عام هجرت
قريشي لڳاتار پُڇا ڳاڇا ڪندا رهيا.
نيٺ کين تصديق ٿي ويئي
حلف کڄي چڪو آهي
هجرت ٿيندي.
هو ڪاوڙ ۾ ڇتا ٿي پيا
اکيون ڳاڙهيون ۽ نڪ ڦونڊجي وين.
هنن يثرب ڏانهن پنهنجا اُٺ ڊوڙايا.
قافلا نڪري چڪا هئا.
حلف کڻي، اُن جي خمار ۾ مست يثربي پروانا گهڻو پري نڪري ويا هئا.
ٻه پروانا ڪنهن سبب جي ڪري قافلي کان پوئتي رهجي ويا هئا، قريشن کين جهلي ورتو.
کانئن پُڇا ڳاڇا ڪيائون.
هو ته حق کي نه لڪائڻ ۽ ڪنهن ملامت ڪندڙ کان نه ڊڄڻ جو حلف کڻي چڪا هئا. ڪوڙ ڇو ڳالهائين ها. انهن ٻن مان هڪ ته خزرج جو سعد بن عباده هو ۽ ٻيو خزرج جو ئي رئيس سيدنا منذر بن عمرو هو. منذر بن عمرو ڪنهن نموني قريشن کان جان بچائي نڪري ويو. باقي سيدنا سعد بن عباده کي قريش جهلي مڪي وٺي ويا. کيس سندس ئي اُٺ تي کڻي ٻڌائون. کين شايد هن کان سڄي حلف برداري جو تفصيل ڄاڻڻون هو. هو سڄو رستو کيس مارڪٽ ۽ گارگند ڪندا هليا. رستي ۾ قريشن جي ميڙ مان هڪ مُرڪندڙ ۽ خوش اخلاق چهرو سعد بن عباده کي ايندي نظر آيو. هو ٻڌائي ٿو ته مون سمجهيو ته هي همراھ چڱو ٿو لڳي، سو رعايت ڪندو. هن جا هٿ ڳورا ۽ ٽُنڊا هئا. هو ايئن ئي مرڪندو سعد بن عباده جي ويجهو آيو ۽ پوءِ پنهنجن ننڍن هٿن سان هڪ ٺونشو ٺاهي سعد بن عباده جي مُنهن تي هنيائين. سيدنا سعد بن عباده کي سڄي عمر اهو واقعو ياد رهيو ته مسلمانن جي لاءِ قريشي ايذاءَ ڏيڻ ۾ ڪيترا نه سخت ۽ گهٽيا هئا. اهو شخص جنهن مرڪندڙ چهري سان اچي ٺونشو هنيو هو ،
اهو سُهيل بن عمرو هو.
قريشي سيدنا سعد بن عباده تي تشدد ڪندا رهيا.
ابو البختري، جيڪو مسلمان ته نه هو، پر انسان دوست شخص هو ، تنهن هڪ پرديسيءَ کي پنهنجي وطن کان ڏور ايئن ڪُٽجندي ڏٺو ته سندس ويجهو آيو ۽ پُڇيائينس:
ادا،
هِتي مڪي ۾ تنهنجي ڪنهن سان ڏيٺ ويٺ آهي
دوستي ۽ پناھ جو رشتو آهي.
سيدنا سعد بن عباده وراڻيو.
هائو آهي.
جبير بن مطعم ۽ حارث بن حرب، يثرب ۾ مون وٽ اچي ٽِڪندا آهن. آءٌ سندن قافلن کي پناھ ڏيندو آهيان. پنهنجو نالو ٻُڌايائين ۽ چيائين ته کين وڃي مون بابت اطلاع ڏي. آءٌ خزرج جو سردار آهيان. ابوالبختري مُٺيون ڀيڙي وڃي هنن وٽ پهتو، کين خبر ڏنائين. هنن چيو، هائو، هو ته اسانکي پناھ ڏيندو آهي. هُن جي پناھ کانسواءِ اسانجا قافلا يثرب کان اڳتي وڃي نٿا سگهن.
هو وَٺ وَٺان ڪندا اُتي پهتا،
۽ کين ڇڏايائون.
