امن جي اڇي جهنڊي واريون مُهمون
آقاﷺ ، شير خدا سيدنا امير حمزه کي مديني مان نڪرندڙ پھرين گشتي معلوماتي مھم جو امير بنايو. حضرت سيدنا عبيده بن حارث بن عبدالمطلب کي هٿ ۾ اڇو جهنڊو ڏنو، ۽ بحر قلزم ]ڳاڙهي سمنڊ[ جي ساحل ”العيص“ ڏانهن روانو ڪيو. اڄڪلهه اهو هنڌ رابع بندر گاھ جي اُتر ۾ 30 ڪلو ميٽر پري آهي، اتي العيص نالي هڪ چشمو هو، جنهن جي رستي تي قافلا ڊاٻو ڪندا ۽ ساھي پٽيندا هئا. گمان اِهو هو ته اُتي ابوجهل جي اڳواڻيءَ ۾ قريشن جو هڪ واپاري قافلو پھچي رهيو آهي.
سيدنا حمزه وقت تي پھچڻ جو عادي هو.
ساڻس گڏ ٽيھه مھاجر هئا.
اهي ابوجھل جي قافلي کان اڳ اُتي پھتا.
ابوجھل ۽ سندس قافلو پھتو ته سامهون شير خدا هو.
ابو جهل جي مٿي تي اڃا تائين سيدنا حمزي جي لڳل ڪمان جي زخم جو نشان هو. هاڻ ته سامهون ڪمانون اُڀيون هيون، اُنهن تي تير چڙهيل هئا. مسلمان جنگي پوزيشن ۾ ڪمانون ڪشي قطاريل هئا.
ابوجهل ڊپ کان ڪنبي ويو.
هو، اُن واديءَ جي سردار مجدي بن عمرو جھنيءَ کي ٽياڪڙ ڪري وٺي آيو. ان علائقائي سردار جو قريشن ۽ مسلمانن سان حلفيانه لاڳاپو هو. هو وچ ۾ اچي بيٺو ته وقتي طور تي موت ابوجهل کان ٽري ويو. ويڙھ نه ٿي.
ابوجھل کي سندس ڏنل ڌمڪيءَ تي سعد بن معاذ پاران مليل للڪار سچ ٿيندي نظر آئي.
اها هجرت جي ستين مهيني رمضان جي مهيني ۽ پهرين هجريءَ جي ڳالهه آهي. اڃا رمضان جي روزن جو حڪم نه لٿو هو. اُن کانپوءِ ايندڙ رمضان ۾ بدر جي جنگ ٿي هئي ۽ اُن رمضان کان هڪ مھينو اڳ شعبان ۾ روزا فرض ٿيا هئا.
هڪ هفتو گذري ويو-
شوال جو چنڊ نظر آيو.
خبر پيئي ته هن ڀيري هزارين اُٺن تي ٻڌل قافلو اچي رهيو آهي، اهو به اُن ئي رستي کان جيڪو ’ثنية العره‘ کان ٿيندو رابغ ۽ العيص جي وچان سمنڊ جو ڪنارو ڏيئي پيو اچي- هن ڀيري قريشي قافلي جو سردار ابو جهل کان به وڏو دشمن ابو سفيان بن حرب هو. آقاﷺ جنهن کي جهنڊو ڏنو، اهو عبيده بن حارث بن عبدالمطلب هو. پنهنجي اُن سٺ سالن جي سئوٽ کي امير بنائي ساڻس سٺ مهاجر به گڏي ڇڏيائون، انهن ۾ آقاﷺ جو مامون، تير اندازيءَ جو ماھر سيدنا سعد بن ابي وقاص به هو.
ابو سفيان بن حرب به سيدنا سعد بن وقاص جي تير جي زد ۾ اچي ويو.
ڪمان ڪَشي ويئي
ابو سفيان ڊپ سبب ڏڪي ويو.
پر آقاﷺ اڃا رت وهائڻ جو حڪم نه ڏنو هو. سيدنا سعد بن وقاص، نشانو ته ابو سفيان بن حرب جي آقاﷺ کي سدائين نفرت کان ڏسندڙ اکين جي وچ ۾ ورتو هو، پر آقاﷺ جي حڪم سان ئي سندس جان بخشي ڇڏي ۽ ابوسفيان جي تڪبر مان ٻُڏل پَڳهه کي تير هڻي سندس مٿو اگهاڙو ڪري ڇڏيو-
اهو ڪنهن مسلمان جو هلايل پھريون تير هو.
