ڪعبي جي نئين سر اَڏاوت
هر وڏو ڪم ٿيڻ کان پهرين اهو الله جو ارادو بنبو آهي.
پوءِ جيئن- جڏهن اُن ڪم کي ٿيڻون هوندو آهي. اهو ٿي ويندو آهي.
هاڻ، الله کي خبر هئي ته جڏهن آقاﷺ جي عمر چاليهه سال ٿيندي. فلاڻي تاريخ، فلاڻو مهينو، فلاڻو ڏينهن هوندو ته جبرائيل عه جي ذريعي الله پنهنجو ڪلام پنهنجي آقاﷺ تي لاهيندو. پوءِ آقاﷺ سڀني بني نوع انسانن کي خدا جي گهر کي مرڪز بڻائي، حق، برابري، رواداري ۽ سماجي انصاف جي اعليٰ قدرن طرف سڏيندا. خدا جي گهر مان جاهليت جون سڀئي علامتون ٽي سؤ اسي بُت کنيا ويندا. ڪعبو ٻيهر صرف الله جي آخري رسول سيد البشر آقاﷺ جي هٿان سجايو ويندو. بس الله ارادو ڪيو، مڪي جا قريش ڪعبي جي اڱڻ ۾ اچي ويٺا.
اُن وقت آقاﷺ جي عمر مبارڪ پنجٽيھه سال هئي.
پَر لڳي ٿو ته، الله کي پنهنجي گهر جي مٿي تي آقاﷺ جي هٿان نئين سر اڏاوت کانپوءِ افتتاحي تختي لڳرائڻي هئي. حجر اسود، سرڪار دو عالمﷺ جي هٿان لڳرائڻو هو.
ماڻهن جي ذهنن ۾ اهو سوال پيدا ٿيو ته ڪعبي جون پُراڻيون ڀتيون ڪيرائي، اُنهن جي نئين سر اڏاوت ضروري آهي. ان زماني ۾ ڪعبو هاڻوڪي شڪل ۾ نه هو.
ڪعبي جي عمارت چوڪنڊي هئڻ جي بدران مستطيل هئي.
هڪ ڊگهو ڪمرو هو
مٿان ڇت به نه هئي
ڀتيون، ننڍيون هُيون، جيڪڏهن ڪنهن هٿ مٿي تي کنيو ته ڀت جي آخر تائين هٿ پهچي ٿي ويس. چارئي ڀتيون لڳ ڀڳ اٺ نَوَ فوٽ بُلند هيون. دروازو به هڪ نه پر ٻه هئا. هڪڙو اندر گهڙڻ جو ۽ ٻيو ٻاهر نڪرڻ جو، شايد الله سوچي ورتو هو ته هاڻ آخري رسولﷺ ۽ آخري پيغام اچڻ وارو آهي.
دروازو هڪ هئڻ گهرجي
صرف اندر گهڙڻ جو
ٻاهر نڪرڻ جي ڪابه گنجائش رکڻ نه گهرجي.
الله کي جيڪو ڪرڻو هوندو آهي، خاموشيءَ سان ماڻهن جي دلين ۾ وجهي ڇڏيندو آهي.
چوندو آهي: ٿي پئه،
اهو ٿي پوندو آهي.
ايئن ئي جيئن خدا گُهرندو آهي.
زمين ۽ آسمان ۽ اُن جي وچ ۾ ڪير آهي، جيڪو الله جي حڪم کان ٻاهر هُجي، قريشن کي ڪعبي جي نئين سر اڏاوت جي لاءِ ڪعبي ۾ جيڪا شڪستگي ڏسڻي هئي، ڏيکاري ڇڏي.
ٿورو وقت اڳ اتي هڪ ٻوڏ آئي هئي. هونئن ته مڪي ۾ مينهن نه وسڻ جي برابر وسندو هو. سال ۾ هڪ ٻه ڀيرا مينهن وسندو آهي، سڄو سال موسم گرم هوندي آهي. مڪي جي چئني طرفن مٿانهان خشڪ بنجر ڳاڙها مٽيءَ هاڻا پٿريلا جبل آهن. انهن تي برسات وسي ته چئني طرفن کان پاڻي لاهياريءَ تي لهندو، مڪي جي بلڪل روح ۾ بيٺل ڪعبي جي ڀتين سان اچي ٽڪربو آهي. پاڻي جڏهن هڪ ڀيرو اُتي گڏ ٿيندو آهي. ته پوءِ هوريان هوريان اُس سبب ٻاڦ بنجي ئي ختم ٿي ويندو آهي. ٻوڏ آئي، ڪعبي جون ڀتيون ڪمزور ٿي ويون.
