مذهب

آقا ﷺ

ابدال بيلا لکي ٿو ”هي ڪتاب هڪ ٻانھي پاران پنھنجي ۽ سڄي ڪائنات جي آقا ﷺ  جي لاءِ تبرڪ جو هڪ هديو آهي.  ٻيو تہ هن ڪتاب ۾ پنھنجي علميت، فوقيت، عظمت، خطابت يا پنھنجي ڪنھن مسلڪ جو حوالو ڪونھي. ڪٿي بہ بحث نہ ڇيڙيو اٿم. بنا سبب جي ڪو واقعو ٻيھر لکي پڙهندڙ کي ٿڪايو نہ اٿم، نہ مونجهاري جو شڪار ڪيو اٿم ، ڪوشش اها ئي ڪئي اٿم تہ پڙهڻ وارو جيڪو پڙهي رهيو آهي ، اهو زماني ترتيب سان، سڀني تفصيلن سان، ان منظر ۾ ايئن وڃي گڏجي، جو هو پاڻ کي ان جو شاهد سمجهي، ڄڻ هو سڀ ڪجهہ ڏسي رهيو هُجي ۽ اهو سڀ مٿس وهي واپري رهيو هُجي.“

  • 4.5/5.0
  • 25
  • 4
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • يوسف سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book آقا ﷺ

هاٿيءَ وارن جو انجام

هاٿيءَ وارن جو انجام

وقت ۽ جڳهه تي الله جي حڪمراني آهي.
کيس خبر هوندي آهي ته ڪهڙي جاءِ تي ڪهڙو واقعو ٿيڻو آهي.
ڪير ياد رهڻو آهي. ڪنهن کي ياد رکڻ جي لاءِ حوالو بڻجڻو آهي.
جڏهن آقا ﷺ جي ولادت ۾ اڃا ڪجهه هفتا هئا ته هڪ مٿي ڦريل هاٿيءَ واري جي مڪي تي چڙهائي ڪرڻ جو منظر لکيو ويو. اهو منظر به ته جڏهن هاٿيءَ وارو لشڪر مڪي تي چڙهائي جي لاءِ مڪي جي حدن ۾ پير رکي ته سمنڊ وٽان پکين جا ولرن جا ولر اچن. انهن جي چنبن ۽ پيرن جي پنجن ۾ پٿريون هجن، تيز هوا هلي، پکين جون اُڇلايل پٿريون اهڙي ته تيز رفتاريءَ سان مڪي تي حملو ڪندڙ لشڪر تي وَسن جو سڄو لشڪر گاهه جيان اولڙجي وڃي، ماڻهن جي جسم جون کلون ڦاٽي پَون، جسم مان هٿ ڇڻي پون.
جتي به پٿريون ڪرن، کل مان پار ٿي وڃن.
اهڙا گستاخ ماڻهو قيامت سوڌي عبرت جو نشان بنجي وڃن.
ايئن ئي ٿيو
اهو واقعو ياد رهڻ وارو هو.
اُن ياد مان ٻه نتيجا ڪڍيا وڃن ٿا
پهريون اهو ته خدا جو گهر لاوارث ڪونهي، خدا اُن جي حفاظت ڪري ڄاڻي ٿو. ٻيو اهو ته اُن گهر ڏانهن سڄي جهان کي ڦيرڻ وارو اچڻ وارو آهي.
هاٿيءَ واري جو انجام اَبرهه هو.
هن يمن ۾ هڪ وڏو ديول جوڙايو هو ۽ سوچيائين ته سڄي عربستان کي اُن ديول ڏانهن موڙي. عربستان وارا ته مڪي ۾ ٺهيل ڪعبي جي طواف ۽ حج جي لاءِ ويندا هئا. هن سڄي عربستان جو رخ موڙڻ جي لاءِ ڪعبي کي ڊاهڻ جو فيصلو ڪيو.
ڏهن هزارن جو لشڪر وٺي يمن مان نڪتو ۽ صنعا کان سڌو طائف پهتو ۽ مڪي کان ڪجهه ميلن جي فاصلي تي مغمر وٽ پهچي خيما کوڙايائين.
ابرهه کان پهرين يمن تي يمنين جي حڪومت هئي، ]115 قبل مسيح کان 525ع [ قديم سمئه يمن جي حڪمرانن کي تبع سڏيو ويندو هو. حضر موت جي علائقي کي يمن سڏيو ويندو هو. عربستان جي اُپٻيٽ جي ڏکڻ اوڀر ۾ اهو علائقو ڏاڍو خوشحال هو، صنعا ۽ زبيد، تعز ۽ عدن ان جا مشهور شهر هئا.
پراچين سمئه اتي جي ماڻهن ستر ماٿرين ۾برسات جو پاڻيءَ کي هڪ هنڌ گڏ ڪرڻ جي لاءِ هڪ مضبوط ڀت جوڙي هئي، ’سد مآ ارب،‘ حاجتن جي ڀت، ان ۾ ويهه دروازا هئا ۽ هڪ وڏو ڊيم ٺاهي ورتو. اها 800 قبل مسيح جي ڳالهه آهي. ان ڊيم مان آبپاشيءَ لاءِ نهرون ڪڍيائون، پنهنجي ٻنين کي سيراب ڪيائون. انگورن ۽ زيتونن جا باغ هنيائون، ماڻهو گلن ۽ اناج سان ڍَئجي پيا، چون ٿا ته يمن جي باغن ۾ ميوا ايڏي ته ڪثرت سان ٿيندا هئا، جو انهن باغن جي اندران جڏهن هڪ عورت مٿي تي ٽوڪرو رکي هڪ سري کان هلندي ٻي سري تائين پهچندي هئي ته عجيب واقعو ٿيندو هو. جيتوڻيڪ هو ڪنهن به ميوي کي هٿ نه لڳائيندي هئي ته به وڻن جي هيٺان لنگهندي هن جي ٽوڪري ميوي سان ڀرجي ويندي هئي.
پاڪيزه ۽ صاف سٿرو ماحول هو.
نه مڇر نه مک نه وري مَنگهڻ،
خوشحالي هئي.
اهو سبا بن يعرب جي زماني جو يمن هو ،
پوءِ هو ناشڪرا ٿي پيا.
الله پاڻي روڪيندڙ بند ۾ ڪوئا ڇڏي ڏنا.
چون ٿا عمرو بن عامر لخمي جو سبا قوم جو امير هو. تنهن کي ڪوئن جا ٻر نظر آيا ته هو سمجهي ويو ته هاڻ ’سد مآ ارب‘ جو رهڻ ڏکيو آهي. ڊيم جو بند ٽٽو ته ان جي آسپاس هيٺاهينءَ ۾ بيٺل ٻنيون. باغ، باغيچا، وستيون، واهڻ، گهر، گهٽيون، بازارون سڀ لڙهي ويندا. هن دل ئي دل ۾ يمن ڇڏڻ جو ارادو ڪيو. اها به روايت آهي ته سندس زال طريفه بن حميريه ڪاهنه هئي، تنهن حساب ڪري پنهنجي مڙس کي پهرين ئي ٻُڌائي ڇڏيو ته هي علائقو جلد ئي تباهه ٿي ويندو. ڪاهنه زال جي ڳالهه ٻڌي هن ڪَن کڙا ڪيا هئا، پر جڏهن پنهنجي اکين سان ڪوئن جا ٻِرَ ڏٺائين ته سمجهي ويو ته هاڻ هي علائقو نه بچندو.
همراهه چالاڪو هو.
هن سوچيو ته جيڪڏهن هو پنهنجي دل جي ڳالهه سچائيءَ سان ماڻهن کي ٻڌائيندو ته هُل مچي ويندو. کيس پنهنجين اُنهن زمينن، فصلن، باغن ۽ گهرن جو ٽڪو به معاوضو نه ملندو. جيڪي هو هتي ڇڏي ويندو. هن هڪ سِٽ سٽي پنهنجي هڪ نا سمجهه پُٽ کي سڏي ڪجهه سمجهايو. کيس چيو ته آءٌ ماڻهن جي سامهون توکي ڪنهن ڳالهه تي دڙڪا ڏيندس ۽ هڪ ٿڦڙ هڻندس، جواب ۾ تون مونکي ٿڦڙ هڻج. اٽڪل موجب جڏهن ماڻهن جي سامهون سندس پُٽ کان اها گستاخي ٿي ويئي ته هن اعلان ڪيو ته هاڻ آءٌ هت رهي نٿو سگهان، جتي اولاد پنهنجي پيءَ سان بي ادبي ڪري، آءٌ هِتان وڃي رهيو آهيان . جيڪڏهن ڪنهن کي منهنجا باغ، ٻنيون ۽ ماڙيون خريدڻيون آهن ته ڀلي خريد ڪري.
