رضاعت رسول ﷺ
عربن جي لاءِ زبان جي فصاحت ۽ بلاغت انساني قدرن مان هڪ اهم قدر هو. اهو ئي ڪارڻ آهي ته هُنن غير عرب ماڻهن جي لاءِ ”عجمي“ جو لفظ رکيو آهي. جنهن جي معنيٰ آهي گونگو. عرب سماج ۾ شاعري ۽ قصي گو جي وڏي اهميت ۽ حيثيت هئي. شاعري ۽ قصي گوئيءَ جو سڄو ڪمال سٺن لفظن جي استعمال جو هو.
مڪو پنهنجي دور جو مرڪزي هنڌ هو.
تنهن ڪري مڪي جي زبان عرب سماج جي بهترين زبان سمجهي ويندي هئي، مڪي وارن کي اُن حقيقت جي سمجهه هئي، هنن پنهنجي لساني مٺاس ۽ مٿڀرائپ کي قائم رکڻ ٿي گهريو. هر ڪاروبار ۽ واپاري رستي ۾ مڪو هڪ اهم پڙ اءُ هو. سالياني حج کانسواءِ سال جي باقي ڏينهن ۾ به ڪعبي جو طواف ۽ عمرو رائج هو. سڄي عربستان جي ماڻهن جو هتي اچڻ ٿيندو هو. جتي ماڻهو گڏ ٿين ته اُتي پاڻمرادو هڪ واپاري منڊيءَ جي شڪل اختيار ڪري وٺندا آهن، واپاري مرڪز ۾ ڳالهيون مُهاڙيون به گهڻيون ٿينديون آهن. سڄي عربستان مان آيل ماڻهو پنهنجن پنهنجن لهجن کي مڪي جي ٽڪسالي لهجي سان ڀيٽي درست ڪندا هئا. اتي سڄي عربستان جا بهترين شاعر اچي پنهنجي شاعريءَ جو داد حاصل ڪندا هئا، هر سال سڄي عربستان جي شاعرن مان ڏهن بهترين شاعرن جو بهترين ڪلام چونڊي ڪعبي جي دروازي تي ٽنگي ڇڏيندا هئا، پنهنجي وقت جي لحاظ کان اهي سڄي سال جي چونڊ شاعريءَ جو ڪتاب هوندو هو. ماڻهن ۾ ڳالهه ڪرڻ جوڍنگ ۽ سليقو گهڻي معنيٰ رکندو هو، مائٽ پنهنجي هر نئين ڄاول ٻار کي بهترين ۽ نج زبان سيکارڻ کي گهڻي اهميت ڏيندا هئا.
مڪي کي هڪ شهري بستي ٿيندي ڪو گهڻو وقت نه ٿيو هو، قريشن جي وڏڙي قصيءَ ڪجهه پيڙهيون اڳ عربستان جي ريگستان ۾ قريشي لاڏائو قبيلن کي گڏ ڪري مڪي ۾ آباد ڪيو هو. هر نئين پيڙهي، پنهنجي پراڻي پيڙهيءَ کان ريگستان ۾ گذريل لاڏائو زندگي جا دلچسپ واقعا ٻڌي وڌيڪ مزو ماڻيندي هئي، کين ان حقيقت جو احساس هو ته ٻارڙو ڳالهائڻ کان اڳ ٻڌڻ ۽ ڏسڻ جي حس سان ڳالهائجندڙ سڀئي لفظ سکي ٿو.
شهري ۽ ٻهراڙيءَ جي ماحول ۾ ٿوري جاءِ تي گهڻا ماڻهو گڏجي سڏجي رهڻ لڳندا آهن. ان وقت مڪو به اهڙو ئي هو.