سيدنا سعد بن عباده کي ته اُن ڏينهن قريشن هٿان پنهنجي ٿيل تذليل ۽ مارڪٽ وسري ويئي، پر الله! اها ڳالهه ياد رکي، پوءِ جڏهن هجرت جي اٺين سال مديني مان ڏهن هزارن جو لشڪر مڪي تي چڙهائي ڪري آيو ته مديني جي سڀني کان وڏي قبيلي خزرج جي فوج زره بند جٿي جي ڪمان جو جهنڊو اُن ئي سردار سعد بن عباده جي هٿن ۾ هو، اُن ڏينهن ته سيدنا سعد بن عباده کي پاڻ سان ٿيل زيادتين جي بَدلي وٺڻ جو پورو پورو حق هو. پر هو جنهن آقاﷺ جو غلام هو، اُن پاڻ سان ۽ پنهنجن پوئلڳن سان ٿيل سڀني ظلمن، زيادتين، ڏکن ۽ تڪليفن کي معاف ڪري. مڪي کي امن جو شهر قرار ڏيئي ڇڏيو.
پر اڃا اُن گهڙيءَ کي اچڻ ۾ اٺ سال باقي هئا. اڃا مڪي قريشن اهو طئي ڪري ويٺا هئا ته ڪنهن کي به مڪي مان نڪري يثرب ڏانهن وڃڻ جي موڪل ڏيڻي نه آهي.
کين ڪيترائي ڊپ هئا.
بظاهر ته هو مڪي جي سالميت ۽ وحدت جي ڳالهه ڪري رهيا هئا.
پر ڳالهه ٻي هئي.
مڪي جي سردارن جي معاشي زندگي جي شهه رڳ يثرب هو.
اِهي واپاري ماڻهو هئا.
هڪ پاسي هو اُٺن تي سامان لڏي اوڏانهن وڃي وڪڻندا هئا. مڪي ۾ ته گاھ به نه ڦٽندو هو. يمن مان قافلو مڪي ايندو هو ته هُو ان کي شام ڏانهن وٺي ويندا هئا.
رستي ۾ يثرب هو.
شام مان يمن واپس ورندي به ساڳئي رستو هو.
مڪي کان فلسطين، مصر، روم، ترڪي، جيڏانهن به قافلو ويندو هو، ڳاڙهي سمنڊ سان گڏو گڏ هلڻون پوندو هو.
اهو رستو به يثرب جي هٿن ۾ هو.
جيتوڻيڪ اُن زماني ۾ واپاري راهن تي رستا نه بنيا هئا، پر رستا موٽروي وانگر طئه ٿيل هئا. پهاڙي سلسلن ۾ ڪيترائي لنگهه ۽ رستا هئا. تنهن کانسواءِ سمنڊ ڪناري پکڙيل هموار ساحل مديني جي ڀرسان ئي هو. قافلن جا نگهبان صحرائي پهاڙي ۽ ساحلي علائقن ۾ اُنهن ڳڻپ جيترن رستن تان لنگهي ئي پنهنجي منزل تي پهچندا هئا.
هي وري ڇا ٿيو؟
ڇا ٿيڻ وارو آهي؟
مڪي جا سردار پنڊ پَهڻ هئا.
سالياني اڍائي لک اشرفي دينارن جو اُن رستي سان واپاري ٿيندو هو.
مڪي وارن جا قافلا ميلن جا ميل ڊگها هوندا هئا.
سيده خديجهرضه ته پنهنجا سڀ واپاري قافلا آقاﷺ جي خوشنوديءَ تي واري ڇڏيا هئا، ڪنهن وقت مڪي جي سڀ کان ڊگهي واپاري اُٺن جي قطار سندس هوندي هئي. هاڻ واپار ۾ ابوسفيان بن حرب جو قافلو سڀني کان ڊگهو هوندو هو. هو چمڙي جو واپاري هو ۽ اُن چمڙي جي واپار جي اَڏ ۾ هر قسم جو چمڙو وٺندو ۽ وڪڻندو هو.
مڪي جي رئيس زادن کي عربستان ۾ پنهنجي ويهاريل ڌاڪ، هاڪَ، دهشت ۽ جنهن کي اڄڪلهه ”رٽ آف اٿارٽي“ چيو وڃي ٿو. اها لُڏندي نظر آئي، رستي ۾ صحرا نشينن جون ڪيتريون ئي وَستيون ۽ گروھ هئا، لاڏائو به ته رهائشي به. کين ڪهڙو مُنهن ڏيکارين ها؟ متان وري ڪهڙي خبر ته هو ڪنهن سان، ڪهڙي قبيلي يا گروھ سان سَلهاڙجي، ٺهي وڃن. اُنهن ئي رستن جي سلامتيءَ سان ايران، هندستان، عراق، روم ۽ مصر جي قافلن کي لنگهائڻ جي انشورنس نما في وٺندا هئا.
