ڏُک جي سال ۾، پهريون ڏُک
ٽي سال بُک، اُڃ ۽ ڏکن کانپوءِ جڏهن نبوت جي ڏهين سال، ڏهين محرم واري ڏينهن آقاﷺ پنهنجي قبيلي بنو هاشم ۽ بنو مطلب سان گڏ عزت ۽ شان سان شعب ابي طالب مان واپس پنهنجي گهر موٽيا ته نون مهينن کانپوءِ ٽن ڏينهن جي اندر کين ٻن عظيم صدمن کي برداشت ڪرڻون پيو.
آقاﷺ کي پهريون صدمون پنجاھ سالن جي وهيءَ ۾ پنهنجي اُن عظيم مُحسن ۽ پياري چاچي سيدنا ابوطالب جي چالاڻي جي صورت ۾ سَهڻون پيو. جنهن ٻائيتاليهن سالن تائين آقاﷺ جي نگهداشت، سرپرستي ۽ فداڪاري اهڙي ته انداز ۾ ڪئي جو نبوت جي اعلان کان ڏهن سالن تائين سندس سرپرستي جي ڪري، بدنيت قريش آقاﷺ جو وار به ونگو ڪري نه سگهيا. سيدنا ابوطالب پنهنجي پيءُ سيدنا عبدالمطلب سان ڪيل پنهنجو وعدو ڪمال خوبيءَ سان پاڙيو، جنهن اٺن سالن جي يتيم پوٽي آقاﷺ محمد بن عبدالله کي سيدنا ابوطالب جي ڪفالت ۾ ڏيندي وَچن ورتو هو ته منهنجي هن پوٽي جي پنهنجي اولاد کان به وڌيڪ حفاطت ڪج. سيدنا ابوطالب سڄي زندگي اهو وعدو نباهيو. آقاﷺ پاڻ ئي چيو:
”هن پنهنجن پُٽن کي بَکيو رکي مونکي ڍئو ڪري کارايو ۽ پياريو.“
جيستائين آقاﷺ دسترخوان تي نه ويهندا هئا، تيستائين سيدنا ابوطالب پنهنجن ٻارن کي گرھ کڻڻ به نه ڏيندو هو. سيدنا ابوطالب کي پنهنجي پيءُ کان پيار ۽ اعتماد ته سڀني کان جَهجهو مليو، پر ورثي ۾ ملڪيت جو ڏهون حصو مليو. جيئن ته سيدنا ابوطالب کي بنوهاشم جي سرداري هلائڻ سان گڏ حاجين جي خدمت چاڪري، سارسنڀال ۽ کارائڻ پيارڻ جي ذميداري به ملي هئي، تنهنڪري سيدنا ابوطالب پنهنجي ٿوري ميڙي چونڊي، خدا جي گهر ايندڙ مزمانن جي خدمت چاڪري تي خرچ ڪندو رهيو.
اڪثر ڪتابن ۾ اهو غلط لکيل آهي ته سيدنا ابوطالب جو اولاد جهجو هو.
ائين نه هو. سڄي حياتي ۾ کيس چار پُٽ ۽ ٽي نياڻيون ٿيون. پٽن ۾ وڏو طالب هو، جيڪو ڪجهه عرصي کانپوءِ وڃائجي ويو هو. اُن کان ٻارهن سال ننڍو عقيل هو، جيڪو آقاﷺ کان عمر ۾ اَٺ سال ننڍو هو. يعني جڏهن آقاﷺ اٺن سالن جي وهيءَ ۾ پنهنجي عظيم چاچي سيدنا ابوطالب جي ڪفالت ۾ آيا ته ان کان اٺ سال پوءِ عقيل پيدا ٿيو.
اُن وقت سيدنا جي گهر ۾ ٻه ٽي ٻارڙا هئا، طالب ۽ آقاﷺ .
