بَدر ثاني ...
آقا صلي الله عليھ وسلم کي سيدنا عباس جو پيغام پهتو.
ابو سفيان ٻن هزارن جو لشڪر ساڻ ڪري بددليءَ مان بدر طرف روانو ٿيو آهي. ساڻس گڏ پنجاهه گهوڙا به آهن.
آقا صلي الله عليھ وسلم ته تيار ويٺا هئا.
اصل ۾ ابو سفيان پاڻ به ڊنل هو.
هن چاهيو ٿي ته مسلمان ڪنهن طريقي سان ڊڄي وڃن
بدر نه اچن
هُن هڪ جوڻيت به مديني موڪليو.
نعيم بن مسعود- کيس اهو ڪم سونپيو ويو ته تون مديني جي ماڻهن کي ڊيڄار ته ابو سفيان مسلمانن کي پاڙؤن پَٽي ڦِٽو ڪرڻ جي لاءِ هڪ وڏو لشڪر تيار ڪيو آهي.
هو ڊيڄارڻ آيو هو.
پر مسلمان ڀَڙڪي پيا.
کين احد جا زخم ياد اچي ويا.
هن ڀيري ابو سفيان کي ڇڏڻون اصل نه آهي.
هر ٻار به تيار ٿي ويو.
جوش سبب سڀني جا مُنهن تپي ڳاڙها ٿي ويا.
ڳالهه به کَري هئي
ماڻهن جو ايماني جذبو به ڪمال جي حد تي پهتل هو.
ٻيو ته گذريل ڏينهن بيئر معونه ۽ رجيع جي المناڪ واقعن کانپوءِ مسلمانن کي بنو نضير تي شاندار سوڀَ حاصل ٿي هئي ۽ اُن بدر ثانيءَ جي لاءِ ته هڪ سال اڳ احد مان واپس ورندي خود ابو سفيان مسلمانن کي للڪار ڏني هئي، جيڪا للڪار سُڻي آقا صلي الله عليھ وسلم فرمايو هو: ”منظور آهي... انشاء الله پهچنداسين.“
مقرر وقت جي گهڙي شعبان 4 هجري اچي ويئي.
آقا صلي الله عليھ وسلم للڪار کي پورو ڪرڻ جي لاءِ ڏيڍ هزار جو لشڪر وٺي بدر طرف روانو ٿيو. جهنڊو سيدنا عليرضه جي هٿ ۾ هو. مديني جو انتظام عبدالله بن رواحه جي حوالي ڪيو ويو ۽ ٻيهر اُن بدر جي ميدان ۾ پهچي ويا. انهن ڏينهن بدر ۾ عرب قبيلن جو ساليانو ميلو هو.
چوڌاري ان جنگ جو هُل متل هئي.
مسلمانن جي فوج پهچي چڪي هئي.
ابو سفيان ۽ سندس لشڪر جو اوسيئڙو هو.
عرب قبيلن جي لاءِ اها جنگ کان وڌيڪ هڪ اکين ڏٺي مئچ هئي ته ڏسجي ته ڪير ٿو کٽي-؟
ابو سفيان بن حرب به پنهنجو لشڪر وٺي نڪتو. وٽس ماڻهو ته ٻه هزار هئا، پر دل ۾ لکين وسوسا هئس.
ڊپ...
کيس ۽ سندس ساٿين کي بدر جي پهرين جنگ ياد هئي، جنهن ۾ 313 مسلمانن 950 قريشن کي سندن سردارن سميت اُڊيڙي ڇڏيو هو.
هينئر ته مسلمان پندرهن سئو جي فوج سان اُتي پهتا هئا.
عرب قبيلن ۾ هُل مَتل هو.
ابو سفيان کي ڀَڄڻ لاءِ ڪو بهانو گهربل هو.
اڃا غطفان، خيبر ۽ مديني جي منافقين سان سندس معاهدا نه ٿيا هئا، هو اڪيلو قريشن سان گڏ جنگ کٽي نٿي سگهيو. اها ڳالهه هو چڱي طرح سمجهي رهيو هو.
ڪهڙو بهانو ڪريان؟
هو مڪي کان ٻاهر ”مرالظهران“ ۾ اچي ويهي رهيو. جاسوس کيس اچي ڊيڄاري رهيا هئا. هو سوچي سوچي پوڙهو ٿيڻ لڳو.
نيٺ هن پنهنجي ساٿين کي مخاطب ٿي چيو:
”ڀائرو!
جنگ تڏهن مناسب ۽ موزون هوندي آهي، جڏهن شادابي ۽ ساوڪ هُجي. گاهه پَٺو ۽ چاري جي گهڻائي هُجي. وَهٽ دل کولي چَري ڦِري سگهن. اسين انگور ۽ کجور جو شراب پي سگهون. ڍءُ ڪري اُٺڻين جو کير پيئون.
هينئر سُوڪهڙو آهي
ڪو سائو پَن به نظر نٿو اچي.
کوهه سُڪل آهن.
تنهن ڪري آءٌ ته واپس پيو وڃان.
اوهان کي به اهائي هدايت آهي ته واپس هلو-“
جڏهن قريش جو سپهه سالار ئي ايترو ڀاڙيو هُجي ته پوءِ باقي فوج ۾ ڪهڙو ٻَل هوندو. هُنن ڪنڌ جهڪائي پنهنجا اُٺ ۽ گهوڙا مڪي شهر ڏانهن موڙيا ۽ پُڇ پائي وٺي ڀڳا.
هيڏانهن بدر جي ميدان ۾ اٺن ڏينهن تائين مسلمانن جشن ملهايو.
اها جنگ مسلمانن جي لاءِ ”واڪ اوور“ هئي.
وڙهڻ کانسواءِ ئي کٽي ورتائون.
کٽيائون به ايئن ته بدر جي ميدان ۾ آيل عرب قبيلن جي هزارين ماڻهن تي سندن ڌاڪو ويهي رهيو.
احد جي جنگ ۾ مسلمانن جي جاني نقصان سبب وقتي طور تي جيڪا سندن لاءِ هوا کڙي ٿي هئي، اها نه رڳو بحال ٿي، پر ان ۾ سگهه به آئي ته نکار به پيدا ٿيو.
ڪيترائي نوان قبيلا مسلمانن سان ٻڌي ۽ سهڪار ۾ اچي گڏيا.
نوان حليف بڻيا.
پراڻڻ وعدن جي تجديد ٿي.
جيڪڏهن ڪو قبيلو عهد ٽوڙي ويٺو هو ته هُن اهو ٻيهر قائم ڪري ورتو.
اُن سان گڏ ان واپاري ميڙي ۾ مسلمانن ڪاروبار ڪيو. خريد ۽ فروخت ڪئي ۽ خوب مالا مال ٿي، خدا جو ٿورو مڃيندي، ڳاٽ اوچا ڪري عزت ۽ آبروءَ سان آقا صلي الله عليھ وسلم سان گڏ مديني موٽي آيا.
سَڙندڙ جا مُنهن ڪارا ٿي ويا.
اُنهن مان سڀ کان وڌيڪ ڪاراٺ مديني جي منافقن جي چهرن ۽ دلين تي هئي، جيڪي مسلمانن کي ڦِڪو ڪرڻ جي لاءِ ڪا نئين ٽَل سوچي رهيا هئا.