مڪي جي فتح: قريشن پاران ٺاھه جي ڀڃڪڙي
صلح حديبيه کي ٿيندي پوڻا ٻه سال ٿي چُڪا هئا.
مڪي کان مديني هجرت جو اٺون سال هو.
اها شعبان اٺين هجريءَ جي ڳالهه آهي، جڏهن قريشن ”صلح حديبيه“ جي ٺاهه جي خلاف ورزي ڪئي، امن ٺاهه کي پٺتي اُڇلي ڇڏيائون.
ٿيو هيئن ته مسلمانن جي حليف قبيلي ’بني خزاعه‘ تي رات جي وڳڙي ۾ قريش جي حليف قبيلي ’بنو بڪر‘ان مهل حملو ڪري ڏنو، جڏهن اهي پنهنجي علائقي جي اندر ”وتير“ نالي کوهه وٽ نخلستان ۾ سُتا پيا هئا.
انهن جا ويهه همراهه قتل ٿي ويا.
ٻيئي قبيلا مڪي جي آسپاس ئي رهندا هئا.
ٻنهي قبيلن ۾ پراڻو تڪرار هلندڙ هو.
پر ”صلح حديبيه“ جي ’امن ٺاهه‘ کان پوءِ ٻنهي تي قريشن ۽ مسلمانن وانگر هڪٻئي جو احترام واجب هو- نه رڳو اهو، پر قريش قبيلي جي ڪن اهم سردارن پنهنجي قبيلي بنو بڪر کي روڪڻ بدران، ساڻن گڏجي اهو ”راتاهو“ هنيو ۽ کين هٿيار پنهوار پهچايا. اُنهن سان گڏ به ويا. صفوان بن اُميه، شيبه بن عثمان، سهيل بن عمرو، حويطب بن عبدالعزيٰ ۽ مڪرز بن حفص ته پنهنجا هٿيار به بنو بڪر کي ڏنا ۽ قريشن پنهنجن ڪجهه همراهن کي حملي آورن سان گڏ به موڪليو. بنو خزاعه وارا جان بچائڻ لاءِ ڀڄندا حرم ۾ ويا. اُتي به کين پناهه نه ملي. ڪي وري ڊپ سبب ڀڄندا مڪي جي رئيس ’بديل بن ورقه خزاعيءَ‘ جي گهر ۾ گهڙيا ته جيئن بچي وڃون، پر قريش ۽ بنو بڪر وارن اُن گهر ۾ گهڙي به کين ماريو ۽ لُٽيو.
هو اهو سمجهندا رهيا ته اهو مڪي ۽ حرم جو معاملو آهي، مدينو گهڻو پري آهي.
پر خبر مديني پهچي ويئي.
بنو خزاعه جو سردار، آقا صلي الله عليھ وسلم جو حليف، عمرو بن سالم، پنهنجن چاليهن مظلوم ساٿين کي وٺي مديني پهتو.
آقا ﷺ مسجد نبويءَ ۾ پنهنجن اصحابين سان گڏ ويٺا هئا.
عمرو بن سالم پنهنجي مٿي تي ٻڌل پَٽڪو لاهي پنهنجي ڳچيءَ ۾ وجهي پنهنجن ماڻهن جي مظلوميت ۽ قريش پاران بنو بڪر سان گڏجي مٿن ڪيل ظلم بيان ڪرڻ لڳو.
صلح حديبيه جو شرط ياد ڏياريو.
ڳالهيون سڀ شعرن ۾ چيائين.
هڪ شعر هن ريت هو:
هم بيتو نا بالو تير هجدا
وقتلونا رڪعا و سجدا.
[هُنن اسان تي ’تير‘ چشمي وٽ سُتل حالت ۾ رات جي اونداهيءَ ۾ حملو ڪيو ۽ اسان کي رڪوع ۽ سجدي جي حالت ۾ قتل ڪيو]
جيتوڻيڪ هو پاڻ مسلمان نه هو، پر سندس قبيلي خزاعه جا قتل ٿيندڙ ڪيترائي ماڻهو مسلمان به هئا. هُن پنهنجي ڪٿا سُڻائي مدد جي لاءِ پڪاريائين.
آقا صلي الله عليھ وسلم فرمايو.
”اي عمرو بن سالم- تنهجي مدد ڪئي ويئي.“
آقا صلي الله عليھ وسلم آسمان طرف ڏٺو، نيري آسمان تي ڪڪر جو هڪ ٽڪرو سُنهري ٿي رهيو هو.
آقا صلي الله عليھ وسلم ڪڪر تي نظر وڌي ۽ فرمايو.
”هي ڪڪر تنهنجي مدد جي بشارت سان چمڪي رهيو آهي.“
مظلوم سردار عمرو بن سالم جي چهري تي آسمان مان لهندڙ سنهري ڪرڻن ۾ اُميد قائم ٿي ۽ هن ٻيهر مدد جو مطالبو ورجايو.
آقا صلي الله عليھ وسلم فرمايو.
”تيسين منهنجي مدد نه ڪئي وڃي... جيسين تنهنجي مدد نه ڪريان.“
پوءِ واقعي جا سڀ تفصيل پُڇيائون.
ان دوران بديل بن ورقه خزاعي به هڪ وفد وٺي اهائي شڪايت کڻي مديني پهتو ۽ عمرو بن سالم جي چيل سڀني ڳالهين جي تصديق ڪيائين. واقعي جا سڀ تفصيل ٻُڌائي، ثبوت ڏنائين ته قريشن ڪهڙي طريقي سان اُن ڏوهه ۾ سهڪار ڪيو.