هڪ گهڙيءَ جي لاءِ اوهين ’نھر سوئيز‘ کانسواءِ ان خطي جي نقشي کي ڏسو ، اڄ نھر سوئيز جي ڪري اولھه، اوڀر سان ڳنڍيل آهي. جڏهن ته سَڄي اوڀر ۽ اولهه جي وچ ۾ واپار ان ئي ٻيٽ نما عرب جي ان ئي ساحلي پٽي سان گڏ گڏ جهازن جي بدران ريگستاني جهازن يعني اُٺن تي ٿيندو هو.
نهر سوئيز به ته آقاﷺ جي ٻي خليفي سيدنا عمر بن خطاب کوٽرائي هئي، ۽ اوڀر ۽ اولھه کي سدائين جي لاءِ واپاري مقصدن لاءِ جوڙي ڇڏيو هو.
بهرحال قريشن جو پريشانيون بي سبب نه هيون.
اُن ئي رستي تان هر سال هزارين زائرين سندن شهر مڪي ايندا هئا.
رستا يثرب جي مُٺ ۾ هئا.
زائرين سان مڪي جو پيٽ ٻڌل هو.
خانه ڪعبه ۾ پيل ٽي سئوسٺ بتن جي اوبر کارائي مذهبي ٺيڪيدارن ابو جهل، ابوسفيان بن حرب، اُميه بن خلف جهڙن ناخلفن کي پاليو تاتيو هو. هو ڪيئن نه آپي مان ٻاهر نڪرن ها.
هنن طئي ڪري ورتو هو،
مڪي مان ڪنهن کي لڏڻ نه ڏنو ويندو.
هجرت جو حڪم ته ملي چڪو هو.
پروانا، پروانن وانگر وڃڻ لڳا.
جيڪي ڪمزور هئا، سي لڪي ڇُپي نڪتا.
سُهيل بن عمرو جو هڪ پُٽ پراڻو مسلمان هو. هجرت ڪري حبشه هليو ويو هو. کيس خبر پئي ته هو حبشه مان مديني وڃڻ جي لاءِ مڪي مان ٿي وڃڻ لڳو ته سندس جهيڙي ڪار پيءُ سهيل بن عمرو، پنهنجي پُٽ سيدنا عبدالله بن سهيل عمرو کي قيد ڪري ورتو ۽ کيس وڃڻ نه ڏنو.
پر هجرت کان ارڙهن مهينا پوءِ جڏهن اهوئي سهيل بن عمرو، اسلام دشمنيءَ ۾ تلوار کڻي ابوجهل جي لشڪر ۾ ابوسفيان بن حرب جو واپاري قافلو بچائڻ جي لاءِ ۽ پنهنجي پَر ۾ مسلمانن کي تباھ ۽ برباد ڪرڻ لاءِ نڪتو ته ان ئي پُٽ کي به تلوار ڏيئي پاڻ سان گڏ جنگ تي وٺي ويو.
اهو جنگ بدر جو واقعو آهي.
ڪهڙو نه ولولو هو.
ڇا ته آقاﷺ جي مُحبت هئي.
سهيل بن عمرو جو اهو بهادر پُٽ جنگ هلندي پنهنجو قبيلو، پنهنجي قوم، پنهنجي هر سُڃاڻپ ڇڏي عين جنگ جي ميدان ۾ جنگ جون صفون چيري اچي پنهنجن هم خيالن سلامتي وارن مسلمانن سان اچي گڏيو.
هو پنهنجي آقاﷺ وٽ آيو.
وڇڙيل پکي اُڏري پنهنجي آکيري تي پهتو.
نه رڳو اهو، پر ان وقت سندس قيدي، سندس پنهنجو پيءُ سهيل بن عمرو ئي هو. جيڪو بدر جي جنگ ۾ فديو ادا ڪري، پاڻ کي آزاد ڪرائي ويو.
سيدنا مقداد بن اسود کي مڪي مان نڪرڻ نه ڏنو ويو.
هجرت ٿي ويئي.