ڪعبي جي ڀتين تي غلاف پيو هوندو هو.
هڪ ڏينهن هڪ مائي عقيدت سبب اکيون ٻوٽي اُتي خوشبودار واس ڏيندي ڪعبي جي ڀت سان هلندي پي وئي. واس مان چڻگون اُڏري ڪعبي جي غلاف کي وڃي لڳيون. غلاف سَڙي ويو. باھ سبب پراڻيون ڀتيون وڌيڪ ڪمزور ٿي ويون.
ڪعبي جي اندر کڏ کوٽي، ڪعبي لاءِ نذراني طور آندل قيمتي شيون سنڀالي رکيون وينديون هيون، ننڍين ۽ ڪمزور ڀتين جي ڪري هڪ چور ڪعبي جي اندر ٽپي ويو ۽ اُتان ڪي قيمتي شيون اُڏائي ويو.
چون ٿا ته اهو عمرو بن خزاعه جو هڪ غلام ”وديڪ“ هو.
چور جهليو ويو.
کيس سزا به ملي
چون ٿا ته هن ڪعبي جي خزاني ۾ پيل هڪ سون جي هرڻ کي ڀُڳڙن مٺ تي ’ابو لهب‘ کي وڪڻي ڏنو. بهرحال، خدا جي گهر جو خزانو غير محفوظ هو. ماڻهن جي خيال ۾ اُن خزاني جو هڪ خدائي چوڪيدار هڪ وڏو نانگ هو.
ڪيترائي وال ڊگهو نانگ
جنهن جو مٿو بزغاله جهڙو هو، هيٺيون حصو اڇو ۽ مٿان صفا ڪارو. سياري ۾ هو اُس وٺڻ جي لاءِ ڪعبي جي ڀت تي چڙهي ويندو هو. ماڻهن اهو ڪيترائي ڀيرا ڏٺو هو ۽ اُن کان ڊڄندا هئا.
وڏا قريشي سردار ڪعبي جي ڀتين جي ڪمزوري ڏسي اُن جي نئين سر اڏاوت تي سهمت هئا.
نئين اڏاوت لاءِ جيڪو عمارتي سامان گهربل هو، خدا ان جو به اوچتو بندوبست ڪري ڇڏيو. ٿيو هيئن جو مصر جي رومي عيسائي سلطنت، يمن ۾ ابرھ جي جوڙايل وڏي ڪليسا کي سينگارڻ ۽ سنوارڻ لاءِ هڪ بحري جهاز ۾ عمارتي سامان ڀري موڪليو. سامونڊي جهاز عقبه جي بندرگاھ کان يمن طرف ڳاڙهي سمنڊ طرف روانو ٿيو.
رستي ۾ مڪو ٿي آيو.
عين مڪي وٽ، جدي کان ٿورو اورتي شيبه جي بندرگاھ جي ڀرسان اهو جهاز خشڪيءَ تي چڙهي ويو.
اوچتو سمنڊ جو پاڻي گهٽجي ويو، لو ٽائيڊ ۾ بحري جهاز جو پيٽ وڃي خشڪيءَ سان لڳو. جهاز جي اندر هزارين مڻ اڏاوتي سامان هو، جنهن ۾ ساگوان ۽ ديال جا پاٽيا، قيمتي پٿرن جون سرون، لوهي گارڊر، اڏاوت جا جملي اوزار ۽ ان سان گڏ هڪ مصري اڏاوت جو ماهر انجنئير به هو.
اُن جو نالو باقوم هو،
سامونڊي جهاز ڳاڙهي سمنڊ ۾ جتي ڦاٿو هو، مڪو اُتان کان ويجهي ۾ ويجهو شهر هو.
مڪي ۾ سامونڊي جهاز ڦاسڻ جي خبر پهتي.
مڪي جا قريشن سردار اڳ ۾ ئي روزانو ڪعبي جي نئين سر اڏاوت لاءِ منڊلي مچائي پيا سوچيندا هئا. اِهو ٻُڌي هو سمنڊ جي ڪناري پهتا. ڏٺائون ته خدا اڏاوت جو سڀ سامان ۽ اوزار ۽ گڏوگڏ اڏاوتي ماهر به موڪلي ڏنو آهي. هنن جهاز وارن سان ڳالهايو. بحري جهاز ته تباھ ٿي چڪو هو. ان جو ڪاٺ، جنهن مان اهو ٺاهيو ويو هو، اهو به وڪري لاءِ هو، جهاز وارن لاءِ اها غنيمت هئي ته کين جيڪو به اگهه ملي. مڪي جي قريشي سردار سڄي جهاز جو سامان سميت سودو ڪري ورتو. هنن اهو سامان اُٺن تي لڏي اچي ڪعبي جي اڱڻ ۾ ڍڳ ڪيو. ان اسان گڏ اڏاوتي ماهر باقوم به اُتي پهچي ويو.