جتي ماڻهو گهڻا هجن، اُتي سواريون هونديون. اچ وڃ وڌيڪ هوندي، اُتي مٽي ۽ ڌڌڙ وڌيڪ اُڏندي آهي. اها ڌڌڙ بستيءَ جي مٿان هڪ مصنوعي ڪڪر بنجي بيٺل رهندي آهي، ان ڌڌڙ جي ڪڪر سبب رات جو آسمان جا تارا به صحيح نظر نه ايندا آهن، چانڊوڪي به ڄڻ رستي ۾ چورائجي ويندي آهي. ڪڪر مڙِي ايندا آهن ته انهن جو اصل رنگ شهري بستيءَ ۾ نظر نه ايندو آهي. ڪڪر وسڪارو ڪن ته وسندڙ بُوندن جي آواز جو حسن ڪنن تائين نٿو پهچي، پکين جي چهچاهٽ هوا جي سرسراهٽ، پتن جو هلڻ، پاڻيءَ جو وهڻ، جاندارن جون ٻوليون، سهائي ۽ اونداهي جي صبح ۽ شام جي گهڙين ۾ سرٻاٽ، سڀ شهر کان ٻاهر کليل بيابانن ۾ ٻڌڻ ۾ اينديون آهن. نئون ڄاول ٻار ڪيترائي مهينا اهو سڀ ڪجهه ٻڌندو ۽ ڏسندو رهندو آهي. ايئن هو هڪ ڏينهن قدرت جي حسين زبان ڳالهائڻ به سکي ويندو آهي.
ريگستان ۽ بيابان جي ماڻهن جي ٻولي قدرت جي رنگ ۾ رڱيل هوندي آهي.
اهي ڪوڙي ۽ منافقت جي ٻولي نه ٻوليندا هئا.
جڏهن گرمين جي گرم لُڪ هلندي هئي ته هو اِها تڪيندا هئا. جڏهن اها واري جي دڙن کي تڪيندي سرڪائيندي ويندي هئي ته هو ان هوا جون گرم ٿڦڙون سهندا هئا. اُن کان بچڻ جي ڪوشش ۾ خيمن جو رخ بدلائيندا هئا. ۽ ان سان ڳالهيون ڪندا هئا، هوءَ گهمندڙ ڦرندڙ صحرا نشينن جي گهر جي ڀاتي بنجي ويندي هئي. گرم ٿڌي نرم هوا جي لهرن ۾ هو پنهنجن خيمن مان نڪري جشن جهڙو سمئه پيدا ڪري وٺندا هئا. هو ڳلين جيان اُن هوا ۾ پنهنجون ٻانهون کوليندا ترندا وارياسين پٽن تي خوشيءَ مان جهومندا هلندا هئا، سُهائي موسم جي اچڻ تي هو دل ۽ جان سان ٿورا مڃيندا هئا.
صحرائي رهاڪن کي سدائين برسات جو اوسيئڙو هوندو هو.
ڪڪرن جو اچڻ، مِڙڻ، رنگ بدلائڻ، انهن ۾ وِڄ جو کڙڻ، پوءِ بوندا باندي ٿيڻ، بارش جي بوندن جو واريءَ تي ڪرڻ. پهرين بوندن جو واريءَ ۾ جذب ٿيڻ، وڏڦڙي مينهن جي پاڻيءَ جو گڏ ٿي واريءَ تي واهيون ۽ نديون بنجي وهڻ. اهي سڀ ٻُڌڻ، ڏسڻ ۽ ڇُهڻ جي حُسن لاءِ بهترين انعام هوندا هئا.
وارياسن پَٽن جي وشالتا ۾ صبح جو منظر گهڻو لطيف ۽ من موهيندڙ هوندو هو. شام سمئه اُفق جي لالاڻ عجيب ڪهاڻيون چوڻ لڳندي هئي. هوريان هوريان جڏهن ڏينهن جي سهائيءَ کي رات جي ڪاراڻ وقت ڦاڙي چٻائڻ لڳندي هئي ته صحرا جي آسمان تي هيرن جي ڪُڻين جهڙا تارا اک اُپٽيندا هئا، ايترا تارا ڌوڙ ۽ واچوڙن جي چادر اوڍي شهر جي آسمان تي ڪڏهن به نظر نه ايندا هئا. انهن تارن جي وارياسن پٽن جي لاڏائو رهاڪن جي لاءِ جيڪا اهميت هئي، ان جو ڪو اندازو نٿو لڳائي سگهجي.