مڪي مان فوجي دستا ڇيڙ ڇاڙ ڪرڻ جي لاءِ مديني ڏانهن ويندي، هڪ مڪي دستي جي قيادت ابوجهل جو پُٽ عڪرمه ڪري رهيو هو. رستي ۾ سندن آقاﷺ طرفان موڪليل چوڪس دستي سان ٽڪراءُ ٿيو، ان وقت مسلمانن جي دستي جو سالار عبيده بن حارث هو. سيدنا مقداد بن اسود کي ياد اچي ويو.
ڪبوتر، با ڪبوتر
باز با باز.
ٽپ ڏيئي ڪافرن جي دستي مان نڪري مسلمانن سان وڃي گڏيو. پوءِ مسلمانن سان گڏ ئي مديني هليو ويو.
وڃڻو ته سڀني کي مديني ئي هو.
ڪيترا ماڻهو ته مديني جا ٿي به مڪي آيا ۽ مهاجر بنجي مديني ويا.
اُنهن عظيم ماڻهن مان سيدنا ذڪوان بن عبد قيس، عقبه بن وهب بن جلاوه، عباس بن عباده نخله ۽ زياد بن لبيد به هئا. جن کي انصار هوندي به مهاجرين جو خطاب به مليو.
هجرت ۾ پهريون هجرت جو خطاب ته ابو سلمه کي مليو، جيڪو هجرت جي حلف برداري، بيعت عقبه ثانيءَ کان ٻه سال اڳ مڪو ڇڏي پنهنجي ڪُٽنب سان گڏ مديني روانو ٿيو هو. ساڻس گڏ زالهنس سيده اُمه سلمه، ۽ هڪ ننڍو پٽ سلمه هو، ٽيئي هئا ته بني مخزوم يعني ابوجهل جي ڪٽنب مان، پر جاهلن جي اُن ڪڙم انهن ٽنهي کي ڏاڍو ستايو.
سيدنا ابوطالب، بنو هاشم جي سردار جي حيثيت سان ابوجهل جي ڪٽنب جي انهن اُجرن ۽ پاڪ روحن وارن ماڻهن کي پناھ ڏني هئي. ڇو ته ابوسلمه جو ڪٽنب سيدنا ابوطالب جي ڀائيٽي حضرت محمد رسول اللهﷺ جو پوئلڳ هو، ابوجهل ڏاڍو ڪاوڙيو هو. پر اهو عربستان جي رواج موجب هو، جيستائين سيدنا ابوطالب جيئرو رهيو، ابوجهل ابو سلمه ۽ اُم سلمه جو وار به ونگو ڪري نه سگهيو. پر سندس چالاڻي کانپوءِ بنو هاشم ان پناھ جي توثيق نه ڪئي، مٿن زمين تنگ ٿي پئي، هجرت جو اشارو ٿيو ته هو پهرين مديني روانا ٿي ويا.
جڏهن هو ٽيئي سوارين تي چڙهيا ته ابوسلمه جا سهراڻا ابوجهلي همراھ پهرين ته کين روڪيندا ۽ منع ڪندا رهيا ته توکي جيڏانهن کپي تيڏانهن هليو وڃ، پر اسانجي نياڻي اُمه سلمه کي دربدر نه ڪر. هنن اُم سلمه کي وڃڻ نه پي ڏنو.
نيٺ هنن سيده اُم سلمه کي روڪي ورتو.
ابو سلمه رُئندي، تڙپندي پنهنجو اباڻو شهر، پنهنجو ڪٽنب، پنهنجو گهر ٻار زال ۽ ٻارڙو ڇڏي پنهنجي آقاﷺ جي حڪم جي تعميل ۾ هليو ويو. ابوجهل جي جاهلي ڪٽنب پوءِ اُم سلمه تي حملو ڪري ڏنو.
چيائون
هَنج ۾ وري اسانجو ٻارڙو کڻي پيئي هلين.
هيڏانهن ڪر، اهو هاڻ اسان وٽ رهندو.
اُن ڇڪتاڻ ۾ معصوم ٻارڙي سلمه جي ٻانهن نڪري ويئي.
ٻاررو ماءُ جي هنج مان نڪري ويو.