آقا صلي الله عليھ وسلم قريشن کي نياپو موڪليو.
ٽي شرط لکي چيائون ته انهن مان ڪنهن هڪ تي عمل ڪريو.
خزاعي مقتولين جي ديت ادا ڪريو.
يا پنهنجي حليف بنو بڪر کان ڌار ٿي وڃو.
يا.. صلح حديبيه جي ختم هئڻ جو اعلان ڪريو.
قاصد نياپو پهچائي ڇڏيو.
قريشن ته ”اَنا“ جي جبل تي چڙهي ويٺا هئا.
اُنهن ۾ قرطعه بن عمرو، قريشن جي زبان بڻجي آڪڙيو ويٺو هو.
چيائين:
’اسين نه مَرندڙ جي ديت ادا ڪنداسين
نه وري پنهنجي حليف بنو بڪر سان ناتو ٽوڙينداسين.
هائو، اوهان جو ٽيون شرط منظور اٿئون، اسين امن جي معاهدي صلح حديبيه کي ختم ڪرڻ تي راضي آهيون.
جيڪو ڪرڻون اٿوَ سو ڪريو.‘
قاصد اهو ٻُڌي واپس مديني موٽي آيو.
جڏهن ابو سفيان بن حرب، معاملي جي سنگيني، مسلمانن جي سنجيدگي ۽ پنهنجي دفاعي حيثيت جو احساس ڪيو ته ڊڄي ويو.
کيس مسلمانن جي طاقت جو اندازو هو.
ڊپ سبب ڏڪڻ لڳو.
ڀَڄندو اڪيلو مديني آيو.
رستي ۾ کيس مديني مان بَديل بن ورقه واپس ورندي نظر آيو.
کانئس پڇيائين: تون اسان جي شڪايت ڪرڻ جي لاءِ ته مديني ڪونه ويو هُئين؟
هن ڳالهه ٽاري ڇڏي.
ابو سفيان هن جي اُٺ جون پولڙيون هٿ ۾ کڻي مَهٽي ڏٺيون ته اندران کجين جون ککيون نڪتيون. سمجهي ويو ته هو مديني مان ئي موٽيو آهي، لازمي طور تي تفصيل سان اسان جي شڪايت مديني پهچي ويئي هوندي.
هُن جو ڊپ وڌي ويو.
سواريءَ جي رفتار اڃا به وڌائي ڇڏيائين.
ابو سفيان مديني پهچي ويو.
اڪيلو ئي اڪيلو. بي وس اندران ٽٽل ڦٽل.
اُن شهر ۾ جتي احد جي جنگ ۾ هن ستر مسلمان شهيد ڪيا هئا. جتي سندس اکين جي اڳيان آقا صلي الله عليھ وسلم جي پياري چاچي،دوست، خدا ۽ رسول الله صلي الله عليھ وسلم جي شينهن امير حمزي جو سينو چيري جگر ڪڍيو ويو هو. سندس زال هنده آقا ﷺ جي دل جي ٽڪري جو جگر وات ۾ وجهي ڏندن سان چٻاڙيو هو. اُن شهر ۾ اڄ هو هٿين خالي امن جي خيرات وٺڻ آيو هو. هي اهو ئي شهر هو، جنهن جو هن جنگ خندق ۾ مهيني تائين گهيرو ڪيو هو ۽ سڄي عربستان مان لشڪر ميڙي هُن شهر کي گهيري ۾ رکيو هو. اُن شهر کي پاڙئون پٽي ختم ڪرڻ جي سندس ڪوشش گهڻي پُراڻي نه هئي. پوڻا ٽي سال اڳ جي ته ڳالهه هئي.
پر هاڻي وقت بدلجي ويو هو.
مسلمان مضبوط ٿي چڪا هئا.
خيبر جا قلعا ۽ اُتي جا باغ، محل ۽ ماڙيون مسلمانن جي قبضي ۾ هيون.
مديني جي چئني ڏسائن جي سڀني واپاري رستن تي مسلمانن جو ڪنٽرول هو.
آسپاس جا سڀئي قبيلا مسلمانن جا ساٿاري هئا.
پري پري تائين، چئني طرفن مسلمانن جو ڌاڪو ويٺل هو.
قريش هاڻ بنو بڪر جهڙن ڪجهه ايڪڙ ٻيڪڙ شرارتي کانسواءِ باقي ٿورن ئي عرب قبيلن جا اتحادي ۽ حليف وڃي بچيا هئا. هُنن جا پراڻا سردار مري چڪا هئا. نوان سالار ۽ سردار سندن ساٿ ڇڏي مسلمانن سان گڏجي ويا هئا. مڪي ۾ قريش جي هوا نڪري چڪي هئي. هو ڪيئن نه ڊڄي ها، سندس اندر ڇيهون ڇيهون ٿي چڪو هو، پر پوءِ به هو قريش ۽ ڪنانه جو سردار هو. پنهنجي ٻڏندڙ ٻيڙيءَ کي بچائڻ لاءِ، جنهن ۾ هو سوار هو ۽ اُن ۾ سوراخ ٿي چڪو هو، هن جي منهن تي ”انا“ جو نمائشي وقار ۽ دٻدٻو چڙهيل هو. پنهنجي ڳري بُت ۽ آڪڙيل ڪنڌ سان، ريشمي قبا جي ڦڙ ڦڙائيندڙ پلئه کي بار بار جهليندي، ڇڏيندي، پنهنجو جلال ۽ سرداري ڏيکاريندي هو مديني جي گهٽين ۾ ڦرڻ لڳو.