اُنهن ئي ڏينهن مڪي ۾ ان مصري ڪاريگر باقوم جو هڪ شاگرد اڳ ۾ ئي ڪنهن ڪم سان آيل هو. باقوم کي پنهنجي مرضيءَ جو سيکاريل مددگار به ملي ويو. هاڻ قريشي سردار ڪعبي جي نئين ٺهندڙ ڊيزائن تي ويچارڻ لڳا.
ٻه ٽي شيون هنن طئي ڪيون هُيون.
هڪ اها ته ڪعبي جي نئين عمارت بنا ڇت بدران ڇت واري بنائڻي آهي. ڀتيون به نوَ فوٽ اوچيون رکڻ جي بدران لڳ ڀڳ ڇاليهه فوٽ مٿي رکڻيون آهن. پهرين کان پنج گهمرا مٿي، دروازا به ٻه نه پر هڪ رکڻو آهي. هڪ ٻيو به فيصلو ڪيو ويو هو ته جيڪو اڪيلو دروازو رکڻو آهي. اُن جي چائنٺ زمين کان ست فوٽ مٿي رکڻي آهي، ته جيئن هر ڪو اندر گهڙي نه سگهي. جنهن کي به اندر وڃڻو هوندو، ڏاڪڻ لڳائي اُن کي اندر موڪليو وڃي.
پر اهو سڀ ڪجهه تڏهن ممڪن هو، جڏهن ڪعبي جي پهريون ڪمزور ڀتيون ڪيرايون وڃن. پوءِ نيون ڀتيون ٺهن.. هيڏانهن هر ڪو ڪعبي جي ڀتين کي ڪيرائڻ کان لنوائي رهيو هو.
ڊپ
سڀني کي خبر هئي ته جيڪو به ڪعبي کي نقصان رسائي ٿو، اهو مٽيءَ ۾ ملي وڃي ٿو. ڪنهن ۾ به همت نه هُئي. آقاﷺ جو پڦڙ ابو وهب مخزومي قريشي بزرگن مان هو. هُن حجر اسود ۽ رُڪن جي وچين ڀت مان هڪ پٿر کنيو ته اهو پٿر سندس هٿ مان نڪري واپس اچي پناھ جي جاءِ تي لڳو.
ماڻهو اڃا به ڊڄي ويا.
ابو وهب جي ذهن ۾ جيڪا ڳالهه آئي، اها ٻي هُئي، جيڪا ڳالهه هُن چئي ڇڏي.
چيائين
ماڻهو ڏسو
هي الله جو گهر آهي.
ان ۾ اسين سڀ رڳو پنهنجي حلال جي ڪمائيءَ مان خرچ ڪنداسين..
جوا، بي حيائي، وياج ۽ ظلم مان ڪمايل پئسن مان ڪابه شئي هن ۾ استعمال نه ڪنداسين.
ماڻهن ڳالهه مڃي ورتي.
هاڻ ڪعبي جي نئين سر اڏاوت ۽ پراڻي ڪعبي جي عمارت کي ڊاهڻ لاءِ اُن جون ڀتيون قريش خاندان ۾ ورهايون ويون. سامهون جي دروازي واري اُڀرندي ڀت آقاﷺ ۽ سندس امڙ جي ڪٽنب جي حصي ۾ آئي، يعني عبدالمناف ۽ بنو زهره. حجر اسود ۽ رڪن يماني واري ڀت بنو مخزوم ۽ سندس حليفن کي ملي. اولهائين ڀت جي ذميداري بنو جمع ۽ بنو سهم جي ذميداري بڻي ۽ حطيم طرف واري ڀت بنو عبد الدار، بنو اسد ۽ بنو عديءَ جي لاءِ طئي ٿي. اُن پاسي پهرين حطيم ايئن نه هوندو هو. مستطيل ڊگهو ڪمرو هئڻ جي ڪري، حطيم واري جاءِ ڪعبي جي اندر شامل هئي.
ڪعبي جي نئين سر اڏاوت کان اڳ اُن جي ڊيزائن طئي ٿي هئي.
