پَس نوٽ
ڪَسيرو ڇا ڪَڻي به نه آهيان!
]سنڌ يڪار پاران[
اڄ ايڪٽيهين آڪٽوبر 2018ع اربع جي ڏينهن مالڪ مهربان جي ڪرم نوازيءَ سان مون ”آقا ﷺ “ جو ترجمو پورو ڪيو.
آقا ﷺ جي ترجمي جي شروعات مون ٻه سال اڳ 30 آڪٽوبر 2016ع تي ڪئي هُئي.
اڄ جڏهن ترجمو پورو ڪري، ترجمي شروع ڪرڻ جي تاريخ ڏٺم ته حيرت ٿيم ته ترجمي جي شروعات پورا ٻه سال اڳ 30 آڪٽوبر تي ڪئي هُيم.
آقا ﷺ جي هن ترجمي جي ڪهاڻي به عجيب آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته روز ترجمو ڪندو هئس ته ڪڏهن وري ترجمي ۾ ڏينهن جا ڏينهن، هفتن جا هفتا ۽ مهينا به وٿي پئجي ويندي هئي.
اُن دوران منهنجي زندگيءَ ۾ عجيب ۽ هنگامه خيز موڙ آيا. پريشانين مُنهن ڪڍيو، ويرين مُون تي وار ڪيا.
ڪيس ڦڏا ڪيائون، گرفتار ڪيو ويس. لاڪ اپ جي عذاب ناڪ ماحول ۾ ڌپَ ۽ مڇرن جي يلغار ۾ راتيون گذاريم.
مُنهنجا ٻه پُٽ منظر ۽ سمير لاڪ اپ ۽ پوءِ سينٽرل جيل حيدرآباد جو مُنهن ڏسي آيا.
منهنجي گهرواري، منهنجي نياڻي، مُنهنجي ٽي پُٽ شهزاد ۽ مون تي ڪيس داخل ڪيا ويا.
شهزاد کي به پوءِ گرفتار ڪري سينٽرل جيل ڏيکاريوا ويو.
ڪيس هليو، انڪوائري ٿي ۽ ڪوڙو ثابت ٿيو.
اُن سڄي عرصي دوران ڊوڙ ڊوڙان، ضمانتن لاءِ ڀَڄ ڊُڪ، ڪڏهن ڪورٽن جا چڪر ڪاٽڻ ته ڪڏهن ٻن ڌار ڌار جيلن ۾ قيد ٻنهي پُٽن سان ملاقاتن تي وڃڻ، سندن گُهربل گُهرجون پوريون ڪرڻ، مالي تنگي، اڪيلو ماڻهو، سڀ ڪجهه الله جي آسري تي، جنهن محبوب مِٺي آقا ﷺ جي صدقي گهڻين تڪليفن مان اُڪاري پار ڪيو.
باقي جيڪي رهيل آهن، اِهي به انشاء الله جلد ختم ٿي وينديون.
الله تعاليٰ مون کي سُٺا ۽ مهربان دوست ڏنا، جن منهنجي مدد ۾ زمين ۽ آسمان هڪ ڪري ڇڏيو. کين اُن جو اَجر الله ئي ڏيندو، مون وٽ کين ڏيڻ لاءِ فقط دعائون ئي آهن.
اُن سڄي عرصي دوران منهنجي ذهن ۾ آقا ﷺ جي ترجمي کي جلد پورو ڪرڻ جو خيال حاوي رهيو.
●
سيرت رسول الله ﷺ جو مطالعو مونکي سدائين مَرغوب رهيو آهي. مون کي جڏهن به، جتي به سنڌي يا اردوءَ ۾ ”سيرت“ رسول ﷺ تي لکيل ڪو ڪتاب نظر آيو ته مون اهو نه رڳو وڏي شوق سان خريد ڪيو، پر وڏي ڌيان سان پڙهيو ۽ سيرت تي لکيل هر ڪتاب جي مطالعي کان پوءِ آءٌ سيرت پاڪ جي نون نون پهلوئن کان واقف ٿيس، مُنهنجي اڳيان سيرت پاڪ بابت نوان نقطا نروار ٿيا. آءٌ سيرت پاڪ جي ذريعي ئي ”قرآن پاڪ“ ڏانهن رجوع ٿيس، اُن سلسلي ۾ آءٌ مولانا ابوالڪلام آزاد جي هنن لفظن جو سهارو وٺندس:
”ماڻهو قرآن جي مطالعي سان سيرت طرف اچن ٿا ۽ آءٌ سيرت جي مطالعي سان قرآن طرف موٽيس ته منهنجي دل ۽ دماغ جو هر ڪَنڊو صاف ٿي ويو ۽ الله جي فضل سان انڪار ۽ الحاد جي رڻ پَٽ مان نڪري آيس.“
سڄي دنيا ۾ ”سيرت رسول“ﷺ تي هر ٻوليءَ ۾ ڪيترائي ڪتاب لکيا ويا آهن، جن جو انگ معلوم ڪرڻ مشڪل آهي ۽ اهو سلسلو اڄ ڏينهن تائين جاري آهي ۽ قيامت تائين جاري رهندو.
پاڻ سڳورن ۽ سندن تعليم جي باري ۾ اسان وٽ ٽن ذريعن وسيلي معلومات پهتي آهي. (1) قرآن پاڪ (2) حديث (3) المغازي- يعني شروعاتي دور ۾ پاڻ سڳورن جي باري ۾ لکيل ڪتاب.
مٿين ٽنهي ذريعن مان مرڪزي ماخذ يا معلومات جو وسيلو ”قرآن“ آهي، جيڪو 23 سالن جي عرصي ۾ 610ع کان وٺي 632ع تائين يعني پاڻ سڳورن جي وصال تائين نازل ٿيو. اُن جي 114 سورتن ۾ پاڻ سڳورن جي بعثت، شروعاتي حالتن، عهد رسالت جي تعليم، غزوات ۽ خانگي زندگيءَ بابت ٿورو ٿورو ذڪر آهي.
