بدر جي جنگ- مُشرڪ قيدي
آسمان مان وحي جي ذريعي پنهنجي بچاءُ ۾ وڙهڻ جو موڪل کان پوءِ، جيڪا بدر جي جنگ ٿي، اُن ۾ الله پنهنجي وعدي موجب مسلمانن کي شان ۽ شوڪت ۽ شاندار فتح مُبين سان نوازيو. ٻه نيون صورتون به پيدا ٿي ويون، هن جي باري ۾ اڃا ڪو آسماني حڪم نه لٿو هو.
هڪ ته جنگ ۾ قيد ڪيل مَڪي مُشرڪ هئا.
ٻيو مسلمانن کي جنگ کٽڻ جي صورت ۾ جيڪو مال و اسباب اُٺ، گهوڙا، تلوارون، زرهون ۽ ٻيو سامان سَڙو مليو هو.
هاڻ سوال پيدا ٿيو ته اُنهن جو ڇا ڪجي-؟
جيستائين آسمان تان ڪو حتمي فيصلو نٿو اچي، آقا صلي الله عليھ وسلم جو معمول هو صلاح مشورو. پهرين قيدين جي باري ۾ راءِ ورتي ويئي.
سيدنا ابوبڪر نرم سڀاءُ، معاف ۽ درگذر ڪرڻ واري هستي هئي. هُن پنهنجي سڀاءُ موجب اِهائي صلاح ڏني ته کين فديو وٺي ڇڏي ڏنو وڃي، شايد هي پاڻ يا سندن ايندڙ نسل ايمان جي دولت سان مالا مال ٿي وڃن. فديو عرب جو پراڻو رواج هو. اها راءِ ڏني ويئي ته هر هڪ کان سندن مالي حيثيت آهر هڪ هزار کان چار هزار درهم ورتا وڃن.
سيدنا عمر بن خطاب کان به راءِ ورتي ويئي.
سيدنا عمر ظالم کي سندس ظلم جو سَزاوار سمجهندو هو. سندس راءِ ڌار هئي. هن عرض ڪيو: آقا صلي الله عليھ وسلم هنن اوهان کي نه مڃيو، اوهان کي ڪوڙو قرار ڏنو. اوهان کي رنجايو ۽ تڪليفون ڏنيون، اوهان سان جنگ ڪئي، هي نه مُڙندا، کين ختم ڪيو وڃي ته جيئن هو پنهنجي ڪيئي جو ڪيتو لوڙين ۽ سندن ٻين ساٿين کي عبرت حاصل ٿئي.
اوس جي سردار سعد بن معاذ جي راءِ به سيدنا عمر بن خطاب جي تائيد ۾ هئي.
پر راءِ ڏيندڙن جي گهڻائيءَ پهرينءَ راءِ کي ترجيح ڏني.
آقا صلي الله عليھ وسلم ته سَراپا رحمت هئا.
رحمت اللعالمين صلي الله عليھ وسلم.
پاڻ فيصلو ڏيئي ڇڏيائون
قيدين کي فديو وٺي ڇڏيو وڃي.
۽ جيڪي قيدي فديي ڏيڻ جي قابل نه هجن، اهي فديي جي بدلي ۾ ڏهن مسلمان ٻارن يا وڏن کي علم سيکارين. ظاهر آهي ته مُشرڪن کان قرآن ته سکڻو ڪونه هو، عام رائج علم لکڻو، پڙهڻو هو ۽ دنياوي علمن جو سکڻ پڙهڻ ئي گهربل هو.
دنياوي علم جي ايتري اهميت
چئن هزار درهم فديي جي برابر.
وري مسلمان ٻارن ۽ وڏن کي پڙهائڻ به ڪافرن کان
مسلمانن ۾ علم جي حيثيت پَڪي ٿي ويئي.
آقا صلي الله عليھ وسلم جي حڪم جي تعميل شروع ٿي ويئي.
هاڻ ٻيو مسئلو آيو
جيڪو مال مَڏي هٿ لڳو هو
آقا صلي الله عليھ وسلم اُن تي خاموش
آسماني حڪم جو اوسيئڙو
وري مسلمانن جا رايا به مختلف-
ڪن چيو، جنهن جي هٿ جيڪو مال چڙهيو، اهو اُن جو- ٻيا وري جن دشمنن کي ماريو، سي چوڻ لڳا اوهان اهو مال اُن ڪري گڏ ڪري سگهيا، جو اسان جنگ جي ميدان ۾ کين ماري ڀڄايو.
