پَڙهه
جبل نور تي پٿر جي ٽڪرين جي ننڍي خيمي نما غار ۾ آقا ﷺ آرام فرمائي رهيا هئا. اَلل وهاڻي هئي. غار جي منهن وٽ اُڀرندي پاسي سج جي اک پٽجڻ کان پهرين هلڪي اُجري نرم سُهائي، خوشبوءَ جيان هوريان هوريان غار ۾ سُري رهي هئي. غار جي اندر اونداهي هوريان هوريان پٺتي هٽي رهي هئي.
اهو سترهين رمضان جو صبح هو، اُن لحاظ کان ان کي 7 آگسٽ 610ع جي ڏينهن جي شروعات چئي سگهجي ٿي. پر وڌيڪ سگهاري روايت ۽ قرآن پاڪ جي پوءِ لهندڙ ’سورة القدر‘ جي اشاري مان اهو 27 رمضان جو صبح هو. ايئن اها 15 هين آگسٽ جي انوکي، نوراني تاريخ ساز صبح هئي. اهو ئي صبح جڏهن اُن الاهي سڳوري سُهائي جو ڏيئو صدين کانپوءِ ٻيهر سگهارو ۽ قائم ڪري لاڳو ڪرڻ خاطر پاڪستان جي تخليق ٿيڻي هئي.
غار جي سوڙهي فرش تي آقا ﷺ ڏاکڻي ڀت تي ٽيڪ لڳايو ويٺا هئا. آقاﷺ جي کاٻي پاسي غار حرا جي بند ڪنڊ ۾ موجود ڇهن انچن جي ويڪري سوراخ مان خدا جو گهر ڏيڍ ميل هيٺ نيري سڳوري روشنيءَ ۾ نظر اچڻ شروع ٿي ويو هو ۽ آقاﷺ جي کاٻي هٿ تي غار جي کُليل مُنهن وٽ صبح جي خوشبودار شگفته مُرڪندڙ روشني دٻيل قدمن سان غار ۾ سِرڪي چاليهن ورهين جي آقاﷺ جي اجري چمڪندڙ چهري تي سجدو ڪري سڳوري اِلاهي پيغام آڻيندڙ جي اچڻ جي لاءِ دستڪ ڏيئي رهي هئي.
آقاﷺ ننڊ ۽ جاڳ جي وچ واري ڪيفيت ۾هئا.
ننڊ ۾ به گذريل ڇهن مهينن کان آقاﷺ کي سچا خواب نظر ايندا هئا. جو جاڳڻ کانپوءِ انهن جي حقيقت آجري اجالي وانگر چٽي ٿي ويندي هئي. پر اها صبح، جا خواب جي دنيا کانپوءِ حقيقي ڪائنات کي سمجهڻ، سمجهائڻ ۽ ’ارض و سما‘ جي اسرارن تي ويچارڻ جو پهريون عظيم درس کڻي اچي رهي هئي.
آقاﷺ جي دل تيز ڌڙڪڻ لڳي.
آقاﷺ کي محسوس ٿيو ته ڪو اوچتو غار جي اندر اچي سندس پاسي ۾ ويهي رهيو آهي. انساني شڪل صورت ۾ نفاست ۽ حسن جو پيڪر، انساني جسم ۾ آيل نئين همراھ آقاﷺ جي گوڏن کي ادب سان هٿ لڳايو ۽ چيو؛
پَڙھ..
آقا ڳهر مان هڪدم سُجاڳ ٿي ويا.
انساني ويس ۾ غار ۾ آيل اوچتي اوپري کي پنهنجي ڀَر ۾ ويٺل ڏسي آقاﷺ ڇرڪيا، اجنبيءَ ٻيهر چيو؛
پَڙھ !
سندس هٿ ۾ ڪنهن وڏي بادشاھ طرفان ٻي بادشاھ جي لاءِ موڪليل نياپو ڳاڙهي ريشمي ڪپڙي تي سُنهري چمڪندڙ تارن مان لکيل نظر ٿي آيو.
آقاﷺ چيو.
آءٌ پڙهي لکي نٿو سگهان
انوکي اجنبي جا چَپ ٻيهر هليا
پَڙھ !
هن ڀيري هُن آقاﷺ جي ڪلهن کي محبت ۽ ادب سان دٻايو به هو.
آقا ٻيهر اهوئي جواب ڏنو
آءٌ پڙهيل ناهيان.