ابو سفيان جي محافظن جو تعداد 200 هو.
پر دشمن تير انداز سعد بن ابي وقاص کان پري ئي رهيا.
پري کان تير هليا.
بس ابو سفيان جي پَڳهه کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه ڪيرايو ويو.
مقصد رڳو دشمن کي ڊيڄارڻون هو
سو ڊيڄاريو ويو.
اُن جو هڪ بونس اهو مليو ته قريشن جن ٻن مسلمانن کي هجرت ڪرڻ کان جهلي ڇڏيو هو، اهي سعد بن وقاص جي تير هلڻ جي حوصلي ۾ شينهن بنجي ويا ۽ پنهنجا سپاهي ڇڏي اچي مسلمانن سان گڏيا.
اهي سيدنا مقداد بن عمرو براني ۽ عتبه بن عزوان مازني هئا.
هن ڀيري اڇو جهنڊو سطح بن اثاثه جي هٿن ۾ هو.
ٽيون ڀيرو موڪليل گشتي پارٽي شايد علائقي جي زمين، رستن، جبلن، پھاڙن، ندين ۽ نالن جو تفصيل سان جائزو وٺڻ جي لاءِ ويئي هئي. اها مديني کان مڪي طرف ويئي هئي. مديني کان پري مڪي جي ڀرسان ’جخفه‘ وٽ، الخرار تائين پنڌ ئي پنڌ، الخرار آواز سان وهندڙ پاڻيءَ کي چيو ويندو آهي. اُن جٿي جو سربراھ سيدنا سعد بن ابي وقاص هو. خرار وٽ هڪ قريشي قافلو ٽِڪيل هو. اهو جٿو اُتي پھتو ته دشمن قافلو اڳ ۾ ئي پُڄي ويو هو.
مارڻ کان وڌيڪ ڊيڄارڻ اثر رکي ٿو.
قريشن تي هڪ ڊپ به طاري ڪرڻو هو ته سندن واپاري قافلن جو رستو هاڻ اسانجي پهچ ۽ وَس ۾ آهي.
تنهنڪري رستو بدلايو، يا وري ذهن، دل ۽ دماغ ۾ تبديلي آڻيو.
هاڻ مسلمان هڪ سگهه هئا.
هڪ مملڪت وارا
سيدنا سعد بن ابي وقاص، آقاﷺ جو ماسات هو. اسلام جي شروعاتي ڏينهن ۾ سترهن سالن جي عمر ۾ اسلام آندو هئائين. اُن گشتي جٿي ۾ ٽيهن سالن جي عمر ۾ شريڪ ٿيو هو. هُن سڀني جنگين ۾ حصو ورتو هو. آقاﷺ کانپوءِ سيدنا عمر جي وقت ۾ سندس ئي هٿان ايران جهڙي سپر پاور فتح ٿي. عراق جو قديم شهر بابل ۽ نينوا به هن ئي فتح ڪيا.
اُنهن ٽن شروعاتي ڪامياب گشتي جٿن کي جڏهن اطمينان جوڳا اطلاع مليا ڄاڻ گڏ ٿي وئي ته آقاﷺ پاڻ مسلمانن جي هڪ مضبوط جٿي کي ساڻ ڪري مديني مان ٻاهر نڪتا، اُن ۾ ستر مھاجر شامل هئا.
هن ڀيري منزل مديني ۽ مڪي جي وچ ۾ هڪ سڳورو هنڌ هو.
ابواء-
جتي ڇھن سالن جي عمر ۾ پاڻ سڳورا پنهنجي امڙ کان وڇڙيا هئا.
هينئر ’ابواء‘ وٽ هاڻ ”هرشي“ نالي هڪ وسندي آهي. ان علائقي کي ”ودان“ به چيو وڃي ٿو. ’جحفه‘ کان هڪ سئو ڪلوميٽر پري اُن هنڌ تي ان وقت ٽي وڏا قبيلا آباد هئا.