اهي تارا کين واٽ ڏيکاريندڙ اکيون هُيون.
گرم وارياسن پَٽن ۾ پري جا سفر عام طور تي رات جو ڪيا ويندا هئا. جڏهن موسم خوشگوار هوندي هئي، اُس جي تپش نه هوندي هئي، ان وقت اهي انهن تارن جو رستو ڏسندا سفر ڪندا هئا، اُٺن جي قافلي ۾ اٺن جي پيرن ۾ ڇيريون ٻڌل هونديون هيون، اُٺن تي سوار مسافرن اٺن جي پيرن جي پازيب جي تال تي ڪنهن سُهڻي ڌن تي ڪو گيت آلاپيندا ويندا هئا.
سفر ٿيندو ويندو هو.
شهر ۾ هِتان هُتان آيل اڻ ڳڻين ماڻهن جي ڪري نيون نيون بيماريون به اچي نڪرنديون هُيون، جراثيم ۽ وائرس ته گهڻو پوءِ ڳولهي لڌا ويا، پر مڪي جي ماڻهن کي اُن حقيقت جو احساس هو. هو ان حقيقت کان به اڻ ڄاڻ نه هئا ته نون کير پياڪ ٻارن ۾ قوت مدافعت وڏن جي ڀيٽ ۾ گهٽ هوندي آهي، ننڍن ٻارن کي لڳندڙ بيمارين کان بچائڻ لاءِ سندن تجربي کين ٻڌايو ٿي ته ٻارڙي کي زندگيءَ جا شروعاتي ڪجهه سال اهڙي گدلاڻ سان ڀريل ماحول مان ڪڍي ڪنهن صاف سُٿري ماحول ۾ پاليو وڃي.
عربستان جي قبائلي ڪُٽنبي نظام ۾ هر قبيلي ۽ ڪُٽنب جي اها مجبوري ۽ ضرورت هئي ته هو پنهنجن ماڻهن سان ويجهو لاڳاپو قائم ڪري. اهو قائم ڪيل لاڳاپو هر قبيلي، ڪٽنب ۽ فرد جي لاءِ ان نظام ۾ هڪ واڌو تحفظ جو احسا س ڏيندو هو. قبيلن يا فردن جي پاڻ ۾ ڇڪتاڻ يا جهيڙي جَهٽي جي صورت ۾ اهڙو لاڳاپو گهڻو ڪم ايندو هو. اُن رشتي کانپوءِ جنهن رشتي کي وڌيڪ اهميت ڏيندا هئا. اهو ٿڃ جو رشتو هوندو هو. اُن رشتي جي عزت ۽ اهميت رت جي رشتن جهڙي هوندي هئي.
عربستان جا ماڻهو، ان پراچين سمئه به اها حقيقت ڄاڻندا هئا ته نون جنميل ٻارن ۾ اعليٰ قدر پيدا ڪرڻ ۾ سندن والدين پاران مليل منفرد گُڻن کانسواءِ ٻيا به ڪيترائي قدر ٿڃ پيئڻ جي زماني ۾ ٻارڙي کي ٿڃ جي وسيلي ملن ٿا.
انهن سڀني حقيقتن کي ڄاڻندي، اُن زماني ۾ مڪي ۾ پيدا ٿيندڙ هر پُٽ ۽ نياڻيءَ جا مائٽ جنم کان ڪجهه هفتا پوءِ پنهنجي ٻارڙي کي صحرا مان آيل ٿڃ پياريندڙ ماين جي حوالي ڪري ڇڏيندا هئا.
عام طور تي صحرا نشين عورتون ٻن يا ٽن سالن جي لاءِ ٻارڙن کي ٿڃ پيارينديون هُيون.