جيئن ته سڀ ڪعبي جي عمارت پهرين کان چار پنج ڀيرا اوچي رکڻ تي سهمت هئا، تنهڪري گمان آهي، ته جڏهن اڏاوتي سامان جي ڪعبي جي نئين ڊيزائين موجب ماپ ڪئي ويئي، ته اهو گهٽ پئجي ويو هوندو. ٿي سگهي ٿو ته قريشي سردارن، مصري ماهر باقوم سان به ڪعبي جي دلڪشي، مضبوطي ۽ شانائتي عمارت جي خط و خال جي لاءِ صلاح مصلحت ڪئي هجي. بهرحال طئي اهو ٿيو ته ڪعبي جي عمارت مستطيل نه پر چُوڪنڊي ۽ اوچي ڇت واري هوندي. ۽ حطيم واري پاسي ڪعبي جي حد ۾ ڀت جيڪا پهرين نوَ فوٽ اوچي هئي، اِها هاڻ پوڻا چار فوٽ اوچي رکي ويندي ۽ ان تي ڇت نه هوندي. ڪعبي جي ان پاسي واري ڀت سان ٻنهي پاسن ٻه کليل رستا به هوندا ته جيڪو به گُهري اندر اچي ويهي عبادت ڪري.
ٿيو ته سڀ اهو ئي.
پر هاڻ خدا پنهنجن ٻانهن جي لاءِ پنهنجي گهر جي اندر ان هنڌ حطيم ۾ اچڻ جي لاءِ ڪوبه دروازو نه رکيو. حطيم ۽ ڪعبي جي وچ واري جاءِ يقينن ڪعبي جي اندر جي جاءِ آهي. ڪعبي جو طواف حطيم جي ننڍي ڀت جي ٻاهر هلي ئي ٿيڻون هو. ٿيندو آهي. اُن هنڌ ڪعبي جي ڇت تان برسات جي پاڻيءَ جي ڪرڻ جي لاءِ نارو به ڊزائين ڪيو ويو.. اهو ”ميزاب رحمت“ اڄ به اتي ئي موجود آهي ۽ حطيم جي اندر اَبررحمت جي ڪعبي جي ڇت کي چمي سڳورو پاڻي هيٺ ڪيرائي ٿو.
جيڪو اُن پوتر پاڻيءَ ۾ وهنجي، اُن کي دوزخ جي باھ ڇهي نٿي سگهي. اهو آقاﷺ جو فرمان آهي.
سڀ ڪجهه طئي ٿي ويو، پر ڪعبي جي پُراڻين ڀتين کي ڪير ڪيرائي؟
سڀ ڪو ڊنل هو.
ماڻهن کي ڊپ هو ته خدا جي گهر جون سِرون اکُيڙڻ جي ڪري مَتان هو ڪنهن آسماني ڏمر ۾ وٺجي نه وڃي.
ڪنهن به سِرَ پٽڻ همت نه پي ڪئي.
نيٺ قريشي مخزومي قبيلي جو هڪ پوڙهو همراھ وليد بن مغيره (خالد بن وليد جو پيءُ) اڳيان وڌيو. هن همت ڪئي ۽ وڏي آواز ۾ چيو.
اي الله ! اسان جي نيت خراب ڪونهي.
اسين تنهنجي گهر جي پراڻين ۽ ڪمزور ڀتين کي ڊاهي، مضبوط ۽ وڏيون ڀتيون ٺاهڻ ٿا گهرون.
اسان جي مدد ڪر
اسان جي پڪڙ نه ڪر.
اهي ڳالهيون ڪري هن پنهنجي قبيلي جي طئي ٿيل حجر اسود ۽ رڪن يماني جي وچ واري ڀت جي مٿان ڪوڏر سان ڪجهه پٿر ڪيرايا..
سڀيئي قريشي ساھ روڪي ڊپ مان کيس ڏسندا رهيا.
اُن ڏينهن ڪنهن سان ڪنهن ڪجهه به نه ڳالهايو.
هرڪو چپ
ماٺ
ماڻهو ڊپ مان وليد بن مغيره کي ائين تڪڻ ٿي لڳا، ڄڻ مٿس ڪا وڏي آفت اچڻ واري آهي.
رات ٿي ويئي
هر ڪو ماٺ مٺيءَ ۾ پنهنجي گهر هليو ويو.
سڀني جا مُنهن پيلا هئا.
ڪجهه ٿي نه پوي. ؟
ڪا آفت نه ڪَڙڪي
کين ٻي ڏينهن صبح جو اوسيئڙو هو.
هُنن چاهيو ٿي ته ڏسن ته وليد بن مغيره کي ڪهڙي سزا ملي.
ٻي ڏينهن صبح جو وليد بن مغيره به هُنن وانگر ئي هو.
هو بَچي ويو
کيس ڪابه سزا نه ملي
ماڻهن جو ڊپ نڪري ويو
هڪ ڊپ وڃي بَچيو
ڪعبي جي پراڻي عمارت جي اندر هڪ ڊگهو نانگ هو.