بنو ضمره، بنو غفار ۽ ڪنانه-
مديني مان نڪرڻ مھل آقاﷺ خزرج جي سردار سيدنا سعد بن عباده کي پنهنجو نائب مقرر ڪيو ۽ پنهنجو امن جو اڇي ڪبوتر جهڙو جهنڊو سيدنا حمزي کي هٿ ۾ ڏنو. خود پنهنجن هٿن سان اهو جهنڊو ٻڌو.
قبيلن ۾ اثرپذيريءَ جو ٻج پوکيو ويو هو.
هاڻ ڦل حاصل ڪرڻ جو وقت هو.
اهو ڦل مليو.
بني ضمره جي سردار مخشي بن عمرو رسول اللهﷺ سان دوستاڻو معاهدو ڪري ورتو.
لکت ۾ معاهدو
آقاﷺ هر سفر ۾ قلم ۽ ڪاغذ ساڻ رکندا هئا.
معاهدي جي لکت هن ريت هئي.
”هيءَ بنو ضمره جي لاءِ محمد رسول اللهﷺ جي لکت آهي. هي ماڻهو پنهنجي جان ۽ مال جي باري ۾ بلڪل امن ۾ رهندا ۽ جيڪو مَٿن حملو ڪندو، تن جي خلاف سندن مدد ڪئي ويندي، سواءِ اُن جي ته اهي خود الله جي دين جي خلاف جنگ ڪن. هي معاهدو تيستائين آهي، جيستائين سمنڊ اهو ٻوڙي ڇڏي ۽ جڏهن به رسول اللهﷺ کين سڏيندو ته کين مدد جي لاءِ اچڻو پوندو.“
آقاﷺ پنهنجو قيام پنهنجي امڙ سانئڻ جي قبر وٽ ’ابواء‘ ۾ ئي ڪيو.
پاڻ سڳورا جنگ جي بدران محبت جون ٻانهون کولي آيا هئا. کيس پنهنجي امڙ جي قبر جي قربت سان هڪ وڏي قبيلي جي وفاداري ملي هئي.
دل ۾ سڪون جو درياھ کڻي
اکين ۾ امڙ جي محبت جو درياھ لڪائي
مالا مال ٿي مديني واپس وريا.
اهو واقعو صفر سن 2 هجريءَ جو آهي.
ريبع الاول ۾
پاڻ سان گڏ 200 پروانا.
هن ڀيري مقصد اُن قريشي واپاري قبيلي کي روڪڻ جو هو، جيڪو آقاﷺ جي غلام بلال بن رباح کي تپندڙ واري ۽ باھ جيان ڌڳندڙ پٿرن تي ليٽائڻ کانپوِءِ سندس مٿان ڳرا نوڪدار پٿر رکي ڇڏيندو هو.
اُميه بن خلف
هو اڍائي هزار اُٺن جي واپاري قافلي جي ميلن تائين ڊگهي قطار سان شام مان نڪتو هو. ساڻس گڏ ٻه سئو محافظ هئا. آقاﷺ سڌو اُن قافلي جي رستي ۾ پنهنجا ساٿي وٺي ويو.
اهو قافلو جنهن هنڌ ٽڪيل هو، اُن جو نالو ”بواط“ هو-
اهو هنڌ مديني ۽ يبنوع ٻنهي کان سئو ڪلوميٽر پري هو. اُتي ٻن جبلن جي وچ ۾ هڪ وڏو قبيلو ”جهينه“ آباد هو. اتي ئي هڪ مشهور جبل ”رضوي“ آهي.
مديني ۾ پنهنجو نائب اوس جي سردار، سيدنا سعد بن معاذ کي بنايو ۽ جهنڊو سعد بن ابي وقاص کي ڏنو
ڪو به رت نه وهيو.
اُميه بن خلف تيزيءَ سان پنهنجو قافلو وٺي ڀَڳو-
آقاﷺ سندن پيڇو نه ڪيو.
”جهينه“ قبيلي به آقاﷺ جي برتري مڃي ورتي.
ٻي ڀيري، ايندڙ مهيني، آقاﷺ ٻيهر چوٿون ڀيرو لڳاتار قيادت ڪندي مديني مان نڪتا.
هن ڀيري منزل ”بدر جو ميدان“ هو.