ماڻهن کيس سُڃاڻي ورتو.
سندس خيال هو ته ماڻهو ڀَڄندا ايندا
کيس کيڪاريندا
پر ڳالهه اُبتي ٿي.
جنهن به ڏٺس ٿي، تنهن مُنهن ڦيري ٿي ڇڏيو، ڄڻ ته هو ڪنانه جو سردار نه، پر ڪجهه به نه هو.
ٺڪر ڀتر هُجي..
کيس ايئن اگنور ٿيڻ، تلوار جي گهاءُ کان به وڌيڪ وڍڻ لڳو.
مديني ۾ سندس ڌيءُ جو گهر هو.
سندس نياڻي سيده اُم حبيبه، آقا صلي الله عليھ وسلم جي گهر واري هئي.
هوءَ پراڻي مسلمان هُئي. پنهنجي پيءُ جي شرارت کان محفوظ رهڻ جي لاءِ مڪي کان حبشه طرف پنهنجي گهر واري سان گڏ هجرت ڪري ويئي هئي. اُتي سالن تائين ڏکي زندگي گذاريائين. سندس گهروارو اُتي عيسائي ٿي مري ويو. بيوه بنجي ويئي، آقا صلي الله عليھ وسلم سان سندس نڪاح خود بادشاهه سيدنا نجاشيءَ پڙهايو. حق مهر جا چار سئو درهم به آقا صلي الله عليھ وسلم پاران پاڻ ئي ادا ڪيائين ۽ نهايت ادب ۽ احترام سان سيده کي آقا صلي الله عليھ وسلم ڏانهن مديني روانو ڪيائين.
اُن ئي ڌيءَ اُم حبيبه جي دروازي کي هاڻ ابو سفيان پناهه جي لاءِ کُڙڪايو.
ڌيءَ دروازو کوليو. پر ابو سفيان کي ويهڻ جي لاءِ نه چيو ته هو پاڻ ئي هڪ وڇايل چادر تي ويهڻ لڳو ته سيده اُم حبيبه جهڙپ ڏيئي اها چادر کسڪائي ورتي.
ابو سفيان ويهندي ويهندي بيهي رهيو ۽ پيرن ڀَر بيٺو رهيو. پنهنجي اها بي عزتي ڏسي چيائين:
ڌيءَ! هي هنڌ منهنجي ويهڻ جي قابل ڪونهي يا آءٌ هن تي ويهڻ جي لائق نه آهيان؟
سيده وراڻيو: هي هنڌ آقا صلي الله عليھ وسلم جو آهي. الله جي رسول جو آهي، تون اُن جي لائق نه آهين ته اُن تي ويهين.
ابو سفيان ٿڪل ٽنگن سان پنهنجي مُڇن کي مروڙيندي شرمساريءَ مان پنهنجي ڏاڙهي کنهندي چيو:
ڌيءَ! تون مون کان پوءِ شَر ۾ مبتلا ٿي ويئي آهين.
سيده وراڻيو.
شر ۾ آءٌ نه پر اوهان آهيو. اڃا تائين اُنهن بُتن کي پوڄيو ٿا، جيڪي نه سُڻي سگهن ٿا ۽ نه ڏسي سگهن ٿا. جيتوڻيڪ تون ڪنانه جو سردار آهين.
ابو سفيان ڌيءَ تي ڪاوڙيو ۽ پوءِ ڪاوڙ مان دروازو کولي ٻاهر نڪري ويو.
هاڻ کيس سمجهه ۾ نه پي آيو ته ڇا ڪري؟
آقا صلي الله عليھ وسلم مسجد نبويءَ ۾ ويٺا هئا.
اوڏانهن ڀڳو.
مسجد ۾ موجود سڀني اصحابين کيس ڏٺو اڻ ڏٺو ڪري ڇڏيو.
هُن بار بار پنهنجو تعارف ڪرايو.
آءٌ ابو سفيان بن حرب، قريشن جو سردار، ڪنانه جو تاجدار آهيان.
مون سان ڳالهايو،
پر ڪنهن به مُنهن نه ڏنس
هو پنهنجي قبا کي سنڀاليندو، جهليندو، ڇڏيندو، هَڄيو، مسجد نبويءَ جي اندر ويو.
آقا صلي الله عليھ وسلم جي روبرو ٿيو
آقا صلي الله عليھ وسلم مُنهن ڦيري ڇڏيو
هُن ڪيترائي ڀيرا ڳالهه ڇيڙي
آقا صلي الله عليھ وسلم ڪوبه جواب نه ڏنس
هو هر هر چوندو رهيو. آءٌ پنهنجي ٺاهه تي قائم آهيان
صلح جو وقت وڌائڻ آيو آهيان.
پر نه ديت ادا ڪرڻ جي ڳالهه ٿي ڪيائين، نه بنو بڪر سان ناتو ٽوڙڻ جي.
ساڻس ڪير ڳالهائي به ته ڇو؟
جڏهن آقا صلي الله عليھ وسلم ئي کيس نه پي ٻُڌو ته ٻيو وري ڪير کيس ٻُڌي ها.
هو اڪيلو ئي ڳالهائيندو، رڙيون ڪندو، وڦلندو، مايوس ٿي نڪري ويو.
۽ سيدنا ابوبڪر وٽ پهتو
هُو به ماٺ-
کيس ڪوبه جواب نه مليو.
