ابو بصيررضه
ويجهي فتح اچڻ کان اڳ ابو بصيررضه مڪي مان ڀڄي آيو.
صلح حديبيه جا شرط لکڻ مهل جيئن ابو جندل کي مڪي مان زنجيرن سان ٻَڌل گهليندي مڪي واپس وڃڻ تي مجبور ڪيو ويو هو، اهڙي ئي هڪ ٻي صورت بنجي آئي.
مسلمان، ابو بصير جي مڪي جي قيد مان ڀڄي اچڻ تي خوش ٿيا.
خوشيءَ مان ساڻس ڀاڪر پائي ملڻ لڳا.
اندران ڊنل هئا ته ڏسون ته آقا صلي الله عليھ وسلم ڪهڙو ٿو فيصلو ڪري. ايتري ۾ مڪي مان ٻه ڄڻا ابو بصير کي وٺڻ جي لاءِ پُڄي ويا. هو سڌو آقا صلي الله عليھ وسلم سان ملڻ جي لاءِ مسجد نبوي پهتا.
ماڻهو ڊڄي ويا.
آقا صلي الله عليھ وسلم ته هر معاهدي جي پاسداري ڪندا هئا.
ايئن ئي ٿيو.
مَڪي مان ابو بصير کي وٺڻ لاءِ ايندڙ ٻنهي مُشرڪن چيو ته معاهدي موجب هو هِتي رهي نٿو سگهي.
آقا صلي الله عليھ وسلم فرمايو: درست ٿا چئو. کيس وٺي وڃو.
ابو بصير کي مُشرڪن جي حوالي ڪيو ويو
هو ڏاڍو رُنو، رڙيو... دانهون ڪيائين،
پر مجبور هو.
آقا صلي الله عليھ وسلم کيس دلاسو ڏنو ۽ صبر جي تلقين ڪندي فرمايو:
اميد رک ته جلد ئي الله تنهنجي لاءِ ڪشادگي ۽ ڇوٽڪاري جي راهه پيدا ڪري ڇڏيندو.
ابو بصير ڏکويل دل سان وٺڻ لاءِ آيل ٻنهي سان گڏ هليو ويو.
هن جي دل ڀڳل هئي.
اکيون ڳاڙهيون هُيس.
مَن ۾ باهه جا مچ پي ٻَريس.
رستي ۾، مديني کان ٿورو ٻاهر ’ذوالحليفه‘ جي هنڌ تي ٽيئي ترسيا. وٺي ويندڙ ٻيئي مديني مان مليل کجيون کائڻ لڳا.
ابو بصير کين ڳالهين ۾ مُنجهائي کين ويسلو ڪري ڇڏيو.
هڪڙي کي چيائين:
تنهنجي تلوار ته ڏاڍي شاندار آهي.
ڪٿان ٺهرائي اٿئي؟
هو کجين جي مزي ۾ مگن هو.
ڦوشر ۾ اچي چوڻ لڳو... منهنجي تلوار جهڙي ڪير ٿو رکي سگهي؟
واهه ڪهڙي ڳالهه ڪجي...
واقعي
ٿورو ڏسڻ ته ڏي.
ابو بصير تلوار هٿ ۾ کڻي اُن جي ڏاڍي تعريف ڪئي، اُن جي تکي ڌار تي آڱر ڦيريائين، پوءِ اها هوا ۾ گهمائي واکاڻيائين ۽ پوءِ گهمائي هڪ وار ڪيائين، مُشرڪ جو ڳلو نڙيءَ ۾ کجيون کائيندي ککڙي سميت ڪٽجي ويو.
اهو ڏسي ٻيو مڪي مُشرڪ ڊپ مان اُٿي ڀڳو.
ابو بصير تلوار سميت هُن جي پويان لڳو.
هو ڪافي پري هو.
هُن وٺي مديني ڏانهن پناهه وٺڻ لاءِ منهن ڪيو.
کيس خبر هئي ته مديني جو آقا صلي الله عليھ وسلم ظلم ٿيڻ نه ڏيندو آهي.
اهو مُشرڪ سڌو آقا صلي الله عليھ وسلم وٽ پهتو.
کيس سڄي ڪهاڻي ٻُڌايائين.
چيائين: مون کي بچايو، هو مون کي به ماري ڇڏيندو.
ابو بصير چيو: آقا صلي الله عليھ وسلم اوهان معاهدي تي عمل ڪيو.
مون کي واپس موٽايو
هاڻ الله مون کي ڇوٽڪارو ڏنو آهي
اوهان سڳورن جي دعا سان.
هاڻ مون کي نه موٽائجو.
آقا صلي الله عليھ وسلم حيران
فرمايائون:
هن کي جيڪڏهن ڪو ساٿي ملي وڃي ته هي جنگ جي باهه ڀڙڪائي سگهي ٿو.
ابو بصير اشارو سمجهي ويو.
کيس خبر هئي ته آقا صلي الله عليھ وسلم معاهدي جي ڪڏهن به ڀڃڪڙي نه ڪندا. الله جي زمين وشال آهي ۽ هاڻ ساٿي به گهربل آهن.
ابو بصير مديني مان هليو ويو.
تلوار به ساڻس گڏ هئي. اها به شاندار تلوار
هو مڪي نه ويو، پر مڪي ۽ مديني جي ساحلي واپاري رستي تي وڃي ويٺو.
کيس ڪجهه ٻيا سنگتي ۽ ساٿي به ملي ويا.
مڪي ۾ قيد صلح حديبيه وقت گهلي نيو ويندڙ ابو جندل تائين، اها خبر پهتي.