جيڪي حفاظتي ڊيوٽيءَ تي هئا، تن چيو حفاظتي گهيرو ته اسان ڪيو هو، اسان جو حصو-؟
اڃا اِهي دعوائون جاري هيون، جو آسمان تان وحي لٿي-
وحي آئي ته آقا صلي الله عليھ وسلم جو رنگ هئڊو ٿي ويو.
جنهن کي ٻنهي جهانن جون ڪُنجيون مليون هيون، اهو ڊپ سبب ڪَنبي ويو. اکين مان لڙڪ جاري ٿي ويس.
الله تعاليٰ وحيءَ ۾ آخري حڪم ته آقا صلي الله عليھ وسلم جي هر ادا ۽ فيصلي جي حق ۾ ڏنو. پر پنهنجي راءِ سيدنا عمر بن خطاب ۽ سيدنا سعد بن معاذ سان سهمت ڪئي. بهرحال، الله جبرائيل عليھ السلام کي موڪليو ۽ قيدين جي باري ۾ سڄو اختيار رسول الله صلي الله عليھ وسلم کي ڏيئي ڇڏيو ۽ فديو وٺي احسان سان گڏ ڇڏي ڏيڻ جي موڪل ڏيئي ڇڏي.
آقا صلي الله عليھ وسلم، الله جي تنبيهه کان ڏاڍا ڊنا.
رُنا.
چيو وڃي ٿو ته آقا صلي الله عليھ وسلم فرمايو:
”الله جيڪو عتاب جو ڊپ ڏنو، اهو لاٿو ڪونه. نه ته رڳو ٻه بچن ها عمر بن خطاب ۽ سعد بن معاذ-“
بهرحال، آقا صلي الله عليھ وسلم جي فيصلي جي تعميل شروع ٿي ويئي.
مڪي مان ماڻهو فديو کڻي اچڻ ۽ پنهنجا قيدي ڇڏائڻ لڳا.
مال ۽ اسباب جو معاملو اڃا لڙڪيل هو.
هٿ چڙهيل سموري مال غنيمت جو هڪ ڍڳ لڳو پيو هو. اُن مان ڪير ڪجهه به کڻي نٿي سگهيو.
سيدنا سعد بن ابي وقاص، جنهن پوءِ سيدنا عمر بن خطاب جي دور خلافت ۾ ايران ۽ عراق فتح ڪيا هئا. بدر جي جنگ ۾ هن دشمن رسول سعيد بن عاص کي پنهنجي هٿ سان جهنم رسيد ڪيو هو. مرندڙ جي تلوار سيدنا سعد بن وقاص کي گهڻي وڻي. دل ۾ تمنا جاڳيس ته اها تلوار کيس ملي. هو اها کڻي آيو ۽ آقا صلي الله عليھ وسلم کي عرض ڪيائين ”آقا صلي الله عليھ وسلم مون ئي هن تلوار واري کي ماريو هو. گذارش اٿم ته اها مون کي ڏني وڃي.“
آقا صلي الله عليھ وسلم خاموش، الائجي ڪهڙي ڌيان ۾ ويٺا هئا. فرمايائون
”نه اُتي ئي واپس رکي ڇڏ، جتي ٻيو سامان رکيو آهي.“
تعميل ٿي.
پوءِ مڙيا ته خيال آيس ته جيڪڏهن اهو سامان ورهايو ويو ته الائجي اها تلوار ڪنهن کي ملي. تلوار ڏاڍي ڀَلي هئي. ان تلوار تي نالو به لکيل هو.
ذوالکتعھ
ويندي ويندي وري بيٺا
مُڙيا
ٻيهر آقا صلي الله عليھ وسلم جي خدمت ۾ اهو ئي عرض ڪيائين.
آقا صلي الله عليھ وسلم جو وري ساڳيو ئي جواب.
”اُتي ڍڳ تي رهڻ ڏي.“
سيدنا سعد بن ابي وقاص ڪنڌ جُهڪائي مايوس روانا ٿيا. اڃا گهڻو پري نه ويا هئا، جو آقا صلي الله عليھ وسلم کيس سڏ ڪيو.