اُن ڏينهن صبح جو اها خوشخبري به اچي ويئي. ٿيو هيئن ته نانگ نڪري اُس ۾ پاڻ کي سيڪڻ لاءِ ڪعبي جي هڪ ڀت تي ليٽيو پيو هو. جو اوچتو آسمان تي هڪ عُقاب ظاهر ٿيو. عُقاب ڪعبي طرف آيو ۽ نانگ کي پنهنجي چنبن ۾ جُهلي، چهنبون هڻندو اُڏري ويو.
ماڻهو خوشيءَ مان ٽپا ڏيڻ لڳا.
پهرين ڇرڪيا.. پوءِ خوشي مان جُهمريون هڻڻ لڳا.
ماڻهن ڏٺو ته عقاب نانگ کي چهنب سان گهائي ۽ پنجن سان مروڙي مڪي جي ڀرسان ’اجيار‘ طرف گهڻو پري کڻي وڃي اڇليو.
ماڻهو خوش ٿي ويا.
هنن جي دلين مان ڪعبي جي نئين سر اڏاوت جا سڀ ڊپ ۽ وسوسا نڪري ويا.
سڀ قريشي، ڪعبي جي طئي ڪيل پنهنجي حصي جي ڀتين کي ڪيرائڻ ۾ جُنبي ويا. چون ٿان ته ڪعبي جي پراڻين ڀتين کي قديم بنياد تائين ڪيرايو ويو. قديم بنيادن ۾ اُٺ جي ٿوهن جهڙا وڏا ساوا پٿر لڳل هئا. هڪ قريشي پنهنجي پاهوڙي کي انهن بنيادن جي سبز پٿرن ۾ ڦاسائي انهن کي لوڏڻ گهريو ته مڪي جي سڄي بستيءَ ۾ هڪ هولناڪ زلزلي جو جهٽڪو آيو.
روشنيءَ جو هڪ تيز اُلانڪتو، جنهن سان ڄڻ اکيون کيريون ٿي ويون ۽ سڄي بستي لڏڻ لڳي.
ڪعبي جي ڀتين تي ڪم ڪندڙ قريشي لڙڪي پيا.
ڊپ سبب هنن جا منهن اَڇا ٿي ويا.
اکين جون ماڻڪيون ڦري وين.
بُت ڏڪڻ لڳن.
لُڏيل سبز پٿر به کڙاڪ سان واپس وڃي پنهنجي جاءِ تي لڳو.
هو سمجهي ويا ته ڪعبي جي بنيادن ۾ جڙيل پٿرن کي لوڏڻ جي موڪل ڪونهي. کين خبر هئي ته بنياد جا اِهي پٿر سندن عظيم وڏڙن سيدنا ابراهيمعه ۽ حضرت اسماعيلعه جي هٿن سان لڳايل آهن، جن جي نشاندهي جبرائيل عليه السلام جي ذريعي خدا پاڻ ڪئي هئي.
انهن بنياد جي پٿرن کي خدا لوڏڻ ٿوري ڪوڏي ها.
پوءِ وري ڪنهن به قريش بنياد جي ڪنهن پٿر کي هٿ نه لڳايو. ابن ڪثير لکي ٿو : انهن ڪعبي جي بنيادن جي سبز پٿرن مان رڪن يماني وٽان پٿر جو هڪ ڪتبو مليو. جنهن ۾ سرياني زبان ۾ ڪا لکت لکيل هئي. اتي هڪ يهودي عالم موجود هو، جنهن اها لکت پڙهي لکيل هو:
”آئون الله آهيان، مالڪ ڪُل، مون زمين ۽ وقت جي تخليق جي ڏينهن، سج ۽ چنڊ کي پيدا ڪرڻ مهل هن جاءِ کي پيدا ڪيو ۽ سَتن ملائڪن جي پرن سان هن کي ڍڪيو. جيستائين هن بستيءَ جا پهاڙ قائم آهن. هيءَ قائم آهي ۽ هن جو پاڻي ۽ کير برڪتن ڀريو آهي.“
اُتان ٻه ڪتبا ٻيا به مليا.
هڪ تي لکيل هو:
”جيڪو نيڪي پوکيندو، خوشي حاصل ڪندو، جيڪو بُرائي پوکيندو، شرمساري ملنديس. بُري عمل جو بدلو نيڪ نه هوندو. اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته ڪَنڊن واري هٿ مان انگور حاصل ٿين.“
ٽين ڪتبي تي لکيل هو:
”مون خير ۽ شر ۽ تقدير پيدا ڪئي، مبارڪ آهي نيڪ عملن وارو شخص ۽ بدڪردار جي لاءِ افسوس آهي.“
چون ٿا ته اِهي ٽئي ڪتبا جتي هئا اُتي ئي ڀت ۾ لنُبيا ويا.