قرآن ٿورو ٿورو ٿي آيتن ۽ سورتن جي شڪل ۾ پاڻ سڳورن تي نازل ٿيو ۽ اُن ۾ ڪڏهن ڪڏهن وحي مڪي يا مديني ۾ ڪنهن خاص صورتحال بابت آئي ۽ قرآن ۾ الله تعاليٰ پاڻ سڳورن تي تنقيد ڪندڙن کي جواب ڏنو، هر ڀيري وحي اچڻ تي اصحابي سڳورا اها ياد ڪري ۽ لکي وٺندا هئا. قرآن پاڪ جي پهرين باقاعده تدوين پاڻ سڳورن جي وصال کانپوءِ 650ع ۾ ڪئي ويئي، اُن وقت کان وٺي قرآن کي قانون ۽ ضابطي جي حيثيت حاصل ٿي.
اُن سلسلي جو ٻيو ذريعو ”حديث“ آهي. يعني پاڻ سڳورن جا اِهي قول يا چوَڻيون، جيڪي پاڻ سڳورن، قرآن کانسواءِ فرمايون. حديثون رسول الله ﷺ جي عملن (سنت) ۽ قولن (چوڻين) ٻنهي تي مشتمل آهي. اهڙي طرح رسول ﷺ جي سُنت به پاڻ سڳورن جي عملن ۽ قولن جو احاطو ڪري ٿي.
حديثن جا اهڙا ڇهه ڪتاب يا مجموعا عام طور تي مُستند مڃيا وڃن ٿا، جن کي ”صحاح سته“ چيو وڃي ٿو. اُن سلسلي ۾ جيڪو قدر جوڳو ڪم ٿيو، اهو امام بخاريءَ ڪيو، جنهن وڏي محنت ۽ جاکوڙ کان پوءِ حديثن جو ڪتاب ”صحيح بخاري“ ترتيب ڏنو، جنهن ۾ 96 باب آهن. امام بخاريءَ جو زمانو پاڻ سڳورن جي وصال کان ٻه سئو سال پوءِ جو آهي. اُمام بخاريءَ جي ڪم جي تڪميل کان پنج يا ڇهه سال پوءِ امام ابن المجاج القيسر مسلم (261هه/878ع) پنهنجو ڪم منظر تي آندو. اُن کانسواءِ ابو عبدالله ابن يزيد ابن ماجول (273هه/996ع) سليمان ابو دائود (278هه/888ع) ابو عيسيٰ ترمذي (279هه/883ع) ابو عبدالرحمان نسائي (303هه/918ع) پنهنجو ڪم منظر عام تي آندو.
مٿين ڪتابن کانسواءِ امام مالڪ جو ڪتاب ”موطا“ به حديثن جو اهو ڪتاب آهي، جنهن کي ڪي عالم ”صحاح سته“ ۾ شامل ڪن ٿا ته ڪي وري ان ڳالهه تي زور ڀَرين ٿا ته اهو ”مقام“ ابن ماجه کي ملڻ گهرجي.
اُن سلسلي جو ٽيون ذريعو سيرت جا اهي ڪتاب آهن، جيڪي لڳ ڀڳ انهيءَ ئي دور يعني اٺين ۽ نائين صديءَ ۾ پهرين مسلمان مورخن پاڻ سڳورن بابت لکڻ شروع ڪيا، اُنهن ۾ محمد ابن اسحاق (وفات 767ع)، محمد ابن عمر واقدي (وفات 820ع جي لڳ ڀڳ) محمد بن سعد (وفات 845ع) ۽ ابو جرير الطبري (وفات 923ع) شامل آهن.
مٿين ڪتابن مان سڀني کان قديم ماخذ محمد ابن اسحاق جو ڪتاب ”المغازي“ آهي، جيڪو پاڻ سڳورن جي وصال کان هڪ سئو ويهه سال پوءِ لکيو ويو.
اُن سلسلي ۾ ڊاڪٽر محمد حميد الله لکي ٿو:
”مسلمانن گهڻو اڳ پيغمبر اسلام حضرت محمد ﷺ جي سوانح حيات لکڻ شروع ڪري ڏني هُئي، ڪجهه سوانح عمريون صحابي سڳورن جي دور ۾ تيار ٿيون، جن ۾ پهرين ته پاڻ سڳورن جي جنگي ۽ تبليغي مهمن کي موضوع بنايو ويو ۽ پوءِ انسانيت جي وسيع تر ڀلائيءَ ۽ سُڌاري خاطر پاڻ سڳورن جي ڪمن ۽ ڪارنامن تي لکيو ويو، پهرين صدي هجريءَ ۾ حديث جي حوالي مان جيڪو ڪم ٿيو هو، اهو مڪمل طور تي منظرعام تان غائب ٿي ويو ، پر ان دور ۾ پاڻ سڳورن جون لکيل سوانح عمريون عملي طور تي سدائين جي لاءِ غائب ٿي ويون. اُن حوالي سان قديم ترين ڪم جيڪو اڃا تائين موجود آهي. اهو ابن اسحاق (وفات 151 هجري) جي اڻ پورن حصن تي مشتمل ڪم آهي، جيڪو قرويين (فيض) ۽ زاهيريه (دمشق) جي لائبريرين ۾ موجود آهي. ابن اسحاق جي هم مڪتب موسيٰ ابن عقبه جيڪو پوءِ جو ليکڪ آهي، اُن جا لکيل ڪجهه اقتباسات برلن ۾ موجود آهي، جيڪو ڪم اسان تائين تڪميل ٿيل صورت ۾ پهتو آهي، اُن ۾ مغازي (مخطوطه برٽش ميوزيم) ۽ رده (مخطوطه بانڪي پور هندستان) از الواقدي (وفات 207هه) شامل آهن. اسين ابن هشام (وفات 210 هجري) جا ٿورائتا آهيون، جنهن ابن اسحاق جي ڪم جي ٻنهي حصن کي نئين سر ترتيب ڏيئي، ان کي هڪ ڪتاب ”سيرت رسول اللهﷺ “ جي شڪل ۾ محفوظ ڪيو آهي. ان کي ڪيترائي ڀيرا ايڊٽ ڪيو ويو آهي. ابن سعد (وفات 320 هجري) به گهڻي اهميت وارو آهي، ڇو ته هُن پنهنجي ضخيم ڪتاب سوانحي لغت ”طبقات“ ۾ نه رڳو پاڻ سڳورن ﷺ جي باري ۾ لکيو آهي، پر پاڻ سڳورن ﷺ جي ساٿين يعني صحابه ڪرام جي باري ۾ پڻ لکيو آهي.“