عقيل کان ٻارهن سال پوءِ جعفر پيدا ٿيو، جيڪو آقا کان عمر ۾ ويھه سال ننڍو هو،سيدنا جعفر کان ڏھ سال پوءِ سيدنا عليرضه جو جنم ٿيو. سيدنا علي، آقاﷺ کان عمر ۾ ٽيھه سال ننڍو هو، سيدنا علي جڏهن ڇهن سالن جو ٿيو ته آقاﷺ کيس پنهنجي چاچي کان وٺي پنهنجي گهر آيو؛ جيئن کيس پنهنجي اولاد جيان پالي سگهي، اُنهن ئي ڏينهن عمر ۾ آقاﷺکان ٽي سال وڏو خوشحال چاچو سيدنا عباس، سورهن سال جي سيدنا جعفر کي پنهنجي گهر ٽڪائڻ لاءِ ڳنهي آيو. هينئر سورهن سالن جو ڇوڪرو ڪنهن گهر ۾ ٻار نه هوندو آهي، پر پاڻ بار هلڪو ڪندو آهي. خاص طور تي انهن ڏينهن جڏهن سورهن سالن جي ڪنهن ٻارڙي جي ڪنهن ڪاليج يا اسڪول ۾ في نه ڏيڻي پوندي هئي، سورهن سالن جو ٻارڙو ته پاڻ گهر جي هر ڪم ڪار ۾ مددگار رهندو هو. اِهو سيدنا ابوطالب جو ايثار هو، جو هن پنهنجن ٻن پٽن کي اُنهن هستين جي حوالي ڪري ڇڏيو، جن سان هو محبت ڪندو هو، جنهن جو مقصد شايد اُن محبت کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ هو. ڪتابن ۾ سيدنا ابوطالب جي ٽن نياڻين جو ذڪر به ملي ٿو، پر گهڻو تفصيل آقا جي هم عمر سيده اُم هانيءَ جو ملي ٿو، جنهن جو اصلي نالو فاخته هو، باقي ٻه نياڻيون اُم طالب ۽ جمانه هيون
سيدنا ابوطالب کي پهرينءَ ڏينهن کان ئي خبر هئي ته آقاﷺ اڳتي هلي وڌُي شان وارو ٿيندو. سيدنا ابوطالب جي والد محترم سيدنا عبدالمطلب کي پنهنجي هن جليل القدر پوٽي جي عظيم ااشان جي زندگيءَ جي باري ۾ ڪوبه شڪ نه هو. اڻ ڳڻين جوتشين ۽ عاملن ۽ علم قيافه جي ماهرن آقاﷺ جي باري ۾ حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهيون ڪيون هيون. انهن ڳالهين ٻڌڻ کانسواءِ هن خون پنهنجي اکين سان ڏٺو هو ته ڏڪر وارن ڏينهن ۾ ماڻهو جڏهن کانئس دعا گهرائڻ لاءِ ايندا هئا ته هو پنهنجن هٿن ۾ پنهنجي ننڍڙي پوٽي جا هٿ کولي ٻُڪ مٿي کڻندو هو ۽ انهن ٻُڪن کڻڻ سان ئي سخت تپندڙ اُس ۾ اک ڇنڀ ۾ ڪڪر مِڙي ايندا هئا.
سيدنا ابوطالب پنهنجي وقت جو سٺو شاعر هو.
هن پنهنجن شعرن ۾ پنهنجي ڀائيٽي سان لاڳاپيل برسات لاءِ گُهريل دعائن جي اثر هيٺ، مڙي آيل ڪڪرن جي جُهومي اَچڻ جو ذڪر ڪيو آهي.
آقاﷺ جڏهن ٻارهن ورهين جا هئا ته سيدنا ابوطالب کي بصريٰ شام جي سفر تي وڃڻون پيو.
آقاﷺ پنهنجي محبوب چاچي کي پري سفر تي ويندي ڏسي روئي پيا هئا. سيدنا ابوطالب جون اکيون ڀَرجي آيون.
تاريخ ۾ اهي لفظ لکيل آهن، جڏهن پاڻ چيائين ته” نه منهنجو هي ڀائيٽو مون کانسواءِ ڪٿي رهي سگهي ٿو ۽ نه وري آءٌ پنهنجي پياري ڀائيٽي کانسواءِ ڪيڏانهن وڃي سگهان ٿو.“ پوءِ هو پنهنجي محبوب ڀائيٽي کي پاڻ سان وٺي ويو.بصري ۾ راهب بحيره کان آقاﷺ جي رسالت جي خبر ٻُڌي، سيدنا ابوطالب مرڪيو، ڄڻ هن پنهنجي پيءُ کان ٻُڌل پيشنگوئي کي ثابت ٿيندي ڏٺو هجي ۽ پوءِ بحيريٰ راهب جي چوڻ موجب ئي پاڻ پنهنجي ڀائيٽي کي وٺي مڪي موٽي آيو هو.