آءٌ يمن ڇڏي وڃي رهيو آهيان.
پهرين ته ماڻهن کيس سمجهائڻ جي وڏي ڪوشش ڪئي، پر جڏهن هن نه مَڃيو ته ماڻهن سوچيو ته موقعي مان فائدو وٺي اگهه ماري سندس ملڪيت خريد ڪن. هن سڀ ڪجهه وڪڻي ڇڏيو ۽ پنهنجو ڪُٽنب وٺي لڏو کڻي اتان روانو ٿي ويو. کيس ڏسندي ڪيترائي ٻيا قبيلا به نڪري پيا. اوس ۽ خزرج جا قبيلا جيڪي خاتون ”قيله“ جي اولاد مان هئا، اهي به نڪري پيا ۽ اِهي هِتان هُتان ٿيندا عربستان جي مختلف علائقن ۾ ٽڪي پيا. اوس ۽ خزرج مديني ۾ وڃي رهيا، خزاعه مڪي ۾ رهائش اختيار ڪئي. ڪي وري ازد، سراه ۾ رهيا ته ڪي اومان ۾، چار قبيلا شام طرف نڪري ويا. جن ۾ خم، جذام عامله ۽ غسان شامل هئا. پوءِ سد مآ ارب جو بند ڀڳي. ٻوڏ آئي، يمن جون وستيون واهڻ، فصل ، ٻنيون، باغ، باغيچا تباهه ٿي ويا. سيل عزم جا ڪيترائي ماڻهو ٻڏي ويا. وستيون ويران ٿي ويون، ماڻهو ٽڙي پکڙي ويا، ڪي هيڏانهن ته ڪي هوڏانهن روانا ٿيا، جتي اڳ ۾ ئي سندن ڄاڻ سُڃاڻ وارا موجود هئا، البته جيڪي يمن جي مٿانهن هنڌن تي آيا هئا، اُهي يمن ۾ ئي ترسيل رهيا. انهن مان ڪجهه قبيلا بدستور يمن ۾ ئي رهيا، اِهي قبيلا مذحج، انمار، اشعري، ججيله ۽ حمير هئا. يمن جي انهن علائقن ۾ ڪجهه حڪمران به هئا. انهن مان ربيع بن نصر به هو، جيڪو يمن جو بادشاهه هو. کيس تبع يمن چيو ويندو هو.
هڪ رات هن ڏاڍو ڀوائتو خواب ڏٺو.
پريشانيءَ مان اٿيو، اٿندي ئي پنهنجي حاڪميت هيٺ علائقي جي سڀني نجومين، ڀوپن، ڪاهنن ۽ قيافه شناسن کي درٻار ۾ گهرائي چوڻ لڳو، مون هڪ ڏاڍو ڀوائتو خواب ڏٺو آهي.
آءٌ ڏاڍو بي چين ۽ بي سُکو آهيان
مونکي ٻڌايو
خوابن جي تعبير ٻڌائڻ وارا چوڻ لڳا سائين خواب ٻڌايو.
بادشاهه چيو: جيڪڏهن آءٌ خواب ٻڌائي تعبير ٻڌڻ لڳس ته منهنجي تسلي ٿيندي. مونکي منهنجو خواب به اوهان ٻڌايو ۽ تعبير به.
هڪ درٻاري اُٿي چيو، بادشاهه سلامت جيڪڏهن اوهان جو اهو ئي اراداو آهي ته پوءِ شق ۽ سطيح کي سڏيو ، وٽن هر سوال جو جواب ۽ هر جواب جو سوال آهي.
شق ۽ سطيح کي درٻار ۾ گهرايو ويو
سطيح پهرين پهتو
چيائين: بادشاهه سلامت اوهان باهه جو مچ ڏٺو آهي، باهه اونداهيءَ ۾ نڪري هر ساهواري کي ڳڙڪائي رهي آهي. ان جي سهائي تهامه ۾ پکڙيه ويئي آهي.
بادشاهه ٽپ ڏيئي اُٿيو ۽ چيائين صحيح ٿو چوين، هاڻ تعبير ٻڌاءِ.
سطيح چوڻ لڳو، بادشاهه سنگلاخ وادين جي وچ ۾ رهندڙ هر ساهواري جو سُونهن کڻي چوان ٿو ته تنهنجي علائقي تي حبشي غالب اچي ويندا.
ابين کان جرش تائين انهن جو قبضو هوندو.
بادشاهه هَڄي ويو ۽ چيائين اِها ته ڏاڍي ڏک جي ڳالهه آهي.
اهو ڪڏهن ٿيندو
منهنجي دور ۾ يا مون کانپوءِ ؟
سطيح دلاسو ڏيندو چيس: نه بادشاهه هينئر نه ، سٺ يا ستر سال پوءِ .
بادشاھ چيو. انهن جي حڪمراني هميشه رهندي يا ختم ٿي ويندي؟
سطيح چيو، ختم ٿي ويندي، ستر سالن کانپوءِ، ڪجهه قتل ٿي ويندا ۽ ڪجهه فرار..
بادشاهه پڇيو: اُنهن سان ڪير وڙهندو؟
سطيح چيو: عدن جو ارم ذي مٿن حملو ڪندو.
بادشاهه وري سوال ورجايو: پوءِ اهي حڪمران رهندا، سندن حڪمراني به ختم ٿي ويندي؟
سطيح چيو: اُنهن جي حڪومت به ختم ٿي ويندي.
انهن جي حڪومت ڪير ختم ڪندو؟ بادشاهه پُڇيو.
سطيح چيو: هڪ پاڪباز پيغمبرصه، جنهن تي خدا جي وحي ايندي هوندي.
بادشاهه حيران ٿيو ۽ پُڇيائين: اهو نبي ڪهڙي قبيلي مان هوندو.
سطيح چيو: غالب بن فهر جي خاندان مان ۽ اُن جي قوم قيامت تائين يمن تي حڪمراني ڪندي.
بادشاهه حيرت مان پڇيو: قيامت ڪهڙي شئي آهي.
سطيح چيو: جڏهن دنيا ختم ٿي ويندي.
هونهه ! دنيا کي به ختم ٿيڻو آهي؟ بادشاهه جون اکيون ڦاٽي ويون.
جي هائو، بادشاهه سلامت، هر شئي ختم ٿي ويندي، اڳيان پويان سڀ گڏ ڪيا ويندا.
نيڪ سرخرو ڪيا ويندا، ۽ بدڪارن کي سزا ملندي.
هي جيڪو تون چوين پيو ڇا اهو سچ آهي؟ بادشاهه پڇيو .
سطيح چيو. شام جي لالاڻ، رات جي اونداهي ۽ چنڊ جي روشنيءَ جو قسم جيڪو ڪجهه چوان پيو اهو حق ۽ سچ آهي.
بادشاه ڳالهيون ٻڌي چُپ ٿي ويو
”شق“ ڀوپو به اچي پهتو،
بادشاهه، سطيح جون ڳالهيون ڳجهيون رکيون ۽ کيس چيو: منهنجو خواب ٻڌاءِ .
شق به قسم کنيو ۽ چيو: بادشاهه اوهان هڪ وڏي باهه ڏٺي آهي. جيڪا هڪ جيوَ کي کائي ٿي وڃي. پوءِ هُن تعبير ٻُڌائڻ شروع ڪئي، جيڪا به لڳ ڀڳ اها ئي هئي،جيڪا سطيح ٻڌائي هئي.
ٻنهي ڀوپن کان پنهنجي خواب جي هڪجهڙي تعبير ٻڌي بادشاھ جي دل وڌيڪ بادشاهي نه ڪرڻ گهري، جنهن دنيا کي هڪ ڏينهن ختم ٿي وڃڻو آهي. اُن تي حڪمراني ڇو ڪريان؟ جڏهن هڪ ڏينهن هر شئي جو حساب ڏيڻو آهي ته پوءِ ڪنهن شئي جي طلب ڇو ڪريان؟ هُن جي سيني ۾ مهاتما گوتم ٻُڌ جي دل ڌڙڪڻ لڳي. دل تي گهرو اثر ٿيس. پنهنجن ٻارن ٻچن کي شاهه ’سالور بن خزاعه ‘جي نالي خط ڏيئي عراق موڪلي ڏنو. جنهن کين حيره ۾ آباد ڪري ڇڏيو ۽ پاڻ سڀ ڪجهه ڇڏي ڪٿي ريگستان ۾ گم ٿي ويو.