سيرت نگاريءَ جي سلسلي ۾ سنڌي عالمن جون خدمتون به ڪنهن کان ڳُجهيون ناهن. اُن سلسلي ۾ مرحوم غلام رباني آگرو ٽه ماهي مهراڻ جي ”سيرت نمبر“ جولاءِ- ڊسمبر 1980 ۾ پنهنجي مضمون ”سيرت جي ڪن اهم ڪتابن جو مختصر جائزو“ ۾ لکي ٿو:
”سڄي دنيا جي اسلامي تاريخ ۾ سيرت نگاريءَ جي پهرينءَ صف ۾ دنيا جا فقط تيرهن عالم شمار ڪيا وڃن ٿا، سنڌ پهرينءَ صف ۾ موجود آهي. دنيا جي هاڪاري ڪتاب ”طبقات“ جي مصنف ”ابن سعد“ جي اُستاد الواقدي جو اُستاد ”ابو معشر“ سنڌي هو. هو دنيا جي پهرين سيرت نگار ”ابن اسحاق“ جو همعصر هو. کيس عام طرح سان ”السندي“ سڏيو ويندو هو. بغداد ۾ دفن ٿيل آهي، سندس جنازي نماز خليفي هارون رشيد پڙهائي هُئي. کيس عام طرح سان ”السندي“ سڏيو ويندو هو. مغازيءَ جي روايتن ۾ کيس ”سَند“ جو درجو حاصل هو. امام احمد بن حنبل کيس ”بصيرت في المغازي ]مغازيءَ ۾ بصيرت رکندڙ[ ڪوٺي ٿو. الخاطي جو خيال آهي ته ”السندي“ جو علم ۽ تاريخ ۾ خاص مقام آهي.
ابو معشر ڪتاب ”المغازي“ به لکيو هو. اُن ڪتاب جا ڪيترائي اقتباس ”واقديءَ“ جي ڪتاب ”المغازي“ ۾ موجود آهن. ’ابن سعد‘ وٽ سيرت جا ڪتاب ڏسي اهو به اندازو ٿئي ٿو، ته ابو معشر رسول الله جي مڪمل حياتيءَ بابت روايتون گڏ ڪيون هيون.“
علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، پنهنجي هڪ مقالي ”علم سيرت جي اوسر ۽ ارتقا سنڌ ۾“ ابو معشر السنڌيءَ بابت لکي ٿو:
”هن خطي سنڌ جو اهو پهريون محدث آهي، جنهن جي هڪ ئي وقت حديث ۽ سيرت سان نسبت رهي. هن کي به مُحمد بن اسحاق وانگر ”امام السيرو المغازي“ سڏيو ويندو آهي.
جيتوڻيڪ ابو معشر سنڌي ءَ جي شاگرد واقديءَ بابت محدثن وٽ ڪا چڱي راءِ ڪونهي، سندس باري ۾ اُمام احمد بن حنبل کيس ڪوڙو ۽ امام بخاريءَ کيس متروڪ الحديث چيو. نسائي ته سندس باري ۾ چيو ته ”رسول الله تي ڪوڙ ڳالهائڻ وارن مان مديني ۾ واقدي ۽ خراسان ۾ مقاتل بن سليمان هو.“
واقديءَ جي سيرت پاڪ جي حوالي سان واقعن جي ڪيل بي احتياطيءَ جي ڪري، مستقل ۾ سيرت جي ڪيترن ئي واقعن جي گڏ وچڙ ٿي وڃڻ سبب ڪافي مونجهارا ۽ غلط فهميون پيدا ٿيون، جن کي بنياد بنائي يورپ جي متعصب عالمن پاڻ سڳورن جي باري ۾ تعصب تي ٻَڌل ڪتاب لکيا.
علامه غلام مصطفيٰ قاسمي جي تحقيق موجب سنڌ جي جن ٻين عالمن سيرت پاڪ تي ڪم ڪيو، اُنهن ۾ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي ئي سنڌي ٻوليءَ ۾ سيرت تي پهريون ڪتاب لکيو ۽ اهو ڪتاب ”قوت العاشقين“ آهي. علامه جي لکڻ موجب:
”مخدوم محمد هاشم سنڌي، هتي جي سهڻي ۽ سلوڻي ٻوليءَ ۾ نظم فرمايو. برصغير جي رائج ٻولين مان سيرت تي اهو پهريون ڪتاب آهي، جيڪو سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيو ويو، هن ۾ حضور ﷺ جي سيرت پاڪ مان رڳو معجزن تي تحقيق ڪئي وئي آهي ۽ هن ۾ حضور پاڪ ﷺ جن جا 160 معجزا پوريءَ تحقيق ۽ سَند سان بيان ڪيا ويا آهن. هن ڪتاب جي اها خوبي آهي جو مخدوم صاحب ڪيترين جاين تي پنهنجي عربي مدحيه قصيدن ۽ مناجاتن کي به ڪتاب ۾ آڻي، اُن کي ڏاڍو سوادو بنايو آهي. ڪيترين ئي جاين تي نبي ﷺ جي وڏن ساٿين ۽ صحابه سڳورن جي سيرت ۽ فضيلت تي حديثون آڻي، انهن جي سمجهاڻي ڏني آهي.“
هي ڪتاب پهريون ڀيرو ڪرائون سائيز جي 380 صفحن تي، 1950ع ۾ حيدرآباد سنڌ مان ڇپجي پڌرو ٿيو.