ابو جندل به ابو بصير سان، ساحل تي اُچي مليو.
ٿورن ئي ڏينهن ۾ اُتي ستر جي لڳ ڀڳ مسلمان گڏ ٿي ويا.
هاڻ هو هڪ طاقت هئا.
ڪڏهن ڪڏهن ته هُنن جو تعداد ٽن سونَ تي به وڃي ٿي پهتو. مڪي مان قافلا ايندا هئا ۽ هنن انهن لاءِ رڻ ٻاري ڇڏيو.
هُنن انهن ئي قافلن کان تنبو کسيا.
سمنڊ جي ڪنڌيءَ تي پنهنجو ڳوٺڙو کڻي ٻَڌائون. اُٺ ۽ ٻڪريون گڏ ڪري، سوارين ۽ خوراڪ جو بندوبست به ڪيائون. هاڻ اُتي هنن هڪ ڇوٽي موٽي بازار به کڻي هنئي.
ان شاهراهه تان قريشن جو واپاري رستو بند ٿي ويو.
صلح حديبيه ۾ قريشن هڪ فائدو انهن واپاري رستن جو به ورتو هو. اهو اهم رستو قريشن جي هٿان نڪري ويو. قريش وري به منهن مَٿو پٽي مَٿو مٿي سان جوڙي ويٺا، کين سمجهه ۾ نه پي آيو ته ڇا ڪجي.
نيٺ هنن پنهنجن چڱن مڙسن کي مديني موڪليو. هنن آقا صلي الله عليھ وسلم جن جي اڳيان ليلايو ۽ کين چيو ته اوهين سدائين رحمدليءَ کان ڪم وٺندا آهيو.
صلح حديبيه جو ٽيون فقرو ختم ڪري ڇڏيو.
اوهان جو جيڪو به ماڻهو مڪي يا ٻي ڪنهن به هنڌان اچي مديني ۾ رهڻ گهري ته اسان کي ڪوبه اعتراض ڪونهي. رڳو پنهنجن انهن ساحل جي ڪنڌيءَ تي ويٺل همراهن ابو بصير ۽ ابو جندل ۽ سندس ساٿين کي مديني گهرائي وٺو.
اُن کانسواءِ اوهان جي شهر مديني ۾ مڪي مان ڪجهه مسلمان زالون اچي رهيون آهن. معاهدي جي روح موجب انهن کي واپس ڪري ڇڏيو. عورتن جي واپسيءَ واري اها ڳالهه آقا صلي الله عليھ وسلم هڪدم رد ڪري ڇڏي ته معاهدي ۾ لفظ ”رجل“ لکيو ويو آهي، جنهن جي معنيٰ ”مرد“ آهي، جيڪي موٽائي نٿيون سگهجن.
هائو، باقي فقرو برقرار رکڻون اٿوَ ته ابو بصير ابو جندل، پنهنجن ساٿين سميت جتي آهن، کين اُتي ئي رهڻ ڏجي، اهو ته معاهدي موجب آهي.
هنن وري به منٿ ڪئي، ليلايو ته معاهدي جو ٽيون فقرو ختم ڪريو.
اوهين کين واپس گهرائي وٺو.
آقا صلي الله عليھ وسلم ساحل جي ڪنڌيءَ تي ويٺل ابو بصير کي خط لکي موڪليو ته پابندي ختم ٿي ويئي آهي، هاڻي مديني موٽي اچو.
خدا جي ڪم جي خدا کي ئي خبر
هيڏانهن اَبو بصير کي آقا صلي الله عليھ وسلم جو خط مبارڪ مليو
پڙهيائين.
اکين مان لُڙڪ جاري ٿي ويس
دل جي ڌڙڪن بي ترتيب ٿي ويس.
خبر ڪونهي ته هو اڳ ۾ ئي بيمار هو، يا آقا صلي الله عليھ وسلم جي خط کي پاڻ ڏانهن محبت مان لکيل ڏٺائين ته خوشيءَ مان دل جي ڪا رڳَ ڦاٽي پيس
اکين مان لڙڪ ئي نه بيٺس.
منهنجي آقا صلي الله عليھ وسلم مون کي گهرائي ورتو
آقا جي شهر مديني مان
منهنجو سڏ اچي ويو.
آقا صلي الله عليھ وسلم منهنجي اوسيئڙي ۾ آهن.
ڪيترن ڏينهن جو پنڌ آهي.
خبر ڪونهي، هو ڇا ڇا سوچيندو رهيو.
خط مُبارڪ کي اکين تي رکيائين.
چُميائين.
ڪنهن سِڏڪندڙ ٻار وانگر آقا صلي الله عليھ وسلم جي خط کي سيني تي رکي، هڪ زور سان ساهه کنيائين. پوءِ اهو ساهه سندس جسم مان ٻاهرنه آيو.
سندس ڇاتيءَ تي آقا صلي الله عليھ وسلم جو خط هٿن ۾ جهليل ڦڙڦڙائيندو رهيو.
هُن جون لڙڪن سان ڀريل اکيون، ساڳئي طرح آسمان جي اُن ڪنڊ ڏانهن مُڙي ويون. جتان اِهي ساحلي پٽي مديني ڏانهن مُڙنديون هُيون.
هو کن پل ۾ مديني پهچي ويو.
جسم ساحل جي واريءَ تي ڇڏي ويو.
ابو جندل، ابو بصير کي اُتي ئي ساحل تي دفنائي، اُتي هڪ مسجد جوڙيائين. پوءِ آقا صلي الله عليھ وسلم جي حڪم جي تعميل ڪندي سڀني همراهن کي وٺي مديني روانو ٿي ويو.