جيتوڻيڪ انهن جو طئي ٿيل ڪو اجورو يا معاوضو نه هوندو هو، پر لاڏائو قبيلن جون مايون شهر مان جنهن ٻارڙي کي گود وٺنديون هيون، تهن کي آخر ۾ ٻارڙي جي مائٽ کان سندس حيثيت آهر انعام جي صورت ۾ مناسب رقم سان گڏ رڍ، ٻڪري يا اُٺ ملي ويندا هئا. ان انعام کانسواءِ ٻن گهرن ۾ هڪ دائمي لاڳاپو به قائم ٿي پوندو هو. جيڪو ٻنهي گهرن جي ٻارن کي سڄي زندگي ڪم ايندو هو. ٿڃ شريڪ هئڻ جي رشتي ۾ ڳنڍ جي هو هڪٻئي جي لاءِ سگھه جو باعث به بنجندا هئا.
صحرائي ٿڃ پياريندڙ مايون عام طور تي ڪجهه مهينن کانپوءِ گڏجي مڪي جو رّخ ڪنديون هيون، مڪي ۾ ٻارڙن جا مائٽ سُٺي ٿڃ پياريندڙ جي چونڊ ڪندا هئا. سندن ذهنن ۾ اهو هوندو هو ته هو پنهنجو ٻارڙو جنهن مائيءَ جي حوالي ڪري اِن جي پنهنجي صحت ڪيئن آهي؟ جسماني صحت کانسواءِ معاشي حالت به ظاهر آهي ته هر ماءُ پنهنجي ٻارڙي کي ٻي مائيءَ جي حوالي ڪرڻ مھل ان جي سراپا، ان جي ڪپڙن، اُن جي سواري، ان جي اُٿي ويٺي، سڀني کي ڏسي واسي فيصلو ڪندي هئي، هر ماءُ اهو سوچيندي هئي ته هوءَ ٻارڙو جنهن مائي جي حوالي ڪري رهي آهي، اها بيمار ته ڪونھي، منهنجي ٻارڙي کي بيمار ته نه ڪري ڇڏيندي. صفا غريب ته ڪونهي، جو منهنجي ٻچڙي کي بُکن وگهي ماري ڇڏي.
ماين کي به چونڊ جو حق هو.
هو ٻارڙو گود ۾ وٺڻ کان اڳ اهو ڏسنديون هيون ته ٻارڙي جي پيءُ جي نالي سگھه ڪيتري آهي. مايون گهڻو ڪري پنهنجن مُڙسالن تي انحصار ڪنديون هيون. ان ڪري هر مائي جيڪا ٻارڙو هنج وٺندي هئي، اها اميد رکندي هئي ته ٻن ٽن سالن کانپوءِ ٻارڙي جي پيءَ کان انعام ۽ اڪرام جي صورت ۾ چڱڙو اجورو ملي. ٻارڙي جي ڪُٽنبي پسمنظر جي حوالي سان ان ٻارڙي جي آئيندي جو اندازو ٿيندو هو.
رسول خدا ﷺ جي جنم کان ڪجهه هفتا پوءِ ’بني سعد‘ جي لاڏائو قبيلي مان ڏھ ٿڃ پياڪ ٻارڙن جو امڙيون پنهنجن گهر وارن سان گڏ پنهنجي سوارين تي چڙھي مڪي آيون. اُن لاڏائو قبيلي جا ديرا مڪي جي ٽنهي طرفن ۾ ڪن ڏھن پندرنهن ميلن جي فاصلي تي پکڙيل هئا، هو موسم جي لحاظ کان پنهنجا ٿاڪ بدلائيندا رهندا هئا.
گرمين ۾ هو جابلو بستي طائف پاسي سِرڪي ويندا هئا.
جتي ’بني سعد‘ جو ڪنهن حد تائين هڪ مستقل ٺڪاڻو به هو، جنهن جابلو ڳوٺ ۾ ’بني سعد‘ جي بيبي حليمه جو گهر هو، اهو ’هوازن‘ جي علائقي ۾ هو. ان ڳوٺ جو نالو ’شحطه‘ هو، ان گهر جي اڱڻ ۾ هڪ کوھ هو. سردين ۾ سڄو قبيلو طائف وٽ پنهنجي ڳوٺ مان نڪري مڪي جي ڏکڻ کان اولھه طرف سِرڪندو رهيو هو. جن ڏينهن اپريل جي آخري ڏينهن ۾ بيبي پنهنجي گهر واري حارث بن عبدالعزيٰ ۽ گڏ ٻين نون ماين سان گڏجي مڪي آئي. تن ڏينهن سندن تنبو مڪي کان ٻاويھه ڪلوميٽر پرتي يثرب ويندڙ رستي وٽ حديبيه جي ويجهو کُتل هئا. اڄ ڪلهه ان هنڌ جو نالو شميسي آهي.