سيدنا عمر بن خطاب ڏانهن ويو ته صلح نامي کي ايئن ختم ٿيڻ نه ڏيو.
سيدنا عمر جون مُڇيون، ابو سفيان کان به وڏيون هُيون، مڇيون وٽيندي چيائين.
جيڪڏهن مون وٽ لوهه جي بدران هڪ تلڙ وڃي بچي ته به آءٌ اوهان سان وڙهندو رهندس.
ابو سفيان ته اڳ ۾ ئي ڊنل هو. سيدنا عمررضه جي ڳالهه سُڻي سندس پيرن هيٺان زمين ئي نڪري ويئي. ڀَڄندو سيدنا عليءَ جي دروازي تي پهتو.
دروازو کليو
اندر وڃي ليلائڻ لڳو. چيائين: علي! تون منهنجو ويجهو مائٽ آهين. ڪو اهڙو طريقو ڪڍ جو مون کي هٿين خالي نه ورڻون پوي. تون آقا صلي الله عليھ وسلم وٽ منهنجي سفارش ڪر.
سيدنا عليءَ چيس:
ابو سفيان توتي افسوس ا ٿم.
رسول الله صلي الله عليھ وسلم جيڪو ارادو ڪري ورتو آهي، اسين اُن جي باري ۾ ڪا ڳالهه ڪري نٿا سگهون.
پوءِ ابو سفيان خاتون جنت سيده فاطمه سان مخاطب ٿيو
چيائين:
اوهين پنهنجي ڇهن سالن جي پُٽڙي حسن کي حڪم ڏيئي سگهو ٿيون ته هو اسان جي وچ ۾ پناهه ڏيڻ جو اعلان ڪري سدائين جي لاءِ عربستان جو سردار بڻجي وڃي.
سيده فاطمه وراڻيو: والله! رسول الله ﷺ جي هوندي ٻيو ڪير ٿو اهڙي جرئت ڪري سگهي. ٻيو ته منهنجو پُٽڙو اڃا صفا ننڍو آهي.
ابو سفيان پريشانيءَ مان هٿ مَهٽڻ لڳو.
کيس سمجهه ۾ نه پي آيو ته ڇا ڪري.
سيدنا عليءَ فرمايو: معاملو گهڻو سنگين ۽ نازڪ آهي.
ڇا ڪريان؟ مون کي صلاح ڏي.
سيدنا عليءَ فرمايو: منهنجي سمجهه ۾ ته ڪجهه به نه پيو اچي. البته تون ’بنو ڪنانه‘ جو سردار آهين. شهر ۾ ماڻهن جي وچ ۾ بيهي امان جو اعلان ڪر ۽ پوءِ واپس موٽي وڃ.
ابو سفيان پُڇڻ لڳو:
علي! ڇا تون سمجهين ٿو ته منهنجي ڳالهه ڪارگر ٿيندي؟
نه- سيدنا عليءَ صاف چئي ڇڏيو، پر اُن کانسواءِ ٻي ڪا صورت به نظر نٿي اچي.
ابو سفيان جا اعصاب جواب ڏيئي چڪا هئا.
هو ماٺڙي ڪري دروازو کولي ٻاهر نڪتو.
مسجد نبويءَ جي سامهون، شهر جي چونڪ ۾ جتي ماڻهن ڏانهس منهن ورائي به نه ڏٺو، هو وڏي آواز ۾ اعلان ڪرڻ لڳو:
”ماڻهو! آءٌ ابو سفيان بن حرب ڪنانه جو سردار صلح جي مدت وڌائڻ ۽ ان جي تجديد ڪرائڻ جو اعلان ٿو ڪريان.“ اهو چئي هو اٺ تي چڙهي ويٺو ۽ ان جي پيٽ تي پير هڻي واڳ ڇڪي، ناڪام ۽ نامراد مديني مان نڪري مڪي ڀڄي ويو.
هُن جي ڀڄڻ جي رفتار، خندق جي جنگ جي آخر ۾ ايندڙ ڀُوائتي طوفان کان ڊڄي ڀڄڻ جي رفتار کان به تکي هئي. واپس موٽي هن پنهنجن قريشي سردارن کي سڄي ڳالهه ڪري سُڻائي ۽ عليرضه جي چوڻ تي جيڪو اعلان ڪيو هئائين، اهو به ٻُڌايائين. سردار مرڪيا ۽ چيائون:
ابو سفيان! عليرضه توسان مشڪري ڪئي آهي.
محمد ﷺ جي رضامنديءَ کانسواءِ تون ڪيئن مطمئن ٿي ويو آهين.
نه صلح جي خبر آندي اٿئي، جو اسين مطمئن ٿيون، نه جنگ جو تازيانو آندو اٿئي جو اسين تياري ڪريون.
ابو سفيان مڃيو: خدا جو قسم اُن کانسواءِ ٻي ڪا صورت بنجي نه سگهي.
هاڻ هو سڀ مَٿو مَٿي سان ڏيئي ويهي سوچڻ لڳا
هاڻي ڇا ٿيندو؟
ٿيندو اهو ئي جيڪو خدا فيصلو ڪري چڪو هو.
ٻه سان اڳ... صلح حديبيه جي موقعي تي جنهن ’فتح مبين‘ جو اشارو ٿيو هو
اها گهڙي اچڻ واري هئي.
آقا صلي الله عليھ وسلم دل ۾ پڪو ارادو ڪري ورتو، پر اهو زبان تي نه آندائين.
