حجون ۾ مڪي جي فتح جو جهنڊو
ابو سفيان بن حرب بُوکلائجي ويو.
کيس سمجهه ۾ نه پي آيو ته ”مرالظهران“ جي ”وادي فاطمھ“ ۾ ٻرندڙ ڏهه هزار مچ ڪنهن جا آهن. کيس مسلمانن جي حملي جو خطرو ته هو، پر اندازو ڪونه هو ته هو اوچتو ايڏو وڏو لشڪر وٺي مڪي جي مٿان اچي ڪڙڪندا.
ابو سفيان سان بيٺل بديل بن ورقه چيو.
لڳي ٿو ته اهو خزاعه وارن جو ميڙ آهي.
ابو سفيان ناڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو ۽ چيو.
خزاعه وارا ايترا ڪٿي آهن. هو ته تمام گهٽ تعداد ۾ آهن.
رات جي اونداهي هئي.
چنڊ ۽ تارن جي ڪومل سفيد چانڊوڪيءَ کي پڙاءَ ۾ ٻرندر هزارين باهه جي مچن جي ڳاڙهاڻ مائل پيلي روشنيءَ جون زبانون چَٽي رهيون هيون. ڊسمبر جي آخري راتين مان هڪ رات جي ٿڌي هوا جا ٿڦڙ هر ٻرندڙ اُلاءُ جي گرمائش ڀريل زندگي وادي ۾ سر سراهي رهي هئي.
عجيب قسم جي خاموشي ۽ اُلائن جي چرچراهٽ هئي.
روشنيءَ جا ڀڀڪا هئا.
آواز اُڇلجي پري تائين پکڙجي ٿي ويو.
اتي ئي ڪٿي ويجهو ئي سيدنا عباس، آقا صلي الله عليھ وسلم جي اڇي خچر ’دلدل‘ تي چڙهي اُن پٿريلي رڻ پٽ ۾ ڪنهن ڪاٺير کي ڳولهڻ نڪتو هو، جيئن ان کي هو پيغام ڏيئي ابو سفيان بن حرب ڏانهن موڪلي سگهي ته جيڪڏهن جان جي امان چاهين ٿو ته آقا صلي الله عليھ وسلم جي اڳيان حاضر ٿي سلامتي گهر، پنهنجي جان ۽ مڪي جو تقدس بچائي وٺ. کيس ڪهڙي خبر ته الله، ابو سفيان بن حرب کي اُتي ئي موڪلي ڏنو آهي، ڪنهن ڪاٺير جي هٿان نياپي موڪلڻ جي هاڻي ضرورت نه رهي آهي. سيدنا عباس، ابو سفيان جو آواز سڃاڻي ورتو.
ابو حنظله؟
ابو سفيان به سيدنا عباس جو آواز سڃاڻي چيو.
تون، ابو الفضل آهين؟
ٻيئي اونداهيءَ ۾ پنهنجون سواريون آوازن جي طرف ڊوڙائي ويجهو ٿيا. ابو سفيان پنهنجي اُٺ تي ويٺي ويٺي پُڇڻ لڳو.
ابوالفضل هي ڪنهن جو پڙاءَ آهي، هيڏو وڏولشڪر؟
سيدنا عباس وراڻيو
هي رسول الله صلي الله عليھ وسلم جو لشڪر آهي.
ابو سفيان جو ساهه بيهي رهيو. ڏاڍي ڏکيائيءَ سان زبان مان نڪتس. هاءِ قريشن جي تباهي.
سيدنا عباس چيس: تون اُٺ تان لهي، منهنجي خچر جي پويان ويهه.
ڪنهن ڏسي ورتئي ته سر اُڏائي ڇڏيندئي.
ابو سفيان سان گڏ آيل ٻيئي ساٿي کسڪي ويا. سيدنا عباس چيس:
هَل! آءٌ توکي آقا صلي الله عليھ وسلم کان پناهه وٺي ٿو ڏيان.