ٿڃ پياريندڙ ڏھ مايون مڪي پهچي ويون.
جن جن گهرن ۾ ٻار ڄاوا هئا، واري واري سان هر مائي انهن گهرن ۾ ويئي. ’امڙ آمنه‘ جي گهر به هڪ هڪ ڪري سڀ مايون آيون.
سڀني ڏٺو ته ٻارڙو صحتمند آهي. ڪٽنب به معزز آهي، پر ٻارڙو يتيم آهي.
هر مائي ٿڃ پيارڻ جو عرصو پورو ڪري ٻاڙي جي ابي کان انعام ملڻ جي آسري ۾ هئي.
جنهن يتيم جو ابو ئي گذاري ويو هجي، اُتي هو ڪنهن کان اميد رکي ها. هڪ ڏاڏو عبدالمطلب هو، پر ان ڏاڏي کي به انهن ڏينهن هڪ پٽڙو ڄائو هو، جنهن جو نالو حمزه هو. حمزه کي انهن ماين مان هڪ مائي ملي ويئي.
هڪ يتيم ٻارڙو رسول خدا ﷺ هو.
انهن ماين مان هڪ مائي ايتري ئي غريب ۽ مسڪين هئي، جو کيس ڪنهن به پنهنجو ٻارڙو نه ڏنو.
اها مائي بيبي حليمه هئي.
شام ٿي ويئي،
سڀ مايون شهر کان ٻاهر پنهنجن ٿاڪن ڏانهن واپس ورڻ لڳيون.
بيبي حليمه پنهنجي مڙس حارث بن عبدالعزيٰ وٽ ويئي ۽ آهستي چيائينس:
ابو شيما ! مونکي ڪنهن ٻارڙي کي گود وٺڻ کانسواءِ واپس وڃي پنهنجي قبيلي جي ٻين ماين سان اکيون اکين ۾ ملائيندي ڦِڪائي پئي ٿئي، شهر جي سڀني ٻارن کي ڪنهن نه ڪنهن گود وٺي لاٿو آهي. پر هڪڙو يتيم ٻارو آهي، جيڪو آءٌ به ڇڏي آئي هيس، ڪنهن به گود نه ورتو، تون چئو ته اهو کڻي اچان.
ابو شيما حارث بن عبدالعزيٰ چيو ”وڃ کڻي اچ.“
بيبي حليمه ٻيهر سيده آمنه جي گهر جو دروازو کڙڪايو
چيائين: آئون ٻارڙو کڻڻ آئي آهيان.
سيده آمنه پنهنجو لعل بي بي حليمه جي هنج ۾ وڌو.
بيبي حليمه جي ٿڃ پياڪ ٻارڙي جو نالو عبدالله هو،
اهو صفا ڪمزور ٻارڙو هو.
بيبي حليمه پاڻ به غربت ۽ ڪسمپرسيءَ جي ڪري هيڻي ۽ ڪمزور بُت واري هئي، سندس گهر وارو حارث بيمار نه هوندي به بيمار ۽ لاچار نظر اچي رهيو هو.
بيبي حليمه جنهن گڏھ تي چڙھي آئي هئي، اها هڏين جو ڍانچو هئي، هلڻ مھل ٽنگون ٿي وچڙيس، قبيلي جي ٻين ماين هر هر پنهنجون سواريون روڪي بيبي حليمه جو انتظار ٿي ڪيو، ۽ چٿر مان بيبي سائنڻ ۽ سندس ڪمزور گڏھ کي تڪڻ ٿي لڳيون، حارث جي اُٺڻ به پوڙهي هئي.
