طائف مان واپسي
طائف جي پنج هزار فوٽ مٿاهين سرسبز ماٿريءَ مان واپس ورڻ مهل آقاﷺ ۽ غلام جا جسم زخمن سان چُور هئا. سڳورن جسمن مان وهيل رت ڄمي ويو هو، ڪيترن ئي زخمن مان اڃان به رت وهي رهيو هو. سور جون سٽون اُڀري رهيون هيون. پر آقاﷺ جو روح هشاش بشاش هو، واپسيءَ جي ان سفر ۾ زمينن ۽ آسمانن ۾ جيڪو به سندن وچ ۾ آهي، اُن سڄي حاڪميت جي خدا زمين جي سيني ۾ کوڙيل انساني وستين کي پنهنجي مُٺ ۾ کڻي جبلن جي حڪمران فرشتي کي آقاﷺ جي ڪمان ۾ ڏئي ڇڏيو هو. ۽ طائف جي بِشنين جي بستيءَ جي اَجڙيل، مهڪندڙ روح واري سيدنا عداس کي آقاﷺ جو مداح بنائي ڇڏيو.
واپسيءَ جو سفر به ساڳئي نموني پيرين پنڌ هو.
اهي ئي اوچا اوچا رستا، سرسبز ماٿرين کانپوءِ بنجر ۽ سنگلاخ ٽڪرين ۽ هوائن ۾ پُر اسرار سيٽيون وڄائيندڙ پٿريلي ريتي اڏائيندڙ لُڪ، انهن ئي لُڪن ۾ الزيمه ۽ وڏي موسمي ندي’ السيل الڪبير ‘جي هنڌ تي آقا اچي ترسيو.
ڏينهن لڙي ويو.
سج، آقاﷺ جي ٿڪل ۽ ڇٽندڙ زخمن کي چُمي اُلهي ويو
هوريان هوريان رات ڏينهن جي چادر لاهي اونداهي جي چادر تاڻي.
آسمان تي چمڪندار تارا آقاﷺ جي نور جا ڪرڻا کڻي ٽمڪڻ لڳا.
اونداهي ايتري ته گهري ٿي ويئي، جو اک نه ڏسي گوڏو.
اُن حالت ۾ نظر نه ايندڙ جنن جو هڪ قافلو ڏورانهين ترڪيءَ جي علائقي ”نصيبن“ مان ايندي آقاﷺ جي پُر سوز آواز ۾ پڙهجندڙ قرآن پاڪ جون آسمان مان لٿل آيتون ٻڌي ڇرڪي بيهي رهيو. چون ٿا ته ان مهل آقاﷺ تي قرآن جي ’سورة احقاف‘28 کان 33 آيتون نازل ٿيون. انهن آيتن ۾ خدا، آقاﷺ کي خوشخبري ڏني ته اوهين هڪ اهڙي ڀٽڪيل بستيءَ کي رستو ڏيکارڻ جي لاءِ پنڌ نڪتا هئا. جنهن اوهانجي پيغام تي ڌيان نه ڌريو. ڏس، زمين ۽ آسمان جي وچ ۾ هڪ ڌار قوم، جيڪا اوهانجو پيغام ٻڌي بيهي رهي آهي. اها قوم جن، سيدنا موسيٰ عليه السلام ۽ آسماني ڪتابن تي ايمان رکندڙ هئي. اها آقاﷺ جي زبان مبارڪ مان قرآن ٻُڌي ان جي سچائي جي مَنڊ مَنڊ جي ويئي ۽ ايمان آندائون ته هي ته اهوئي الاهي پيغام آهي، اها تعليم آهي، جيڪا گذريل نبي ڏيندا هئا.
هُنن پاڻ ۾ گڏجي اهو فيصلو ڪيو ته اچو هن ڪتاب ۽ ان کي آڻيندڙ سچي امين رسولﷺ تي ايمان آڻيون.