ڪعبي جي عمارت اڏجي ويئي.
ڇت ٻائيتاليهه فوٽ اوچي. پوڻن ٽن گزن جي بلنديءَ تي ڪعبي جو دروازو ’ملتزم‘ رکيو ويو. اُن جي چائنٺ سوا ٽي گز اوچي جوڙي ويئي. ڪعبي جون چوڪنڊيون ڀتيون ڏسڻ ۾ ته هڪجهڙيون ٿيون لڳن، پر انهن جي ڊيگهه هڪجيتري ڪونهي. ملتزم واري اوڀرندي ڀت ۽ ان جي مخالف اولهائين ڀت، باقي ٻن ڀتين کان ٻن فوٽن جيتري اوچي آهي. اهي ٻه ڀتيون به پاڻ ۾ هڪجيتريون ڊگهيون نه آهن. سامهون واري ’ملتزم‘ واري ڀت سڀني ڀتين کان ڊگهي آهي. اها ڪا تيرهن گز ڊگهي آهي. اُن جي مخالف سامهون واري پوڻا تيرنهن گز. باقي ٻنهي طرفن جون ڀتيون گهٽ وڌ يارنهن يارهن فوٽ ڊگهيون آهن.
عمارت مڪمل ٿي ويئي.
ڇت وڌي ويئي
نارو لڳايو ويو
حطيم جي ڀت به تيار ٿي ويئي.
دروازي ۾ چائنٺ به لڳي ويئي.
هڪ آخري مرحلو رهجي ويو هو
’خانه خدا‘ جي چهري تي جنهن پٿر کي چُمي يا چمڻ جو اشارو ڪري، ان گهر جو طواف شروع ڪيو ويندو آهي، اُن آسمان مان لٿل سڳوري پٿر حجر اسود کي پنهنجي جاءِ تي هڻڻ جو وقت اچي ويو هو.
ڄڻ تيار ٿيل عمارت تي نيم پليٽ هڻڻ جو سمئه اچي ويو.
هاڻ سڀني قريش قبيلن ۾ اچي بحث ڇڙيو. خواهش هئي ته سڳورو پٿر هڻڻ جو اعزاز سندس قبيلي کي ملي.
بحث وڌي ويو
هُل مچي ويو
تيز جملن کانپوءِ ماڻهن مياڻين مان تلوارون ڪڍي ورتيون
خطرو هو ته سڀ قريش قبيلا پاڻ ۾ رتو ڇاڻ نه شروع ڪري ڇڏين،
قريشن ۾ اڳ ۾ ئي قبيلن جا ٻه ٽولا بنيل هئا.
هڪڙو رت سان ڀريل پيالي ۾ آڱريون ٻوڙي قسم کائڻ وارو ٽولو ”لعقتھ الدم“، ۽ ٻيو خوشبوءَ سان ڀريل پيالي مان هٿ ٻوڙي قسم کائيندڙ ” مطيبئن.“
حالتون ڇڪتاڻ واريون ٿي ويون.
نوبت جنگ تائين اچي پهتي
لڙائيءَ جي لاءِ هٿيار گڏ ٿيڻ لڳا.
جنگ ۾ جيڪي نغارا وڄائبا هئا، قبيلن جا غلام اِهي کڻي اچي وڄائڻ لڳا.
ڊم ڊم ... ٿيڻ لڳي.
هر ڪو جان جي بازي لڳائي اهاسعادت حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪُڏڻ لڳو. اُن مونجهاري ۾ چار پنج ڏينهن گذري ويا. پر ماڻهو ڏينهن رات اتي ئي ڪعبي جي اڱڻ ۾ ديرو ڄمائي ويٺا هئا. ان کان اڳ جو سڀ قريشي قبيلا پاڻ وڙهي تباهه ٿين هڪ انصاف تي ٻڌل فيصلو ٿي ويو. قريشن جي سڀني کان وڏڙي بزرگ سردار ابو اُميه بن مغيره بن عبدالله بن عمرو بن مخزوم چيو:
’اي قريشيو !
ڪيترن ئي ڏينهن کان اوهين هِتي ويٺا آهيو. پر ڪوبه فيصلو نه پيا ڪري سگهو. ٺيڪ آهي هاڻ ڪنهن اهڙي شخص جو فيصلو مڃينداسين، جيڪو هتي موجود ڪونهي. اسين فيصلو ڪنهن ٻي مهل تي نٿا رکون، متان ڪو چوي ته ڪنهن اُن ۾ چالاڪي ڪئي آهي.