ابو سفيان جي ڏڪندڙ سرير ۾ ساهه پيو. اٺ کي ويهاري، ٽپ ڏيئي هيٺ لٿو ۽ هارايل جواريءَ وانگر پنهنجو هٿ سيدنا عباس جي هٿ ۾ ڏيئي، ٽپ ڏيئي سندس سفيد خچر جي پويان ويهي رهيو. سيدنا عباس خچر کي اِٽَ هنئي ۽ خچر وڏيون وکون کڻندو هلڻ لڳو. سيدنا عباس سوچيو ته ابو سفيان کي سڄي لشڪر جي ٻاهران پڙاءَ جو سڄو نقشو ڏيکاري ڇڏيان ته جيئن سندس دل ۾ ويٺل ڊپ کيس وڍڻ لڳي ۽ سندس حوصلا اڃا به خطا ٿي وڃن.
لشڪر جي ڪئمپ جي خيمن وٽان خچر لڦڙ لڦڙ ڪندو اڳتي وڌڻ لڳو. باهه جي اُلائن جي چوڌاري ويٺل ماڻهن جا منهن هئڊي ڳاڙهي روشنيءَ ۾ جرڪندا رهيا ۽ هو ڪنڌ ورائي اکيون ڦاڙي خچر ڏانهن ڏسڻ ٿي لڳا. آقا ﷺ جي خچر کي سُڃاڻي ادب سان اُٿي ٿي بيٺا ۽ ادب سان ويهي ٿي رهيا. ڪن سيدنا عباس کي سڃاتو ٿي، ڪن وري ابو سفيان کي. ان ڪئمپ جو سيڪيورٽي ڪمانڊر سيدنا عمر بن خطاب هو.
سيدنا عباس، سندس خيمي وٽان ابو سفيان کي وٺي لنگهيو ته ”اُلا“ جي روشنيءَ ۾ کيس ابو سفيان جو لٿل منهن نظر اچي ويو.
او، خدا ۽ رسول جا دشمن، ابو سفيان.
سيدنا عمر نيام مان ترار ڪڍي وڌيو.
سيدنا عباس خچر کي اِٽَ هنئي.
سيدنا عباس پنڌ ئي گهوڙي جي رفتار سان ڊوڙيو
سيدنا عباس، آقا صلي الله عليھ وسلم جي خيمي وٽ پهچي ويو.
اُن جي پويان سيدنا عمر تلوار کڻي پهتو.
سيدنا عباس، آقا صلي الله عليھ وسلم جي حضور عرض ڪيو.
مون ابو سفيان بن حرب کي پناهه ڏني آهي.
سيدنا عمر زور ڀرڻ لڳو. آقا صلي الله عليھ وسلم اجازت ڏيو ته زمين جي بار کي هن کان هلڪو ڪري ڇڏيان.
سيدنا عباس چوڻ لڳو، هينئر هي منهنجي ذاتي پناهه ۾ آهي.
آقا صلي الله عليھ وسلم ٻنهي جي ڳالهه ٻُڌي
ابو سفيان هَڄيو اڌ مئو ٿيو بيٺو هو.
ساڻس ڪنهن به نه ڳالهايو.
سيدنا عباس کي فرمايائون: هينئر اوهين هن کي پنهنجي خيمي ۾ وٺي وڃو. صبح جو حاضر ڪجوس.
اها رات ابو سفيان جي سڄي زندگيءَ جي ڳري رات هئي. جيتوڻيڪ کيس بظاهر ته امان حاصل هئي، پر صبح جو آقا صلي الله عليھ وسلم کي سندس زندگي ۽ قريشن جي قسمت جو فيصلو ڪرڻو هو. ابو سفيان کي آقا صلي الله عليھ وسلم سان ڪيل زيادتين ۽ پنهنجي قوم پاران گذريل 21 سالن ۾ ڪيل ڏوهه ته ياد آيا هوندا.
کيس ننڊ ڪيئن ٿي اچي سگهي.
کيس ٻي ڏينهن صبح جو ننڊاکڙين اکين ۽ ٽٽل حوصلن سان آقا صلي الله عليھ وسلم جي خيمي ۾ حاضر ڪيو ويو.
آقا صلي الله عليھ وسلم لشڪر کي روانگيءَ جو حڪم ڏيڻ وارا هئا.
اها سترهين رمضان اٺين هجري، 27 ڊسمبر 629 عيسوي جو صبح هو.
ابو سفيان گوڏن ڀر آقا صلي الله عليھ وسلم جي سامهون ويهي رهيو.