تياريون شروع ٿي ويون.
تلوارن جي ٺهڻ ۾ تيزي اچي ويئي، ڍالن ۽ زرهن جي مرمت ٿيڻ لڳي. گهوڙا خريد ڪيا ويا. آهني خود سنوارجڻ لڳا. گهوڙيسوارن جا لباس نکارجڻ لڳا. جنگ ۾ جنهن جنهن شئي جي گهرج پوندي هئي، اها گڏ ٿيڻ لڳي.
پر جنگ ڪٿي ٿيندي؟
لشڪر جو رخ ڪهڙي پاسي هوندو؟
نشانو ڪير بنجندو؟
اهو سڀ راز ۾ رکيو ويو.
اُن حد تائين جو ماڻهن جو خيال مڪي ڏانهن نه وڃي، آقا صلي الله عليھ وسلم نجد ۽ ٻين طرفن گشتي جٿا روانا ڪيا. ماڻهن کي جنگ جون تياريون نظر اچڻ لڳيون. جنگ کان اڳ جاسوسي پارٽيون جڏهن اُنهن پاسن وينديون هيون ته ماڻهو سوچڻ لڳا ته شايد نجد ۾ غطفان سان وڙهڻو پوندو.
شايد شام طرف هلڻو پوي.
ڪهڙي خبر موته ڏانهن نڪرجي
رازداري اُن حد تائين رکي ويئي جو آقا صلي الله عليھ وسلم جو يار غار سيدنا ابوبڪر پنهنجي نياڻي سانئڻ عائشه کان پُڇڻ لڳو ته ڌيءَ! ڪا خبر اٿئي ته آقا صلي الله عليھ وسلم ڪهڙي پاسي جنگ جي تياري پيو ڪري؟
سيده عائشه به بي خبر هئي. ڇا ٿي سُڻائي سگهي.
تياري مڪمل ٿي ويئي
هاڻ روانگيءَ جو وقت اچڻ وارو هو
مٿان رمضان جو مهينو اچي سَهڙيو
10هين رمضان، اٺين هجري، 22 ڊسمبر 624 هين تي روانگي ٿيڻي هئي
آقا صلي الله عليھ وسلم وٽ آسمان مان هڪ خبر پهتي
جبرائيل عليھ السلام اچي ڪجهه سُڻايو.
آقا صلي الله عليھ وسلم سيدنا علي، زبير بن عوام ۽ مقداد کي سڏايو
حڪم ڏنائين
گهوڙا ڊوڙائيندا هڪدم مڪي جي واٽ وٺو. ۽”فاخ باغ“ وڃجو. اُتي هڪ اٺ تي سوار عورت ملندي، اُن وٽ هڪ خط هوندو جيڪو کانئس کسي اچو.
آقا صلي الله عليھ وسلم جو حڪم
پروانا روانا ٿي ويا.
باغ جو مفاصلو ٻارهن ميل هو. ’فاخ باغ‘ ۾ انهن پارن واري عورت ملي ويئي، نالو ساره هئس، اُن جو اٺ ويهاري جڙتي ورتائون، ڪجهه به نه مليو.
بار بار جڙتي ورتائون
هر ڀيري مايوسي ٿي.
ٽيئي اصحابي پريشان
سيدنا علي هڪدم مياڻ مان تلوار ڪڍي
عورت کي چيائين: ڏس!
رسول الله صلي الله عليھ وسلم ڪڏهن به ڪوڙ نه ڳالهائيندا آهن.
ٻيو ته اها خبر آسمان تان آئي آهي.
تو وٽ هڪ خط هوندو، اهو ڪڍي اسان کي ڏي، نه ته اسين مجبور ٿي تنهنجي جَڙتي وٺنداسين ۽ تنهنجي بي پردگي ٿيندي. خط تو وٽ آهي ۽ اهو اسان کي هر حال ۾ کڻي وڃڻو آهي.
اها عورت هَڄي ويئي
ٽنگون ڏڪڻ لڳيس
منهن هَئڊو ٿي ويس.
چيائين: ترسو، مُنهن ٻي پاسي ڪريو.
وار کوليائين. چوٽيءَ جي اندر هڪ لفافو لڪل هو.
ڪڍي سيدنا عليءَ کي ڏنائين.
خط بارگاهه نبويءَ ۾ پهچي ويو.
خط کولي پڙهيو ويو.
حاطب بن ابي بلتعه هڪ جليل القدر مهاجر اصحابي هو. بدر جي جنگ ۾ به شامل هو، ڪيترين ئي مهمن ۽ معرڪن ۾ حصو وٺي جانثار بنجي چڪو هو. اهو خط اُن پاران مڪي جي قريش سردارن سهيل بن عمرو، صفوان بن اُميه ۽ عڪرمه بن ابو جهل جي نالي هو.
لکيو هئائين
اي قريشيو!
رسول الله صلي الله عليھ وسلم اوهان تي هڪ وڏو لشڪر وٺي پهچي رهيو آهي، سمجهو ته پهچي چڪو آهي. لشڪر جيڪو سيلاب وانگر روان دوان آهي. خدا جو قسم، جيڪڏهن رسول الله صلي الله عليھ وسلم اوهان تي اڪيلي سر ڪَڙڪي پوي ته به الله سندس مدد ڪندو ۽ فتح جو وعدو پورو ڪندو.
هاڻ اوهين پنهنجو انجام سوچي وٺو
آءٌ چاهيان ٿو ته اوهان تي منهنجو هڪ ٿورو رهي. والسلام .