پر نئين آيل جي آقاﷺ ڪلهن تي گرفت ايتري ته مضبوط هئي، جو آقاﷺ کي محسوس ٿيو، ڄڻ وڏي کان وڏي ٽين جي جي ٿالهه تي هٿ لڳڻ مهل جهڙو آواز نڪرندو آهي. اهڙو ئي جذب ٿيندڙ سگهاري آواز سان نئين آيل چيو: ”اقراءَ“ يعني ”پڙھ،“ جيڪو وات مان ڪڍڻ کانسواءِ آقاﷺ جي دل تي چٽجي ويو.. آقاﷺ جي چپن به رحيم ۽ ڪريم خدا جو نالو وٺي اِهو لفظ ورجايو ” اقراءَ.“
نئين آيل سڳوري پيغام جو وڌيڪ سِٽون پڙهيون، جيڪي قرآن جي سوره علق جون پهريون پنج آيتون آهن. ان سوره جون باقي چوڏهن آيتون ايندڙ ٽيويهن سالن ۾ لهندڙ قرآن ۾ ڪنهن ٻي وقت لٿيون هيون. انهن پهريون لٿل آيتن جو جادو هو شر با هو.
”پَڙھ ان خدا جي نالي سان
جنهن انسان کي رت جي ڄميل ڍڳَ مان خلقيو
تنهنجو رب وڏي عزت وارو آهي.
جنهن انسان کي قلم سان علم ڏنو
انسان کي اِهو سيکاريائين جيڪي نه ڄاڻندو هو.“
نئين آيل جا عربي زبان ۾ چيل اِهي ڪجهه جملا پنهنجي عظيم الشان حُسن، وقار ۽ حيرت انگيز معنويت سان آقاﷺ جي سڳوري روح ۾ سماوئجي ويا. آقا جي چپن تي به اهي ئي جملا جاري هئا. اُنهن پنجن جملن جو ساختياتي حسن، گهري عميق انڪشاف سان آقاﷺ گهڻو محظوظ ٿيا هوندا. آقاﷺ اُمي هئڻ جي باوجود عربي زبان جي سلاست، رواني، وسيع معنويت ۽ حسن ڪلام جي سڀني رمزن کان واقف هئا. پاڻ سڳورن عرب جي بهترين زبان صحرا جي رهاڪن کان سکي هُئي. پاڻ سڳورا انسان جي انسانن سان ڪيل سڄي ڳالهه ٻولهه جي انداز عڪس، اسلوب ۽ مخاطب جي رمزن کان واقف هئا. پاڻ سمجهي ويا هوندا ته اهي پنج جملا ڪنهن انساني ذهن جي تخليق نه آهن. لڳي ايئن ٿو ته اهي چَورائيندڙ انسان ڪونهي. انسان کان ڪا عظيم ترين هستي، جنهن انسان کي تخليق ڪيو. اُهو عظيم الشان خالق، آسمان تان زميني مخلوق جي لاءِ ڪنهن اهم سبق کي موڪلڻ لاءِ آقاﷺ کي ڌُڻي چڪو آهي. ويرانيءَ ۾، مٿانهين جبل جي هڪ چُر ۾، بستيءَ کان ڪيترا ميل پري، تنهائيءَ ۾ ڪنهن اجنبيءَ جو ايئن اچڻ ۽ اهڙي تابناڪ معنويت ڀريل سمنڊ جهڙن جملن کي چئي آقاﷺ جي دل تي چٽي ڇڏڻ، نهايت غير معمولي ۽ انوکو واقعو هو.