ڪافي وقت گذري ويو.
پوءِ يمن ۾ هڪ ٻيو بادشاهه ٿيو، تبع بن ابي ڪرب حسان بن بتان اسعد .
هو هڪ ڀيرو پنهنجي فوج وٺي سفر تي نڪتو، رستي ۾ يثرب آيو، هو پنهنجي پٽ کي اُتي ڇڏي اڳيان نڪري ويو. واپس وريو ته خبر پيس ته يثرب جي هڪ شخص عمرو بن طلحه نجاريءَ جي هٿان سندس پُٽ مارجي ويو آهي. چون ٿا ته بادشاهه جو پٽ عمروءَ جي باغ مان کجيون ٽوڙي رهيو هو، عمرو ڏانٽو اڇلي هنيس، جيڪو اهڙو ته ڪاپاري لڳس جو ٿڏي تي ئي مري ويو. اها خبر ٻڌي بادشاهه صفا بِر ٿي ويو.چيائين يثرب کي تباهه برباد ڪري ڇڏيندس. هن لڙائي شروع ڪري ڏني. سڄو ڏينهن لڙائي ٿيندي هئي، نجاري سڄو ڏينهن بادشاهه سان وڙهندا رهندا هئا، ۽ رات ٿيندي ئي بادشاهه ۽ سندس فوج جي مھمانيءَ ۾ لڳي ويندا هئا، اهو ڏسي بادشاهه ڏاڍو حيران ٿيو.
هي ڪهڙي قسم جا ماڻهو آهن.
اهو به چون ٿا ته بادشاهه اصل ۾ پنهنجن پراڻن رشتيدارن اوس ۽ خزرج جي مدد جي لاءِ آيو هو، کيس اها خبر ملي هئي ته اُتي جي يهودين کين گهڻو ستايو آهي. هو اُنهن سان وڙهڻ لڳو ته سندس پٽ عمرو اتفاق سان مري پيو. ان مهل بادشاهه اهو طئه ڪري ورتو ته يثرب کي برباد ڪري ڇڏيندس. ڳالهه کڻي ڪهڙي به هجي، لڙائي ٿي هئي، هڪ ڏينهن يثرب جي يهودي قبيلن مان ٻه يهودي عالم بادشاهه وٽ آيا، ۽ بادشاهه کي گذارش ڪرڻ لڳا ته ’سرڪار! هن شهر کي نقصان نه رسايو... نه ته اوهانجو نقصان ٿيندو اوهين ڪنهن مصيبت ۾ ڦاسي ويندؤ.‘
بادشاهه پُڇيو: ڪيئن ؟
ٻنهي يهودي عالمن چيو: بادشاهه سلامت
هي سڳورو هنڌ آهي.
هيءَ آخري نبيءَ جي هجرت گاهه آهي.
بادشاهه هٿ روڪي ورتو. هن يهودي عالمن جون ڪجهه ٻيون ڳالهيون به ٻڌيون، هو اُنهن جو قائل ٿيندو ويو. نيٺ چوڻ لڳن: مون سان گڏ يمن هلو. تبع پنهنجو لشڪر وٺي يمن ڏانهن واپس وريو. رستي ۾ مڪو آيو. جڏهن هو سفر ۾ هو ته کيس ’هذيل بن مدرڪ‘ جا ڪجهه ماڻهو مليا، جن بادشاهه کي چيو:
اوهان کي هڪ عظيم خزاني جي خبر ٻڌايون
بادشاهه به ٻين بادشاهن وانگر لالچي هو، چيائين ٻڌايو.
سون، مين، ياقوتن ۽ جواهرن سان ڀرپور،
بادشاهه چوڻ لڳو ، ٻڌايو ڪٿي آهي؟
هنن چيو، مڪي ۾ هڪ گهر آهي ڪعبو اُتي
بادشاهه اوڏانهن روانو ٿي ويو.
بادشاهه جي لشڪر ۾ اهي يهودي عالم به هئا. هنن جڏهن بادشاهه ۽ سندس لشڪر جو ڪعبي ڏانهن يلغار جو ارادو ڏٺو ته هڪدم بادشاهه وٽ پهتا.
اوهان ڇو پنهنجو ۽ پنهنجي لشڪر جي تباهيءَ جو ارادو ڪيو آهي.
بادشاهه ’هذيل بن مدرڪه ‘وارن جي ٻڌايل ڳالهه ٻڌائي.
يهودي عالم منهن مَٿو پٽنيدي چيو: بادشاهه سلامت، جن اوهانکي اهو چيو آهي سي اوهان جا سڄڻ نه پر دشمن آهن، خبر اٿوَ اهو ڪهڙو گهر آهي؟.
اهو ڌرتيءَ تي الله جو گهر آهي.
هو پاڻ اُن جو محافظ آهي.
جيڪو به اُن ڏانهن بُري ارادي سان نڪري ٿو، سو برباد ٿيو وڃي .
هُنن اوهان کي ۽ اوهان جي لشڪر جي تباهيءَ ۽ هلاڪت جي لاءِ اوهانکي اها واٽ ڏسي آهي. ان کان مُڙي وڃو.
هي ته شهر آهي اُن آخري نبيءَ جو، جنهن کي هِتان وڃي يثرب ۾ آباد ٿيڻو آهي.
بادشاهه هَڄي ويو، چيائين: مون کان چُڪ ٿي. مون دل ۾ خراب ارادو ڪيو.
هاڻي ڇا ڪريان؟
هنن چيس: اهو ئي ڪر، جيڪو هِتي ايندڙ ڪندو آهي. اُن جي تعظيم ڪريو، طواف ڪريو، قرباني ڏيو، مٿو ڪوڙايو ۽ نهٺائي ۽ نوڙت جو مظاهرو ڪريو.
بادشاهه چيو: اوهين هتي طواف لاءِ ڇو نه ايندا آهيو؟
هنن چيو: هي اسان جي وڏڙي ابراهيم عه جو تعمير ڪيل آهي. هتي جي ماڻهن ان ۾ بُت رکي ڇڏيا آهن. تنهنڪري اسين هيڏانهن اچڻ کان لهرائيندا آهيون.
بادشاهه ’هذيل بن مدرڪه‘ جي ماڻهن کي سزا ڏني، جن کيس غلط واٽ وٺڻ جي صلاح ڏني، ۽ پاڻ مڪي وڃي طواف ڪيائين، مٿو ڪوڙايائين، ڇهه ڏينهن اتي ترسيو، ماڻهن کي گوشت کارايائين ۽ ماکي ملائي پاڻي پياريو. اُتي ترسڻ جي دوران کيس خواب نظر آيو ته ڪعبي تي غلاف چاڙهه، پهرين هن کاڌيءَ جو چاڙهيو.
پوءِ وري خواب ڏٺائين ته هن کان به سُٺو چاڙهيو
هن يمن جي معافري ڪپڙي جو غلاف چاڙهيو
وري خواب ۾ ڏٺائين ته هن کان به سُٺو چاڙهه
ته هن ڳاڙهي ڪپڙي جو لڪيرن وارو غلاف چاڙهيو.
مورخ لکن ٿا ته تبع، يمن جو اهو پهريون شخص هو، جنهن بيت الله تي غلاف چاڙهيو ۽ ڪعبي جي متولي قبيلي ’جرهم‘ کي تاڪيد ڪئي ته هو بيت الله ۾ صفائي سُٿرائي رکن.
يمن جو بادشاهه واپس يمن پهتو ته ساڻس يثرب جا ٻئي يهودي عالم به هئا، بادشاهه پنهنجن هم وطنن کي يهوديت طرف سڏيو ۽ چيو ته اهو بُت پرستيءَ کان بهتر آهي. پر ماڻهن انڪار ڪري ڇڏيو.
نيٺ طئه اهو ٿيو ته باهه جو مچ ٻاريو وڃي، باهه ئي ڪو آخري فيصلو ڪندي ظالم کي پنهنجي پڪڙ ۾ وٺي لائيندي آهي ۽ مظلوم ۽ سچي کي ڪجهه به نه چوندي آهي. تنهنڪري يمني ماڻهو پنهنجن بُتن سان گڏ ميدان ۾ آيا ۽ يهودي عالم پنهنجن صحيفن کي ساڻ ڪري اُت پهتا. باهه جي ڄُڀي مچَ مان نڪتي ۽ بُت پرستن ڏانهن جَهپو هنيائين ته هو ڊڄي پري هٽڻ لڳا. يهودي عالم صحيفن کي ڪنڌ ۾ لڙڪائي صحيح سلامت باهه مان نڪري آيا. باهه جي فيصلي جي ڪري ’حمير قبيلي‘ جا ڪيترائي ماڻهو يهوديت جا قائل ٿي ويا.