اهو خط مڪي وارن کي رڳو هڪ اطلاع هو ته مٿن حملو ٿيڻ وارو آهي، پر جڏهن آقا صلي الله عليھ وسلم اُن جنگ جو هر معاملو ڳجهو رکيو هو ته ان جي ڀڃڪڙي هڪ وڏو ڏوهه هو.
حاطب بن ابي بلتعه کي گهرايو ويو.
آقا صلي الله عليھ وسلم کانئس پُڇيو.
حاطب هي ڇا آهي؟
سيدنا حاطب جو منهن رنگ ڇڏي ويو. هٿ پير ڏڪڻ لڳس.
چيائين:
آقا صلي الله عليھ وسلم مون کي صفائي پيش ڪرڻ جو موقعو ڏيو. خدا جو قسم! منهنجو الله ۽ سندس رسول تي ايمان آهي، آءٌ نه مرتد ٿيو آهيان ۽ نه وري مون ۾ ڪا تبديلي آئي آهي.“
آقا صلي الله عليھ وسلم ٻاجهائپ سان مُرڪي فرمايو
چئو! ڇا ٿو چوڻ گهرين.
سيدنا حاطب جي منهن تي رنگ وَرڻ لڳو ۽ چيائين.
آقا صلي الله عليھ وسلم- مڪي ۾ منهنجن قريشي ڀائرن جا مٽ مائٽ به آهن، پر اُنهن جا قريبي واسطيدار آهن، کين ان ڳالهه جو ڊپ ڪونهي ته مٿن ڪا اوچتي مصيبت ڪڙڪي.
پر منهنجو معاملو ڌار آهي
آءٌ قريشي نه آهيان، سندن حليف آهيان. منهنجا مٽ مائٽ مڪي ۾ رهن ٿا، جيڪي بي يارو مددگار آهن، اُنهن جو ڪوبه رشتيدار مڪي ۾ ڪونهي. مون کي خيال آيو ته قريشن تي ڪو ٿورو ڪريان ته جيئن ڏکئي وقت ۾ هو منهنجن مٽن مائٽن ۽ اهل عيال کي ڪا تڪليف نه رسائين. خدا ٿو ڄاڻي ته مون ۾ نه ڪفر آهي نه نفاق، نه ڪو وري آءٌ اسلام جي عظمت کان انڪاري ٿيو آهيان.
رڳو ايتري ڳالهه هئي، جنهن ڪري مون کان اها حرڪت ٿي.
آقا صلي الله عليھ وسلم فرمايو،
بيشڪ حاطب تو ماڻهن سان سچي ڳالهه ڪئي آهي.
سيدنا عمررضه مياڻ مان تلوار ڪڍيو بيٺو هو.
آقا صلي الله عليھ وسلم کان اجازت جو طلبگار هو ته هن جو سر اُڏائي ڇڏيان.
آقا صلي الله عليھ وسلم سيدنا عمررضه کي مخاطب ٿي فرمايو.
ڏس! هي بدري آهي.
۽ عمر توکي ڪهڙي خبر ته الله اهل بدر وارن کي مخاطب ٿي فرمايو هُجي
اعملواما شئتم فقد غفرت لکم
”جيڪو وڻيوَ ڪريو، مون اوهان کي بَخشي ڇڏيو.“
بدر وارن جي مرتبي جو ٻڌي سيدنا عمر جي هٿ ۾ تلوار ڏڪڻ لڳي. اکين ۾ لڙڪ ڀرجي آيس، چهرو لڙڪن سان ڀرجي ويس ]بخاري[
مديني مان قريشن کي اسلامي لشڪر جي ڪابه خبر نه پهتي.
پهرين هر جنگ تي مڪي مان رواني ٿيندڙ هر لشڪر جي خبر اُتي ويٺل آقا صلي الله عليھ وسلم جو چيف ڳجهو سيڪيورٽي انچارج سيدنا عباس موڪليندو هو. هن ڀيري مديني مان پهريون ڀيرو مڪي تي چڙهائي ڪرڻ جي لاءِ هڪ وڏو لشڪر نڪرڻ لڳو ته آقا صلي الله عليھ وسلم کين اطلاع ڏياري موڪليو.
اوهين هاڻي مڪي مان هجرت ڪري مديني اچي وڃو.
جيئن نبوت مون تي ختم ٿي، تيئن هجرت توتي ختم ٿي.
تون آخري مهاجر آهين.
10هين رمضان اٺين هجري، 22 ڊسمبر 629 عيسوي جو ڏينهن اچي ويو.
ڏهن هزارن سپاهين تي مشتمل لشڪر مديني مان روانو ٿيو.
مومنن جي مائرن مان سيده اُم سلمه ۽ سيده ميمونه ساڻ هُيون.
مديني کان ٿورو ٻاهر ذوالحليفه جي جاءِ تي پهتا ته حڪم جي تعميل ڪندي آقا صلي الله عليھ وسلم جو چاچو سيدنا عباس پنهنجي اهل ۽ عيال سميت مديني ويندي گڏجي ويو. اهل عيال ۽ گهر جو سامان ته مديني روانو ڪيائين ۽ پاڻ آقا صلي الله عليھ وسلم سان روانو ٿي ويو.