اڄ سج لهڻ کان اڳ ڪو فيصلو ڪرڻو آهي.
هاڻ هيڏانهن ڏسو
باب شيبه ڏانهن، هاڻ جيڪو به شخص هن دروازي مان گهڙي ڪعبي ۾ داخل ٿيندو، اهو اسان سڀني جو متفقه امين هوندو.اِهو جيڪو به فيصلو ڪندو، پوءِ ڀلي ڪهڙو به هُجي، اهو پاڻ سڀ مڃينداسين.
ٻڌايو: منظور اٿوَ.
سڀني چيو: هائو منظور آهي.
اهو سج لڙهڻ جو وقت هو
گرمين جا ڏينهن هئا
تيز اُس هئي.
ماڻهو ڪعبي جي ڀت جي ڇانوَ ۾ منتظر نظرن سان ”باب شيبه“ طرف ڏسڻ لڳا ته اُتان ڪير ٿو اندر اچي، هينئر اُن دروازي جو نالو ’باب السلام‘ آهي. سڀ ماڻهو ڪنڌ ورائي ورائي ميڙ ۾ بيٺل پنهنجي پنهنجي قبيلي جي ماڻهن کي تڪي رهيا هئا.
سوچي رهيا هئا.
سندن قبيلن جا سڀئي چڱا مڙس ته اُتي گڏ آهن،
ڪير ايندو؟
ڪعبي جي ڀت جو ڇانورو ڊگهو ٿيندو پي ويو.
سڀ ڪعبي جي اُوڀرندي ڀت جي ڇانوَ ۾ گڏ هئا.
سج ڪعبي جي ڇت کي ڇُهندو ڇت کان اولهه طرف لهي رهيو هو.
ڪعبي جو پاڇو ڊگهو ٿيندو ڪعبي جي اڱڻ جي مٽي ۽ پٿرين تان سِرڪندو ”شيبه“ جي چائنٺ طرف وڌي رهيو هو.
ڪعبي جي اڱڻ ۾ رکيل هڪ دُهل کي هڪ غلام ڏونڪي سان وڄائي رهيو هو..
سڄي اڱڻ ۾ سانت هئي.
دُهل جي وڄت ۾ ماڻهو پنهنجي دلين جي تيز ڌڙڪن ٻُڌي رهيا هئا.
بي چين ۽ منتظر .
سج اولهه ۾ اُلهي رهيو هو، ڄڻ هو اوڀر مان اُڀرندڙ ’ماھ ڪامل‘ جي حضور ۾ سجدو ڪرڻ جي جاءِ ڳولهي رهيو هجي.
ڪعبي جو پاڇو، اُن جي ڇت جي سڳورپ کي پاڻ سان ويڙهي ڪعبي تان پيرن اگهاڙو هيٺ لهي ” شيبه“ طرف وڌي رهيو هو.
دُهل تي هڪ زوردار ڏونڪو پيو
۽ سجدي ۾ پيل پاڇو باب شيبه جي چائنٺ تائين پهتو ته ماڻهن ڏٺو ته ڪنهن جا قدم چائنٺ تي پيا آهن.
ماڻهن ڪنڌ مٿي کنيو
سج سِيس نوائي ڇڏيو.
شام جي سنهري اُس جي ڪرڻن سان اُن دروازي مان داخل ٿيندڙ شخص جو چهرو چمڪيو.
سڀئي ماڻهو خوشيءَ مان هُوڪريا ڪرڻ لڳا.
مرحبا... ڀلي ڪري آيا.
دُهل جي وڄت ماڻهن جي دلين جي ڌڙڪن کان تيز ٿي ويئي.
هُل مچي ويو.
هي ته الامين آهي.
محمد بن عبدالله ﷺ آهي.
اسين هن جي فيصلي تي راضي آهيون.
آقا ﷺ وکون کڻندو ميڙ وٽ پهتو
ڪجهه ڏينهن کان آقا ﷺ مڪي کان ٻاهر ويل هئا.
ڪعبي جي نئين سر اڏاوت ٿي رهي هئي. ٻين ماڻهن وانگر آقا ﷺ به پنهنجي هٿن سان ڪعبي جي نئين سر اڏاوت ۾ پنهنجي قبيلي جي حصي جي دروازي اُوڀرندي ڀت ۾ پٿر کڻي هنيا هئا. چئن پنجن ڏينهن کان جيڪو تڪرار هلندڙ هو. آقاﷺ اُن کان اڻ وقف هئا.