اها اُنهن ڏينهن جي ڳالهه آهي، جڏهن حضرت عيسيٰ عليه السلام اڃا هن دنيا ۾ نه آيو هو ۽ اهي يهودي پنهنجي وقت جا سچا مسلمان هئا، هنن يثرب کي آخري نبي ﷺ جي هجرت گاهه طور سڃاتو هو. ۽ مڪي جي صحيح تعظيم ڪئي هئي، انهن کان ئي رسول الله ﷺ جي باري ۾ اڳ ڪٿيون ٻڌي تبع يمن اسد حميري هي شعر چيا هئا:
”آءٌ شاهدي ڏيان ٿو ته احمد ﷺ روحن جي خالق، الله تعاليٰ جو رسول آهي. جيڪڏهن منهنجي عمر وڏي ٿي ته آءٌ سندس وزير ۽ حامي ٿيندس
سندس ويرين سان وڙهندس
۽ سندس دل مان هر رنج ۽ اَلم کي دور ڪندس“.
اهي شعر ابو ايوب انصاريءَ وٽ محفوظ هئا ۽ انصار اهي شعر گُنگنائيندا هئا.
ڪتاب القبور ۾ ابن ابي الدنيا بيان ڪيو آهي ته صفا ۾ هڪ قبر جي کوٽائي ڪندي دفن ٿيل ٻن عورتن جا جسم نڪتا، انهن سان هڪ سوني تختي تي سون جي پاڻيءَ سان هيءَ عبارت لکيل هئي،
” هيءَ قبر يمس ۽ حبي، تبع جي ڌيئرن جي آهي.
جيڪي ٻئي الله وحده لاشريڪ لھ جي هيڪڙائيءَ جون اقرار ڪندي گذاري ويون.
اسعد حميري کانپوءِ حسان بن تبان اسعد تخت تي ويٺو.
هي مائي يمامه زرقا جو ڀاءُ هو، هن عرب ۽ عجم کي پنهنجي قبضي هيٺ آڻڻ جي رٿا جوڙي، مهم تي نڪتو، عراق پهتو ته حميري ۽ يمني قبيلا سندس خلاف ٿي پيا، واپس ورڻ مهل هُنن سندس ڀاءُ عمرو سان ساز باز ڪئي، رٿا اها هُين ته عمرو پنهنجي ڀاءَ حسان کي قتل ڪري ڇڏي ۽ سڀ کيس بادشاهه تسليم ڪري وٺندا. سڀ اُن سازش ۾ سهمت هئا، سواءِ ذورعين حميري جي، هن عمروءَ کي ايئن ڪرڻ کان منع ڪئي. پر هو پنهنجي ارادي کان نه مُڙيو ته ذورعين حميريءَ ٻه شعر لکي عمرو وٽ امانت طور رکيا.
”ٻُڌ!
جيڪو شخص رات جي ننڊ جي بدلي ۾ بي خوابيءَ جو خريدار هجي
اهو بدبخت آهي
نيڪ بخت اهو آهي، جيڪو ٿڌي اک سان رات گذاري
حمير بي وفائي ڪري خيانت ڪئي آهي،
الله وٽ ذورعين معذرت خواهه آهي“.
عمرو پنهنجي ڀاءَ حسان کي قتل ڪري يمن آيو، هو بادشاهه ته بنجي ويو، پر ننڊ مٿس حرام ٿي ويئي، بي خوابيءَ ۾ مبتلا ٿيو ته هن طبيبن ۽ ڀوپن ڏانهن رجوع ڪيو، هنن تشخيص ڪئي ته جيڪو شخص نا حق پنهنجي ڪنهن ڀاءَ يا عزيز جو خون ڪري ٿو ته اُن جي ننڊ اُڏي وڃي ٿي، هو بي خوابيءَ جي مرض ۾ مبتلا ٿي وڃي ٿو. اهو ڄاڻي هن کيس پنهنجي ڀاءَ کي قتل ڪرڻ جي صلاح ڏيندڙن کي ڳولي ڳولي قتل ڪرڻ شروع ڪيو، جڏهن ذورعين کي قتل ڪرڻ لاءِ پڪڙيو ويو ته هن چيس: منهنجو تنهنجي ڀاءَ کي قتل ڪرڻ کان منع ڪرڻ جو ثبوت تو وٽ موجود آهي.
عمرو پُڇيس اهو ڪيئن؟
ذورعين وٽس رکرايل پنهنجن شعرن ڏانهن اشارو ڪيو، هو ڪاغذ کولي پڙهندو ويو ته ان تي سندس شعر لکيل هئا، کيس ڇڏيو ويو، عمرو اُن مرض ۾ مبتلا ٿي مري ويو. يمن طوائف الملوڪيءَ جو شڪار ٿي ويو، هڪ حميري جنهن جو نالو ’الخنيعه ينوف ذوشناتر‘ هو، جنهن جو شاهي ڪٽنب سان ڪوبه تعلق نه هو، طاقت جي ٻَل تي سلطنت تي قابض ٿي ويو. هن اهم ماڻهن کي مارائي ڇڏيو، شاهي خاندان کي تباهه ڪري ڇڏيائين. منجهس ڪيتريون ئي بُڇڙيون عادتون هيون، جن ۾ هڪ عادت لوطي هئڻ به هئي، بُڇڙي ڪم کانپوءِ هو وات ۾ ڏندڻ وجهي بالا خاني مان هيٺ ڏسندو هو ته جيئن محافظن کي خبر پئجي وڃي ته هو بالا خاني مان نڪري آيو آهي. هڪ ڏينهن هن ذونواس بن تبان اسعد، حسان جي ڀاء کي گهرايو، اهو ڏاڍو سُهڻو جوان هو ۽ اُن سان گڏ گهڻو سجاڳ ذهن جو مالڪ به، هو هڪ تکي ڇري پنهنجي جتيءَ ۾ لڪائي وٽس پهتو، بالا خاني ۾ جڏهن الخنيعه ڏانهنس وڌيو ته هُن کيس ماري وڌو ۽ ڇري سان سندس ڪنڌ ڪپي بالا خاني جي ٻاهر ٺهيل طاق تي رکي ڇڏيو، جنهن مان هو هيٺ ڏسندو هو، هن ڳچيءَ جي وات ۾ مسواڪ رکي ڇڏي، محافظن جڏهن پنهنجي بادشاهه جو ڪپيل ڪنڌ ڏٺو ته ذونواس جي بهادريءَ جا قائل بنجي ويا. کين خبر هئي ته ذونواس سندس اڳوڻي بادشاهه جو پٽ آهي. جم هڪدم اتفاق راءِ سان کيس پنهنجو بادشاهه تسليم ڪري ورتو.
هو حمير پاران يمن جو آخري بادشاهه هو .
انهن ئي ڏينهن حضرت عيسيٰ عليه السلام جو ظهور ٿيو ۽ ڪيترائي نيڪ ۽ پاڪباز ماڻهو عيسائي ٿيا. مٿن سختيون ڪيون ويون ته هو ٻين طرفن نڪري ويا، چون ٿا ته انهن ۾ هڪ فيميون نالي عابد زاهد ۽ دعائن جي قبوليت وارو عيسائي هو، جيڪو اپاهج ۽ مصيبت ماريل ماڻهن جي لاءِ دعائون گهرندو هو ۽ هو شفا ياب ٿي ويندا هئا.
فيميون مزدور هو.
هڪ ڏينهن ڪنهن بدوءَ کيس جهلي نجران ۾ وڪڻي ڇڏيو.
سندس مالڪ سڄو ڏينهن کانئس ڪم وٺندو هو. رات جو فيمون جنهن ڪمري ۾ ٽڪندو هو، اُتي هو عبادت ڪندو هو، اهو ڪمرو سهائيءَ سبب جڳ مڳ ڪرڻ لڳندو هو، سندس مالڪ اهو منظر ڏسي ڏاڍو حيران ٿيو.
نجران ۾ سڀ ماڻهو بُت پرست هئا،
اُتي هڪ وڏي کجيءَ جي وڻ جي پوڄا ڪندا هئا، ان وڻ تي هنن سون ۽ چانديءَ جا زيور نذراني طور ٽنگي ڇڏيا هئا. سندن خيال هو ته هي کجي جي وڻ واو بت سندن محافظ آهي، هڪ ڏينهن فيميون پنهنجي مالڪ کي چيو: هن تي سون چاڙهي اهو ذيان نه ڪريو.