مفلسي به عجيب شئي آهي.
انسان ذات ۽ جانورن ٻنهي جو غربت ۾ مبتلا ٿي کير سُڪي وڃي ٿو.
بيبي حليمه، سيده آمنهرضه جي يتيم کي کڻي، اهو سوچيندي آئي ته هن يتيم کي ٿڃ ڪيئنءَ پياريندس؟ منهنجو جسم ته منهنجي ٻارڙي عبدالله جي لاءِ ئي پوري ٿڃ نٿو ٺاهي، منهنجو ٻارڙو ئي بُکيو ٿو رهي، هاڻ ٻن ٻارڙن کي ٿڃ ڪيئن پيارينديس.
بيبي حليمه اها سڄي ڪهاڻي پوءِ پاڻ ئي ٻڌائي.
ٻڌايائين: آءٌ پنهنجي تنبوءَ ۾ آيس ته مون پنهنجي جسم ۾ عجيب خوشگوار صحت مند تبديلي محسوس ڪئي، مون ٻنهي ٻارڙن کي ٿڃ پيارڻ گهري ته ڇرڪي پيس، منهنجي ٿڃ ڄڻ جسم مان ڦاٽي ٿي نڪتي. قريش يتيم ٻارڙي هڪ پاسان ڍؤ ڪري ٿڃ پيتي ۽ پوءِ سمهي پيو، ٻي پاسي منهنجي ٻچڙي عبدالله ٿڃ پيتي. هن به ڍؤ ڪري پيتي، آءٌ حيران ٿي سوچڻ لڳيس ته هي ڪهڙو ڪرشمو آهي، مون ۾ ايتري ٿڃ ڪٿان اچي ويئي، ؟ ايتري ۾ تنبوءَ جو پردو مٿي ٿيو ۽ منهنجو مڙس ابو شيما اندر آيو. اچڻ مهل هو اهڙو ته سرهو نظر پئي آيو، ڄڻ ڪا سٺي خبر کڻي آيو هجي. هو ڄڻ زمين تي اُڏرندو پي آيو. سندس هٿ ۾ پيالي کان به وڏو ٿانوَ هو، هن اهو ٿانوَ منهنجي اڳيان رکندي ڄڻ رڙ ڪندي چيو، ”حليمه ! هي ڏس.. هي ڏس !.“
مون ڏٺي ته اهو ٿانوَ ڪنن تائين کير سان ڀريل پيو هو.
هيءُ ڪٿان آندئي؟
پنهنجي اُٺڻ مان ڏڌو اٿم.
آءٌ به حيران ٿي ويس.
اسان جي اُٺڻ ته وڏي عمر جي هئڻ سبب ڳچ وقت کان کير ڏيڻ ڇڏي ڏنو هو.
هي وري ڪيئن؟
بس تون ڏس.
هي سڄو کير پنهنجي اُٺڻ جو آهي؟
هن کان جهجهو ته آءٌ پي آيو آهيان. اٺڻ جي ٻچڙي کي به پياري آيو آهيان.
هي تنهنجي لاءِ آهي.
هي سڀ؟
هائو،
آءٌ اٿيس ۽ تنبوءَ جو کنيل پلاند هيٺ ڪيرايم.
شام جي روشني تنبوءَ جي جهروڪن مان اندر اچي رهي هئي.
ڏيئي ٻارڻ کانسواءِ ئي اسان ٻنهي زال مڙسن جي اکين ۾ ڏيئا ٻري رهيا هئا.
مون ٿانوَ کڻي کير پيتو، پر سڄو پي نه سگهيس، مون پنهنجي مڙس ابو شيما کي چيو، تون به پي.
مون پيتو آهي.
عجب جهڙي ڳالهه آهي. مون چپن تان اُٺڻ جو گهاٽو کير اُگهندي چيو،
پوءِ مون پنهنجي مڙس کي ٻڌايو ته منهنجو جسم به ٿڃ سان ڀرجي ويو آهي. ٻارڙا ڍؤ ڪري پي سمهي رهيا آهن.