علامه غلام مصطفيٰ جو مٿيون مضمون پڙهندي مون کي خيال آيو ته جيتوڻيڪ مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جو مٿيون ڪتاب ”قوت العاشقين“ سنڌي ۾ لکيل پهريون ڪتاب آهي، جيڪو مخدوم صاحب 1127 هجريءَ ۾ تاليف ڪيو، پر اهو ڇپيو گهڻو پوءِ . پر سنڌيءَ ۾ سيرت تي پهريون ڪهڙو ڪتاب هو جيڪو ڇاپي هيٺ آيو، اُن سلسلي ۾ ڪتابن ۽ رسالن جا ورق ورائيندي، منهنجي نظر سه ماهي مهراڻ جي سيرت نمبر (جولاءِ- ڊسمبر 1980ع) ۾ ڊاڪٽر گل حسن لغاريءَ جي مضمون ”سيرت پاڪ تي لکيل سنڌي ڪتابن جي فهرست“ تي پئي، اُن مضمون ۾ لغاري صاحب 1980ع تائين سنڌيءَ ۾ ڇپيل ڪتابن جي فهرست مرتب ڪئي آهي، سندس اُن فهرست موجب 1980ع تائين، سنڌيءَ ۾ ڇپيل ٽوٽل 165 ڪتاب ڄاڻايا ويا آهن، اُن هوندي به ڊاڪٽر لغاريءَ جي لکڻ موجب:
”مون پنهنجي وس آهر ڪتابن جي تلاش ڪئي آهي، تنهن هوندي به ممڪن آهي ته سيرت پاڪَ تي لکيل ڪتاب اڃا به موجود هجن، ۽ منهنجي نظر مان نه گذريا هجن.“ (صفحو 399-400)
ڊاڪٽر گل حسن لغاري اها فهرست وڏي محنت سان تيار ڪئي آهي ۽ اُن ۾ پاڻ سيرت رسول ﷺ تي نثر توڙي نظم جا ڪتاب، مولودن، مناجاتن، معجزن، ٽيهه اکرين جا ڪتاب به ڄاڻايا آهن، اُن کانسواءِ درودن جا ڪتاب ”برڪات الصلواة“ وغيره به ڏنا اٿس.
اُن فهرست ۾ جيڪي ٻه ڪتاب سڀ کان پهرين سال 1911ع ۾ ڇپيل نظر اچن ٿا، انهن مان پهريون حڪيم فتح محمد صغير سيوهاڻيءَ جو ”فتح محمدي“ ۽ ٻيو لالچند امرڏنو مل جگتياڻي جو، ”محمد رسول الله عرف حضرت محمد جي حياتيءَ جو احوال “ آهن. لال چند امر ڏنو مل پهريون سنڌي هندو هو، جنهن مذهبي ڀائيچاري ۽ رواداري جو اصول اختيار ڪندي ”سيرت“ تي اهو ڪتاب لکيو، جڏهن پاڻ اهو ڪتاب لکيائين ان وقت پاڻ سنڌ مدرسي ۾ استاد جي حيثيت سان ڪم ڪندو هو. ان ڪتاب لکڻ تي سندس ڪي دوست چٿر طور کيس ”لعل محمد“ به سڏيندا هئا. پر ڪاڪي لالچند امر ڏني جنهن د ل جي حضور سان اهو ڪتاب لکيو، ان جو ذڪر هو ڪتاب جي مهاڳ ۾ ڪندي لکي ٿو:
” هر سال ڳچ جيترن مسلمان ڇوڪرن جون ٻانهون منهنجي حوالي ڪيون وڃن ٿيون. ڏسان ٿو ته اِهي پنهنجي نبي سڳوري جي نسبت گهڻو ڪري ڪوري جا ڪورا آهن. ٻيون عجيب و غريب ڳالهيون روزمَره پيا ٻُڌن. پر نبيءَ سڳوري جي احوال مان بلڪل غير واقف آهن. مون هي ڪتاب لکيو آهي ته مسلمانن، خاص طور تي ننڍي ٽهي وارن جون اکيون پٽجن ۽ پنهنجي نبيءَ سڳوري جو احوال پڙهي ڏسن. هندو ٿي مون اهو ڪم پنهنجي ذمي کنيو آهي، ان ۾ ڪهڙي خرابي آهي.؟ آءٌ هندو آهيان ۽ منهنجو ڌرم مونکي سيکاري ٿو ته هر ڪو پير، پيغمبر، نبي ولي، ساڌو سنت عزت جي لائق آهي. مسلمان ته اسان جا مُلڪي ڀائر آهن انهن جي قسمت اسان جي قسمت سان ڳنڍي پئي آهي، تڏهن ته اسان هڪٻئي جي بزرگن کان واقفيتون ۽ انهيءَ ذريعي پاڻ ۾ سلوڪ جو درجو وڌايون.“
اُن فهرست ۾ ڪجهه ٻيا ڪتاب به ڄاڻايل آهن، جن جي ڇپائيءَ جو سال درج ڪونهي، تنهن ڪري ڪا آخري راءِ قائم ڪري نٿي سگهجي.
ڊاڪٽر گل حسن لغاري صاحب جي 1980ع ۾ ترتيب ڏنل مذڪوره فهرست کانپوءِ به سيرت تي سنڌي ٻوليءَ ۾ ڇپيل ڪتابن جو هڪ وڏو انگ نظر اچي ٿو، جن جي هڪ ڌار فهرست مرتب ڪرڻ جي ضرورت آهي.
سيرت رسول الله ﷺ ئي سنڌي ۾ ٽن قسمن جا ڪتاب ڇپيل آهي.
1. اهي ڪتاب جيڪي طبعزاد لکيا ۽ تاليف ڪيا ويا.