سيدنا ابوطالب کي ڪاروبار ۾ فائدي ۽ نقصان سان ڪابه دلچسپي نه رهي.
هو ته هرسال الله جي گهر ايندڙ مهمان حاجين کي ماڻهن کان قرض کڻي به کارائيندو ۽ پياريندو هو. ڪيترا ڀيرا ته هُن پنهنجي سُکئي ستابي ڀاءُ عباس کان قرض به کنيو. هڪ ڀيري سيدنا عباس قرض جي ادائيگيءَ جي جاءِ تي آب زم زم جي کوھ جي چشمي جا حق گهري ورتا. سيدنا ابوطالب سقايه جو اعزاز به پنهنجي ڀاءُ جي حوالي ڪري ڇڏيو.
سيدنا ابوطالب جي آزمائش تڏهن شروع تي جڏهن آقاﷺ تي آسمان مان لٿل حق جي پيغام جي رد عمل ۾ قريشي وڏيرن دشمني ڏيکاري. رسول اللهﷺ جا دشمن قريشي قبيلن جا سردار باربار سيدنا ابوطالب وٽ شڪايتون کڻي ايندا رهيا ته پنهنجي ڀائيٽي کي سمجهائي. سيدنا ابوطالب انهن سڀني جون ڳالهيون سُڻندو هو، پوءِ پنهنجي ڀائيٽي کي گهرائي رڳو اهو چوندو هو.
ڀائيٽا! جيڪو توکي سُٺو لڳي اهوئي ڪندو رَھ
ڪير تنهنجو وار به ونگو ڪري نه سگهندو.
آءٌ ويٺو آهيان.
بنوهاشم ۽ بنو مطلب جو سڄو قبيلو سيدنا ابوطالب جي هڪ اشاري تي پنهنجو سڀ ڪجهه قربان ڪرڻ جي لاءِ تيار هو. هن پنهنجي شعرن ۾ آقاﷺ جي دشمنن کي چٽي نموني چئي ڇڏيو ته اسين محمدﷺ بن عبدالله جي بچاءَ ۾ پوين پساهن تائين وڙهنداسين. هن جي ساڄي کاٻي، اڳيان پويان، چئني ڏسائن اسانجو ٻار توڙي ٻڍو مرڻ مارڻ جي لاءِ تيار آهي،، پر ڪنهن کي به محمدﷺ ڏانهن ميري اک سان ڏسڻ نه ڏيندو.
ڪجهه همراھ اُن وهم ۾ آهن ته هُن پاڻ کلي عام اسلام جي دعوت جي ڳالهه نه ڪئي، جڏهن رسول الله جا دشمن کانئس پڇندا هئا ته ’سردار اوهين ڪهڙي عقيدي تي آهيو؟‘ ته سيدنا ابوطالب وراڻيندو هو.
آءٌ پنهنجي وڏڙن جي مذهب تي آهيان.
رسول الله جا بي وقوف دشمن وقتي طور تي خوش ٿي هليا ويندا هئا.
سوچڻ جي ڳالهه آهي.
ڇا، سيدنا ابوطالب کي پنهنجن وڏڙن جي نالن جي خبر نه هئي.
خبر هئي.
سندس وڏڙا هئا.
سيدنا ابراهيم عليه السلام.
سيدنا اسماعيل عليه السلام.