منهنجو مڙس خوشگوار حيرانيءَ مان مونکي تڪڻ لڳو. پوءِ چيائين،
حليمه مونکي ته ايئن ٿو لڳي ته پاڻ ڪو برڪتن ڀريو ٻارڙو کڻي آيا آهيون.
مون کي به ايئن ٿو لڳي ابو شيما ڏس، هن کي ته سڀ مايون ڇڏي ويون هيون، پر هن جي امڙ چئي رهي هئي ته منهنجو ٻچڙو وڏي شان وارو آهي. اوهين ڏسي وٺجو، ابو شيما ! مون ته ڏسي ورتو.
آءٌ به ڏسي رهيو آهيان حليمه.
بيبي حليمه ٻُڌائي ٿي ته اها رات هو ڏاڍي سڪون سان سُتا. نهايت گهري ننڊ ۽ گهڻي دير تائين سُتا رهيا.
صبح جو قبيلي جون سڀ مايون پنهنجي سوارين تي چڙهي منزل ڏانهن روانيون ٿيون. منهنجي سواري هيڻي. نٻل اڇاڻ مائل گاڏھڙي جيڪا سڄي قافلي ۾ پويان رهجي ويندي هئي، سا اهڙي ته تکي هلڻ لڳي جو مونکي سمجهه ۾ نه پي آيو ته هيءَ اها ئي گڏھ آهي. ٿوري ئي دير ۾ منهنجي گڏھ قافلي جي سڀني ماين جي سوارين کي پويان ڇڏي اڳيان نڪري ويئي. آءٌ جنهن به مائيءَ جي سواريءَ کان اڳتي ٿي نڪتيس ته ان ڪنڌ ورائي مونکي ٿي ڏٺو ۽ چوڻ لڳي، اي ابي زوئيب جي ڌيءُ! هيءَ اهائي گڏھ آهي يا ڪا ٻي! مون وراڻيو ٿي. اِها ئي آهي. جڏهن آئون اڳيان نڪري ٿي ويس ته مايون سَڏ ڪري چوڻ لڳنديون هيون. حَليمه ٿورڙو پنهنجي گڏھ کي جَهل، جيئن توسان هلي سگهئون،
اُن سان گڏ هو بڙ بڙ به ڪنديون ٿي رهيون،
سمجهه ۾ نه نٿو اچي ته تنهنجي مَرگهيل گڏھ ۾ ايتري طاقت ڪٿان اچي ويئي آهي. هن کان ته هلڻ به نه ٿي ٿيو. هاڻ ڪيئن نه ڊوڙندي پئي وڃي. حد ٿي ويئي. اسان جنهن مھل پنهنجي ڳوٺ پهچڻ جو اندازو لڳايو هو، ان کان اڳ ئي پهچي وياسين.
بنو سعد جو سڄو علائقو ڏُڪار جي وڪڙ ۾ هو.
ڊگهي عرصي کان مينهن نه وٺو هو. ساوڪ نه هئڻ جي برابر هئي، اڳ ۾ ئي ٻڪريون صبح کان وٺي شام تائين ساوڪ جي ڳولا ۾ هِت هُت پيون وڙڪنديون، بُکيون ئي موٽي اينديون هيون. هاڻ جو ٻڪريون صبح جو وينديون هيون ته شام جو پيٽ ڀري ورنديون هيون. هنن جا ٿڻ کير سان ڀريا پيا هوندا هئا. اسان جي تنبوءَ جا سڀئي ٿانوَ کير سان ڀرجي ويندا هئا.
اها خبر اسان جي ڳوٺ ۾ پکڙجي ويئي.
ماڻهو پنهنجين ٻڪرين جي ڌراڙن کي چوڻ لڳا ته جنهن پاسي ابي زوئيب جي ڌيءُ جون ٻڪريون چَرڻ وڃن، اوهين به ٻڪريون ان پاسي وٺي وڃي چاريو. هو پنهنجون ٻڪريون اسانجي ٻڪرين سان گڏ رکندا هئا. پر پوءِ به هُنن جون ٻڪريون خالي پيٽ ورنديون هيون، هُنن جي ٿڻن ۾ کير به گهٽ ايندو هو، پر اسان جي ٻڪرين جا پيٽ ڀريل هوندا هئا ۽ ٿڻ به کير سان ڀريل.