چوڏهين آگسٽ جي ان خنڪ وڻندڙ صبح جي مهربان روشنيءَ ۾ اوچتو هڪ ايندڙ اجنبي کي پنهنجي گوڏي سان گوڏو ڏيئي ايئن ويٺل ڏسي آقاﷺ جي اُجري چمڪندڙ نرڙ تي خوشبودار پگهر جا ڪجهه ڦڙا اندر مان اُڀري ٻاهر آيا هوندا. سيني ۾ دل زور سان ڌڙڪي هوندي. اکين جون ماڻڪيون حيرانيءَ مان ڦريون هونديون. پوءِ انوکي عظيم ڪلام کي ٻُڌڻ ۽ اڻڄاتل ٽين جي گهڙيال جيان وڄندڙ ڏيادار ۽ وقار سان ڀريل سُريلن سُرن ۾ سندس دل تي نقش ٿي وڃڻ انتهائي حيرت ۾ وجهندڙ واقعو هو. بيشڪ آقاﷺ جي گذريل چاليهن سالن جي پاڪيزه، سچي ۽ امانت ڀَري زندگي پنهنجي اندر ڪنهن به تابناڪ واقعي کي جذب ڪرڻ جي لاءِ ڪافي هئي، پوءِ گذريل ڇهن مهينن کان ايندڙ لڳاتار سچن خوابن جي هڪ سلسلي مان به آقاﷺ گذريا هئا. پر اُن گهڙيءَ خواب ۽ حقيقت جي وچ ۾ سڀ فاصلا مِٽجي چڪا هئا. پوءِ اهو گمان به آهي ته آقاﷺ پاڻ به بظاهر هڪ بشر جي ويس ۾ هئا. مٿس آسماني خبرن جي ايئن اوچتي آمد سبب شديد دٻاءَ پيو هوندو. رڳو اهوئي نه، پنهنجو پيغام چوڻ کان پوءِ ۽ آقاﷺ جي دل ۽ دماغ تي نقش ڪرڻ جي ٻي گهڙيءَ اهو انوکو نئون آيل اجنبي اوچتو غائب ٿي ويو.
اُن وقت آقاﷺ جي دل جي ڌڙڪن تيز ٿي ويئي هوندي.
نرڙ تي نڪري آيل عطر- پگهر جا ڦڙا وڌي ويا هوندا.
چون ٿا ته آقاﷺ آسماني نياپي کي پنهنجي روح ۾ سمائي، گهٻرائجي هڪدم غار مان نڪتا هئا. غار جي اڳيان پندرهن فوٽ ويڪرو پٿريلو اڱڻ اُڪري ترڇي ٻن ٽڪرين جي وچان ننڍي ڏرڙ مان ليٽي پهاڙ جي اُن لاهياريءَ طرف وڌيا هوندا، جتان پهاڙ تي چڙهبو ۽ لهبو هو، آقاﷺ جي سيني ۾ دل ڌڙڪي رهي هوندي. نبض تيز هوندي، جسم ۾ عجيب گهٻراهٽ هوندي. نرڙ تي پگهر هوندو.
نرڙ تي نڪري آيل عطر -پگهر جا ڦڙا وڌي ويا هوندا.
آقا جي ذهن ۾ پهريون سوال اهو هوندو ته ايندڙ ڪير هو؟
موڪليل پيغام ڪنهن پاران هو ؟
اوچتو پهاڙ جي لاهياريءَ تان تِکي تِکي لهندڙ آقاﷺ کي آسمان جي سڄي وشالتا تي ڪڪرن جيڏي وڏي ڪرسيءَ تي هڪ انساني جسم ويٺل محسوس ٿيو. آقاﷺ ڪنڌ کڻي مٿي ڏٺو. آسمان جي هڪ ڪُنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين ڪڪرن جي قافلن کان وڏي هڪ ڪرسيءَ تي اهو نئون آيل اجنبي ويٺل نظر آيو. جيڪو ڪجهه منٽ اڳ غار ۾ آقاﷺ کي، انسان جي تخليق کي، خدا جي سڀ کان وڏي صفت ٻُڌائي، کيس سوچڻ جو سبق ڏيڻ آيو هو. جنهن علم جي تخليق قلم سان ڪئي هئي ۽ انسان کي اهو علم ڏنو هو، جيڪو هن نٿي ڄاتو. اُن گهڙيءَ آسمان جي سڄي وشالتا تي ڇانيل اُن نئين آيل جسم جي پکيڙ جبلن جيڏي وڏي هئي ۽ چئي رهيو هو.
”آءٌ جبرائيل آهيان ۽ اي محمدﷺ اوهين الله جا رسول آهيو.“
سندس چيل ڳالهه بار بار آسمان مان پڙاڏو ڪندي پهاڙن مان ٿي. موٽي وادين سان ويڙهجي اُڇلجندي اُڀرندي پاڻ سڳورن جي چئني ڏسائن جبلن ۽ پهاڙن ۽ ماٿرين جي مٿان اهو جسم پکيڙي، ڪرسيءَ تي ويٺو مرڪندو رهيو هو، جيڪو پنهنجو نالو جبرائيل ٻڌائي رهيو هو. آقاﷺ اوڀر ۾ خدا جي گهر حرم ڪعبه طرف ڏٺو، جبرائيل جو جسم ڪعبي تي ڇانيل آسمان تي به پکڙيل هو ۽ جبرائيل جو آواز، ڪعبي جي ڀتين سان لڳي واپس وري رهيو هو.