هو ڊوڙندو آيو.
”آسمان مان حڪم اچي ويو آهي.
پهرين هيءَ تلوار منهنجي نه هئي، نه وري مون کي ڪنهن کي ڏيڻ جو اختيار هو، تنهن ڪري مون توکي چيو ته واپس رکي ڇڏ... هاڻ الله وحيءَ جي ذريعي مون کي اهو اختيار ڏيئي ڇڏيو آهي ته جنهن کي وڻي اُن کي ڏي... تنهن ڪري هاڻ اها توکي ٿو ڏيان.“
الله تعاليٰ صاف صاف چئي ڇڏيو هو.
”اهي مال غنيمت جي باري ۾ پُڇن ٿا... کين چئو ته اهو مال الله ۽ الله جي رسول کانسواءِ ٻيو ڪنهن جو به ڪونهي“ (قرآن)
خدا، سڀ اختيار رسول الله کي ڏيئي ڇڏيا هئا.
رسول الله اهو مال غنيمت انصاف سان ورهائي ڇڏيو.
اهي اَٺ اصحابي سڳورا، جن کي پاڻ سڳورن مختلف ڪمن جي سلسلي ۾ واپس موڪليو هو، جن ۾ سيدنا عثمان بن عفان به شامل هو، جنهن کي پاڻ پنهنجي بيمار نياڻي سيده رقيه جي سار سنڀال لاءِ پويان ڇڏيو هو، جيڪا آقا صلي الله عليھ وسلم جي واپسيءَ کان اڳ گذاري ويئي هئي، کيس به اُن تبرڪ ۾ شامل ڪيو ويو، نه ته سيدنا عثمان بن عفان ته سڀني مسلمانن مان وڌيڪ شاهوڪار هو. ۽ يهودين کان کوهه خريد ڪري مديني ۾ مسلمانن جي لاءِ وقف ڪندو هو.
جنگي قيدين ۾ آقا صلي الله عليھ وسلم جو محبوب چاچو سيدنا عباس به شامل هو. کيس هڪ انصاريءَ ڪعب بن عمرو ابو السير قيدي بنايو هو. قيدين جي لاءِ اهو طئي ٿيو ته جن جن جا اهي قيدي آهن، سي کين پنهنجي گهر وٺي وڃن ۽ ساڻن سُٺي نموني پيش اچن. هاڻ جيئن ته حڪم ٿي ويو هو ته مسلمان سُهڻي سلوڪ ۾ اُن حد تائين وڌي ويا، جو پاڻ کجور کائي به قيدين کي ماني کارائيندا هئا. جن قيدين جي تَن تي ڪو ڪپڙو لَٽو نه هوندو هو، تن کي پنهنجا ڪپڙا پارائيندا هئا. جن جا گهر نه هئا يا ننڍا هئا، اُنهن کي قيدين کي مسجد نبويءَ ۾ رکڻ جي اجازت هئي.
سيدنا عباس کي به مسجد نبويءَ ۾ آڻي ٻَڌو ويو.
مسجد نبويءَ سان گڏ ئي آقا صلي الله عليھ وسلم جو جهوپڙي نما ڪمرو هو، جنهن جون ڀتيون کجيءَ جي ڦڙن مان ٺهيل هيون، جن تي مٽيءَ جو راڳو ڪيل هو. هَلڪو کُڙڪو به گهر جي اندر ٻُڌڻ ۾ ايندو هو. هڪ رات قيد ڪندڙ سيدنا عباس جا هٿ ٿورو زور سان ٻڌا هئا، جو کانئس آهه نڪري ويئي، جيڪا آقا صلي الله عليھ وسلم پنهنجي ڪمري ۾ ٻڌي ورتي ۽ ڏک سبب سڄي رات سُمهي نه سگهيا- پر پنهنجي پيروڪار کي ڪجهه به نه چيو. صبح جو سيده سوده زوجه رسول صلي الله عليھ وسلم اها ڳالهه ٻُڌائي ڇڏي. اهو مسلمان هَڄي ويو، هڪدم سيدنا عباس جا هٿ ڍرا ڪري ڇڏيائين. جڏهن بنو نجار وارن کي خبر پيئي ته آقا صلي الله عليھ وسلم پاڻ سڳورن سان ايتري محبت ڪن ٿا ته هو گڏجي آيا ۽ چيائون.