اهو ئي ابو سفيان، جنهن احد جبل جي ڀڪَ ۾ بيهي آقا صلي الله عليھ وسلم جي سامهون سينو تاڻي نعرو هنيو هو، ”جئه هبل.“ اڄ هن جي زبان ۽ گلو سڪل هئا، وات مان آواز به نه پي اُڪليس. هن جي حالت ان قيديءَ جهڙي هئي، جهن کي خبر نه هئي ته قيدي رهندس يا ماريو ويندس.
ابو سفيان جون نظرون ڦِڪائيءَ سبب جلال نبوي صلي الله عليھ وسلم جي اڳيان جُهڪيل هيون، ۽ اهي پيرن ۾ کتل هُيون.
آقا ﷺ ابو سفيان سان سندس ڪنهن به ڏوهه جو ذڪر نه ڪيو.
فرمايائون:
”ابو سفيان توتي افسوس آهي.
ڇا توکي اڃا تائين پڪ نه ٿي آهي ته الله کانسواءِ ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي.“
ابو سفيان جو ڪنڌ جهڪيل هو ۽ زبان چُريس.
”منهنجا ابو ۽ امان اوهان تي قربان، اوهين بردباد، سٻاجها، ٻاجهارا ۽ رحم ڪرڻ وارا آهيو، اوهين اعليٰ اخلاق جا ڌڻي آهيو. آءٌ سمجهي چڪو آهيان ته الله کانسواءِ جيڪڏهن ڪو ٻيو معبود هُجي ها ته اڄ اسان جي ڪم اچي ها.“
آقا صلي الله عليھ وسلم وري فرمايو.
ابو سفيان توتي افسوس آهي، ڇا تنهنجي لاءِ اڃا به وقت نه آيو آهي ته تون ڄاڻي سگهين ته آءٌ الله جو رسول آهيان.“
ابو سفيان جو ڪنڌ جهڪيل هو، چيائين: منهنجا ابو امان اوهان تي قربان، اوهان جي سٻاجهائپ ۽ ٻاجهائپ ۽ رحمدلي تي به ڪوبه شڪ نه اٿم. پر اوهان جي نبوت جي باري ۾ اڃا به دل ۾ ٿورو شڪ اٿم.
سيدنا عباس کيس ٺونٺ هنئي.
هي بحث جو موقعو ڪونهي
ڇو ڪنڌ ڪٽرائڻو اٿئي ڇا؟
شهادت جو ڪلمون پڙهي وٺ
ابو سفيان اڃا به ٻُڏتر ۾ هو.
سيدنا عباس کيس هڪ ڳالهه ياد ڏياري. چيائينس:
ياد اٿئي.
هرقل جي درٻار مان نڪرڻ مهل تو ڇا چيو هو؟
ته جيستائين تنهنجي ڀائٽي کي ”مهرالظهران“ ۾ پڙاءَ ڪندي نه ڏسندس، تيستائين سندس رسالت نه مڃيندس.
هاڻ تو سندس ”مهرالظهران“ ۾ خيما کتل ڏسي ورتا.
هاڻ اقرار ڪري وٺ
نه ته منهنجي ڏنل امان جي حد به ختم ٿي ويندي.
ابو سفيان بن حرب ڪنڌ هيڏانهن هوڏانهن گهمائي ڏٺو ۽ چيائين.
اشهد ان لا الا الا الله اشهد ان محمد رسول الله.
آقا صلي الله عليھ وسلم چپن ۾ ڀڻڪيو.
دين ۾ ڪوبه جبر ڪونهي.
پوءِ سيدنا عباس کي چيائين، ’تنهنجي پناهه تي مون پناهه ڏني.‘
سيدنا عباس عرض ڪيو.
ابو سفيان پنهنجي قوم جو سردار آهي
هن لاءِ ڪو فرق مقرر ڪريو.
آقا ﷺ فرمايو، جيڪو ابو سفيان جي گهر ۾ ايندو اهو امان ۾ رهندو
ابو سفيان چيو: سرڪار، منهنجو گهر ايترو وڏو ڪٿي آهي.
آقا ﷺ چيو: جيڪو خانه ڪعبه جي اڱڻ ۾ ويندو، اهو به امان ۾ رهندو.