بدر جي ميدان ۾ جنگ ته ڇھن مهينن کانپوءِ ٿيڻي هئي. آقاﷺ اُن جو جائزو وٺڻ ويا هئا، شايد ٿيو هيئن ته قريشي مڪي جي هڪ چور ’ڪرز بن جابر فهري‘، چالاڪي ۽ عياريءَ سان مديني جي سرڪاري چراگاھ تي هلان ڪري ڏني ۽ ڪيترا اُٺ اتان چوري ڪري پاڻ سان وٺي ويو. اها خبر جڏهن آقا تائين پُڳي ته پاڻ ستر سوار وٺي چور جي پويان روانا ٿيا. بدر جي ويجهو سفوان جي ماٿريءَ تائين ويا. اهو 85 ميلن جا فاصلو هو. بدر جي ميدان جي اڳيان چور جا پيرا نه مليا.
چور پڪڙجي نه سگهيو.
پر پوءِ جهليو ته به عجيب نموني.
اهو ئي چور ٿورن ڏينهن کانپوءِ پاڻ مسلمان ٿي ويو.
۽ آقاﷺ جي اُن ئي چراگاھ ۾ اُٺن کي چارو ڏيندڙ ۽ انهن جو رکوال بنجي ويو. مديني مان وڃڻ مھل آقاﷺ سيدنا زيد بن حارث کي پنهنجو نائب بنايو هو.
جهنڊو اُن وقت به گڏ هو.
جهنڊي کڻڻ وارو هو شير رسولﷺ سيدنا عليرضه
اُن تعاقب کان ٿورو اڳ خبر پئي ته ابوسفيان بن حرب هڪ وڏو واپاري قافلو مڪي مان وٺي شام جي لاءِ روانو ٿيو آهي. هو ينبوع جي ويجهو هڪ هنڌ ’ذوالعشيره‘ پھتا، ساڻن گڏ صرف 30 اُٺ گڏ هئا، انهن تي واري وٽي سان چڙهيا ٿي، جنهن ڪري پهچڻ ۾ دير ٿي وئي ۽ قافلو نڪري ويو.
هي اهو ئي قافلو هو، جنهن کي واپسيءَ ۾ جهلڻ جي صورت ۾ بدر جي جنگ ٿي.
آقاﷺ جو اُن مشن تي وڃڻ به مبارڪ ثابت ٿيو.
اُتي ٽڪڻ جي دوران ٻن سگهارن قبيلن بنو مدلج ۽ بنو ضمره سان عدم جارحيت جو ٺاھ ٿيو.
مديني مان نڪرڻ مھل سيدنا ابو سلمه بن عبدالاسد المخزوميءَ کي نائب مقرر ڪيو ۽ امن جو اڇو جهنڊو شير خدا سيدنا امير حمزي کي ڏنائون.
اُن ترتيب سان چئن مختلف گشتي پارٽين جي قيادت آقاﷺ پاڻ ئي ڪئي ۽ پنهنجن سپاهين جي ميدان ۾ تربيت ڪري، پاڻ ئي پرکيائين ۽ آزمايائين.
بدر جي جنگ کان اڳ رجب 2 هجري ۾ آقاﷺ هڪ ٻارهن ڄڻن تي مشتمل جٿو جائزي وٺڻ جي لاءِ مڪي ۽ طائف جي عين وچ ۾ مڪي جي سرحد تي، مڪي جي حدن ۾ ”نخله“ جي هنڌ تي موڪليو.
اُن جو مقصد شايد اهو هو ته اسان مڪي جي هر روايتي رستي تي ته اوهان کي روڪڻ جي سگهه رکون ٿا. پر هاڻ اسين ان طرف به اچي سگهون ٿا، جنهن پاسي اوهان ڪڏهن سوچيو به نه هوندو.
ان جٿي جي قيادت پاڻ سڳورن سيدنا عبدالله بن حجش جي حوالي ڪئي. ان سان گڏ سيدنا سعد بن ابي وقاص به هو. امير مقرر ڪرڻ مھل آقاﷺ چيو؛
”اڄ آءٌ اوهان مان هڪ اهڙي شخص کي امير مقرر ڪندس، جيڪو اوهان سڀني مان وڌيڪ بُک ۽ اُڃ برداشت ڪرڻ وارو آهي.“ (زرقاني)
اصول طئي ڪيو ويو.
ڊگهي جنگي يا معلوماتي مشن جي مقرري ڪندي،
آقاﷺ سفر ۾ مشن جي امير سيدنا عبدالله بن حجش کي لفافي ۾ بند هڪ لکت ڏني.