”آقا صلي الله عليھ وسلم اوهان جو چاچو عباس اسان جو ڀاڻيجو آهي-“ ايئن هو به، جو هو سيدنا عباس جي ڏاڏي سيده سلميٰ، سيدنا هاشم جي زال ۽سيدنا عبدالمطلب جي امڙ جي قبيلي مان هئا.
چيائون:
اسين کيس فديو وٺڻ کانسواءِ ڇڏڻ لاءِ تيار آهيون.
آقا صلي الله عليھ وسلم مُسڪرايو.
فرمايائون: ”نه نه... هي مالدار ماڻهو آهي...
فديي وٺڻ کان سواءِ نه ڇڏجوس.“
سيدنا عباس ٻُڌي رهيو هو.
چيائين: ”ڀائيٽا... هن ڀيري ڪاروبار ۾ مزو نه رهيو آهي.
پئسا گهٽ اٿم...“
آقا صلي الله عليھ وسلم ٻيهر مُسڪرايو ۽چيو.
”اِها گهڙي ياد ڪر... جڏهن نه چاهيندي به جنگ لاءِ ايندي اوهان هيتري رقم پنهنجي زال اُم فضل کي ڏني ۽ ان سان اها نصيحت ڪئي ته جيڪڏهن نه آيس ته هيتري هِن کي ۽ هيتري هُن کي ڏج. اها سموري رقم ۽ گڏ سون ۽ مين اوهان پنهنجي گهر جي فلاڻي حصي ۾ لڪائي ڇڏيو آهي. ٻُڌاءِ سچ آهي يا نه-؟“ اهو ٻڌي سيدنا عباس جون اکيون ڦاٽي ويون- جيتوڻيڪ پاڻ صلي الله عليھ وسلم جا وڏا جاسوس هئا، پري پري جون خبرون آقا صلي الله عليھ وسلم تائين پهچائيندا رهندا هئا. پر آسمان مان آيل خبر سُڻي ڪنڌ ڌوڻڻ لڳا... چيائين ”واقعي ڀائيٽا... آءٌ شاهدي ٿو ڏيان ته تون الله جوسچو رسول آهين، ڇو ته اُن مال جي مون کان ۽ منهنجي زال کانسواءِ ڪنهن بني بشر کي خبر ڪونهي.“
سيدنا عباس کان پورا چار هزار درهم ورتا ويا.
نه رڳو اِهو، پر آقا صلي الله عليھ وسلم فرمايو:
عقيل جا پئسا به تون ئي ادا ڪر-
جيڪي به هُن ادا ڪيا.
هُن ته جلدي مديني اچڻ ٿي گهريو، پر آقا صلي الله عليھ وسلم جو حڪم هو ته مڪي ۾ رهڻ ۾ مصلحت آهي. توکي اُتان خبرون موڪلڻيون آهن. بهرحال اهو طئي ڪري ورتو ته هجرت جو عرصو ۽ علامت سيدنا عباس تي ختم ٿيندي، جيڪو ساڻس گڏ مديني آيو، اهو مهاجر سڏبو... کانئس پوءِ اچڻ واري کي اهو رتبو نه ملندو ته هو مهاجر سڏرائي.
سُهيل بن عمرو قريش جو شعله بيان مقرر هو، هو به قيدي هو، سيدنا عمر بن خطاب آقا صلي الله عليھ وسلم کي مشورو ڏنو ته سندس اڳيان ٻه ڏند ڀڳا وڃڻ ته جيئن هو جڏهن اسلام جي خلاف ڳالهائي ته سندس ڳالهه مان هوا نڪري وڃي.
آقا صلي الله عليھ وسلم اها درخواست رد ڪري ڇڏي.
”آءُ مثله جي موڪل ڏيئي نٿو سگهان-“
سهيل بن عمرو، اُم المومنين سيده سوده جي پهرينءَ مرحوم خاوند جو ڀاءُ هو. هڪ ڀيري سيده سوده جي مٿس نظر پيئي، جيڪو ڪنڌ جُهڪايو، هر ۾ جوٽيل ڏاند وانگر ٻَڌو ويٺو هو، ته بي ساختگيءَ مان چيائين.