پٿر واري ڀت جي شهر طائف جي پٿر دل مُشرڪن تي جنهن سچي ڪلام جو اثر نه ٿيو، اِهو زمينن ۽ آسمانن جي پُراسرا سگهاري، زور آور ۽ صديون جيئري رهندڙ مخلوق قبولي ورتو. تنهنڪري اهو امر ضروري هو ته آقاﷺ کي سڀني انسانن ۽ سڀني جنن کانسواءِ خدا جي جوڙيل جهان جي لاءِ رحمت اللعالمين ڪري موڪليو ويو آهي.
اُن کان اڳ ۾ نبوت جي شروعاتي دور ۾ جڏهن قريش مسڪين مسلمانن کي مارڪُٽ ۽ تنگ ڪندا هئا ته مڪي مان عڪاظ ويندي لڳ ڀڳ ان ئي رستي تان جنن جي هڪ جماعت جو لنگهڻ ٿيو هو، ان وقت آقاﷺ پنهنجي ساٿين کي فجر جي نماز ۾ قرآن ٻُڌائي رهيا هئا، جنن جي اها جماعت مڪي قريشن جيان منڪر هئي، پر آقاﷺ جي مبارڪ زبان مان قرآن جي تلاوت ٻڌي ايمان آندو هئائين.
اُن وقت آسمان مان ’سورة جن‘ نازل ٿي هئي.
جنن جي اُن پهرين جماعت جي ايمان آڻڻ جي واقعي کانپوءِ هڪٻئي جي پويان جنن جون ڪيتريون ئي جماعتون وفدن جي صورت ۾ آقاﷺ جي خدمت ۾ حاضر ٿيڻ لڳيون هيون. هڪ رات ’حجون‘ واري هنڌ تي آقاﷺ جي سامهون جنن پنهنجو هڪ ڪيس به پيش ڪيو هو. جنهن جو پاڻ سڳورن فيصلو ڪيو هو.
طائف مان واپس ورندي آقاﷺ جو الاهي پيغام عربستان جي حدن مان نڪري ڏور ترڪيءَ جي علائقي ’نصيبن‘ جي جنن جي نصيب ۾ اچي ويو هو، پر مڪي جي حدن ۾ پهچي آقاﷺ کي خيال آيو ته دنياداري جي لاڳو قانونن جي احترام ۾مڪي ۾ گهڙڻ کان پهرين اُتي جي ڪنهن معزز ۽ سگهاري قبيلي سان تعلق ۽ قبائلي رسمن جي احترام ۾ پناھ وٺڻ به ضروري هو، ڇو ته آقاﷺ جو پنهنجو قبيلو بنوهاشم سيدنا ابوطالب جي چالاڻي کانپوءِ بدبخت ابولهب جي سرداريءَ ۾ هو، جنهن عربستان جي صديون پُراڻي رسم کي ٽوڙي عرب جي چنڊ ۽ ڪائنات جي تخليق جي ڪارڻي آقاﷺ کي پنهنجي قبيلي مان ڪڍي ڇڏيو هو ۽ سندس سرپرستيءَ کان هٿ کڻي ورتو هو.
هاڻي مڪي جي ڪنهن سگهاري قبيلي جي پناھ ضروري هئي.
آقاﷺ سان گڏ سندس غلام زيد به هاڻ ڪنهن قبيلي جي پناھ ۾ نه رهيو هو.
ٻيئي، آقاﷺ ۽ غلام زيد مڪي جي حدن کان ٻاهر ترسي پيا.
سيدنا ابوطالب جي رمضان ۾ وفات کان هڪدم پوءِ شوال جي مهيني ۾ مڪي مان نڪتا هئا، ڪيترن ئي مهينن جي مسافريءَ کانپوءِ اڃا رجب جو مهينو اچڻ ۾ ڪجهه ڏينهن هئا، جڏهن هر اجنبي ۽ قبيلي مان ڪڍيل مسافر کي به مڪي ۾ پناھ ملي ويندي هئي.
اُتي ئي آقاﷺ کي عبدالله بن اريقط ملي ويو.
جيڪو مسلمان ته نه هو، پر شاندار انسان هو.