ابو سفيان ليلايو، حضور خانه ڪعبه جو اڱڻ به ايڏو وڏو ڪونهي.
حڪيم بن حزام ۽ بديل بن ورقه ته رات جو ئي ابو سفيان کان اڳ ئي اچي توبهه تائب ٿي، ڪلمون پڙهي مسلمان ٿي چڪا هئا. انهن جي لاءِ به آقا صلي الله عليھ وسلم فرمايو، جيڪو انهن جي گهر ۾ گهڙندو، اهو به امان ۾ رهندو.
آقا صلي الله عليھ وسلم ته ڏهن هزارن جو لشڪر وٺي پهتا هئا، پر هاڻي سڀني دشمنن کي امان ڏيئي رهيا هئا. ابو سفيان جي اها ڳالهه سُڻي ته خدا جي گهر جو اڱڻ ايترو وڏو ڪونهي. آقا صلي الله عليھ وسلم فرمايو، جيڪو به پنهنجي گهر جو دروازو بند ڪري ويهندو، اُهو امان ۾ رهندو.
هاڻي باقي ڪير بچيو هو.
دشمنن جي سڀني گهرن کي خدا جي گهر جي برابر ڪري ڇڏيائون.
سڀني کي امان ڏيئي ڇڏيائون.
آقا صلي الله عليھ وسلم سيدنا عباس کي اڪيلائيءَ ۾ گهرايو ۽ چيو ته ابو سفيان کي جبل جي چوٽي تي وٺي وڃي بيهار ته جيئن هو اسلامي لشڪر جي حشمت ۽ سگهه جو مشاهدو ڪري سگهي.
ايئن ئي ڪيو ويو.
اسلام جي لشڪر مان پنج ٻانهون نڪتيون
سڀني کان پهرين خالد بن وليد جي اڳواڻيءَ ۾ هڪ هزار نوَ سئو سوارن جو دستو نڪتو، چمڪندڙ ۽ تازن توانن گهوڙن تي سوارن جون زرهون ۽ تلوارون سج جي روشنيءَ ۾ چمڪي رهيون هيون.
ابو سفيان جو ساهه مٿيون مٿي ۽ هيٺيون هيٺ رهجي ويو.
خالد بن وليد جي لشڪر کي حڪم هو ته مڪي جي هيٺاهين واري حصي کان گهمي، صفا جي هنڌ تي پهچي.
قبيلن جي پويان قبيلا گذرندا رهيا.
هر قبيلي کي ڏسي ابو سفيان پُڇڻ ٿي لڳو
هي ڪير آهن؟
سيدنا عباس ٻُڌايو ٿي
مهاجرين جو جهنڊو سيدنا زبير بن عوام جي هٿن ۾ هو. اهو به سوارن جو هڪ وڏو دستو وٺي ساڄي طرف کان ڦِري مڪي ۾ داخل ٿيڻ جي لاءِ وڃي رهيو هو.
انهن جي هٿن ۾ آقا صلي الله عليھ وسلم پنهنجو جهنڊو ڏنو هو.
حڪم به ڏنو هو ته مڪي پهچي منهنجو جهنڊو
سڄي اسلامي فوج جو جهنڊو
”حجون“ جي هنڌ تي هڻجو.
ڪنهن نٿي ڄاتو ته ”حجون“ ۾ ڪهڙي هستي آرامي آهي
سيده خديجھ
اِهائي، جنهن جي سامهون آقا صلي الله عليھ وسلم پنهنجي پهرين وحي چئي هئي. جنهن هن دنيا ۾ پهريون ڀيرو آقا صلي الله عليھ وسلم جي پيغام تي لبيڪ چيو هو ۽ يقين ڏياريو هو ته ”اوهان صلي الله عليھ وسلم رحمدلي ۽ اخلاق جي اعليٰ درجي تي آهيو. الله هرگز اوهان کي ذيان نه ڪندو. اوهان کي ڪاميابي ۽ ڪامراني ملندي.“
هي اهو ئي ڏينهن هو، جنهن جي سيده بشارت ڏني هئي.
اُن ڏينهن فتح جو جهنڊو سندس قبر جي ڀرسان هڻڻ کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو مناسب هنڌ ٿي پي سگهيو.
جهنڊو اُتي ئي لڳو.