2. اهي ڪتاب جيڪي ٻين ٻولين مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيا ويا.
3. اهي ڪتاب جيڪي صحابه ڪرام ۽ اُمهات المومنين جي زندگين تي لکيا ۽ ترجمو ڪيا ويا. ڇاڪاڻ ته اصحابي سڳورن ۽ اُمهات المومنين جون زندگيون پاڻ سڳورن جي ڇَپر ۽ ڇانوَ ۾ گذريون، تنهن ڪري پاڻ سڳورن جي سيرت جي بيان کانسواءِ اُنهن جي زندگين تي لکڻ يا تحقيق ممڪن ئي ڪونهي.
●
سيرت رسول الله ﷺجي مطالعي مون کي سدائين اُن ڳالهه تي اُڀاريو ته سنڌي ٻولي سيرت جي ڪتابن سان مالا مال ٿئي ۽ سيرت جو ڪوبه اهڙو پهلو نه رهي، جنهن بابت ”سنڌي“ ۾ ڪتاب نه هُجي. منهنجي سدائين اها خواهش رهي ته سيرت تي لکيل اهم ۽ بنيادي نوعيت جي وڌ ۾ وڌ ڪتابن جا سنڌيءَ ۾ ترجما ڪريان.
اُن خواهش جي پورائيءَ جي سلسلي ۾ جيڪو پهريون ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيم، اهو جڳ مشهور هاڪاري عالم ڊاڪٽر محمد حميد الله خان جو سيرت تي لکيل انمول ڪتاب ”محمد ﷺ “ هو، جيڪو 2004ع ۾ ”سنڌيڪا اڪيڊمي“ ڪراچي پاران ڇپجي پڌرو ٿيو.
سيرت رسول ﷺ بابت منهنجو ٻيو ترجمو ڪيل ڪتاب مولانا وحيد الدين خان جو ”سيرت جو مطالعو“ آهي، جيڪو 2015ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو.
سيرت رسولﷺ بابت منهنجو ٽيون ترجمو ڪيل ڪتاب ”ڪيرن آرمسٽرانگ“ جو نائين اليون واري واقعي کان پوءِ لکيل ڪتاب The Prophet of our time جو ترجمو آهي، جيڪو به انشاءَ الله جلد ڇپجي پڌرو ٿيندو.
چوٿين ڪري طور ’ڊاڪٽر اين ميري شمل‘ جو سيرت تي لکيل منفرد ڪتاب
And Muhammad Is His messenger جو ترجمو ”حضرت محمد الله جو سنهيو آڻيندڙ“ جي نالي سان ڪيو اٿم.
هي ڪتاب آقاﷺ ان سلسلي ۾ پنجين ڪڙي آهي، جيڪا اوهان جي هٿن ۾ آهي.
”سيرت رسول“ﷺ بابت ڪجهه ٻيا ڪتاب به ذهن ۾ اٿم، جن جو پڻ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ جي خواهش اٿم، جيئن سڄي ”سنڌ“ ”سيرت رسول“ جي نور جي تجلين سان مُنور ٿي وڃي، ڇو ته سنڌ اهو خطو آهي، جتان هڪ حديث موجب ’پاڻ سڳورن کي ٿڌڙي هيرَ ايندي هئي.‘
●
”سيرت رسول“ﷺ تي لکيل هي ڪتاب ”آقا“ﷺ، جناب ابدال بيلا وڏي مطالعي، مُحنت ۽ محبت سان لکيو آهي.
ڪتاب جي وڏي خوبي اها آهي ته اهو اهڙي اسلوب ۾ لکيل آهي، جنهن کي پاڻ ’سوانحي ناول‘ چئي سگهون ٿا، پر ڪتاب ۾ ڪٿي به ناول وانگر مبالغي آرائي يا تصنع نگاريءَ نه ڪئي ويئي آهي. تحقيق هوندي به ڪٿي محققانه انداز اختيار نه ڪيو ويو آهي. واقعن کي جنهن جامع ۽ دلپذير نموني بيان ڪيو ويو آهي، اها تخليقڪار جي تخليقي ۽ فنڪارانه خوبي آهي.
آقاﷺ، سيرت جو هڪ اهڙو ڪتاب آهي، جيڪو نهايت سليس ۽ روان انداز ۾ لکيو ويو آهي ۽ سيرت جي انيڪ پهلوئن کي واقعاتي انداز ۾ جنهن نموني بيان ڪيو ويو آهي ۽ اهو ايڏو ته دلچسپ ۽ معلوماتي آهي، جو پنهنجي ضخامت جي باوجود به هڪ ڀيرو هٿ ۾ کڻڻ کانپوءِ تُرت پڙهي پورو ڪرڻ تي دل ٿي چوي ۽ اُن سان گڏ هڪ تمام گهٽ پڙهيل پڙهندڙ به نه رڳو دلچسپيءَ سان پڙهي ويندو، پر کيس سمجهڻ ۾ به ڪا ڏکيائي نه ٿيندي.
آقا ﷺ جي هڪ ٻي وڏي خوبي اها آهي ته اهو ڪنهن به گروهه، فرقي يا فقه جي نقطه نظر سان نه لکيو ويو آهي. جيئن محترم ابدال بيلا پيش لفظ ۾ لکيو آهي:
”هن ڪتاب ۾ علميت، فوقيت، عظمت، خطابت يا پنهنجي ڪنهن مَسلڪ جو حوالو ڪونهي، ڪٿي به بحث نه ڇيڙيو اٿم. بنا سبب جي ڪو واقعو ٻيهر لکي، پڙهندڙن کي ٿڪايو نه اٿم، نه مونجهاري جو شڪار ڪيو اٿم، ڪوشش اها ڪئي اٿم ته پڙهڻ وارو جيڪو پڙهي رهيو آهي، اُهو زماني ترتيب سان سڀني تفصيلن سان اُن منظر ۾ ايئن گڏجي وڃي جو پاڻ کي اُهو شاهد سمجهي، ڄڻ هو سڀ ڪجهه ڏسي رهيو هُجي. مٿس وهي واپري رهيو هُجي.“
مون محسوس ڪيو ته سنڌيءَ ۾ هڪ اهڙي ڪتاب جي گهرج آهي. اُن ڳالهه به مون کي هن ڪتاب جي ترجمي لاءِ اُڀاريو.