جن جو اولاد سڀئي عرب آهن. هو جيڪڏهن حڪمت عمليءَ طور اها ڳالهه نه چوي ها ته بنو هاشم ۽ بنو مطلب ، اهي ٻئي قبيلا جن جو پاڻ سردار هو، جن ٻنهي قبيلن ۾ اُن وقت تائين اسلام قبوليندڙن جي گهڻائي به نه هئي، هو سيدنا ابو طالب جي اهڙي ڳالهه ٻُڌي، ٻنهي قبيلن ۾ بغاوت ڪري ڪنهن مُشرڪ، ابولهب جهڙي رسول جي دشمن کي پنهنجو سردار چونڊي وٺن ها. جنهن وقت آقاﷺ نبوت جو اعلان ڪيو هو، اُن وقت بنو هاشم جي وڏن ۾ هي چار ڀائر هئا، سيدنا ابوطالب، دشمن رسول ابولهب، سيدنا عباس ۽ سيدنا حمزه. سيدنا حمزه ته آقاﷺ کان ڇھه ڏينهن وڏو هو.
سيدنا عباس ٽي سال ڏينهن وڏو هو.
ابولهب، آقاﷺ کان عمر ۾ ارڙهن سال وڏو هو. سيدنا ابوطالب آقاﷺ کان عمر ۾ پورا ٽيهه سال وڏو هو. سيدنا ابوطالب کانپوءِ قبيلي جي سرداري ابولهب کي ئي ملڻي هئي. پر سيدنا ابوطالب ڪمال حڪمت عملي ۽ ڏاهپ سان آقاﷺ جي حفاظت ۽ سرپرستي اهڙي ته مضبوط جبل جيان ڪئي، جنهن ۾ هو ڪنهن هڪ گهڙيءَ جي لاءِ به لڏيو ۽ لميو ڪونه.
قومن جي عالمي تاريخ ۾ ڪوبه اهڙو شخص، ڪوبه اهڙو سردار، ڪنهن پيغمبر جو ڪوبه اهڙو ساٿي نه گذريو آهي، جنهن ٽن سالن تائين الڳ ٿلڳ ۽ ڪناره ڪش ٿي سڄي شهر جي اٺن قبيلن جي سماجي بهشڪار (بائيڪاٽ) جو مقابلو ڪيو، پر هڪ گهڙيءَ جي لاءِ به ڪنڌ نه جهڪايو، نه ڪڏهن هيڻي ٻُولي هجي.
شعيب ابو طالب ۾ سيدنا ابوطالب کي پنهنجي ڀائيٽي جي سلامتي ۽ زندگي جو ايترو ته اُلڪو رهندو هو، جو رات جو سمهڻ کان اڳ پنهنجي ڪٽنب جي سڀني ڀاتين کي سُمهاري رات جي پهرين ئي پهر ۾ آقاﷺ جي بستري تي اچي ويهندا هئا، ۽ ماٺ مٺيءَ ۾ آقاﷺ جي بستري تي ڪڏهن پنهنجي پُٽ عليءَ کي ته ڪڏهن عقيل کي سُمهاري ڇڏيندا هئا، ڪڏهن وري پاڻ ئي سندس بستري تي ليٽي پوندا هئا ۽ آقاﷺ کي بستري تي وڃي سُمهاريندا هئا، پوءِ رات جي ٻي پهر سندس بسترو بدلائيندا هئا، ايئن پاڻ هڪ رات ۾ ٽي ٽي ڀيرا آقاﷺ جو بسترو بدلائيندا هئا. کين ڊپ هو ته جيڪڏهن ڪو دشمن رسول آقاﷺ کي (نعوذبالله) نقصان پهچائڻ لاءِ هيڏانهن اچي ته سندس سڳو پُٽ قتل ٿي وڃي، پر آقا جي سلامتي برقرار رهي.
تاريخ ۾ اهڙي فداڪاري نه ڪنهن ڀائيٽي جي ڀاڳَ ۾ آئي، نه ڪنهن چاچي ڏيکاري ۽ نه ڏٺي وئي.
انهن ڏينهن سندس عمر ستهتر (77) سال هئي، جڏهن پاڻ پنهنجي قبيلي سان گڏ آقاﷺ کي پنهنجي حفاظت ۾ وٺي شعب ابي طالب ۾ ويو هو، ٽن سالن کانپوءِ جڏهن اُن بنجر، ويران ۽ اُس ۾ تپندڙ ماٿريءَ جي ڀڪَ مان نڪري جڏهن سيدنا ابوطالب سرفراز ٿي واپس مڪي موٽيا ته سندس عمر اسي سالن جي لڳ ڀڳ هئي. جسم هيڻون، بدن ڏکن سبب جُهريل هئس. پر کيس آقاﷺ آسمان مان آيل پيغام ٻڌائي چيو هو.