هاڻ عجيب صورتحال هئي. پيءَ مديني جي رستي تي راهي. ماءُ پويان اڪيلي مڪي ۾ رئندي رهي ۽ ٻنهي جو ٻچڙو ڪنهن ٻي وٽ. سيده ام سلمه روز مڪي جي ٻاهر اُن هنڌ اچي ويهي رئندي هئي، جتي هو ٽيئي وڇڙيا هئا. خدا ٿو ڄاڻي ته ڪيئن انهن پٿر جي صنم خانن کي سجدو ڪندڙ پٿر دل ڪافرن مان ڪنهن کي رحم آيو يا ٻارڙو سنڀاليندڙن کان ٻارڙو سلمه سنڀاليو نه ٿيو، هنن ٻارڙو ماڻهنس جي حوالي ڪري ڇڏيو. سيده اُم سلمه ٻارڙي کي کڻي پنڌ ئي پنڌ ٽي سئو ڪلوميٽر پري مديني رواني ٿي ويئي.
سوچڻ جي ڳالهه آهي.
ڪو هڪ گهڙي کن ترسي سوچي ته سَھي
هُنن ماڻهن جي لاءِ آقا جي محبت ڪهڙي معنيٰ رکي ٿي.
اُٺ تي چڙهي به ڏهن ڏينهن تائين سفر ٿئي ٿو.
سفر جي رستي ۾ اُس هئي.
پٿر هئا.
نوڪدار ٽڪريون هُيون.
ريگستان جي واري هئي.
رستي ۾ ڍنڍون ۽ درياءُ نه هئا.
ڪنهن ڀاڳ واري کي رستي ۾ ٻه ڍڪ پاڻي مَس ٿي مليو اُن رستي تي اُم سلمي اڪيلي ئي اڪيلي پنهنجي ٿڃ پياڪ ٻارڙي سان رواني ٿي ويئي.
ڇاڪاڻ ته آقاﷺ کي اوڏانهن وڃڻو هو.
هاڻ اُتي ئي جيئڻون هو
اُتي ئي مرڻو هو
اُن رستي تي هلڻو هو
جيڪو ڌُڻيو ويو هو
آقاﷺ پاران
الله بهرحال مهربان ۽ ٻاجهارو آهي.
رستي ۾ الله پنهنجي گهر جو ڪُنجي بردار عثمان بن طلحه موڪلي ڏنو. جيتوڻيڪ هو اڃا مسلمان نه ٿيو هو، پر پنهنجي گهر جي کيس چاٻي ڏيندي خدا کي اها تسلي هئي ته هو ڪيترو امانتدار آهي.
اهو رستي ۾ گڏجي ويس
پُڇيائين ادي ڪيڏانهن پئي وڃين؟
هن کي سڄي ڪهاڻيءَ جي خبر هئي.
هُن باقي سفر اٺ جي پٺيءَ تي سانئڻ ام سلمه کي ويهاريو ۽ پاڻ ڪنڌ جهڪايو اٺ جي واڳ جهلي پنڌ ئي پنڌ مڪي کان مديني هلندو هلندو هليو. رستي ۾ جڏهن رات پوندي هئي ته هو پنهنجي اُٺ ۽ اٺ تي ويٺل سيده ام سلمه ۽ سندس ٻارڙي کان پري ريگستان جي ڪنهن پٿر جي ڀر ۾ وڃي سُمهي پوندو هو ۽ ڏينهن جو وري سفر جاري رهندو هو.
ڪيترن ڏينهن کانپوءِ پري کان مديني جي ٻاهران قبا جي بستي نظر آئي. ان مهل عثمان سيده اُمه سلمه کي چيو:
ڀيڻ! تنهنجو مڙس ابو سلمه اُتي آهي. تون اوڏانهن وڃ!
سيده اُم سلمه سڄي زندگي اهو چوندي رهي ته مون عثمان بن طلحه کان وڌيڪ امانت دار ۽ شريف ماڻهو ٻيو ڪوبه نه ڏٺو. ان عثمان بن طلحه پوءِ جڏهن آقاﷺ جي اڳيان اقرار ڪيو
لاالٰه الا الله محمد رسول اللهﷺ
ته آقاﷺ قيامت تائين ان عثمان بن طلحه ۽ سندس ايندڙ نسل کي خدا جي گهر جو ڪُنجي بردار بنائڻ جو انعام بخشي ڇڏيو.
خدا جي گهر جي چاٻي ته آقاﷺ جي هٿ ۾ اچي ويئي هئي.
جنهن کي وڻيس ها، تنهن کي بخشي ڇڏي ها،
هن اُن کي بخشي جيڪو ان جواهل هو.
جنهن کي خدا ڌُڻيو هو.