هن ڪتاب جو ڪنهن ٻي ٻوليءَ ۾ هي پهريون ترجمو آهي. آقا ﷺ جو ٻيو ترجمو عربي ۾ الازهر يونيورسٽي قاهرا (مصر) ۾ ٿيو آهي، جناب ابدال بيلا مونکي ٻڌايو ته آقا جو فارسيءَ ۾ ترجمي جو ڪم پڻ جاري آهي.
●
جناب رسول ڪريم ﷺ جي سيرت جو مطالعو ڪندي، مون اُن عظيم انقلاب جي دنيا جي ٻين انقلابن سان ڀيٽ ڪئي ۽ اُن نتيجي تي پهتس ته:
ٽيويهن سالن ۾ جيڪو انقلاب آيو، اُن انقلاب جيڪا تبديلي آندي، ماڻهن جي ميرين دلين کي اُجرو ۽ روشن ڪيو.
ماڻهن کي حيوانيت مان انسانيت جي درجي تي رسايو،
انسان کي انسان هُئڻ جي حيثيت ياد ڏياري
رنگ، نسل، گوري توڙي ڪاري
عربي توڙي عجمي
قبيلائي توڙي نسلي عصبيت، تعصب ۽ فرق کي ختم ڪيو،
ضرورت کان وڌيڪ شيون الله جي واٽ ۾ خرچڻ جي تلقين ڪئي ويئي.
يتيمن، غريبن ۽ بي واهن جو خاص خيال رکڻ جو حڪم ڏنو ويو،
[۽ هو پُڇن ٿا ته ڇا خرچ ڪريون، چوين ته ضرورت کان وڌيڪ جيڪو به هُجي. الله اوهان لاءِ حڪم بيان ڪري ٿو ته جيئن اوهين دنيا ۽ آخرت جي معاملن ۾ ڌيان ڪريو ۽ يتيمن بابت پُڇن ٿا چوين ته جنهن ۾ سندن ڀلائي هُجي، اهو ڀَلو آهي ۽ جي اوهين کين پاڻ سان ڀيڙي ڪريوته اوهان جا ڀائر آهن. (بقره: 220-219) ]
غلامن کي برابريءَ جو حق ڏنو ويو،
عورتن کي وراثت مان پهريون ڀيرو حق ڏنو.
اهڙو انقلاب، اهڙي تبديلي ته سڄي دنيا جي انساني تاريخ ۾ نظر نٿي اچي.
اِها اهڙي تبديلي هئي، جنهن بابت ’پروفيسر فلپ ڪي حتي‘ ”تاريخ عرب“ ۾ لکيو آهي.
After the death of Prophet sterile Arabia seems to have been converted as if by magic into a nursory of Heroes the like of whom both in number and quality is hard to find any were.
(P.K. Hitti, History of Arabic, 1979, Page 142)
”پيغمبر اسلام جي وفات کان پوءِ ايئن لڳو ڄڻ عربستان جي بنجر زمين جادوءَ جي ذريعي هيرن جي نرسري Nursery of Heros ۾ تبديل ڪئي ويئي هجي. اهڙا هيرو جن جهڙا تعداد ۽ نوعيت ۾ ڪٿي ٻي هنڌ ملڻ سخت ڏکيو آهي.“
ويڙهجي ويا تڏا انڌي دستور جا
روشنين پير چميا، پاڪ تر نور جا.
]خطائي ٿيٻو[
●
محترم ابدال بيلا، آقاﷺ جو انتساب سيدنا عيسيٰ عليھ السلام جي نالي ڪيو آهي ۽ ترجمي دوران جڏهن مُنهنجي ساڻس ڳالهه ٻولهه ٿيندي هئي ته هڪ ڀيري پُڇيائين، ”تون آقاﷺ جو انتساب به ڪندين نه؟“
وراڻيم: ”انتساب ته اڳ ۾ ئي اوهان سيدنا عيسيٰ عليھ السلام جي نالي ڪري ڇڏيو آهي.“
وراڻيائين: ”پر سنڌي ترجمي جي انتساب جو توکي حق آهي، تون اهو ڪري سگهين ٿو.“
سندس اها ڳالهه ٻُڌي منهنجي زبان مان بي اختيار نڪتو، ”جيڪڏهن اوهان مون کي اهو حق ڏيو ٿا ته پوءِ آءٌ سنڌي ترجمي جو انتساب ”سيدنا بلال حبشي رضه“ جي نالي ڪندس. جيڪو شمع رسالت جو هڪ اهڙو پروانو هو، جيڪو آقاﷺ جي دَر جو دربان ۽ سندس اُٺڻي جي مهار جهلي هلڻ وارو هو.
جيڪو اسلام جو پهريون ٻانگو هو.
جنهن جي پيرن جو کُڙڪو آقاﷺ معراج جي موقعي تي به پاڻ سان گڏ محسوس ڪيو هو.
جنهن کي اهو به اعزاز حاصل آهي ته هن مسجد نبويءَ ۾ اسلام جي پهرين ٻانگ ڏني:
ڪالهه بلال اَذان ڏني، جنهن وقت مديني ۾،
ڪيڏو نور بَکيو ٿي هن مان، سج هُيو ڄڻ سيني ۾.
]شيخ اياز[
مڪي جي فتح جي موقعي تي آقاﷺ کيس ڪعبة الله ۾ ٻانگ ڏيڻ جو حڪم ڏيئي رنگ، نسل، طبقي ۽ رُتبي بُتن کي ڪعبي ۾ رکي ٽي سئو سٺ بُتن سان گڏ پاش پاش ڪري ڇڏيو.