”تو رنن وانگر پاڻ ٻڌرايو، باقي اهو نه ٿيئي ته مُڙسن وانگر وڙهي مرين ها.“
آقا صلي الله عليھ وسلم ڀرسان موجود هئا. فرمايائون:
”سوده منهنجي مقابلي لاءِ هُشڪاري رهي آهين.“
سيده سوده هَڄي ويئي ۽ معافي گهريائين ته ’بي اختيار وات مان نڪري ويم.‘ (سيره ابن هشام) هونئن ته سهيل بن عمرو خوشحال ماڻهو هو، پر فوري طور تي سندس فديي جي رقم جو بندوبست ٿي نه سگهيو، مڪي جو هڪ مُشرڪ مڪرز بن حفص اُن ڪوشش ۾ لڳل هو. نيٺ هُن آقا صلي الله عليھ وسلم کي درخواست ڪئي ته منهنجي شخصي ضمانت تي سهيل بن عمروءَ کي آزاد ڪريو. ان جي جاءِ تي منهنجي پير ۾ ونگهه وجهو ۽ قيدي بنايو. سندس ڳاهه مڃي ويئي، سهيل بن عمروءَ کي فديو وٺڻ کانسواءِ ڇڏيو ويو ۽ سندس جاءِ تي سندس ضمانتيءَ کي ٻَڌو ويو. بعد ۾ سهيل بن عمروءَ رقم گڏ ڪري پنهنجي ضمانتيءَ کي آزاد ڪرائي ورتو.
بَدر جي قيدين ۾ هڪ نوفل بن حارث به هو.
فديي جي ڳالهه آئي ته هُن چيو ته مون وٽ ڪجهه به ڪونهي.
آقا صلي الله عليھ وسلم فرمايو.
”نوفل! تنهنجا اهي نيزا ڪٿي آهن، جيڪي تون جدي ۾ ڇڏي آيو آهين.“
نوفل کي ڄڻ ڪنهن ڏنگ هڻي ڪڍيو. سندس اکيون ڦاٽي ويون. چيائين. الله جو قسم! اُن ڳالهه جي خبر مون کان سواءِ ٻيو ڪنهن کي به ڪونهي. آءٌ توهان کي مڃان ٿو! اوهان جي رسالت جي شاهدي ڏيان ٿو ته اوهان صلي الله عليھ وسلم الله جا سچا رسول آهيو. نوفل مسلمان ته ٿيو، پر هن نيزا به آندا ته فديو به ڏنائين.
قيدين ۾ مڪي جو مشهور شاعر به هو.
شاعر اُن زماني ۾ به غريب هوندا هئا.
خاص ڪري اهي شاعر جيڪي ڪنهن قبيلي جا رئيس يا سردار نه هُجن. پر سندن اثر رسوخ ۽ ماڻهن ۾ احترام هوندو هو. اهو شاعر مُشرڪ هو، پنهنجي شاعريءَ ۾ آقا صلي الله عليھ وسلم جي هِجو ۽ اسلام دشمنيءَ جي ڳالهين سان ماڻهن کي هشڪاريندو هو. چيائين: پاڻ کي ڇڏائڻ لاءِ ڪجهه به ڪين اٿم... پنج نياڻيون اٿم... هٿين خالي آهيان. مون وٽ پنهنجن لفظن کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ڪونهي. جيڪي اوهان جي قصيدن ۾ چوندس... چوندو ئي رهندس جيڪڏهن مون کي آزادي ملي وڃي ته:
اُن جو نالو ”ابو عزه عمرو لحمجي“ هو.
آقا صلي الله عليھ وسلم ابو عزه کي مفت ۾ آزاد ڪري ڇڏيو.
فقط هڪ وعدو ورتائين پنهنجن لفظن سان اشتعال انگيزي نه پکيڙج.
آزادي ماڻي کيس يقين ئي نه پي آيو ته ڪو هو آزاد ٿي ويو آهي.
ڪنهن به فديي کانسواءِ.
اُن سهڻي سلوڪ جي نتيجي ۾ هُن آقا صلي الله عليھ وسلم جي واکاڻ ۾ قصيدا لکيا. شعر چيا، پر ٿوري وقت ۾ هو ٻيهر ابو سفيان بن حرب جي ايندڙ جنگين ۾ ٻارڻ گڏ ڪرڻ جي لاءِ ماڻهن ۾ آقا صلي الله عليھ وسلم ۽ مسلمانن جي خلاف چڙ ڏياريندڙ شاعري ڪرڻ لڳو.