اڄ ڏينهن سوڌي خدا جي گهر جي چاٻي اُن عثمان جي نسل وٽ آهي.
ڪنهن اهو سوچيو هو؟
اهو اُن نسل جي ڪهڙي عثمان جي شرافت ۽ امانت جو انعام آهي. انعام جڏهن هڪ پيڙهيءَ کانپوءِ ٻي پيڙهيءَ ڏانهن وڃڻ لڳي ته اهو سوچڻو ٿو پوي ته اهو سڄو انعام ڪهڙي ڀاڳوان جي امانتداري تي مليو آهي.
امانتداري به ڪنهن انعام کانسواءِ نه هوندي آهي.
هڪ پيڙهيءَ کان ٻي پيڙهي انعام ئي ان جو انعام هوندو آهي.
ڪُنجي هجي يا ڪُنجي بردار
خطاب کڻي ڪهڙو به هجي.
اُن جي پويان ڪا نه ڪا ڪهاڻي هوندي آهي.
هجرت جي ڪهاڻين ۾، ڪهاڻيون ته سڀني جون شاندار آهن.
پَر جيڪا ڪهاڻي سيدنا عمر بن خطاب جي هجرت جي گهڙين جي آهي، اها به ڏاڍي انمول آهي، هجرت ڪرڻ کان هڪ ڏينهن اڳ ڪعبي جي اڱڻ ۾ آيو، جتي مڪي جا سڀ رئيس هَٺ ۽ تڪبر مان ٽنگون ٽيڙي ويٺا هئا. سيدنا عمر آيو به ته تلوار، نيزي، تير، ڍال ۽ ڪمان سان هٿيار بند ٿي، اتي ويٺل ماڻهن کي وڏي آواز ۾ مخاطب ٿي چيائين:
”افسوس اُنهن تي جيڪي پٿرن جي ٽڪرن کي خدا بنائي پُوڄين ٿا. پر ٻُڌو! اوهانکي ته خبر پئجي ويئي هوندي ته آءٌ هتان وڃي رهيو آهيان سڀاڻي صبح جو فلاڻي وقت، فلاڻي هنڌان، جنهن کي، پنهنجي پُٽ کي يتيم ۽ پنهنجي زال کي بيوه ڪرڻو هجي، سو منهنجي پويان لڳي“.
ٻي ڏينهن هو ٺيڪ ٻُڌايل وقت تي
مقرر جاءِ تان
ڏينهن ڏٺي جو دينا داستي ويهن ڄڻن سان روانو ٿيو.
ساڻس گڏ سندس ڀيڻويو سعيد بن زيد، ناٺي خنيس بن حذافه کانسواءِ ڪٽنب جا ٻيا مسلمان به هئا. ابو جهل جي ڪٽنب جي ٻن مسلمانن به گڏ وڃڻ جو قصد ڪيو هو. عياش بن ربيعه، جيڪو ابوجهل جو ماتو ڀاءُ هو ۽ ٻيو هشام بن عاص. طئي اهو ٿيو ته هو ته جيڪو به مقرر وقت تي، مقرر هنڌ تي پهچندو، اهو هلندو. سيدنا هشام بن عاص کي مڪي جي اندر ئي سندس گهروارن جهلي قيد ڪري ڇڏيو. عياش بن ربيعه پهچي ويو ۽ پوءِ گڏ مديني پهچي ويو. پر اُنهن جي پويان پويان ابوجهل ۽ عياش جو سڳو ڀاءُ حارث بن هشام پنهنجن اُٺن تي پيڇو ڪندا پي آيا.
هو سيدنا عمر بن خطاب جي سامهون ته پنهنجي ڀاءُ عياش سان ڳالهائڻ کان ڊنا ٿي.
پر جڏهن به موقعو ٿي ملين ته کيس ورغلائڻ ٿي لڳا.
ابوجهل بهانو بنايو.
ڏس تون منهنجو ماتو ڀاءُ آهين.
مونسان گڏ تنهنجو سڳو ڀاءُ آهي. پنهنجي ماءُ جو ته خيال ڪر، جيڪا تنهنجي وڇوڙي تي هَنجون هاري رهي آهي، هن قسم کاڌو آهي ته جيستائين تون نه ايندين، تيستائين نه ڇانوَ ۾ ويهندي ۽ نه وارن ۾ ڦڻي ڏيندي.
ابوجهل جي چيل ڳالهيون سيدنا عمر بن خطاب به ٻڌي ورتيون.