فتح الله گولن ناليوارو ترڪ عالم ۽ اسڪالر آهي، جنهن ”نور سرمدي“ جي نالي سان سيرت رسول الله ﷺ تي ڏاڍو شاندار ڪتاب لکيو آهي، جنهن جي مهاڳ ۾ هُن لکيو آهي:
”مون ته سڄي زندگي الله تعاليٰ کان اها دعا گهرندي گذاري آهي ته مون کي پاڻ سڳورن جي اصحابين مان ادنيٰ اصحابيءَ جي خذمت ڪرڻ جي اعزاز سان نوازي ۽ پاڻ سڳورن جي اصحابي سڳورن جي پيرن جي پڻيءَ سان پنهنجي پيشاني گسائڻ جي خواهش هڪ گهڙي به منهنجي دل مان ختم نه ٿي آهي. منهنجي زبان تي اُن قسم جون دعائون هونديون آهن.“
مُنهنجي لاءِ آقاﷺ جي دَر جي دربان، سندس عظيم غلام سيدنا بلال حبشيرضه جي غلاميءَ جو ڳٽ به عظيم اعزاز هوندو.
غلامن جي غلامن ۾، اگر جي مان ڳڻي آهيان.
]حسن درس[
●
آقاﷺ سان مُحبت ايمان جو حصو آهي، پاڻ سڳورن سان دلي محبت کانسواءِ ايمان ڄڻ بي معنيٰ آهي. ڊاڪٽر اين ميري شمل جڳ مشهور جرمن اسڪالر هئي، جنهن مشرقي علوم سان گڏ سيرت پاڪ جو به گهرائيءَ سان مطالعو ڪيو، سندس چواڻي ته
”جڏهن آءٌ شروعاتي زندگيءَ ۾ عربي زبان جو مطالعو ڪري رهي هيس ته رسول ڪريم ﷺ جي صوفياڻي زندگيءَ جو مون تي گهرو اثر پيو.“
اُن اثر هيٺ ڊاڪٽر اين ميري شمل پاڻ سڳورن جي زندگي تي
And Muhammad is His Messenger
جي نالي سان ڏاڍو ڪارائتو ڪتاب لکيو. اُن ڪتاب ۾ هوءَ لکي ٿي ته:
”اها هڪ مڃيل ۽ غير تڪراري حقيقت آهي ته حضورﷺ جو مرتبو خدا کانپوءِ آهي ۽ صرف الله ئي پنهنجي پيغمبر جي اُن عظمت کي ڄاڻي ٿو، جيڪا پاڻ سڳورن کي خدا پاران عطا ڪئي ويئي آهي. ناليواري عظيم صوفي شاعر شيخ سعديءَ ”بعد از خدا بزرگ توئي قصه مختصر“ چئي، اُن حقيقت جو برملا اظهار ڪري چڪو آهي.“
ڊاڪٽر اين ميري شمل وڌيڪ لکي ٿي:
”ولفريد ڪينٽ ويل اسمٿ بلڪل صحيح لکيو آهي ته: مسلمان الله تي حملن کي سَهي ويندا آهن، جو دنيا ۾ بي دين، ملحد ۽ الحاد پرستيءَ تي ٻڌل مواد ۽ عقليت پسند معاشرا موجود آهن، پر حضرت محمد ﷺ جو (نعوذ بالله) حقارت سان ذڪر ڪرڻ تي ملت اسلاميءَ جا بي حد ”لبرل“ طبقا به سخت مُشتعل ٿي ويندا آهن ۽ مذهبي جنون جا تيز شعلا ڀڙڪي پوندا آهن.“
اين ميري شمل اهو به لکي ٿي ته سڄي دنيا جو شعري ۽ صوفياڻو لٽريچر ۾ پاڻ سڳورن سان گهري محبت جي عجيب رنگ ۾ رڱيل آهي.
●
حسن درس، جديد سنڌي شاعريءَ جي وڏن نالن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو. سندس شاعريءَ جو مجموعو ”حسن درس جو رسالو“ سندس حادثاتي وفات کان پوءِ پهريون ڀيرو 2011ع ۾ ڇپيو، جنهن جي وڏي پذيرائي ٿي ۽ هو صحيح معنيٰ ۾ پڙهندڙن جي اڳيان پنهنجي شاعراڻي تخليق جي حوالي سان سامهون آيو.
حسن، لااُبالي طبيعت جو مالڪ هو، چون ٿا ته هو ڪوڙي پاڻيءَ جو وڏو هيراڪ ۽ شوقين هو، سندس حادثاتي وفات جي حوالي سان به اها ڳالهه مشهور آهي ته اها اهڙي ئي حالت ۾ ٿي، واعليٰ عالم.
’حسن درس جو رسالو‘ ڇپجي آيو ته اُن ۾ نعت به شامل هئا، جن تي ڪجهه حلقن پاران چُڻ ڀُڻ به ٿي.
مون کي ياد آهي ته هڪ ڀيري قاضي احمد ۾ ڪو پروگرام هو، مقررين ۽ مهمانن ۾ آءٌ به شامل هئس. اُتي هڪ مقرر مون کان اڳ پنهنجي تقرير ۾ چيو ته ”جن دوستن ”حسن درس جو رسالو“ ڇپرايو آهي، تن اُن ۾ حسن درس جون لکيل نعتون شامل ڪري حسن سان وڏي زيادتي ڪئي آهي ۽ حسن جي شاعريءَ کي ڄڻ ته گِرهڻ هڻي ڇڏي آهي.“
مقرر جي اُنهن لفظن تي مون بي اختيار ٿي کيس ڏٺو، اندر ۾ عجيب بي چيني پيدا ٿي ويم ۽ ارادو ڪيم ته کيس اُن ڳالهه جو جواب ڏبو، ٻي گهڙيءَ منهنجي اندر مان آواز اُڀريو ”تون اُنهن نعتن کي حسن جي شاعريءَ کي گِرهڻ لڳڻ ٿو سمجهين، پر آءٌ سمجهان ٿو ته اُنهن سان حسن جي شاعريءَ کي انيڪ ڪهڪشاهن جا چنڊ لڳي ويا آهن.“
اهو خيال ايندي ئي مُنهنجي بي چيني ختم ٿي ويئي ۽ مون کيس جواب نه ڏنو.