”اوهان محمدﷺ خدا جا رسول آهيو ۽ آءٌ خدا جو ملائڪ جبرائيل آهيان.“
آقاﷺ پهاڙن تي ڇانيل سڀني عظمت سان بيٺل هستيءَ جي اُن وڏي سڏ سرعام آواز جي ڳالهه ٻُڌي ڇرڪيا ۽ ڪجهه دير ضرور بيٺا هوندا. پوءِ وک وک ڏيئي ان پهاڙ تان لٿا هوندا. جنهن نور جي پهاڙ جي هڪ پٿر وٽان جڏهن گذريل ڪجهه مهينن کان آقاﷺ لنگهندا هئا ته اهو پٿر چوندو هو.
”السلام عليڪ يا رسول الله.“
آقاﷺ ڪيتري عرصي کان اُن انوکي پٿر جي زبان مان چيل اُن آواز جي طلسم کي ٻُڌندا آيا هئا. ان پٿر وٽ وڻ ٽڻ، ٻوٽا، ٻوڙا به آقاﷺ کي اهوئي سلام چوندا هئا. اڄ پهاڙ جو هر پٿر، وار جو هر ذرو ۽ زمين ۽ آسمان جي وچ ۾ سڄي هوا ۽ هوا جي بوند بوند مان هڪ ئي آواز اچي رهيو هو.
”السلام عليڪ يا رسول الله. “
زمين ۽ آسمان جي هر ڪُنڊ ڪڙڇ، پاسي ۽ سوراخ، هر دروازي تي آقاﷺ جي رسالت جو اعلان ٿي رهيو هو ۽ آقاﷺ ڪنڌ جُهڪائي نوڙت کان ڏڪندا جهڪيل ۽ تيز قدمن سان پهاڙ تان لهي رهيا هئا. تيز وکن سان هلندا آقاﷺ خانه خدا جي ويجهو پنهنجي گهر هليا ويا. گهر جو دروازو کوليندي ئي پنهنجي پياري گهر واري سيده خديجه پاڻ سڳورن جو منهن ڏسي مُرڪي پيئي. آقاﷺ جو چهرو پيلو پئجي ويو هو.
نرڙ تي اڃا تائين نرم خوشبو ڀريل پگهر جا ڦُڙا جرڪي رهيا هئا. آقا جي جسم ۾ عجيب هيڻائي، ٿڪاوٽ ۽ نستائي هئي. ڄڻ انساني جسم تي ڪائنات جي سڀني جبلن، چنڊن، تارن ۽ سجن جو وزن رکيو ويو هجي. آقا گهر جي چائنٺ اُڪري پنهنجي بستري جو رخ ڪيو ۽ سيده خديجه کي چيائين:
’منهنجي مٿان ڪجهه وجهو!‘
سيده ڊوڙندي هڪ چادر کڻي آئي، آقاﷺ پنهنجي بستري تي ليٽي پيا. سيده پاڻ سڳورن کي چادر اوڍائي ڇڏي. گهر ۾ آقاﷺ ۽ سيده جون چارئي ٻارڙيون ڏهن سالن جي زينب، سوا اٺن سالن جي رقيه، ستن سالن جي اُم ڪلثوم ۽ پنجن سالن جي فاطمه دروازي جي اڏَ کان پنهنجي عظيم پيءَ کي چادر ويڙهي ليٽيل ڏسنديون رهيون. دروازي سان لڳ خاموش بيٺل ماڻهن مان آقاﷺ جي پٽيلو 29 سالن جو زيد، سندس ستيتاليهن جي زال اُم ايمن جنهن جي هنج ۾ ٿڃ پياڪ اسامه بن زيد هو ۽ اتي ئي دروازي جي بلڪل وچ ۾ پنهنجي اولاد جيان پاليل ۽ ڏهن سالن جو علي بن ابو طالب بيٺو هو. هُنن سڀني آقاﷺ کي غار حرا مان ٿڪل قدمن، گهٻراهٽ، ڪنبدڙ جسم، ڏڪندڙ هٿن، پيلي چهري، پگهريل نرڙ ۽ ڪارين نکريل سُهڻين اکين ۾ الاهي روشنيءَ جي چمڪندڙ چمڪ سان ايندي ڏٺو هو.
اها چوڏهين آگسٽ جي تاريخ ساز الوهي سنهري صبح هئي.
سڄي ڪائنات جي وشالتا ۾ خدا پنهنجو ڏيئو ٻاري ڇڏيو هو.
آخري چراغ مُنير
آقاﷺ .