بيڪار جنگيون
عربستان جي ڪُنڊ ڪڙڇ ۾ گرم وارياسن پَٽن ۾ رهندڙن ۾ اڃا سوڌي قديم لاڏائو قبيلن جي بدوي زندگي جو رنگ غالب هو. مڪو، طائف، يثرب ۽ خيبر جون ڪجهه شهري بستيون عربن جي مزاج ۽ گُهرجن کي جذب ڪرڻ لاءِ اڻ پوريون هيون. پنهنجي ڪاروباري زندگيءَ ۾ خريد ۽ فروخت تفريح ۽ علوم آگهي جي حصول واسطي هُنن عربستان جي صحرائن ۾ پنهنجي بستين جي آسپاس ۾، ڪنهن قدرتي پاڻي جي گذرگاهه وٽ مقرر ڪيل مهينن ۾ ڪجهه ڪاروباري مَنڊيون ۽ بازاريون هڻڻ جو طريقو اختيار ڪيو هو. عام طور تي انهن جي مَنڊين ۽ انهن جي ڪاروبارن جو تعين هنن عربستان جي صحرائن ۾ ٿيندڙ سڀ کان وڏي سالياني واقعي حج سان وابسته ڪيو هو. حج جي لاءِ اچڻ وڃڻ ۽ ترسڻ جي سفر کي ذهن ۾ رکندي هُنن سال جي ٻارهن ميهنن ۾ چار مهينا متبرڪ ۽ معزز طئي ڪيا هئا. طئي اهو هو ته انهن مهينن ۾ سفر ڪندڙ ڪنهن به مسافر کي نقصان نه رسايو ويندو. نڪو ماريندو، نڪو لُٽيو ويندو،
مڪي جي حرم جون حدون به طئي ٿيل هو.
مڪي جي حدن ۾ سڄو سال امن لازمي هو.
پر احترام جي اُنهن مهينن ۾ مڪي جي حدن جي اندر يا ٻاهر هرڪو محفوظ سمجهيو ويندو آهي.
احترام جي انهن چئن مهينن ۾ ٽي مهينا ته سالياني حج جي ڏينهن کان پهريان ۽ پوءِ جا هئا. يعني هڪ مهينو حج کان اڳ، ٻيو حج وارو مهينو ذيقعد، ذوالحج ۽ محرم هئا، چوٿون مهينو باقي سال جي مهينن جي وچ ۾ رجب هو، ته جيئن باقي سال ۾ هڪ مهينن جي لاءِ ئي سهي انسان جي عزت ۽ احترام جي ۽ ان مال جي عزت برقرار رهي.
ذيقعد مهيني جي پهرين تاريخ کان وٺي ويهين تاريخ تائين ويهن ڏينهن جي لاءِ عرب جي صحرا ۾ هڪ سڀ کان وڏي مَنڊي لڳندي هئي، جنهن هنڌ اها منڊي لڳندي هئي، اهو هنڌ مڪي کان 94 ڪلوميٽر اتر اوڀر ۽ طائف کان 40 ڪلوميٽر اُتر ۾ هڪ برساتي نئين جي ڪناري تي هو، اُن برساتي نئين کي نخله به چوندا هئا ۽ سيل الڪبير به، اهو علائقو ’هوازن‘ قبيلي جو هو.
جنهن هنڌ اها منڊي ۽ ان جي بازار لڳندي هئي، ان کي ’عڪاظ‘ سڏيو ويندو هو. ايئن عڪاظ جو ساليانو ميلو سڀني مَنڊين ۽ ميلن کان وڏو هو.
ماڻهو پري پري کان پنهنجو واپاري وکر اُتي آڻي وڪڻندا ۽ خريد ڪندا هئا. ماڻهن جي وندر لاءِ اُتي رانديون ٿينديون هيون. اُٺن، گهوڙن، رڍن ۽ ٻڪرين جا سودا ٿيندا هئا. اُتي انهن جانورن جا ڪرتب به ڏيکاريا ويندا هئا.
اُتي اٺن جي ڊوڙ ۽ ڪتن جي ويڙهه به ٿيندي هئي. شاعر به اُتي پهچي ماڻهن جا ميڙ گڏ ڪندا هئا ۽ پنهنجو ڪلام پيش ڪندا هئا. قادرالڪلام عالم ماڻهو اتي پنهنجي چمڪندڙ ڳالهين جي خطاب سان ماڻهن کي نيون سوچون ۽ نوان خيال ڏيندا هئا.
اهو ميلو رڳو ماڻهن جي وڻج واپار ئي نه، پر سڀني سماجي حوالن جو هڪ سگهارو بهانو هو.