الله سائين ئي غيب جون ڳالهيون ٿو ڄاڻي، هو رحمٰن، رحيم، ستار، غفار ۽ بخشڻهار آهي. حسن درس جون لکيل اِهي نعتون ايتريون ته شاندار آهن، جو انهن کي پڙهڻ سان ماڻهوءَ جي ڪيفيت ئي عجيب ٿيو وڃي. ]۽ مون جڏهن چونڊ سنڌي نعتن جو هڪ مختصر مجموعو ”ثناءِ مصطفيٰ“ 2016ع ۾ ترتيب ڏنو، ته ان ۾ حسن درس جا سڀئي نعت شامل ڪيم.[ اُن مهل منهنجي ذهن ۾ اهو به خيال آيو ۽ منهنجي دل گواهي ڏيڻ لڳي ته رب تعاليٰ پنهنجي مِٺي محبوب جي شان بيان ڪرڻ تي، خوش ٿي، حسن درس مرحوم جي سڀني انساني ڪَمين ڪوتاهين، خطائن ۽ لغزشن کي معاف ڪري ڇڏيو هوندو، ڀَلا، جنهن الله جي محبوب جو شان بيان ڪيو هُجي، اُن کي پروردگار پنهنجي بارگاهه مان بنا اَجر ۽ انعام ڏيڻ جي ڪيئن موٽائيندو.
ڪيڏو نه شاندار نعت لکيو آهي، حسن درس:
ڪَڌي آهيان،صفا ڪمتر، ڪَسيرو ڇا ڪَڻي آهيان،
مگر مُرسل مِٺي نالي، وٺڻ جي لاءِ بَڻي آهيان.
وٺي ويراڳ جا رستا، پُڇايان پئي پنهون پنهنجو،
ڪريان ڌم ڌم ڌمالون ٿي، ڪري ڇَم ڇَم ڇڻي آهيان.
عليعه اولاد تنهنجي تي، ڪريان مان ساهه سر صدقي،
فقيرن ۽ فراقن جي، مٿي جي مان ڦڻي آهيان.
عجيب اوڏڙو ڪر تون، ڏي ڪا جاءِ پيرن ۾،
مِلو مون سان مِٺا مُرسل، وڇوڙن ڇو وڻي آهيان.
صفا ويران واٽن تي، آهيان ويٺي وڇوڙيل ٿي،
پرينءَ جو پيار جي ملندو، ته پوءِ مان پَدمڻي آهيان.
قلندر لال جو ڪِشتو، رڳن ۽ روح جو رشتو،
وڌايان پئي وٽو تنهنجو، گهٽائڻ کان گهڻي آهيان.
نظر ڪج نور جي نوري، اُگهاڙيءَ ۽ اَٻاليءَ تي،
گناهن ۾ گَتل آهيان، ڀلي ڇا به کڻي آهيان.
سمورا تاج، تلوارون، ڪريان سڀ تخت تو صدقي،
غلامن جي غلامن ۾، اگر جي مان ڳڻي آهيان.
خدا جو سُنهن ته منهنجي دل، پئي ڦاٽي ٻُڌڻ جي لاءِ،
رڳو چئو هن ڇوري جو، محمدﷺ مان ڌڻي آهيان.
نماڻي نار ۾ ناري، بندي تنهنجي آهيان باري،
اڪيلي عشق ۾ احمد، ’حسن‘ هڪڙي ڄڻي آهيان.
۽ مون هن ”پَس نوٽ“ جو عنوان ”حسن درس“ جي مٿينءَ نعت مان ورتو آهي. اُن ۾ رڳو هڪ ننڍڙي تبديلي ڪئي اٿم:
حسن درس لکيو آهي
ڪَڌي آهيان، صفا ڪمتر، ڪَسيرو ڇا ڪَڻي آهيان!
مگر مُرسل مِٺي نالي وٺڻ جي لاءِ بڻي آهيان.
پر آءٌ ڪسيرو ڇا ڪڻي به نه رڳو پيرن جي پَڻي آهيان.
آءٌ ته ڪجهه نه آهيان.
مٽيءَ جي ذري به نه آهيان
فریدا! ایسا ہورہو، جیسا ککھ مسیت
پیراں تلے لتاڑیں، کدے نہ چھوڑیں پریت۔
منهنجي حيثيت ته مَسيت جي ڪَکَ جهڙي به ڪونهي.
منهنجي حيثيت ته واريءَ جي ذري جيتري به ڪونهي.
ڪجهه به ڪونهي،
ڪجهه به ڪونهي.
بس آقاﷺ تنهنجي ئي آسري آهيان:
وڏا وڻ وڻڪار جا، جت نانگ سُڄن نيلا
اُتي عبدالطيف چئي، ڪيا هيڪلين حيلا
جت ڪُڙم نه قبيلا، اُت رسج رهبر راھ ۾.
ڇانوَ به تنهنجي، تون ئي ڇَپر، آ ڍڪ به تون ئي ڍول اسان جو
جُهڙ ڦڙ بوندون ۽ برساتون، بادل سائين تنهنجا آهيون.
هيڻن کي ڪر ٻيڻون ٽيڻون، رهبر سُبحان راهه ڊگهي ۾
ڪَمتر آهيون، ڪُوجها آهيون، ڪامل سائين تنهنجا آهيون.
]حسن درس[
بادل سائين!
تنهنجا آهيون
ڪامل سائين
تنهنجاآهيون
تنهنجا آهيون.
يوسف سنڌي
20 نومبر 2018ع
حيدرآباد
ٻارهين ربيع الاول جي رات
وقت 11 لڳي 45 منٽ