آقاﷺ کيس مڪي ۾ پنهنجي ناناڻي قبيلي زهره جي معزز فرد اخنس بن شريف وٽ موڪليو ته ”وڃ! هن کان منهنجي لاءِ پناھ گهر.“ اخنس چورائي موڪليو ته هو پناھ ڏيڻ جي لاءِ تيار آهي، پر کيس پناھ ڏيڻ جو اختيار اُن ڪري ڪونهي ته هو بني زهره جو حليف آهي، قبيلي جو اصل فرد ڪونهي. آقاﷺ وري عبدالله بن اريقط کي سهيل بن عمرو ڏانهن موڪليو، هن به اهوئي ٽيڪنيڪي نقطو اٿاريو ته هو عامر بن لوي جي لڙيءَ مان آهي، جڏهن ته قريش پاڻ کي ڪعب بن لوي جو اولاد سمجهن ٿا، تنهن ڪري هن پاران ڏنل پناھ قريش نه قبوليندا. روايت آهي ته آقاﷺ پنهنجي جنم ڀومي مڪي جي حدن کان ٻاهر، سندس ابي ڏاڏي سيدنا اسماعيل عليه السلام جي وسايل شهر کان ٻاهر ڪيترائي ڏينهن ان شهر جي ڪنهن قريشي سردار جي پناھ جي اوسيئڙي ۾ ٽڪيا رهيا. اهو آقاﷺ جنهن جي پناھ ۾ خدا ٻئي جهان ڏئي ڇڏيا هئا.
پر اِهو اُن وقت جي لاڳو دستور جي احترام جي تقاضا هئي.
نه ته واحد خدا زمين ۽ آسمان جي فرشتن کي سندن ڪمان ۾ ڏئي چڪا هئا. روايت آهي ته آقاﷺ پنهنجي ايلچي عبدالله بن اريقط کي پندرهن ماڻهن وٽ موڪليو.
پر ڪنهن به نه مڃيو.
نيٺ آقاﷺ پيغام نيندڙ کي پنهنجي پڙ ڏاڏي هاشم جي ڀاءُ نوفل جي قبيلي بني نوفل جي سردار مطعم بن عديءَ ڏانهن پناھ جي لاءِ موڪليو.
معطم بن عديءَ خوشي سان مڃي ورتو.
هن پنهنجن سڀني پُٽن، ڀائيٽن ۽ پنهنجي قبيلي جي سڀني جوانن کي حڪم ڏنو ته هو تلوارون کڻي حرم ڪعبه پهچن. پوءِ ڪجهه ماڻهن کي عبدالله بن اريقط سان گڏ آقاﷺ ڏانهن موڪليو. جيئن کيس عزت ۽ احترام سان مڪي وٺي اچن.
آقاﷺ پنهنجي شهر آيو. سڀ کان پهرين پنهنجي خدا جي گهر ويا.
مطعم بن عدي جي قبيلي جي ماڻهن جي اگهاڙين تراڙين جي ڇانوَ ۾ آقاﷺ کي ’گارڊ آف آنر‘ ڏني. عزت ۽ احترام سان حرم جي سامهون ويهاريو. پوءِ معطم بن عدي تلوار لهرائي، ڪعبي ۾موجود سڀني رسول الله جي دشمن قبيلن جي سردارن کي مخاطب ٿي چيو.
’ ٻُڌو!
آئون مطعم بن عدي، سردار بنو نوفل، محمدﷺ بن عبدالله رسول خدا کي پنهنجي پناھ ۾ وٺان ٿو. جيڪڏهن ڪو ڏانهس ميري اک سان ڏسندو ته منهنجي قبيلي جي اگهاڙِن تراڙين کي ڏسي وٺي.‘
سڀ مُشرڪ حيران پريشان ۽ ڇرڪي ويا.
هنن جي چپن تي پڪَ ڄمي ويئي.
اکيون پٿرائجي وين.
دشمن رسول، ابوسفيان بن حرب ڊوڙندو معطم بن عدي وٽ آيو ۽ چيائين ’سردار تو رڳو محمدﷺ کي پناھ ڏني آهي يا سندس پيروڪار بنجي ويو آهين.؟‘
معطم بن عدي وراڻيو: مون فقط پناھ ڏني آهي.