پوِءِ ايندڙ جنگ ۾ جهليو ويو.
۽ ماريو ويو.
جتي جتي مسلمان هئا، اِهي خوشين ۽ سَرهاين سان مالا مال ٿي ويا. حبشه ۾ ٽڪيل هڪ سؤ مسلمانن کي اها خبر عجيب طريقي سان ملي.
هڪ ڏينهن حبشه جي سڀني مسلمانن کي بادشاهه نجاشيءَ دعوت ڏيئي پنهنجي محل: ۾ گهرايو.
سڀ ٺهي جُڙي اُتي پهتا.
ڏٺائون ته سيدنا نجاشي بادشاهه پراڻن ڦاٽل ڪپڙن ۾ پَٽ تي مِٽي پکيڙي، اُن ۾ ڀَڀوت ٿيو ويٺو هو. سندس اکين ۾ موتي جَرڪي رهيا هئا. منهن ايترو ته تازو توانو، جو ڄڻ آسمان مان تارا ٽوڙي آيو هجي.
هُن مسلمانن کي خوشدليءَ سان ڀليڪاريو ۽ چيو:
اڄ نه رڳو اوهان جي مون وٽ دعوت آهي، پر هڪ خوشخبري به آهي.
مسلمان خوشخبري ٻُڌڻ جي لاءِ بي تاب هئا.
سيدنا نجاشيءَ خدا جي واکاڻ ۽ رسول الله صلي الله عليھ وسلم جي مدح بيان ڪرڻ کان پوءِ چوڻ لڳو: اسان جا جاسوس جيڪي مڪي ۾ رهن ٿا، تن خبر موڪلي آهي ته مڪي ۽ مديني جي وچ ۾ بدر واري هنڌ مسلمانن ۽ قريشن جي مُشرڪن جي وچ ۾ هڪ وڏو معرڪو ٿيو آهي، جنهن ۾ قريشن جا سڀئي وڏا وڏا سردار مارجي ويا آهن. مسلمان کي مڪمل طور تي سوڀَ ملي آهي. فلاڻا فلاڻا سردار مارجي ويا آهن ۽ فلاڻا فلاڻا گرفتار.
حبشه جا مسلمان سجدي ۾ ڪري پيا.
هنن خوشيءَ مان روئي روئي مُنهن ئي پُسائي ڇڏيا.
جڏهن حوصلا بحال ٿين ته عرض ڪيائون بادشاهه خوشخبري جي لاءِ مهرباني.
دعوت لاءِ ٿورائتا آهيون.
پر هڪ ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي؟
سيدنا نجاشيءَ پُڇيو ڪهڙي ڳالهه.
مسلمانن چيو:
اوهان هيڏي خوشي ملهائڻ لاءِ پنهنجا ڪهڙا حال ڪري رکيا آهن. ڦاٽل پراڻا ڪپڙا ۽ پَٽ تي غريبن جيان پلٿي هڻي ويهڻ، جڏهن ته اوهان تاجدار آهيو. محلاتن جا مالڪ- تاج ۽ تخت جا ڌڻي.
سوال سُڻي سيدنا نجاشي دلجمعي سان مُرڪيو
ڪجهه گهڙيون خاموش رهيو.
ڄڻ سوچي رهيو هجي ته ٻڌايان يا نه.
پوءِ سندس اکين ۾ تارا جرڪيا ۽ چيائين:
سيدنا عيسيٰ عليھ السلام تي وحي جي ذريعي هڪ حڪم لٿو هو
”الله جي ٻانهن تي لازم آهي ته جڏهن کين الله تعاليٰ پاران ڪو انعام مُيسر ٿئي ته انتهائي عاجزي ۽ نهٺائي جو اظهار ڪن-
ٻڌايو ته مون کي يا اوهان کي اُن کان وڌيڪ ڀلا ٻيو ڪهڙي انعام ملڻ جي توقع هئي. هيءَ ته هن عاجز جي ٿوري دير جي عاجزي ۽ نوڙت آهي. نه ته اُن جو حق ڀلا ڪير ٿو ادا ڪري سگهي.