مالڪ چيس: هي اسان جو نگران خدا آهي.
فيميون دعا گهري .
هڪ طوفان آيو، زور سان هوا هُلي ۽ سون ۽ چاندي سان لَڏيل کجيءَ جو وڻ پاڙؤن پٽجي اچي پَٽ پيو.
نجران جا ماڻهو فيميون جي اها ڪرامت ڏسي، بُت پرستيءَ کان توبه ڪري عيسائي بنجي ويا. جڏهن يمن ۾ ان واقعي جي خبر پهتي ته ذوانونس شاهه يمن مان فوج وٺي نجران پهتو،
چيائين: موت ۽ يهوديت مان هڪ شئي ڌُڻي وٺو.
هڪ وڏي کڏ ۾ باهه ٻاريائين
نجران جي بي گناهه ماڻهن کي اُن باهه ۾ اڇلائي ساڙي ڇڏيائين
ماري ڇڏيائين
اندازي موجب اهي ويهه هزار ماڻهو هئا.
اهو واقعو سوره بروج قرآن (10/85) ۾ ذڪر ڪيل آهي.
چون ٿا ته نجران جي رهاڪن مان هڪ عيسائي جيئرو بچيو، جنهن جو نالو ’دوس ثلبان‘ هو، هو ڪنهن طريقي سان قيصر جي درٻار ۾ پهتو، قيصر عيسائين جي عظيم الشان سلطنت جو بادشاهه هو، هن کيس سڄو واقعو ٻڌايو ته يمن جي بادشاهه نجران جي سڀني عيسائين کي جيئرو باهه ۾ وجهي ساڙي ماري ڇڏيو.
کيس فرياد ڪيائين ته مدد ڪئي وڃي.
قيصر چيو: تنهنجو علائقو پري آهي، سنئون سڌو اوڏانهن فوج موڪلڻ جي بدران حبشه جي نجاشيءَ کي سهڪار لاِءِ لکان ٿو. هو به اسانجو هم مذهب عيسائي آهي. دوس ثعلبان قيصر جو حڪم نامون کڻي نجاشيءَ وٽ پهتو. شاهه نجاشيءَ ستر هزار فوج تيار ڪئي. ”ارياط“ کي ان فوج جو ڪمانڊي مقرر ڪيو ۽ يمن تي حملي جي لاءِ روانو ڪيو. ان فوج ۾ ارياط سان گڏ ابرهه اشرم به هو، ارياط سمنڊ ٻيڙين رستي پار ڪيو ۽ فوج يمن جي ساحل تي لٿي ۽ ذونواس کي شڪست ڏيئي يمن تي قبضو ڪري ورتو، ارياط ڪيترائي سال يمن جو حڪمران رهيو.
پوءِ ابرهه بغاوت ڪئي.
حبشه جي فوج ٻن گروهن ۾ ورهائجي ويئي، نوبت اچي جنگ تائين پهتي، جنگ شروع ٿيڻ لڳي ته ابرهه، ارياط کي هڪ رٿ ڏني.
ارياط پڇيو: ڪهڙي؟
ابرهه چيو: ٻنهي پاسن اسانجي فوج آهي، اسين وڙهنداسين ته ٻنهي طرفن تباهي آهي، هڪ طريقو آهي.
ارياط پڇيو: ڪهڙو ؟
ابرهه چيو: اسين ٻئي پاڻ ۾ وڙهون ٿا. اسان جي فوج بيهي ڏسي،
جيڪو کٽي ويو، ٻنهي طرفن جي فوج ان جي.
ارياط رٿ مڃي ورتي
ابرهه چالاڪ ۽ عيار ماڻهو هو، سندس چهرو ڪارو ۽ قد ننڍو هو
ارياط خوش شڪل ۽ قد جو ڊگهو ۽ بهادر انسان هو
ٻنهي جي روبرو لڙائي شروع ٿي ويئي
ارياط ڪابه چالاڪي نه ڪئي
ابرهه پنهنجي پويان پنهنجو هڪ غلام عتوده بيهاري ڇڏيو
ويڙهه شروع ٿي ويئي
ارياط بڻڇي سان وار ڪيو ته ابرهه جو نڪ ۽ مٿيون چپ ڪٽجي ويو، ان ڪري سندس لقب اشرم پئجي ويو. ابرهه جي پٺيان لڪي بيٺل غلام عتوده هڪدم ارياط تي حملو ڪري ڏنو. ۽ کيس ماري ڇڏيو، فوج جي ٻنهي ڌڙن ابرهه کي پنهنجو حاڪم مڃي ورتو، ابرهه، ارياط جي ديت ادا ڪري ڇڏي.
اها خبر جڏهن شاهه حبش کي پھتي ته هو گهڻو ڪاوڙيو،
هن قسم کنيو ته هو يمن جي مٽيءَ کي پيرن هيٺان لتاڙيندو ۽ ابرهه جي پيشاني جا وار ڪٽي کيس ذليل ۽ خوار ڪندو. ابرهه مڪار شخص هو، کيس شاهه حبش جي ڪاوڙ جي خبر پئي ته هن هڪ ٿيلهي ۾ يمن جي مٽي وڌي ۽ پنهنجي مٿي جا ڪجهه وار وڍي مٽيءَ جي مٿان رکيا ۽ شاهه حبش جي خذمت ۾ موڪلي ڏنائين.
اُن سان گڏ خط به هو
’جناب والا، ارياط اوهانجو غلام هو، آءٌ به اوهان جو ٻُڌو ٻانهون آهيان. اسان جو پاڻ ۾ اختلاف هو، آءٌ اوهانجي مفادن جو وڌيڪ حامي ۽ محافظ آهيان. وڌيڪ تابع ۽ فرمانبردار آهيان، اوهان جي قسم جي خبر پئي، پنهنجي مٿي جا وار ڪوڙائي اوهانجي خدمت ۾ موڪلي رهيو آهيان، گڏوگڏ يمن جي مٽي سان ڀريل ٽوڪرو به ، اوهين اُن مٽيءَ کي لتاڙي ۽ منهنجي وارن کي ان ۾ گڏي پنهنجو قسم پوري ڪري وٺو.“
شاهه حبش راضي ٿي ويو ۽ ابرهه کي يمن ۾ راڄ جي موڪل ڏيئي ڇڏيائين.
اها 543 عيسوي جي ڳالهه آهي.
ابرهه جي دل ۾ کٽڪو لڳل رهندو هو ته شاهه حبش کي راضي رکڻون آهي. هن صنعا ۾ هڪ عظيم الشان قلس نالي سان هڪ ديول اڏرايو. شاهه حبش کي لکيائين ته هو عربن جون دليون ڪعبي کان موڙي هن قلس طرف آڻيندو. هن قلس جي ٺاهه ٺوهه جي ڪٿا به شاهه حبش کي لکي موڪلي، چون ٿا ته ابرهه جي ان خط جي خبر جڏهن مڪي جي ڀرسان رهندڙ هڪ ڪناني عرب کي پئي ته هن انتقام ۾ قلس جي اندر هَنگي گندگي پکيڙي ڇڏي ۽ واپس حجاز هليو آيو.
ابرهه کي خبر پئي ته صفا ڇتو ٿي پيو.
سخت ڪاوڙ ۾ قسم کنيائين ته هو ڪعبي تي حملو ڪري اُن کي ڊاهي پَٽ ڪري ڇڏيندو، اها 571ع جي ڳالهه آهي. هو سٺ هزار سپاهين جو لشڪر وٺي مڪي روانو ٿيو ۽ پنهنجي دهشت پکيڙڻ لاءِ هڪ هاٿي به ساڻ رکيائين. ڪن روايتن ۾ هڪ کان وڌيڪ هاٿين جي هئڻ جو ذڪر به آهي. ڪن لکيو آهي ته يارنهن هاٿي هئا، بهرحال هڪ هاٿيءَ جو هئڻ ته طئه آهي. هن جي رستي ۾ ڪيتريون ئي عرب فوجون رڪاوٽ بنيون، پر ڪوبه هن جي لشڪر جي سامهون بيهي نه سگهيو، ذوالنفاراشراف يمن ۾ هو. هو رستو روڪڻ آيو، پر هارايائين. ابرهه کيس قتل ڪرڻ لڳو ته هن چيس مونکي مارڻ مان ڇا ورندئي، جيئرو پاڻ سان رک، شايد توکي منهنجي مدد جي گهرج پوي. ابرهه ڳالهه مڃي کيس گرفتار ڪري پاڻ سان گڏ وٺي روانو ٿيو. خشتم جي علائقي ۾ جڏهن هن جي فوج پهتي ته نفيل ڪجهه عرب قبيلن شهران ۽ ناهس کي ساڻ ڪري ابرهه کي روڪڻ جي لاءِ نڪتو، پر هو به شڪست کائي ويو. هن به ذونفر جي ڪهاڻي ٻڌي هئي، تنهن ڪري هن ساڳئي درخواست ڪئي ۽ قيدي بنجي ابرهه جي فوج سان گڏ هلڻ لڳو. لشڪر جڏهن طائف پهتو ته اُتي بني ثقيف جو سردار مسعود بن محتسب شهر کان نڪري اچي حاضر ٿيو.
