاف جي ڪري قريشن ۾ هڪ خاص شان رکندو هو، قريش عام طور تي پاڻ ۾ ٿيندڙ جهيڙن جهٽن جا فيصلا حضرت ابوبڪر کان ئي ڪرائيندا هئا، ڇو ته آقا ﷺ کانپوءِ ابوبڪر ئي قريش ۾ صديق جي لقب سان ڄاتا سُڃاتا ويندا هئا.
سيده خديجه ۽ آقا ﷺ جو گهر مڪي جي قريش گهرن ۾ هڪ معزز، پُر سڪون ۽ عزت ڀريو گهراڻو هو. قريش جا سڀ قبيلا آقا ﷺ جي حيثيت ۾ ايندڙ ڏينهن ۾ کيس قريشن جو سڀ کان فخر جوڳو ۽ ممتاز فرد سمجهندا هئا.
جنهن جي واتان قريشن جي ڪنهن به فرد ڪڏهن به ڪا ڪڙِي ڳالهه نه ٻُڌي هئي.
ڪڏهن به ڪنهن جي گلا ڪندي آقا ﷺ کي نه ٻڌو هو.
آقا ﷺ ڪنهن سان به واعدي خلافي نه ڪئي هئي.
هڪ ڀيري ته ڪنهن ڪاروباري معاملي ۾ هڪ قريشيءَ آقا کي ڪعبي وٽ بيهڻ جي لاءِ چيو ته جيستائين آءٌ نه موٽان تيستائين اوهين هِتي ئي بيٺا هُجو. گهر وڃي کيس ڳالهه وسري وئي. رات پئجي ويئي ۽ سُمهي رهيو. ٻي ڏينهن آقا ﷺ جي گهر ويو ته خبر پيس ته آقا ﷺ رات گهر نه آيا آهن. هو ڀَڄندو حرم پهتو. جتي هن آقا کان پنهنجي موٽي اچڻ تائين بيهڻ جو وعدو ورتو هو. ڏٺائين ته آقا ﷺ اُتي ئي بيٺا هئا.
آقا ﷺ جي سُهڻي اخلاق ۽ رواداريءَ جا قصا مڪي ۾ شاعري جو موضوع به بنيا. آقا ﷺ جي سُهڻي سلوڪ، ظاهري سونهن ۽ سوڀيا، اخلاقي برتري، ڪوڙ، ريا ڪاري ۽ گلا غيبت کان پاسو ڪرڻ، وعدي جي پاسداري ڪرڻ هڪ سکر پاڪباز واپارڻ زال جو سڪون ڀريو گهر، خوش شڪل، خوش خصال، سهڻي اُٿي ويٺي، چئن ٻارن جي پيءَ عبدالمطلب جي لاڏلي پُوٽي ۽ حاجين کي پاڻي پياريندڙ ۽ ماني کارائيندڙ سٺي چاچي ابوطالب جي سرپرستيءَ سبب سڀني قريش قبيلن کي احساس هو ته ايندڙ وقت ۾ محمد بن عبدالله آقا ﷺ قريشن جي اڳواڻي پنهنجي وڏڙي هاشم ۽ ڏاڏي کان بهتر نباهيندا. تنهنڪري آقا جي شاهوڪار مغرور چاچي ابولهب، پنهنجن ٻن جوان پُٽن عتبه ۽ عتيبه جون مڱڻيون آقا ﷺ جي نياڻين سيده رقيه، ۽ سيده اُم ڪلثوم سان وڏي لاڏ ڪوڏ مان ڪيون هيون. ابو لهب جي زال اُم جميل، جيڪا ابو سفيان بن حرب جي سالي هئي. پڙهيل لکيل ۽ شاعره هئي ۽ آقا ﷺ جي گهر ۾ پنهنجي ننهن کي مُحبت سان ڏسي خوش پئي ٿيندي هئي. آقا ﷺ جي بعثت کانپوءِ ابو لهب ٻنهي جون مڱڻيون ٽوڙي ڇڏيون ۽ ٻيئي زال مڙس آقا ﷺ جا بدترين دشمن بنجي ويا هئا. پر آقا ڪڏهن به کين نقصان نه رسايو.
آقا جي شخصيت ۾ هر پنهنجي ۽ پرائي لاءِ مڪمل ڀَلائي هئي.
پاڻ سڀني جو ڀَلو چاهيندا هئا.
جيڪو به کانئس مدد گهرندو هو، اِها ڪندا هئا.
مهمانن جي خدمت چاڪري سُٺي نموني ڪندا هئا.
مٽن مائٽن سان سُهڻو سلوڪ ڪندا هئا.
ڪنهن سان به ناتو نه ٽوڙيندا هئا.
ٽُٽل دلين کي ڳنڍيندا هئا.
رُٺلن کي پرچائيندا هئا.
هر قسم جي نفعي ۽ نقصان کان مٿانهان رهندا. آقا ﷺ سڀني ماڻهن جي لاءِ سراپا رحمت ۽ امن هئا. سندس مُک تي هڪ هلڪي مُرڪ سدائين عام ۽ خاص جي لاءِ رقصان رهندي هئي. اُن مرڪ کي ڏسي مڪي جا قريش جتي خوش ٿيندا هئا. اُتي قريش قبيلن جي مجبور ۽ محڪوم پرديسي غلامن جي لاءِ آقا ﷺ جي شخصيت ۾ هڪ روشن خواب جنم وٺندو هو.
مڪي جا سڀ غلام دل ئي دل ۾ پنهنجا ڀاڳَ سيدنا زيد جهڙو سوچيندا هئا. هو سوچيندا هئا ته ڪاش اسانجو آقا به آقا ﷺ هجي ها. ۽ اسان کي غلاميءَ مان ڪڍي پنهنجو ڪري ها. اسانجو محافظ ۽ وارث بنجي ها، پوءِ اسين ڪيترا نه خوشنصيب غلام هُجون ها، اهڙا غلام جن تي هزارين آزاديءَ جون زندگيون قربان.