مُرڪي سيدنا عياش کي چيائين
اُلڪو نه ڪر.
مڪي جي اُس ڏاڍي تيز آهي، تنهنجي امڙ کي گرمي ٿيندي ته پاڻ ئي ڇانوَ ۾ اچي ويهندي. مٿي ۾ ڦڻي نه ڏيندي ته وار جوئن سان ڀرجي ويندس ۽ پاڻ ئي ڦڻي ڏيندي. هي بهانا پيا ڪن، هنن جي ڳالهين تي نه لڳج.
سيدنا عياش ماءُ جي محبت ۾ مجبور ٿي پيو.
ابو جهل سان واپس ورڻ لڳو ته سيدنا عمر بن خطاب چيس، تون پنهنجي ماءُ جي محبت ۾ واپس پيو وڃين، پر هي توسان دوکو ڪندا. تون منهنجي سفيد اُٺڻ پاڻ سان گڏ وٺي وڃ.. جڏهن به هنن جو ارادو بدليل ڏسين ته اٺڻ جي واڳ ورائج، سندن ڪوبه اٺ هن اٺڻي تائين پهچي نه سگهندو.
سيدنا عياش، مديني مان، سيدنا عمر بن خطاب جي سفيد اُٺڻ ورتي ۽ ابوجهل ۽ حارث بن هشام سان مڪي واپس موٽي ويو. اڃا اڌ پنڌ به مس ڪيائون، جو ابوجهل ۽ حارث اکين ئي اکين ۾ ڪا سَٽ سٽي ۽ حارث بن هشام، سيدنا عياش کي چيو: ادا تو وٽ ته شاندار اُٺڻ آهي، منهنجو اُٺ ويچارو مَرگهيل ۽ هلڻ کان هلاڪ آهي مونکي به پويان پاڻ سان ويهار، سيدنا عياش ابوجهل جي عياريءَ ۾ اچي ويو. هن کيس اُٺڻ تي ويهاريو ته ٻنهي کڻي سوگهو ڪيوس ۽ کيس حضرت عمر بن خطاب جي اٺڻ جي رسين سان ٻڌي کڻي پنهنجي مَرگهيل اٺ تي ويهاريائون ۽ کيس مڪي وٺي آيا ۽ پنهنجي ان نيڪ سيرت ۽ سادي سودي ڀاءُ کي سڄي شهر ۾ ٻڌل حالت ۾ گهمائيندي. چوڻ لڳا:
”ڏسو! ههڙن بي وقوفن کي هيئن ٻڌي آڻبو آهي. اوهين به پنهنجا همراھ هيئن ٻڌي آڻيو.“
اڳتي هلي، آقاﷺ جي حڪم جي تعميل ۾ خالد بن وليد جي ڀاءُ سيدنا وليد بن مغيره کي مديني مان مڪي موڪلي، سيدنا عياش کي ان قيد مان ڇوٽڪارو ڏياريو. جنهن مڪي وڃي هن لاءِ ماني نيندڙ مائيءَ جو پيڇو ڪري اهو ڪمرو ڳولهي لڌو، جتي کيس قيد ڪيو ويو هو. پوءِ ڀت ٽپي کيس ٻاهر ڪڍيو ۽ پنهنجي اٺ تي ويهاري مديني ۾ وٺي آيو.
مسلمان مڪي مان هجرت ڪري چڪا هئا.
پروانا، پروانن تائين پهچي چڪا هئا.
جتي هو حق جي شمع جي اوسيئڙي ۾ هئا.
جنهن جي نور مان ڪائنات نور ورتو هو.
مڪي ۾ آقاﷺ کانسواءِ باقي فقط ٻه عظيم هستيون باقي هيون. هڪ اها جنهن کي ان سڳوري سفر ۾ همسفر ٿيڻون هو سيدنا ابوبڪر ۽ ٻيو علم جي شهر آقاﷺ جو دروازو سيد علي مرتضيٰ جنهن کي آقا سائي چادر ۾ ويڙهي پنهنجي بستري تي اُن رات سُمهارڻ وارو هو. جڏهن مڪي دشمنن، رسول خداﷺ جي سڀ کان وڏي سازش جي ڳڙھ ”دارلندوه“ ۾ پنهنجي بدنيتي ۽ دشمنيءَ جي هٿان تاريخ جي سڀ کان بَدترين سازش سوچي هئي.