چيائين قبلا
اسين اوهان جا ٻانها آهيون
اسانجو بت خانو ”لات“ اهو بت خانو ڪونهي، جنهن کي اوهين ڊاهڻ نڪتا آهيو. اوهين جنهن ڪعبي کي ڪيرائڻ گهرو ٿا، اهو مڪي ۾ آهي، اسين پنهنجو سونهون اوهان سان گڏي ٿا ڇڏيون.
ابرهه تجويز مڃي ورتي
بني ثقيف ”ابو رغال“ کي مڪي جو رستو ڏيکارڻ لاءِ اَبرهه سان گڏ روانو ڪيو. هو ”مغمس“ تائين ابرهه جي فوج کي وٺي ويو، اتي پهچي ”ابورغال“ مري ويو. کيس اتي ئي دفنايو ويو. عرب اڄ سوڌي ان هنڌ تي سندس قبر کي پٿر هڻندا آهن ته هو بڇڙو شخص هو، جيڪو ابرهه کي مڪي جو رستو ڏيکارڻ لاءِ گڏ آيو هو.
مغمس ۾ ابرهه خيما کوڙيا.
گرمين جا شروع وارا ڏينهن هئا.
اها 571عيسوي جي ڳالهه آهي، عربي مهينو محرم جو هو.
سٺ هزار فوج کي کارائڻ پيارڻ لاءِ ابرهه لُٽ مار شروع ڪري ڏني.
ابرهه هڪ فوجي دستو اسودين مفعود سان گڏ روانو ڪيو
جيڪو تهامه وارن قريشن جون سوين ٻڪريون ۽ اٺ جهلي آيو. انهن ۾سيدنا عبدالمطلب جا ٻه سئو اُٺ به هئا.
ٻي ڏينهن ابرهه، حناط حميريءَ کي موڪليو ته هو مڪي جي سردار کي پاڻ سان وٺي اچي. سيدنا عبدالمطلب پنهنجي قوم جو اڳواڻ ۽ قبيلي جو سردار هو، هو حناط حميريءَ سان گڏ ابرهه جي لشڪر ۾ هليو ويو.
ابرهه شاهي خيمي ۾ تخت تي ويٺو هو
غاليچا وڇايل هئا.
ٿڌن مٺن شربتن جو گُهگهيون رکيل هيون
سون چاندي جا ٿانوَ ۽ سينگاردان هئا
سيدنا عبدالمطلب خيمي جي ٻاهر پهتو ته اطلاع ڏيندڙ ابرهه کي ٻڌايو. قبلا هي قريشن جو سردار آهي.
زم زم جو مالڪ آهي،
ماڻهن جي کاڌي پيتي جو بندوبست ڪندو آهي،
وحشي جانورن کي به جبلن جي چوٽين تي گوشت کارائيندو آهي.
سيدنا عبدالمطلب ڊگهي قد جو خوبصورت، سهڻو، پروقار، روشن چهري واري ٻاجهاري بزرگ هستي هئي. کيس ڏسي ابرهه تخت تان هيٺ لهي آيو ۽ ساڻس پرجوش نموني گڏيو ۽ هيٺ وڇايل غاليچي تي ويهاڻي وٽ اچي ويٺو ۽ کيس پنهنجي ڀَر ۾ ويهاريائين، پوءِ ترجمان جي وسيلي پُڇيائين ته هن کان پڇو ته هي ڇا ٿو چاهي.
سيدنا وراڻيو:
”اوهان جي ماڻهن منهنجا ٻه سئو اٺ جهليا آهن، اهي واپس وٺڻ آيو آهيان.“ ابرهه سيدنا جي اها ڳالهه ٻُڌي ڏاڍو حيران ٿيو، چيائينس:اوهانجي پروقار شخصيت کي ڏسي مرعوب ٿيو هئس، پر اوهان جي ڳالهه منهنجي نظرن ۾ اوهان کي بي وقار ڪري ڇڏيو آهي. اوهين پنهنجن ٻن سئو اُٺن جي ڳالهه پيا ڪريو پر بيت الله جو نالو ئي نه پيا ڳنهو، جيڪو اوهانجي وڏڙن جو ۽ اوهان جو ديني مرڪز آهي. توکي خبر آهي ته آءٌ اهو ڊاهڻ آيو آهيان.
سيدنا عبدالمطلب ابرهه جي ڳالهه ٻڌي مُرڪيو ۽ وراڻيائين:
بادشاهه، آءٌ فقط اُٺن جو مالڪ آهيان، پنهنجا اٺ ئي گهرندس،
باقي ڳالهه رهي بيت الله جي ته، بيت الله جو مالڪ الله آهي
کيس پنهنجي گهر جي حفاظت ڪرڻ اچي ٿي.
ابرهه چيو، اهو منهنجي حملي کان بچي نه سگهندو.
عبدالمطلب ٻيهر مُرڪيو ۽ چيائين ’هونئن ته اڄ سوڌي هن ڪنهن کي به پنهنجي گهر تي مسلط ٿيڻ نه ڏنو آهي،بهرحال اهو ڄاڻي تون ڄاڻين، منهنجا اٺ واپس ڪر.‘ ابرهه خاموشيءَ سان سيدنا عبدالمطلب کي ڏسندو رهيو، هن اٺ کي واپس ڪري ڇڏيا.
سيدنا عبدالمطلب واپس وريو.
پنهنجن ماڻهن کي چيائين، ضروري سامان کڻي آسپاس جي جبلن تي چڙهي وڃو ته جيئن ڪنهن جو نقصان نه ٿئي. پوءِ قريشن جي ڪجهه سردارن کي ساڻ ڪري حرم ۾ ويو ۽ ڪعبي جي دروازي جو ڪڙو کڙڪائي چيائين:
الاهي، ٻانهون پنهنجي گهر جي حفاظت ڪندو آهي
تون به پنهنجي گهر جي پاڻ حفاظت فرماءِ
سُڀاڻي هنن جي صليب ۽ انهن جي تدبير
تنهنجي تدبر تي غالب نه اچي وڃي
جيڪڏهن تون هُن کي ۽ اسان جي قبيلي کي
پنهنجي حال تي ڇڏي ڏيڻ ٿو گهرين ته جيڪو وڻئي سو ڪر
صليب وارن ۽ ان جي پرستارن جي مقابلي ۾
اڄ پنهنجي آل جي مدد فرماءِ
اي منهنجا ربّ ! آءٌ توکان سواءِ هنن جي مقابلي ۾ ٻي ڪنهن کان اُميد نٿو رکان، پنهنجي حرم کي هنن کان بچائي.
هن گهر جو دشمن تنهنجو دشمن آهي
هنن کي پنهنجي بستيءَ کي تباهي ڪرڻ کان جَهل.
اهي دعائون گهري سيدنا عبدالمطلب پنهنجن ساٿين سان گڏ جبلن تي چڙهي ويو .
ٻيو ڏينهن ڏهين محرم جو هو .
اَبرهه جيڪو حرم جي حدن ۾ پنهنجو سٺ هزارن جو لشڪر وٺي بيٺو هو، حملو ڪري ڏنو، لشڪر جي اڳيان ’محمدد‘ جي نالي وارو هاٿي هو، جڏهن هاٿيءَ جو منهن ڪعبي طرف ڪيائون ته هو هڪدم ويهي رهيو. فيل بان انيس گهڻئي ڪوشش ڪئي، پر هاٿي هَنڌان نه چُريو، نيٺ سندس منهن مڪي کان مَٽائي ٻي پاسي ڪيائون ته هو اُٿي ڀڄڻ لڳو. فيل بان ٻيهر کيس روڪيو، سندس منهن مڪي ڏانهن ڪيائون ته هو وري ادب مان ڪنڌ جهڪائي ٿُنبي ماري ويهي رهيو، فيل بان اک ۾ لوهه جي چهنب هنيس، پر هاٿي ان هنڌان نه چريو.