۽ فرمايو
”ٻن ڏينهن جي سفر کانپوءِ هن کي کولج، پَڙهج ۽ پنهنجن ساٿين کي به سُڻائج، پوءِ جيڪو لکت ۾ حڪم هجي، اُن تي عمل ڪج، جيڪو ساٿي اڳتي هلڻ نه گهري، اُن تي جبر نه ڪج“-
ٻه ڏينهن مسافريءَ ۾ اوسيئڙي ۾ گذريا.
خط کوليو ويو ته لکيل هو.
بسم الله الرحمٰن الرحيم
اوهان کي الله جي برڪت نصيب ٿئي، اوهان ۽ جيڪو ساٿي اوهان سان هلڻ گهري، اُن کي پاڻ مان وٺي روانو ٿج- ايستائين جو اوهين نخله تائين پهچي قيام ڪريو، اُتي قريشن جي هڪ قافلي تي نظر رکجو، جيڪو اناج کڻي پيو وڃي، اميد آهي ته اوهين اُن جي ڪا خبر کڻي واپس ورندؤ.“
سيدنا عبدالله بن حجش خط پڙهندي ئي چيو:
حڪم جي تعميل ٿيندي
ساٿين کان پُڇيائين
سڀئي هلڻ جي لاءِ تيار هئا.
سڀ اڳتي وڌيا
اڳيان ’فرع‘ جي ميدان ۾ نجران جي علائقي ۾ هڪ عجيب واقعو ٿيو.
سيدنا سعد بن ابي وقاص ۽ سيدنا عتبه بن غزوان هڪ ئي اٺ تي سوار هئا، اهو گم ٿي ويو، اهي ٻيئي اُٺ کي ڳولهڻ لڳا. باقي ٻارهن مان ڏھ ڄڻا ٻُڌايل منزل طرف روانا ٿي ويا.
اهي بطن نخله پھچي ويا..
هدايت موجب قريشي قافلي جو اوسيئڙو ڪرڻ لڳا
اوسيئڙي جون گهڙيون ختم ٿيون.
اهو قافلو اچي ويو
قافلي ۾ اُٺن جي ڊگهي قطار هئي.
اُنهن تي سامان لڏيل هو.
انهن ۾ ڪشمش، سُڪل ميوو، ڏاڙهن ۽ سُڪل ڊاکن جون ڀريل ٻوريون هيون.
سڄو بطن نخله خشڪ ميوي جي سرهاڻ سان واسجي ويو.
اهو قريشن جو اندروني علائقو هو، طائف ۽ مڪي جي وچ ۾، ساڻن محافظ به ڪي ٽي چار ئي هئا. عمرو بن حضرمي، حڪيم بن ڪيسان، عثمان بن عبدالله بن مغيره مخزومي ۽ نوفل بن عبدالله مخزومي.
اُن قافلي جي ماڻهن ۾ گهڻا ابو جهل جا مٽ مائٽ هئا.
انهن سڀني جي سامهون مسلمانن جا شينهن جيڪي سوين ميلن جو ڊگهو غير روايتي سفر ڪري سندن مٿان تراڙيون اُڀيون ڪريو بيٺا هئا.
ابو جهل جا مٽ مائٽ هڪ ئي گهڙيءَ ۾ کنڀجي ڪُٺل جهرڪيون بنجي ويا.
سندن سامهون باز بيٺا هئا.
باز جهڙپ ڏيڻ کان اڳ سوچي رهيا هئا.
حملو ڪريو يا ڇڏي ڏيون؟
مليل هدايت جو تجزيو ٿيڻ لڳو.
حڪم ته نظر رکڻ ۽ خبرون آڻڻ جو هو.
پر نظر هٽائبي ته اهي ڀڄي ويندا.
اڳيان ’حرم ڪعبه‘ جون حدون شروع ٿي ٿيون.