اتي ئي آقا سڀ کان پهرين قدم رکيو.
پوءِ خدا جي گهر ڏانهن ويا.
انصار جو لشڪر خزرج جي سردار سعد بن عباده جي ڪمان ۾ هو. هو جبل جي مُنهن وٽان لنگهيو ته مٿي بيٺل ابو سفيان تي نظر پئجي ويس. کيس به بدر، احد ۽ خندق وارن ڏينهن کان به اڳ عقبه ۾ چانڊوڪي رات ۾ آقا صلي الله عليھ وسلم جي هٿن تي حلف کان پوءِ مڪي جي لوفرن هٿان کاڌل مار ياد هئي. هن ڪنڌ مٿي ڪري هٿ ۾ جهليل جهنڊي کي لوڏيندي وڏي آواز ۾ چيو:
اليوم يوم الملحمه
اليوم تستحل الکعبه
اڄ رڻ گجڻ جو ڏينهن آهي
اڄ ڪعبي ۾ قتل حلال هوندو
ابو سفيان جي پيرن هيٺان جبل کسڪڻ لڳو. سيدنا عباس کان پُڇيائين.
هي ڪير آهي؟
وراڻيائين: هي خزرج جو سردار
ابو سفيان لشڪر ۾ آقا صلي الله عليھ وسلم جو روشن رُخ ڳولهڻ لڳو ته ڪيئن هُن تائين ڳالهه پُڄايان، مڪي کي بچايان. ان کانپوءِ پيرن کان وٺي مٿي تائين لوهي ٽوپن، چمڪندڙ زرهن، ڊگهن تيرن ۽ چمڪندڙ تلوارن سان جنجهيل هڪ گهوڙي سوار ۽ اُٺن تي ويٺل دستو اڳتي وڌيو.
ابو سفيان اڳ ۾ ئي ڇاتي جهليو بيٺو هو.
پڇيائين: هي ڪير آهن؟
سيدنا عباس وراڻيو: هي رسول الله صلي الله عليھ وسلم جو دستو آهي.
ابو سفيان رسول الله صلي الله عليھ وسلم کي سُڃاڻي ورتو.
پاڻ سڳورا پنهنجي اُٺڻي قصويٰ تي ڪاري پٽڪي سان نهايت نوڙت سان ڪنڌ جهڪائي ويٺا هئا. هيڏي عظيم الشان فتح جو فاتح ۽ عجز ۽ بندگيءَ ۾ ايترو جُهڪيل ڪنڌ جو سر مبارڪ قصويٰ جي ڪنڌ ۽ کاڏي صفا اُن کي ڇهي رهي هئي.
دنيا جي فاتحن جي لاءِ اهو اصول طئي ڪري ڇڏيو.
جيتري وڏي فتح ۽ ڪاميابي، ايترو وڌيڪ جُهڪو
مفتوح ابو سفيان، آقا ﷺ کي ڏسي ڏانهن وڌيا ۽ ادب سان سڏيائون:
حضور
آقا صلي الله عليھ وسلم ڪنڌ مٿي کنيو
ابو سفيان چيو
حضور، سعد بن عباده هي چوندي لنگهيو آهي
آقا صلي الله عليھ وسلم فرمايو: سعد غلط چيو آهي
اڄ خانه ڪعبه جي بي حرمتي نه ٿيندي
پر اڄ اهو ڏينهن آهي، جنهن ۾ خانه ڪعبه جي عظمت ۾ اڃا به واڌارو ٿيندو.
سيدنا عثمان بن عفان ۽ سيدنا عبدالرحمان بن عوف عرض ڪيو ته اسان کي ڊپ آهي ته متان سعد بن عباده اُتي ڪجهه ڪري نه وجهي، ڇو ته سندس جذبا چوٽ چڙهيل آهن.
آقا ﷺ اُن ئي مهل پنهنجا ماڻهو اڳيان موڪليا.
سيدنا سعد بن عباده کي پاڻ وٽ سڏيو ۽ سندس ڪمانڊ جو جهنڊو سندس پُٽ قيس بن سعد کي ڏنو.