ماڻهن پنهنجو پنهنجو نقطه نظر پيش ڪيو.
آقا ﷺ سڀني جي ڳالهه ٻُڌي
پوءِ مُرڪي پنهنجي ڪلهي تان ڪاري ڪَملي لاٿي
ڪعبي جي چئني ڀتين جي ذميوار قريشن جي سردار قبيلن کي چيو ته هن چادر جون چارئي ڪنڊون جهليو. قريش سردار حيرت ۽ خاموشيءَ سان آقا جي ڳالهه ٻُڌي رهيا هئا. سندن سمجهه ۾ ڪجهه به نه پي آيو، پر سندن چهرا ٻُڌائي رهيا هئا ته هو آقا ﷺ جي تدبير ۽ انصاف کان مطمئن آهن.
هنن، اهوئي ڪيو جيڪو آقا ﷺ کين چيو.
هو سڀئي اڳ ۾ ئي مڃي چڪا هئا ته جيڪو به فيصلو ٿيو، هو منظور ڪندا. فيصلو اهو ته ’حجراسود‘ کي ڪعبي جي ڪُنڊ وٽ مقرر جاءِ تي سوا چار فوٽ مٿانهين تي هڻڻون هو.
سڀني سردارن آقا ﷺ جي چادر جون چارئي ڪُنڊون جهليون
آقا ﷺ چادر کي هيٺ رکڻ جو اشارو ڪيو.
سڀئي آقا ﷺ جي گوڏن وٽ جهڪي ويا.
جُهڪي پٽ تي چادر رکيائون. آقا ﷺ حجر اسود جي سڳوري پٿر کي کڻي چادر جي وچ ۾ رکيو ۽ سڀني ڪنڊن جهليندڙ سردارن کي چادر مٿي کڻڻ جي لاءِ چيو.
’حجر اسود‘ ڪاري ڪملي جي وچ ۾ پيو هو.
جتي پيو هو، اُتي آقا ﷺ جي چادر جُهڪيل هئي.
چادر جون چارئي ڪُنڊون قريشن جي سردارن ۽ انهن جي حليفن جهلي رکيون هيون. هوريان هوريان چادر مٿي کڄي رهي هئي.
چادر مٿي کڄي ويئي
جڏهن چادر ۾ پيل حجر اسود عين پنهنجي جاءِ جي برابر پهتو ته آقا ﷺ سڀني کي بيهڻ جو اِشارو ڪيو. حجر اسود جي خالي جاءِ جي سامهون آقا ﷺ جي ڪاري ڪمليءَ ۾ ڪارو سڳورو پٿر رکيو هو. چادر جون چارئي ڪُنڊون قريش سردارن جي هٿن ۾ جهليل هيون.
آقا ﷺ ڪجهه وکون اڳتي وڌيا.
پنهنجا پير، پنهنجي پيرن سان پنهنجي عظيم وڏڙي سيدنا ابراهيم عليه السلام جي پيرن جي نشانن تي رکيا، ۽ پنهنجا هٿ وڌايا.
پوءِ ٻنهي هٿن سان پنهنجي چادر ۾ پيل حجر اسود کنيائون ۽ پنهنجن هٿن سان مقرر جاءِ تي هنيائون.
جڏهن پٿر طاق تي رکجي ويو ته سڀني جي هٿن ۾ جهليل پنهنجي چادر لڳايل سڳوري پٿر کي پنهنجن هٿن سان دٻائي پٿر کي چڱي طرح ڄمايائون.
آقا ﷺ پنهنجي چادر سان پٿر کي پنهنجي جاءِ تي ڄمائڻ جي لذت ۾ سڀني قريش سردارن کي به شامل ڪيو.
سڀني واري واري سان آقا ﷺ جي چادر سان حجر اسود کي چمڪايون ۽ هر ڪنهن کي اُن عمل کان پوءِ حجر اسود کان پهرين آقا ﷺ جي چادر چمي.
آسمانن تان لٿل سڳورو پٿر پنهنجي گُهربل مٿانهين تي پهچائڻ ۾ هُنن سڀني جا هٿ شامل هئا. اُن سمئه شايد خدا به مُرڪي رهيو هوندو ته ڏٺوَ پنهنجي گهر جي نئين سر اڏاوت کانپوءِ پنهنجي گهر جي سڳوري چهري تي پنهنجو سڳورو پٿر پنهنجي محبوب رسول ﷺ جي هٿن سان لڳرائڻون هو. سو لڳرايم. جنهن گهر جو بنياد پنهنجي خليل ابراهيمعه کان رکرايم، اُن جو افتتاحي پٿر سيدالبشر ﷺ جي هٿن سان سَجايم.