چاچا وڃو.
الله اڏوهي کي حڪم ڏيئي سوشل بائيڪاٽ جي معاهدي کي ختم ڪري ڇڏيو آهي. سيدنا ابوطالب کان وڌيڪ ڪنهن ٿي ڄاتو ته سندس ڀائيٽي نه ڪڏهن ڪوڙ ڳالهايو آهي، نه وري ڪڏهن خيانت ڪئي آهي، کيس خبر هئي ته هڪ ڏينهن اهڙو ايندو جڏهن آقاﷺ جو پيغام سڄي عرب توڙي عجم تي غالب اچي ويندي.
پاڻ اهي ڳالهيون چٽي نموني پنهنجن شعرن ۾ چيون اٿس.
جيئن عالم اسلام ۾ الله جي قربت، رسول جي مُحبت ۽ انسان دوستيءَ جا هڙئي رشتا تصوف ۽ ولايت جا سڀئي اهم سلسلا سيدنا ابوطالب جي فرزند ارجمند سيدنا عليرضه سان وڃي ملن ٿا، پر هڪ اهو سلسلو شايد ابوطالب ڏانهن وڃي ٿو اهوآهي، تصوف جو اهو سلسلو، جنهن کي ماڻهو ”سلسله ملامتيءَ“ جي نالي سان سُڃاڻن ٿا. ان سلسلي ۾ ماڻهو رڳو نيڪي ڪن ٿا، پر نيڪي کي لِڪائين ٿا.
ڪندا رڳو ڀلائي آهن، پر ان ڀلائي جو ڪريڊٽ پاڻ نٿا کڻن،
جيڪڏهن ڪو کين خراب چوي ٿو ته هو دل ۾ نه ڪندا آهن.
پر سندن سڄي وهي بُرائيءَ جي خلاف ڀلائيءَ کي چڪائيندي گذرندي آهي.
هن ماکيءَ جي مَک وانگر رَس ۽ خوشبو جي لاءِ ڪائنات جي سڀ کان سُهڻي سردار ۽ خوش رنگ گل، پياري آقاﷺ جي خوشبو ۽ ذائقي کي چِڪايو. اُن جي حفاظت ڪئي ۽ اها ماکي سڄي اسلامي اُمت جي لاءِ محفوظ ڪري ڇڏي، شايد ان ڪري ته ماڻهن کي خبر پوي ته حفاظت ۽ سرپرستي ڇا کي ٿو چئجي.
شعب ابي طالب مان موٽندي نوَ مهينا گذري ويا.
سيدنا ابوطالب جي موڪلاڻي جو وقت اچي سَهڙيو.
قريشي سردار هڪ ڀيرو ٻيهر گڏجي سيدنا ابوطالب وٽ حاضر ٿيا، اهي پنجويهه ڄڻا هئا. چيائون: سردار توکي خبر آهي ته اسانجي دلين ۾ تنهنجي ڪيتري نه عزت ۽ احترام آهي.اسانجي هڪ وينتي آهي ته اسان کان ڪي وَچن وٺ ۽ ڪي ٻول پنهنجي ڀائيٽي کان اسانکي وٺي ڏي. اسانجي وينتي اها آهي ته هو اسانجي خدائن کي گهٽ وڌ نه ڳالهائي ته اسين سندس خدا جي باري ۾ ڪجهه به نه چونداسين. هو پنهنجي مُنهن جيڪو وڻيس سو ڪري ۽ اسان کي پنهنجي مرضيءَ تي هلڻ ڏي. سيدنا سندن ڳالهيون ٻڌيون ۽ آقاﷺ کي گهرايو ۽ چيو: منهنجي جان کان پيارا منهنجا ڀائيٽا! شهر جا هي سردار ڪجهه وعدا ڪرڻ آيا آهن. هنن جون ڳالهيون ٻُڌ ۽ پوءِ جيڪو تنهنجي دل چوي اهو ڪر.