جڏهن آقا ﷺ جبل جي چوٽيءَ جي هيٺان لنگهي ويا ته سيدنا عباس، ابو سفيان کي ڊوڙايو ته هاڻ ترت پنهنجي قوم وٽ وڃ ۽ کين اطلاع ڏي ته پنهنجن گهرن، ۾ ، تنهنجي گهر يا خدا جي گهر ۾ ويهن. ايئن بچي ويندا. ڀَڄ کين بچائي.
ابو سفيان رَئي ئي هڪڙي ڪئي ۽ ماڻهن کي گڏ ڪري اعلان ڪرڻ لڳو.
سندس زال هنده اڃا تائين ترنگ ۾ هئي. ابو سفيان جون ڊنل لهجي ۾ ڳالهيون ٻڌي صفا ٻُڏي ويئي. پوءِ چِڙي ۽ ڪاوڙ ۾ اچي چيائين: هن ٿلهي جون مڇيون پَٽي وٺو. هي ڪنانه جو ڊڄڻون سردار چريو ٿي ويو آهي، ڪير به هن جي ڳالهين ۾ نه اچي.
هوءَ اچي ابو سفيان سان وڙهڻ لڳي.
ماڻهو مُنجهي پيا ته ڪنهن جي ڳالهه مڃين.
مسلمانن جو لشڪر چئني ڏسائن کان مڪي جي شهر ۾ گهڙي رهيو هو.
گهٽيون، گليون ۽ بازارون اُن لشڪر جي پيرن سان ڏڪي رهيون هيون. شهر جي چوڌاري ڌُڌڙ جو طوفان اُٿيل هو.
ايئن پي لڳو ته ڄڻ هڪئي وقت مڪي ۾ ڪيترائي طوفان اچي ويا هجن
مڪي جو هر گهر ڏڪي رهيو هو
هر رهاڪو ڪنبي رهيو هو
فقط خدا جو گهرچمڪندڙ اُجري اُس ۾ مُرڪي رهيو هو.
مڪي جو هر مُشرڪ وساميل ڦلهيار جهڙي چهري ۽ پکڙيل اکين جي ماڻڪين سان بدحواسيءَ مان هيڏانهن هوڏانهن ڀڄڻ جي راهه تڪي رهيو هو.
هر شهريءَ جو چهرو پيلو ٿيل هو.
پر سيدنا حمزي جو جگر چٻاڙيندڙ هنده جي چهري تي اڃا لالاڻ باقي هئي. هُن ڪاوڙ ۾ اچي ابو سفيان جي ڳلي مان جهليو ۽ چيو: تون ڪنانه جو سردار آهين، مڪي جو بچاءَ ڪر- سڀني کي بچائي.
ابو سفيان هنده کي ٻانهن مان جهلي پري ڪيو
۽ پنهنجي مُئل روح سان رڙ ڪري کيس چيو
مڪو اسان جي هٿن مان نڪري چڪو آهي
اهو فتح ڪيو ويو آهي.
تون ڀَڄي پنهنجي جان بچائي
ٻين کي به بچائڻ ڏي،
هَٽي پري ٿي.
اسين هارائي چڪا آهيون.
سڀ ماڻهو ڊڄي پنهنجن پنهنجن گهرن ڏانهن ڀڳا.
هنده پنهنجا وار کولي اُتي ئي ويهي رهي. ٽنگن سندس ساٿ ڇڏي ڏنو هو. ابو سفيان کيس گهليندو گهر آيو. هنده اڃا تائين هوش ۾ نه هئي، پوءِ ڀڙڪي چيائين: اهو سڀ ڪيئن ٿيو؟
ابو سفيان کيس ڪلهن کان جهلي، پاڻ ڏانهن متوجه ڪندي، پنهنجي شان ۽ شوڪت سان ڀريل گهر ۾ ڀت سان رکيل ٺهيل جُڙيل ڪاٺ، پٿر ۽ لوهي بُتن ڏانهن اشارو ڪندي چيو:
هنده! اسان ان ڪري هارايو آهي ته اسان پاڻ کان به گهٽ بُتن کي پنهنجو خدا سمجهيو ۽ ڪري رکيو.
هنده پهريون ڀيرو نفرت مان پنهنجن خدائن کي ڏٺو.
پنهنجن بُتن کي ڏٺو
ڄڻ سڄو ڏوهه اُنهن جو ئي هُجي.