ايتري ۾ سمنڊ واري پاسي کان هڪ ڪارو ڪڪر اُٿيو .
اهو ڪڪر اَبرهه جي فوج جي ويجهو آيو ته اهو پکين جو هڪ ولر هو، هر پکي وٽ ٽي ٽي پٿريون هيون، ٻه پيرن جي پنجن ۾ ۽ هڪ چهنب ۾ . پٿريون چَڻي جي داڻي برابر هيون. اها پٿري جنهن تي به ٿي ڪري، اهو مري ٿي ويو، ان سان گڏ زوردار واچوڙو ۽ مٽيءَ جو طوفان به لشڪر کي وڪوڙي ويو. پٿريون اهڙي ته تيزيءَ سان فوج تي ڪري رهيون هيون جو سپاهين جون کلون ئي اُڊڙي ٿي ويون ۽ پٿري سندن جسم مان پار لنگهي ٿي ويئي، اُبرهه جي سپاهين جون ٽنگيون ۽ ٻانهون جسم کان ڪٽجڻ لڳيون، هُنن جون تريون ڇڻڻ لڳيون، افراتفريءَ ۾ جيڏانهن ڪنڌ تيڏانهن پنڌ، وٺي ڀڳا، سڄو لشڪر اولڙ گاهه جيان بڻجي ويو، هو نفيل حميريءَ کي ڳولهڻ ۽ سڏڻ لڳا ته کين يمن جو رستو ڏيکاري. ان موقعي تي نفيل حميريءَ هي شعر چيا:
اي رونيا، اسان پاران توتي سلام، صبح جي ٿڌڙي هير جيان اکيون ٿڌيون ٿين،
اي رونيا، اسان جيڪي ڪجهه اُت ڏٺو، جيڪڏهن تون اهو ڏسين ها ته حيران ٿي وڃين ها. ۽ خدا ڪري تون اهو نه ڏسين،
اُن حال ۾ تون مونکي معذور سمجهين ها
۽ منهنجي ڪارنامي کي واکاڻين ها ۽ جدائيءَ ۾ ڏکاري نه ٿئين ها.
جڏهن مون پَکين کي ڏٺو ته الله جي تعريف ڪيم
آءٌ پٿرن کان ڊنل هئس، جيڪي اسان تي ڪيرايا پي ويا
قوم جو هر فرد نفيل کي ڳولي رهيو هو
ڄڻ ڪو حبشين جو قرضي هجان“.
عجيب منظر هو
سٺ هزارن جو لشڪر ننڍن ننڍن پکين جي هٿان اولجي رهيو هو. ماڻهو هڪٻئي جي مٿان ڪرندا ڀڄي رهيا هئا، رستا لاشن سان ڀريا پيا هئا. ابرهه کي به ڪنڪر لڳا، ٻانهن ڌار ٿي ويس، ٽنگون ٿڙي ويس ۽ منهن وگهري ويس. جسم ڪپهه جيان سڄي دنبو ٿي ويس، پر کيس اُن وقت تائين موت نه آيو، جيستائين هو يمن نه پهتو. يمن پهچي مرڻ کان اڳ هو ڪڪڙ جي ٻچي وانگر ٿي پيو، جنهن جي بُت تي وار نه هئا، نه ڪو عضوو، چون ٿا ته ان سال عربستان ۾ ماتا جي مرض به اچي منهن ڪڍيو، وارياسن پٽن ۾ ’تم‘ ۽ ’مرار‘ جهڙا تلخ ٻوٽا به ان ئي سال ڦُٽا.
عرب جي تاريخ ۾ اهو واقعو ايترو ته اهم آهي، جو اهو سال ياد رکيو ويو.
کيس ’عام الفيل‘ سڏيو وڃڻ لڳو.
يعني هاٿي وارو سال
اُن واقعي کان لڳ ڀڳ ايڪهٺ ڏينهن پوءِ 12 ربيع الاول سومر جي ڏينهن ميلاد رسول ﷺ جي خوبصورت گهڙي نظر اچي ٿي.
الله اهو ڏينهن ياد رکرائڻ جي لاءِ اَبرهه کي موڪليو هو،
ابرهه کانپوءِ سندس پٽ يڪسوم جانشين ٿيو، يڪسوم جي وفات کان پوءِ مسروق بن ابرهه حڪمران ٿيو، اهو يمن تي حبشين جو آخري حڪمران ثابت ٿيو، فوج ته اڳ ۾ ئي ختم ٿي ويئي هئي.
ماڻهو بيزار هئا،
ڏکويل هئا.
سيف بن ذي يزن حميريءَ طئه ڪيو ته يمن جي ماڻهن کي اُن ظالم حڪمران کان ڇوٽڪارو ڏياريندو. هو ڊگهو سفر ڪري شاهه روم جي درٻار ۾ پهتو ، حبشي حڪومت جي ظلمن جو داستان ٻڌايائين. گذارش ڪيائين ته هو يمن جي ماڻهن کي اُنهن ظالمن کان بچائي، يا ته پاڻ حڪومت سنڀالي يا وري پنهنجو ڪو نائب مقرر ڪري، پر قيصر ڪو ڌيان نه ڌريو. نيٺ هو قيصر کان مايوس ٿي عراق جي رياست حيراه جي حاڪم نعمان بن منذر جي درٻار ۾ پهتو ، جيڪو ڪسريٰ جو نائب ۽ گورنر هو، کيس سڄي احوال کان واقف ڪيائين ۽ چيائين قيصر ته ٻُڌي اڻ ٻُڌي ڪري ڇڏي، هاڻ هو ڪسريٰ کي ٻُڌائڻ ۾ مدد ڪري، نعمان چيس آءٌ سال ۾ هڪ ڀيرو ڪسريٰ جي درٻار ۾ حاضري ڏيندو آهيان. حاضريءَ ۾ اڃا ٿورو وقت آهي. تيستائين تون مون وت ٽڪي پئو.
سيف حميري ٽِڪي پيو.
پوءِ نعمان سان گڏ ڪسريٰ جي درٻار ۾ پهتو. ڪسريٰ تاج پايو پنهنجي درٻار کي رونق بخشي رهيو هو. سون جي اُن تاج ۾ ياقوت، زمرد ۽ ٻيا جواهر جڙيل هئا، اهو تاج ايترو ته ڳرو هو، جو ڪو انسان کڻي پنهنجي مٿي تي رکي نه ٿي سگهيو. تنهن ڪري اهو سونو تاج هڪ سوني زنجير سان ٻڌو تخت جي مٿان ڇت تي ٽنگيل هو. ڪسريٰ تخت تي پردي جي پويان چڙهندو هو، تاج جي اندر مٿو ڏيندو هو ۽ پردو هٽايو ويندو هو. حاضرين پنهنجي سامهون ڪيترا مڻ وزني سون جي جَڳ مَڳ ڪندڙ تاج ۾ بادشاهه کي مٿو ڏيو ويٺل ڏسي هَڄي ويندا هئا، ۽ سجدي ۾ ڪري پوندا هئا، سيف بن يزن حميري، جڏهن ڪسريٰ جي درٻار ۾ حاضر ٿيو ته ڪنڌ جهڪائي اندر ويو. ڪسريٰ پنهنجي محل جو اوچو دروازو ڏسي چيو.
هي ڪير آهي جيڪو هيڏي اوچي دروازي مان ڪنڌ جهڪائي آيو آهي
سيف حميري چيو؛ آءٌ غم ۽ ڏک جي ڪري ڪنڌ جهڪائي آيو آهيان
ڪهڙو ڏک اٿئي؟
حضور اسان جي علائقي تي ڌاريان ڪارا قابض آهن
پُڇيائين: ڪهڙا ڌاريا، حبشي؟ سنڌي؟
وراڻيائين: حبشي.
پوءِ
قبلا! اوهانجي مدد جو طلبگار آهيان
خواهش اٿم ته اسانجي علائقي تي اوهانجي حڪومت هجي.