’ابواء‘ جو هنڌ جتي آقا ﷺ جي امڙ جي قبر هئي، اتي پهتا ته آقا صلي الله عليھ وسلم جو سئوٽ ابو سفيان بن حارث بن عبدالمطلب ۽ آقا جي پڦي عاتڪه جو پُٽ عبدالله بن اُميه پاڻ سڳورن جي پڙاءَ ۾ پهتا. ٻئي آقا صلي الله عليھ وسلم جا سخت دشمن هئا. پر ان گهڙيءَ ٻنهي جي منهن مان نور جي برسات وسي رهي هئي.
آقاﷺ جي پڙاءَ ۾ پهچي، ٻنهي آقا ﷺ جي حضور بازيابيءَ جي گذارش ڪئي
آقا صلي الله عليھ وسلم کي اُنهن جون سڀئي دشمنيون ياد هُيون.
کين ملڻ کان جواب ڏيئي ڇڏيائون.
ابو سفيان بن حارث، آقا صلي الله عليھ وسلم جو ننڍپڻ جو دوست هو.
هم عمر هو
هڪ لحاظ کان ڀاءُ هو.
جيستائين آقا صلي الله عليھ وسلم نبوت جو اعلان نه ڪيو هو، تيستائين مٿس ساهه پَساهه ڏيندو هو. آقا صلي الله عليھ وسلم جي هدايت جي پيغام تي بگڙجي پيو.
سُٺو شاعر به هو.
شاعري شايد ناحق بلاغت ۽ عظمت جو گمان پالي ٿي وٺي. هن آقا صلي الله عليھ وسلم جي واکاڻ ڪرڻ بدران آقا صلي الله عليھ وسلم جي ”هِجو“ چوڻ شروع ڪري ڏني. پنهنجن شعرن ۾ آقا صلي الله عليھ وسلم تي طنزون ڪيون. هو ته سئوٽ، سڀني کان وڏي چاچي حارث جو پُٽ ۽ عبدالمطلب جو پوٽو.
ٻيو پُڦي عاتڪه جو پُٽ عبدالله بن اُميه.
زبان جو ڪِنو ۽ گستاخ
آقا صلي الله عليھ وسلم کي چوندو هو.
”خدا جو قسم آءٌ توتي هرگز ايمان نه آڻيندس. جيڪڏهن تون ڏاڪڻ لڳائي آسمان تي چڙهي وڃين ۽ آءٌ توکي پنهنجي اکين سان ڏسان ته تون آسمان تان هڪ دستاويز کڻي لٿو آهين ۽ چار ملائڪ توسان گڏ آهن، جيڪي اُن ڳالهه جي تصديق ڪن ته الله توکي رسول ڪري موڪليو آهي، پوءِ به توتي ايمان نه آڻيندس.“
آقا صلي الله عليھ وسلم کي سڀ ڪجهه ياد هو.
ٻيئي سيده اُم سلمه وٽ پهتا
ليلايائون.
ابو سفيان بن حارث تڙپي روئڻ لڳو.
چيائين: جيڪڏهن آقا صلي الله عليھ وسلم ملاقات جي مهرباني نه ڪئي ته آءٌ پاڻ سان آندل پُٽڙي جعفر سان گڏ بَر منهن ڪري هليو ويندس ۽ بُکيو اُڃيو پنهنجي جان ڏيئي ڇڏيندس.
منهنجي لاءِ سفارش ڪريو.
آقا صلي الله عليھ وسلم سان ملرايو.
سيده اُم سلمه آقا صلي الله عليھ وسلم وٽ ٻنهي جي سفارش ڪئي.
آقا صلي الله عليھ وسلم، سيده کي ٻنهي جون پراڻيون ڳالهيون ٻُڌايون ته هنن پنهنجي زبان سان ڪهڙا ڪهڙا نه ڏک ڏنا آهن.
جيئن ته سفارش سيده اُم سلمه جي هئي.
نيٺ آقا صلي الله عليھ وسلم مَڃي ورتو.
موڪل ملي ويئي
ابو سفيان بن حارث آقا صلي الله عليھ وسلم جو سئوٽ عقيدت ۽ محبت ۾ پَنبڻيون پير ڪري، محبت مان ڏڪندو آيو ۽ سيدنا علي جي صلاح مان زبان سان اها ڳالهه ڪڍي، جيڪا حضرت يوسف عليھ السلام جي ڀائرن، يوسف عليھ السلام جي عظمت ڏسي آخر ۾ چئي هئي. هن آقا صلي الله عليھ وسلم جي روشن رخ کي ڏسي چيو:
”تالله لقد اثرک الله علينا و ان کنا الخطيئن.“
”الله جو قسم- بيشڪ الله اوهان کي، اسان تي فضيلت بخشي ۽ يقينن اسين خطاڪار هئاسين (سوره يوسف: 91:16)
آقا صلي الله عليھ وسلم، ابو سفيان بن حارث کان يوسف جي ڀائرن جي چيل ڳالهه ٻُڌي ته اهو ئي چيو، جيڪو يوسف عليھ السلام فرمايو هو.
” لاتثريب عليکم اليوم يغفر الله لکم و هو ارحم الرحمين“
اڄ اوهان تي ڪوبه الزام ڪونهي، الله اوهان جو ڏوهه معاف فرمائي ۽ هو سڀ کان وڏو مهربان آهي. (سورة يوسف: 92:12)
اهي ٻئي پراڻا ويري به جانباز ۽ سرفروش بنجي آقا صلي الله عليھ وسلم جا ڀيچي ٿي هلڻ لڳا. پوءِ ابو سفيان بن حارث جيڪو گذريل 21 سالن کان آقا صلي الله عليھ وسلم جي ”هِجو“ چوندو هو. اڄ اندر جي موسم ۾ خير ۽ نور جي بَرکا ڏسي. رسول الله صلي الله عليھ وسلم جي واکاڻ ۾ شعر چوڻ لڳو.