اُتي کين ڪجهه به نه ڪري سگهبو. اهو لڙهندڙ ڏينهن شايد احترام واري رجب جي مهيني جو آخري ڏينهن هجي. چنڊ هڪ ڏينهن اڳ نڪري چڪو هو. سفر ۾ غور نه ڪيو. ٿي سگهي ٿو ته اڄ شعبان جي پهرين تاريخ هجي. جيڪڏهن اڄ به رجب آهي ته اهو احترام وارو مهينو آهي. جيڪڏهن کين رجب جي آخري شام مڃي ڇڏي ڏجي ته اهي لازمي طور تي ڪجهه ڪلاڪن جي اندر حرم ڪعبي جي حدن ۾ داخل ٿي ويندا. جنهن جو احترام لازمي آهي.
ڇا ڪجي
باز سوچي رهيا هئا.
گڏھ ڪَن هيٺ ڪري هَڄيا بيٺا هئا.
مرڻ کان اڳ ئي سندن رت ڄمڻ شروع ٿي ويو هو.
۽ سڄي وادي نخله خشڪ ميوي جي هُڳاءُ سان ڀريل ساھ کڻي رهي هئي.
آقاﷺ کان فوري طور تي حڪم وٺڻ ممڪن نه هو.
جنهن جو سڀني زمينن ۽ آسمانن تي حڪم هلندو هو، رڳو ان جي ارادن کي ئي طئه ڪرڻو هو.
هونئن فيصلو ته مشن جي امير جو هو ندو هو، اُنهن ۾ ڳچ دير تائين صلاح مشورو ٿيندو رهيو.
امير مشن پنهنجن ساٿين کي ياد ڏيار ٿو ته
قرآن ۾ ”سوره حج“ ۾ جنگ جي موڪل ملي چڪي آهي.
سڀئي هڪ فيصلي تي پهچي ويا.
واقد بن عبدالله سھميءَ پنهنجي ڪمان تي تير چاڙهيو.
۽ ڪمان ڇڪي
شست ٻڌائين
۽ ڇڏي ڏنائين
تير سڌو وڃي قافلي جي سرپئنچ عمرو بن حضرميءَ کي لڳو
۽ هو ڊهي پيو
سندس ساٿين ۾ ڀڄ ڊُڪ مچي ويئي
هو سڀ سامان اُٺ وغيره ڇڏي وٺي ڀڳا. ٻن کي جهلي قيدي بنايو ويو. انهن ۾ هڪ عثمان بن عبدالله هو.
۽ ٻيو حڪم بن ڪيسان
مسلمانن جو اهو دستو ٻنهي قيدين ۽ سُڪل ميوي جي ٻورين کي اُٺن تي لڏي، ڪا به ٻوري کولڻ کانسواءِ، ڪشمش چکڻ، آلو بخارن کي هٿ لڳائڻ يا سڪل ڏاڙهون جو داڻون به ڦڪڻ کانسواءِ ئي بند ٻورين ۾ مديني کڻي آيا.
آقاﷺ جي خدمت ۾ حاضر ٿيا.
آقاﷺ جي چھري تي سنجيدگي طاري هئي.
فرمايائون
”مون اوهانکي وڙهڻ جي لاءِ نه چيو هو.“
آقاﷺ جي ناپسنديدگي چِٽي هئي.
اصحابه سريه، جيڪي فتح جي خوشيءَ ۾ هيتري سفر کانپوءِ گهر موٽيا هئا، تن جا ته هوش ئي ڇڏائجي ويا. هُنن جي لاءِ آقا جي خوشنودي ئي دنيا ۽ آخرت جو اڪيلو سهارو هئي. هو ڊپ سبب ڏڪڻ لڳا. سمجهيائون ته برباد ٿي وياسين. سندن سنگتين به کين ملامت شروع ڪري ڏني.
مال غنيمت ۾ آندل سُڪل ميوي جون ٻوريون بند ئي رهيون. مسلمان بکايل ۽ مُفلس هئا. مٿان وري اُن ميوي جي خوشبوء سندن بک وڌائڻ لڳي.
هيڏانهن مڪي وارن وٺي هُل ڪيو.
جيئن اڄ ڪلهه نجي ٽي وي چينل بار بار بريڪنگ نيوز جي فائرنگ ڪري ماڻهن کي رتو ڇاڻ ڪندا آهن.
هُنن ڀرپاسي ٽِڪر هلائي ڇڏيا.
هنن جي شاعرن غليظ تُڪ بنديون ڪيون.
ماڻهن کي ڀڙڪايو
ڏسو، هِنن بي دينن حرم جي حدن وٽ
احترام واري مهيني ۾ قتل ڪري ڇڏيو
قافلو ڦُري ورتو
بدلو اڻ ٽر ٿي پيو.