نه ــ ڪسريٰ وراڻيو: تنهنجو علائقو پري، بيڪار ۽ بي فائدو آهي. اسان کي ان جي ڪابه گهرج ڪونهي، آءٌ عرب جي ريگستان ۾ پنهنجي ايراني فوج کي مشڪلات ۾ ڦاسائڻ نٿو گهران. پوءِ هن ڪنهن وزير ڏانهن ڏسي ڪو اشارو ڪيو. سيف حميريءَ کي ڏهه هزار درهمن جي ٿيلهي ملي وئي . گڏو گڏ کيس هڪ خلعت به عطا ڪئي ويئي. سيف حميريءَ خاموشي سان بادشاهه جي عطئي جي ٿيلهي وصول ڪئي ۽ درٻار مان ٻاهر نڪرندي ئي اهي سڀ درهم ماڻهن ۾ ورهائي ڇڏيا. اها ڳالهه هڪدم ڪسريٰ کي ٻڌائي ويئي . بادشاهه هڪدم ڇرڪيو، چيائين هي ته ڪو وڏي مان ۽ مرتبي وارو انسان ٿو لڳي، کيس سڏيو ويو.
سيف حميريءَ کي ٻيهر طلب ڪيو ويو، پڇيائينس: تو ايئن ڇو ڪيو؟
وراڻيائين: بادشاهه، آءٌ هنن پئسن کي ڇا ڪريان، منهنجو ملڪ ته سڄو سون آهي.
بادشاهه سوچ ۾ پئجي ويو.
هن پنهنجي وزيرن ۽ صلاحڪارن جو اجلاس گهرايو، پڇيائين: ٻڌايو ته ڇا ڪرڻ گهرجي، هڪ صلاحڪار چيو، ”جيئندا قبلا! جيل ۾ اهڙا ڪيترائي قيدي آهن، جن کي ڦاسيءَ جي سزا آيل آهي. اوهين انهن قيدين جو لشڪر هن همراهه جي حوالي ڪريو، جيڪڏهن اِهي مارجي ويا ته اوهانجو ڪم پورو ٿي ويندو، پر جي ڪامياب ٿي ويا ته اوهان جي سلطنت ۾ واڌارو ٿي ويندو.“
ڪسريٰ مُرڪيو.
اٺ سئو قيدي هئا، جيڪي سڀ ڏٽا مُٽا، ويڙهاڪ ۽ بدمعاش هئا، اڳواڻي هڪ ڪمانڊر ’دهرز‘ جي حوالي ڪئي ويئي، سڀئي قيدي اٺن ٻيڙين ۾ سوار ٿيا، ٻه ٻيڙيون رستي ۾ ٻڏي ويون، ڇهه ٻيڙيون يمن جي شهر عدن ۾ وڃي پهتيون، سيف حميريءَ به پنهنجي قوم جي ڪجهه ماڻهن کي گڏ ڪري دهرز جي ڪمان ۾ ڏنو، چيائين: منهنجو پير اوهان جي پير سان ڳنڍيل آهي، اسان جو جيئڻ مرڻ اوهان سان گڏ آهي.
ٻيئي فوجون مُنهان مُنهن ٿيون
پهرين دهرز پنهنجو پٽ موڪليو
مسروق بن ابرهه جي فوج کيس ماري ڇڏيو
دهرز ڪاوڙ ۾ چريو ٿي پيو
ٻئي فوجون آمهون سامهون اچي بيٺيون
دهرز چيو: مونکي هنن جو بادشاهه ڏيکاريو ته ڪٿي بيٺل آهي.
ماڻهن چيس ته هو هاٿيءَ تي سوار آهي، تاج پاتل اٿس ۽ پيشاني تي ڳاڙهو موتي سَجيل اٿس.
ڏٺوَ ؟
دهرز ڏسندو رهيو.
پوءِ پُڇڻ لڳو، هاڻ ڪٿي آهي؟
ساٿيءَ چيو: هاٿي تان لهي گهوڙي تي چڙهيو آهي.
دهرز چپ ٿي ويو، چيائين بيٺا رهو
ٿوري دير کانپوءِ پُڇڻ لڳو: هاڻ هو ڇا پيو ڪري
ساٿيءَ وراڻيو: هاڻ هو خچر تي چڙهيو آهي.
دهرز چيو: هاڻ سمجهو ته هو خوار خراب ٿيو ۽ سندس ملڪ به.
پوءِ پنهنجن ساٿين جو ڌيان ڇڪرائيندي چيائين:
ڏسو آءٌ تير ٿو ڇوڙيان، جيڪڏهن هو سڀ پنهنجي پنهنجي جاءِ تي ڄميا بيٺا رهن ۽ منجهن ڪا چر پر نه ٿئي ته اوهين به اطمينان سان پنهنجي پنهنجي جاءِ تي تيار ۽ ڦڙت ٿيا بيٺا هُججو، پر جيڪڏهن ڏسو ته هنن مسروقه بن ابرهه کي پنهنجي گهيري ۾ وٺي لاٿو آهي ته سمجهي وڃجو ته منهجو تير نشاني تي لڳو آهي ۽ هڪدم حملو ڪري ڏجو. پوءِ هُن ڪمان ڪشي تير وڌو ۽ ڇوڙيو ته سڏو وڃي ڳاڙهي موتي تي لڳو ۽ مٿي مان پار ٿي ويو، هو سواريءَ تان ڪري پيو ۽ ماڻهن کيس گهيري ۾ وٺي لاٿو. اُن مهل دهرز جي ساٿين حملو ڪري ڏنو، حبشي قتل ٿيا ۽ جنگ جي ميدان ۾ هار کائي وٺي ڀڳا. دهرز فاتح بنجي صنعا ۾ داخل ٿيڻ لڳو ته شهر جو دروازو ٿورو هيٺ هو.
هن چيو: دروازو ڊاهي ڇڏيو.
منهنجو جهنڊو هيٺ نه ٿيندو.
تنهن ڪري دروازو ڊاٺو ويو ۽ هو پنهنجي اوچي جهنڊي سان شهر ۾ داخل ٿيو.
دهرز يمن جو حڪمران بنجي ويو.
دهرز جي وفات کانپوءِ ڪسريٰ سندس پٽ مرز جان کي يمن جو حاڪم مقرر ڪيو، پوءِ ڪنهن سبب جي ڪري کيس معزول ڪري بازان کي حڪمران بنايو. جڏهن نبي پاڪ ﷺ ڪسريٰ کي ايمان آڻڻ جي لاءِ خط لکيو ته اُن وقت يمن تي بازان جي ئي حڪومت هئي.
ڪسريٰ ڏاڍو مغرور بادشاهه هو، کيس پيغمبر پاڪ ﷺ جو خط مليو ته هن بازان کي خط موڪليو ته مونکي خبر پئي آهي ته هڪ قريشي مڪي ۾ نبوت جي دعويٰ ڪئي آهي. تون وڃ کيس نبوت جي دعويٰ تان هٿ کڻڻ جي لاءِ چئو. جيڪڏهن هو مڃي ۽ تائب ٿئي ته فبها، نه ته (نعوذ باالله) هن جو سر قلم ڪري مونکي موڪلي ڏي.
بازان ڪسريٰ جو اهو خط پاڻ سڳورن جي خذمت ۾ موڪلي ڏنو .
حضور ﷺ بازان کي اُن خط جو جواب لکرايو، ”اڄ رات منهنجي رب تنهنجي رب کي قتل ڪري ڇڏيو آهي“.
اها جمادي الاول9هجريءَ جي ڏهين تاريخ هئي.
ٿورن ڏينهن کانپوءِ بازان کي خبر پئي ته ڪسريٰ کي سندس پٽ شيرويه قتل ڪري ڇڏيو آهي، ان ڪسريٰ جو نالو پرويز بن نوشيروان هو. اهو ئي رومي سلطنت تي غالب آيو هو. جنهن جو ذڪر سوره روم ۾ آهي.
بازان کي ڪسريٰ جي قتل جي خبر ملي ته هن رسول الله ﷺ تي ايمان آندو ۽ پُڇڻ لڳو يارسول الله اسين هاڻ ڪنهن ڏانهن منسوب آهيون؟
رسول الله ﷺ فرمايو: تون اسان جي اهل بيت مان آهين ۽ اسان ڏانهن منسوب آهين.
اُن کانپوءِ پاڻ سڳورن ﷺ يمن ۾ اسلام جي نشر و اشاعت جي لاءِ اصحابي سڳورن کي موڪليو، خالد بن وليد، حضرت علي، پوءِ ابو موسيٰ اشعري ۽ معاذ بن جبل هڪٻئي جي پويان يمن موڪليا ويا.
يمن جي حڪمرانيءَ جي حوالي سان قديم سيطح ۽ شق ڀوپن جي ٻُڌايل خواب جي تعبير پوري ٿي ويئي.