ويهين ذيقعد تي عڪاظ ۾ ويھه ڏينهن پورا ڪري ماڻهو پنهنجا پَکا پَٽي مڪي ڏانهن روانا ٿي ويندا هئا. جتي هڪ ٻي منڊي لڳندي هئي، بازار کڙي ٿي ويندي هئي.
عربيءَ ۾ بازار کي ’سوق‘ سڏيو ويندو آهي.
ان جاءِ جو نالو ’سوق مجنه‘ پئجي ويو هو.
سوق مجنه ۾ ماڻهو ڏهن ڏينهن تائين ترسندا هئا.
اُتي ئي حج جي مهيني ذوالحج جو چنڊ ڏسندا هئا.
چنڊ نظر ايندي ئي هو اُتان روانا ٿي عرفات جي ويجهو ’ذوالمجاز‘ ۾ پهچي ويندا هئا. اُتي اٺن ڏينهن تائين ميلو مچائيندا هئا. ڇو ته کين خبر هئي ته ذوالحج جي نائين تاريخ تي عرفات جي ميدان ۾ گڏ ٿيڻ جو مطلب حج آهي. باقي ٽي چار ڏينهن هو حج جي مناسڪ جي تياريءَ ۾ لڳل رهندا هئا. ايئن هو حج سان گڏوگڏ خاطر تواضع، وندر ۽ ڪاروبار جا فائدا به حاصل ڪندا هئا.
اُنهن ميلن ۾ عربستان جي ڏورانهن هنڌن تان واپاري قافلا اچي شريڪ ٿيندا هئا.
جيئن عرب جي ريگستانن ۾ ڪا اهڙي مرڪزي حڪومت نه هئي. جيڪا ماڻهن کي سفر ۾ امن جي ضمانت ڏيئي سگهي، تنهن ڪري واپاري قافلي وارا رستي جي هر قبيلي سان دوستي ۽ تحفظ جا معاهدا ڪندا هئا. ڇاڪاڻ ته هر قافلي جو مسافر ۽ واپاري اهڙن قافلن ۾ هلندا هئا، جن مان ڪنهن سگهاري قبيلي جي مضبوط فرد وسيلي رستي جي قبيلن سان ڪجهه ڏي وٺ ڪري، تحفظ ۽ رواداري جا پاڻ ۾ معاهدا ڪيل هوندا هئا.
چون ٿا ته اهڙو ئي هڪ وڏو قافلو حيره جي حاڪم نعمان بن منذر، عڪاظ جي ميلي لاءِ موڪليو. هن تحفظ يا ڏي وٺ جو معاهدو هوازن جي ويڙهاڪ قبيلن جي سردار عروه بن عتبه بن جابر بن مڪدب الرجال سان ڪيو.
قبيلن جا پاڻ ۾ لاڳاپا حسد ۽ بغض سان ڀريل هوندا هئا.
عڪاظ جي ميلي جي آسپاس ته هوازن قبيلي جون زور هو، پر مڪي کان يثرب جي رستي ۾ ڪنانه قبيلو به زور آور هو.
ڪنانه ڊگهي عرصي کان قريشن جو حليف هو.
اُن ڪري به ڪنانه وارن کي پنهنجي طاقت تي فخر هو.
ڪنانه قبيلي جي هڪ مٿي ڦريل همراهه براض بن قيس کي هوازن جي سردار عروه رجال کي تحفظ جي چوڪيداري ملڻ تي گهڻي تڪليف ٿي.
شايد هو پاڻ اُن ٺيڪي جي حصول جي آس لڳائي ويٺو هو.
عروه رجال هوازنيءَ سان بگڙي چيائين
تون قافلن کي پنهنجن قبيلن مان لنگهڻ جي پناهه ڏيئين ها، منهنجي قبيلي ڪنانه کان لنگهڻ جي گارنٽي ڪيئن ڏنئي؟
عروه رجال غرور سان ڀريل هو، وراڻيائين
رڳو ڪنانه ڇو، سڄي دنيا جي مخلوق کان سلامتيءَ سان لنگهڻ جي گارنٽي ڏني اٿم.
ٻنهي هڪ ٻئي کي ڏسي پنهنجي پنهنجي اکين ۾ باهه جا شعلا ٻاريا.
قافلو روانو ٿي ويو.
ڪيترا ڏينهن. ڪيتريون راتيون سفر ٿيندو رهيو.