اهو ٻُڌي ابوسفيان جي پيٽ ۾ ساھ پيو
جلدي چيائين
’جنهن کي تو پناھ ڏني آهي اُن کي اسان جي به پناھ آهي.‘
ٿوري دير کانپوءِ ابوجهل به مطعم بن عدي کان اهو ئي سوال پڇيو. معطم بن عدي جو ساڳيو ئي جواب هو. ابوجهل ڦڪائي ۽ لاچاريءَ مان ڪنڌ نوائي بڙ بڙ ڪندو اهو چوندي کسڪي ويو:
’سردار جنهن کي تو پناھ ڏني، ان کي اسان پاران به امان آهي.‘
آقاﷺ جي لاءِ مڪي جا اهي آخري سوا ٻه سال ٻيهر اطمينان ۽ سڪون جا هئا، جهڙا سندس زندگيءَ جا پويان پنجاھ سال پنهنجي چاچي سيدنا ابوطالب جي زندگي ۾ گذريا هئا.
مڪي مان سوا ٻه سال پوءِ، جڏهن مديني مان هجرت ڪرڻ کانپوءِ جڏهن پهرين فيصلي ڪندڙ جنگ بدر ۾ مسلمانن ابوجهل، عتبه، شيبه، وليد ۽ اُميه بن خلف کي جهنم داخل ڪري ذلت جي کڏ ۾ دفن ڪيو هو ۽ مڪي قريش جي ايڪهتر ماڻهن کي قيد ڪري پاڻ سان وٺي ويا هئا، اُن واقعي کان اڳ معطم بن عدي طبعي موت مري چڪو هو.
جڏهن معطم بن عدي جو پٽ جبير بن معطم فديي جي رقم طئي ڪرڻ جي لاءِ مديني ۾ آقاﷺ وٽ مديني پنهنجي قبيلي جا قيدي ڇڏائڻ جي لاءِ آيو ته آقاﷺ کيس چيو هو:
”اڄ جيڪڏهن تنهنجو پيءَ معطم بن عدي جيئرو هُجي ها ۽ مونکي اُنهن ٻن سالن جي پناھ ڏيڻ جي عيوض قريش جا سڀئي قيدي ڇڏڻ جي لاءِ چوي ها ته سڀني کي فديي وٺڻ کانسواءِ ئي ڇڏي ڏيان ها“.
سوچڻ جهڙي ڳالهه آهي.
جيڪڏهن ڪڏهن ڪنهن جهان ۾ آقاﷺ کي سڄي عمر هر دشمن کان، هر موسم ۽ مرحلي ۾ محفوظ رکندڙ سرپرستي عطا ڪندڙ ۽ پناھ ڏيڻ جي عيوض سندس مُحبي چاچي سيدنا ابوطالب ڪجهه قيدين،گناهگارن جي آقاﷺ کان رهائي گهري ته ڇا آقاﷺ ساڻس اهو وعدو به نه ڪري، جيڪو هن معطم بن عدي جي پٽ جبير بن معطم سان ڪيو هو. جڏهن ته معطم بن عدي جي ان پُٽ بدر کانپوءِ وڙهي ويندڙ احد جي جنگ ۾ آقاﷺ جي سڀ کان پياري چاچي، پياري دوست، ۽ رضائي ڀاءَ سيدنا امير حمزه کي پنهنجي غلام حبشيءَ کان ٽارگيٽ ڪري شهيد ڪرايو هو ۽ سيدنا ابوطالب جي فرزند سيدنا علي ڪرم الله وجهه جي لاءِ آقاﷺ خيبر جي جنگ ۾ اها خوشخبري ٻُڌائي ته هيءَ اها هستي آهي، جنهن سان الله ۽ الله جو رسولﷺ سڀني کان وڌيڪ پيار ڪري ٿو.
سوچڻ جهڙي ڳالهه آهي.
پنهنجي مُحسن معطم بن عدي جي ظالم پَٽ جبير بن معطم سان آقاﷺ وعدو ڪيو، ته ڇا هو پنهنجي سرپرست اعليٰ سيدنا ابوطالب جي فرزند سيدنا علي ڪرم الله وجهه سان نه نباهيندو. جيڪڏهن هُنَ ڪجهه گهري ورتو. شايد ان لاءِ ماڻهو سيدنا عليرضه جي لاءِ چوندا آهن.. مُشڪل ڪُشا.