آقاﷺ وراڻيو:
هي سڀ منهنجي هڪ ڳالهه مڃي وٺن ته سڄو عرب ۽ سڄو عجم هِنن جي پيرن هيٺان هوندو.
ابوجهل چيو:
اسين هڪ نه پر ڏھ ڳالهيون مڃينداسين.
ٻڌاءِ ڪهڙي ڳالهه
آقاﷺ چيو: ڏھ نه رڳو هڪ ڳالهه مڃو ۽ چئو:
لاالھ الاّ الله
]ڪونهي ٻيو خدا سواءِ الله جي.[
ابوجهل، ابوسفيان بن حرب، اميه بن خلف، عتبه بن ربيع ۽ سندس ساٿي پريشاني جي حالت ۾ تاڙيون وڄائڻ لڳا ۽ سيدنا ابوطالب کي چوڻ لڳا، ”سردار اوهانجو ڀائيٽو ته اسانجي ڳالهه نٿو مڃي، پوءِ اسين ڪيئن هيترن سارن خدائن کي ڇڏي فقط هڪ خدا کي مڃون.“
سيدنا ابوطالب کين وصيت ڪئي
”اي قريشو! اوهين خدا جي مخلوق ۾ ممتاز ۽ عربستان جي دل آهيو
آءٌ اوهان کي هن عمارت (بيت الله) جي تعظيم جي وصيت ٿو ڪريان.“
مِٽن مائٽن سان رحم وارو سلوڪ ڪجو، اُنهن سان ٽوڙ جو نه، ڇو ته رحمدلي جي عمل سان عمر وڌي وڃي ٿي، ۽ رزق جي وڌڻ جو سبب بنجي ٿي.
اي قريش جي قوم، آءٌ اوهان کي محمدﷺ سان نيڪي جي وصيت ٿو ڪريان، هو قريش ۾ امين آهي ۽ جنهن جي ڪري مون اوهانکي وصيت ڪئي آهي ۽ هو اهڙي امر سان آيو آهي، جنهن کي سڀني دلين قبوليو آهي.
اي قريشو! پنهنجي ڀاءُ کي جهليو،
سندس دوست بنجي وڃو،
سندس حامي بنجي وڃو،
خدا جو سُنهن! اوهان مان جيڪو به اُن رستي تي هلندو، اهو ڀلائيءَ جي رستي تي هوندو ۽ جيڪو سندس طريقو اختيار ڪندو، اهو سعادت ماڻيندو.“
سڀني قريشي قبيلن جا سردار هليا ويا ته سيدنا ابوطالب، بنوهاشم ۽ بنو مطلب جي پنهنجن ماڻهن کي سڏيو،جيئن ٻائيتاليهه سال اڳ سندس والد محترم عبدالمطلب اَٺن سالن جي ننڍڙي حضورﷺ جو هٿ سندس هٿ ۾ ڏنو هو. ساڳئي طرح سيدنا ابو طالب، آقاﷺ جو هَٿ پنهنجي قوم جي هٿ ۾ ڏنو ۽ حڪم ڏنو ته اهو منهنجي ۽ منهنجي پيءُ جو حڪم آهي ته سڀ منهنجي هن ڀائيٽي جي حفاظت ڪجو، پوءِ ڀلي ڇا به ٿي پوي.
اهو چوندي سيدنا ابوطالب جو آواز ڌيمو ٿي ويو.
ڀرسان ويٺل سيدنا عباس ڪَن ڏئي سندس هلندڙ چپن کي ٻڌڻ لڳو. سيدنا ابوطالب جي پٿرايل اکين آسمان ڏانهن ڏسي ڪمري ۾ ويٺل آقاﷺ ڏانهن محبت سان ڏسندي چپن ۾ ڪجهه پڙهيو ۽ سدائين جي لاءِ خاموش ٿي ويو. سيدنا ابوطالب جا آخري چيل ٻُول ٻُڌي سيدنا عباس، آقاﷺ ڏانهن مُڙيو ۽ چيائين. ”ڀائيٽا! تون جنهن ڪلمي لاالھ الا الله جو چئي رهيو هُئين، ابوطالب پنهنجن آخري ساهن ۾ اهي ئي لفظ چيا.“ ]ابن هشام. ابن ڪثير[