۽ پوءِ اُتي ئي مايوسيءَ مان ڊهي پيئي.
آقا صلي الله عليھ وسلم جي لشڪر جون پنج ئي ٻانهون حڪم ڏنل رستن تان ٿي مقرر هنڌن تي پهچي ويون.
مڪي جا ٻار، ٻڍا، عورتون ۽ مرد پنهنجن گهرن جي درن ۽ درين جي جهروڪن مان گهوڙن، اُٺن ۽ پيادل دستن تي مشتمل هيڏي وڏي لشڪر جي گجگوڙ ۽ فوج جي نعرن جي ٻُرائيندڙ آواز سبب اندر ئي اندر ڪنبي رهيا هئا.
سڀ لِڪي ويا.
مڪو هڪ جنن جي واسو ڪيل خالي شهر وانگر ڀڙ ڀانگ نظر اچڻ لڳو.
جيڪي پنهنجن گهرن ڏانهن ڀڄي وڃي نه سگهيا، اهي اتي ئي حرم ڪعبه ۾ وڃي هَڄي ويهي رهيا.
مڪي جا ڪي فتني خور، بنو بڪر جي ڪجهه لوفر ڇورن کي وٺي عڪرمه بن ابوجهل، صفوان بن اُميه ۽ سهيل بن عمرو مڪي جي هيٺين پاسي کان ايندڙ حضرت خالد بن وليد جي گهوڙي سوار زورآور دستي تي لڪي تير هلائڻ لڳا. جڏهن خالد اسفل کان ٿي خندمه پهتو ته اها حرڪت ٿي.
کين شايد خبرنه هئي ته اُن سگهاري دستي جو اڳواڻ ڪير آهي.
خالد بن وليد ڪجهه ئي گهڙين ۾ گهوڙن کي اهڙي نموني گهمايو جو سڀ وٺي ڀڳا، انهن مان ڪجهه مارجي ويا. عڪرمه بن ابوجهل، صفوان بن اُميه ۽ سهيل بن عمرو به جيڏانهن ڪنڌ هُئن، تيڏانهن وٺي ڀڳا. خالد بن وليد جي دستي مان به ٻه مسلمان شهيد ٿي ويا، جيڪي غلطيءَ سان خالد بن وليد جي پويان هلندا ڪنهن ٻي گهٽيءَ ۾ وڃي نڪتا هئا. اِهي ٻئي مسلمان سيدنا ڪرز بن جابر فهري ۽ سيدنا نفيس بن خالد بن ربيعه هئا.
خالد بن وليد پنهنجي لشڪر کي مڪي جي گهٽين گهوٻن مان گهمائي ڦيرائي صفا جي ٽڪريءَ وٽ اچي بيٺو، جتي ترسڻ جو حڪم هو.
سيدنا زبير بن عوام، اسلام جو مرڪزي لشڪر وٺي پنهنجي ماسي ۽ رسول الله جي پهرين گهرواري سيده خديجهرضه جي قبر وٽ آقا صلي الله عليھ وسلم جي فتح جو جهنڊو کوڙي آقا صلي الله عليھ وسلم جو اوسيئڙو ڪرڻ لڳو.
آقا صلي الله عليھ وسلم به اُتي پهچي ويا.
اُتي ئي سيده جي قبر وٽ ان وقت جي نشاني طور ”مسجد فتح“ ٺهيل آهي.
مڪي ۾ هر هنڌ اعلان ٿي رهيو هو:
’جيڪو شخص هٿيار ڦٽا ڪندو اهو امان ۾ رهندو.
جيڪو پنهنجي گهر جا دروازا بند ڪندو، اهو امان ۾ رهندو.
جيڪو ابو سفيان يا حڪيم بن حزام جي گهرن ۾ پناهه وٺندوان کي امان آهي.
جيڪو خدا جي گهر جي اڱڻ ۾ هليو ويندو،ان کي امان آهي.‘
چوڌاري امان ئي امان.
هي اهو ئي شهر هو، جنهن گذريل ايڪيهه سال آقا صلي الله عليھ وسلم ۽ سندس ساٿين کي امان نه ڏني.
اڃا آقا صلي الله عليھ وسلم کي مڪي کي پنهنجو مرڪزي هنڌ بنائڻو هو.