تياري ڪريو
ابو جھل جو آواز انهن سڀني مان مٿانهون هو
هيڏانهن مسلمان، خاموش، اُداس ۽ پريشان
نيٺ آسمان تان حڪم لٿو.
وحي آئي:
”ماڻهو اوهان کان پُڇن ٿا ته جيڪو حُرمت جو مهينو سمجهيو وڃي ٿو، ان ۾ لڙائي ڪرڻ ڪيئن آهي؟ چؤ، اُن ۾ وڙهڻ خراب ڳالهه آهي. پر الله جي رستي ۾ روڪڻ ۽ ان کان انڪار ڪرڻ ۽ مسجد حرام جو رستو بند ڪرڻ، حرم ۾ رهڻ وارن کي اتان ڪڍي ڇڏڻ، الله جي نظر ۾ اُن کان به وڏي بُڇڙائي آهي ۽ فتنو، قتل کان به وڌيڪ آهي“. (البقره)
الله انهن سڀني کي آجو ڪري ڇڏيو-
نه رڳو اِهو، پر الله اُنهن جي دل کولي مٿڀرائپ ڪئي.
”بيشڪ اُنهن ماڻهن جن ايمان آندو ۽ جيڪي وطن کان بي وطن ٿي تڪليفون سهي الله جي واٽ ۾ جهاد ڪيائون. بيشڪ اهي ئي ماڻهو آهن، جيڪي الله جي رحمت جا اميدوار آهن ۽ الله غلطي معاف ڪرڻ وارو ۽ پنهنجي نعمتن سان نوازڻ وارو آهي.“ ( البقره)
هو سڀ سُرخرو ٿي ويا
ٻنهي قيدين کي ڇڏائڻ وارا فديو کڻي مڪي مان پهچي ويا.
ٽي ٽي اوقيه سون يعني هر ڪنهن جي لاءِ چار سئو اسي درهم.
ٻنهي جي لاءِ فديو ادا ٿي ويو
عبدالله بن مغيره هٿ ڇنڊي اُٿي کڙو ٿيو
ٻيو قيدي چار ڏينهن مسجد نبويءَ ۾ مسلمانن جي پاڪيزگي ڏسي ۽ آقاﷺ جي حُسن اخلاق جي هٿان لُٽجي ويو. جڏهن مڪي کان آيل سندس مٽ مائٽ سندس فديو ادا ڪري، سندس هٿ جهلڻ ويا ته هو ڍڪون ڏئي روئڻ لڳو:
آقاﷺ جي اڳيان هٿ ٻڌي چيائين
مونکي نه موڪليو
پنهنجو غلام.. قيدي بنائي رکو
منهنجي جسم ۽ روح جي ٻوٽي ٻوٽي شاهدي پئي ڏي
”لاالھ الا الله محمد رسول الله“
آقاﷺ آءٌ اوهان جو ٻانهو آهيان
مونکي نه ٺڪرايو
آقاﷺ ته ٺڪرايلن کي ئي پنهنجو ڪندا هئا.
اُن جو فديو واپس ڪيو ويو.
هو وادي نخله مان آيل سڀني کان وڌيڪ خوشبودار ميوو هو. جنهن جي آقاﷺ سان وفاداري، سڄي زندگيءَ جا رشتا ناتا ٽوڙي، پنهنجي بستيءَ کان پري قيدي بنجي اچڻ ۽ بلڪل آزاديءَ جي وقت، آقاﷺ جي غلامي اختيار ڪرڻ جي ڪري اڄ سوڌي حيرت جي علامت ۽ آقاﷺ سان عشق جو اڻ مٽ مثال آهي.
مڪي جي مُشرڪن ۽ خاص ڪري ابوجهل ۽ اُميه بن خلف تي ته ٻٽي ڪاتي هلي، جو سندن قيديءَ پاڻ ئي آزاد ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
شايد اُن ڏينهن هنن هڪ فيصلي ڪندڙ جنگ جي تياري تيز ڪري ڇڏي، جيڪا ٻه مهينا پري بيٺل بدر جي پڙَ ۾ انهن غير مهذب ظالم روحن کي دفنائڻ لاءِ، انهن جا جسم طلبي رهي هئي.