سندس زبان مان سندس دل جو آواز لفظن جو روپ وٺي نڪرڻ لڳو.
”تنهنجي عمر جو قسم
جنهن مهل مون اهو جهنڊو کنيو هو ته
لات جا گهوڙيسوار
محمد صلي الله عليھ وسلم جي سوارن تي غالب اچي ويندا.
اُن مهل منهنجي حالت ڀٽڪيل مسافر جهڙي هئي.
جيڪو تارن ڀَري سُهائي رات ۾ به حيران ۽ منتشر هجي.
خدا جي مهرباني آهي
اها ڀاڳ واري گهڙي اچي ويئي
جڏهن آءٌ هدايت ماڻي رهيو آهيان.
منهنجي نفس تي هن ڀيري، هڪ هادي صلي الله عليھ وسلم هدايت ڏني آهي.
اُن شخص مون کي ا لله جو رستو ٻُڌايو آهي.
جنهن کي مون هر ڀيري ڌڪاريو.“
آقا صلي الله عليھ وسلم سندس شاعري ٻُڌي ته سندس ڇاتيءَ تي هٿ هنيو.
۽ فرمايو: تو هر موقعي تي مون کي ڌڪاريو هو.]عيون الاثر، ابن هشام[
سيدنا ابو سفيان بن حارث جي ڇاتي تي آقا صلي الله عليھ وسلم جو هٿ لڳو ئي هو، جو هن جو سينو عشق رسول الله ﷺ سان اهڙو ته ڀرجي ويو جو ٿوري هلچل تي به اُڇلجي پوندو هو. اکين مان لڙڪ ڳڙڻ لڳندا هئس. هر وقت آقا صلي الله عليھ وسلم سان چُهٽيل رهندو هو. پاڇي وانگر، ڏسي پيو خوش ٿيندو هو. سندس دل ۾ آقاﷺ جي ننڍپڻ ۽ ٻالڪپڻ جي محبت ٻيهر موٽي آئي.
آقا صلي الله عليھ وسلم ته آهي ئي سراپا مُحبت.
جيڪو ساڻس محبت ڪري، هو اُن مُحبت جو جواب ڪيئن نه ڏي.
لشڪر جو سفر جاري هو.
رستي ۾ عسفان ۽ قديد جي وچ واري هنڌ ڪديد نالي چشمي وٽ پهچي آقا صلي الله عليھ وسلم سڄي لشڪر کي ڏيکاري پنهنجو روزو ٽوڙيو.
چشمي جو پاڻي پيتو.
ماڻهن کي سمجهه ۾ اچي ويو ته سفر ۾ روزو رکڻون نه آهي.
سفر جاري رهيو.
16هين رمضان 8 هجري، 26 ڊسمبر 629 عيسوي جي شام اچي ويئي.
۽ اسلامي لشڪر، مڪي جي ڀرسان ’ مراظهران‘ پهچي ويو.
اهائي ”فاطمھ ماٿري“ آهي.
مڪو اتان کان 25 ڪلوميٽر آهي.اهو ئي مڪو، جتي تيرهن سال اڳ آقاﷺ ۽ سندس ساٿين تي زمين تنگ ڪئي ويئي هئي.
ڏک ڏنا ويا،
تڪليفون ڏنيون ويون،
ماريو ڪُٽيو ويو،
بي عزتي ۽ تذليل جي هر انتها ڪئي وئي
ٽن سالن تائين شعب بن ابي طالب ۾ گهيري سماجي بهشڪار ڪيو ويو.
پوءِ اُتان نڪرڻ لڳا ته رستن تي پهرا ويهاريا ويا.
آقا صلي الله عليھ وسلم جي قتل جون سازشون بڻيون.
ڪيڏي نه ڏکيائيءَ سان اتان نڪتا ته پنج سئو ڪلوميٽر پري مديني اچي حملا ڪيائون، احد جي پهاڙ جي هنج ۾ ستر مسلمان ماريا ويا ۽ آقا صلي الله عليھ وسلم جي پياري چاچي امير حمزي کي نشانو بنائي شهيد ڪرائي، سندس جسم جي بي حرمتي ڪئي ويئي. خندق جي جنگ ۾ هڪ مهيني تائين ڊپ ۾ گهيري رکيو ويو.
هاڻ اهو ئي مڪو آقا صلي الله عليھ وسلم کان ڪجهه ڪوهن جي فاصلي تي هو ۽ مڪي جو اهو ئي دشمن ابو سفيان بن حرب پنهنجن ٻن ساٿين حڪيم بن حزام ۽ پديل بن ورقه سان گڏ ڊنل حالت ۾ ”مر الظهران“ جي وادي فاطمھ ۾ اهو ڏسندو پي ڦريو ته ڪٿي ڪي حملي آور ته نه اچي ويا آهن.
رات پنهنجا پَر پکيڙيا
وادي فاطمھ، مرالظهران ۾ ڏهه هزار باهه جا مَچ ٻري رهيا هئا.
ايئن پي لڳو ته آسمان پنهنجن سڀني تارن سان زمين تي لهي آيو هجي. ان گهڙيءَ ابو سفيان بن حرب هڪ ڪک وانگر هو، جنهن کي اُڏائڻ جي لاءِ زمين ۽ آسمان جا سڀ طوفان گڏ ٿي ويا هجن.