عروه رجال للڪاري، ڪنانه جي براض بن قيس جي چيل ڳالهه کان بي خبر ٿي ويو. قافلو تيمن ذي طلال جي هنڌ تي حرم جي مهيني ۾ ’شهر حرم‘ جي حدن ۾ گهڙيو ته ڪنانه جي براض بن قيس وجهه وٺي عروه رجال هوازني کي قتل ڪري ڇڏيو، ۽ قافلي جا اُٺ ۽ سڀ سامان کڻي خيبر طرف ڀڄي ويو.
ويندي ويندي هن ٻَرنديءَ تي تيل هارڻ جي لاءِ هڪ ٻيو ڪم به ڪيو.
هڪ شعله بيان شاعر بشير بن ابي خازم اسدي ءَکي ٻڌايو ته اهو تير مون هنيو آهي،
هاڻ وڃي ڪنانه ۽ سندس حليف قريش قبيلن کي ٻڌائي ته هو عڪاظه جي ميلي مان ڀڄي وڃن نه ته هوازن وارا بدلو وٺندا.
شاعر کي اها صرف خبر ٿوروئي ڪو پهچائڻي هئي،
کيس ته باهه لڳائڻي هئي،
لڳائي ڇڏيائين،
عڪاظ ميلي ۾ قريشي، ڪناني ۽ هوازن جا سڀ ماڻهو تلوارن سنڀالي مستين ۽ موجن ۾ مصروف هئا. قريشن کي خبر پئي ته هو جلدي وٺي حرم جي حدن ڏانهن ڀڳا.
ڪنانه وارا به وٺي ڀڳا
هوازن قبيلي کي خبر پئي ته هو سخت ڪاوڙيا.
سندن سردار ابو براء چيو: قريشن دوکو ڏنو آهي. اسين معاف نه ڪنداسين.
هو، هنن جي پويان لڳا، پر هُنن حرم جي حدن جو احترام ڪيو.
بهرحال جنگ شروع ٿي ويئي
اها شروع ئي احترام جي مهيني ۾ ٿي هئي.
عڪاظ جي ميلي جي جاءِ جنگ جو ميدان بڻجي ويئي.
چئن سالن تائين، عڪاظ جي ميلي وارن ڏينهن ۾ اهي هڙئي قبيلا ميلو ملهائڻ جي بدران اُتي پاڻ ۾ جنگ ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيندا هئا.
چئن سالن تائين اها جنگ جاري رهي.
جن ڏينهن اها جنگ شروع ٿي، آقا ﷺ جي عمر پندرنهن سال هئي.
چوٿين جنگ تائين سندن عمر اوڻيهن سالن تائين پهچي ويئي.
بهرحال آقا ﷺ ڪنهن جنگ ۾ پاڻ حصو نه ورتو
هڪ ڀيري پاڻ ﷺ جنگ جي ميدان ۾ دشمن جا تير ميڙي پنهنجن چاچن کي ڏنا هئا. نه ته انهن غير مقدس جنگين کان پري رهيا، جيڪي احترام وارن مهينن ۾ ناحق وڙهيون ويون.
تنهن ڪري اُنهن جنگين کي ”فجار جون جنگيون“ سڏيو ويو.
آخري جنگ ۾ ڏينهن جي پهرينءَ حصي ۾ هوازن جو پاسو ڳرو رهيو
۽ ڏينهن جي ٻئي حصي ۾ قريش غالب رهيا
ٻنهي طرفن جا ڪيترائي ماڻهو مري چڪا هئا.
گهڻا زخمي به هئا.
نيٺ قريشن جي سياڻن، جن ۾ عتبه بن ربيع، جيڪو آقا ﷺ جو پڦڙ ۽ آقا ﷺ جي پَڙ ڏاڏي هاشم جي جاڙي ڀاءُ عبدشمس جو پوٽو هو. تنهن ٺاھ جي ڳالهه ڇيڙي ۽ چيو ته قريش قبيلو، هوازن قبيلي جي انهن جنگين ۾ وڌيڪ ماريل ماڻهن جي ديت ڏيڻ تي راضي آهي،
هوازن جا قريشن کان چاليهه ماڻهو وڌيڪ مُئا هئا.
ضمانت ۾ هنن قريشن جا چاليهه جوان هوازن جي حوالي ڪري ڇڏيا.
ضمانت ۾ ڏنل ماڻهن ۾ عتبه بن ربيع، پنهنجي ڪٽنب جي معزز جوان حڪيم بن خرام کي به مخالف هوازن جي حوالي ڪري ڇڏيو.
صلح جي ان نيڪ نيتي کي ڏسي هوازن وارن ’ديت‘ معاف ڪري ڇڏي.
ِضمانت ۾ موڪليل ماڻهو واپس موڪلي ڏنا.
اها جنگ جيڪا چئن سالن تائين اجائي جاري هئي، ختم ٿي ويئي.