سٺو وقت تيزيءَ سان گذرڻ لڳو.
ٻن سالن جو وقت تيزي سان گذري ويو.
مڪي مان آندل يتيم قريشي ٻارڙو، عام ٻارن جي ڀيٽ ۾ سگهارو ۽ صحتمند هو.
اسان جو ٿڃ پياڪ ٻارڙو عبدالله به توانو ٿي ويو هو.
اسانجي وڏي ڌيءَ شيما جيڪا اُن وقت ڇهن سالن جي هئي، جڏهن يتيم کي اسان گود ۾ ورتو هو، هاڻ اها اٺن سالن جي ٿي وئي هئي، انهن ٻن سالن ۾ اها به آسودگيءَ سان وڏي ٿي.يتيم قريش ٻارڙي کي پنهنجي ماءُ وٽ مڪي پهچائڻ جو وقت اچي ويو، ٻنهي زال مُڙسن دل ئي دل ۾ اهو پڪو پھه ڪري ڇڏيو هو ته ٻارڙي کي سندس امڙ سان ملرائي، پوءِ واپس وٺي اينداسين. اسان کي احساس ٿي ويو هو ته هي ٻارڙو وڏين برڪتن وارو آهي. هن جي برڪتن سان اسان جي گهر ۾ خير ۽ نعمت جو مينهن وسي رهيو آهي. اسين هن کان چڱي طرح واقف هئاسين، تنهنڪري اسان کي اها لالچ هئي ته اسين کيس پاڻ وٽ رکون.
مڪي وياسين
يتيم قريش کي سندس امڙ هنج ۾ کڻي خوشيءَ مان روئيندي رهي.
هن هر هر کيس مٺيون ٿي ڏنيون ۽ ساڻس کيڏڻ ٿي لڳي.
هن اسانجي اميد کان به وڌيڪ اسان جي عزت ڪئي،
پر اسان اتان واپس ورڻ جي ڳالهه ئي نه ٿي ڪئي.
ڪيترائي ڀيرا اسانکي ايئن محسوس ٿيو ته ڄڻ يتيم قريشي ٻارڙي جي امڙ اسان کي سوکڙيون پاکڙيون ڏيئي اسان کي وڃڻ جو اشارو ڪري رهي هئي. پر آءٌ لڳاتار قريش يتيم ٻارڙي جي امڙ کي منٿون ڪندي رهيس ته ٻارڙي کي ڪجهه وقت اڃا به اسان وٽ رهڻ ڏي
هن وراڻيو ٿي. نه آءٌ پاڻ پنهنجي ٻچڙي جي سڪ ۾ ورتل آهيان.
مون چيس. هِتي ٻارڙو محفوظ ڪونهي.
هن پُڇيو ٿي. ڪيئن محفوظ ڪونهي؟
مون چيو ٿي: ڏس مڪي ۾ وبا پکڙيل آهي. ٻارڙو ته صاف هوا ۾ پليو آهي،
هِتي رهي بيمار نه ٿي پوي. اوهان جو ٻارڙو ته اوهانجو ئي آهي ۽ نيٺ اوهان وٽ ئي رهڻون آهي. رڳو هڪ سال وڌيڪ اسان وٽ رهڻ ڏي.
اسان ٻنهي زال مڙسن ڏاڍي منٿ ميڙ ڪئي.
سيده آمنه نيٺ به ته ماءُ هئي، اسان پاران ٻارڙي جي بيماريءَ ۾ مبتلا ٿيڻ جي ڊپ واري ڳالهه سبب اسان جي ڳالهه مڃي ورتائين. هڪ اڌ ڏينهن وٽس مڪي ۾ ترسڻ کانپوءِ اسين ٻارڙي کي پاڻ سان وٺي خوشيءَ مان پنهنجي قبيلي موٽي آياسين.