جنگ بدر- جنگ جو ميدان
ابو سفيان بن حرب وڏو چالاڪ هو.
کيس خبرون ملي چُڪيون هيون
بدر ايندي ايندي، بدر کان اڳ موڙ وٽ، جتان هڪ لنگهه بدر ڏانهن ٿي ويو، ٻيو ساحل کان ٿيندو مڪي ڏانهن ٿي ويو، هن اُتي پنهنجو قافلو روڪيو ۽ پنهنجي اُٺ تي ويهي ٻُوٿ ٻڌي بدر ڏانهن خبر چار وٺڻ جي لاءِ ويو.
ڏٺائين ته بدر جي هڪ کوھ وٽ هڪ پوڙهو ويٺو هو ۽ ساڻس گڏ ٻه عورتون به ، انهن ٻن عورتن جي هوندي ڪجهه گهڙيون اڳ اتي آقا ﷺ جا جاسوس لبسبس ابن عمرو ۽ عدي بن عمرو ۽ عدي بن ابي الزغابه آيا هئا. هنن کوھ جي ڪناري تي پنهنجا اٺ به ويهاريا هئا.
خبرون سدائين کوھ جي ڀرپاسي ئي ملنديون آهن.
پوءِ ڀلي اِهي پاڻيءَ سان ڀريل يا خالي
کوھ ڀريل هوندا آهن ته اُڃايل اُتي ڳالهائيندا آهن.
خالي هوندا آهن ته اُڃ سندن ڳالهيون ڪندي آهي.
آقا ﷺ، جاسوسن بظاهر ته پاڻي پيتو
پنهنجي خلين ۾ پاڻي ڀريو ۽ ڪن عورتون جي ڳالهين ڏانهن رکيائون.
هڪ مائي ٻي مائي کان پنهنجي اوڌر گهري رهي هئي.
ٻي کيس منٿ ڪري رهي هئي ته هڪ ٻن ڏينهن جي مھلت ڏينم، اجهو قريشن جو واپاري قافلو پهچڻ وارو آهي، مزدوري ڪري ڪجهه ڪمائي وٺنديس ۽ تنهنجي اوڌر توکي موٽائي ڇڏيندس.
ابو سفيان ته قافلو پويان جهلي آيو هو.
پاڻ اڪيلو کوھ تي آيو هو.
کيس شايد پريان ويندڙ جاسوسن جا پاڇا به نظر اچي رهيا هئا. مايون به ڳالهيون ڪنديون کيس کوھ تان وينديون نظر آيون.
پوڙهو اُتي ئي ويٺو هو.
پوڙها ماڻهو به سڄي عمر گذاري کوھ بنجي ويندا آهن.
اندران اونها
پاڻيءَ سان ڀريل
پَر خاموش
ڪو پيئي نه پيئي
لاپرواهه
بي نياز
اُهو پوڙهو به لاپرواھيءَ مان ويٺو هو.
ابو سفيان پاڻي پيتو، پوءِ پوڙهي کان پُڇيائين
هتي ڪو اجنبي ڏٺئي
پوڙهي جي لاءِ سڀئي اجنبي هئا.
جيڪي ٻارڙا هئا، جوان ٿي ويا.
جوان پوڙها
جن کي پوڙهو سُڃاڻندو هو، اُنهن نه ٿي سُڃاتس
جيڪي کيس سُڃاڻندا هئا، تن کي پوڙهو نه سُڃاڻندو هو.
وراڻيائين ٻه همراھ پاڻي پي ۽ ڀَري کڻي ويا آهن.
ساڻن ڪا ڳالهه مُھاڙ به ٿي
اُس کان بچڻ لاءِ چھري تي ڪپڙو پيل هُئن
هتي اٺ ويهاريائون ٻنهي. پاڻي پيتائون ۽ روانا ٿي ويا.
ابو سفيان کي تجسس ٿيو
جتي ويهاريائون اوڏانهن ويو
اُٺن جي لِڏ پيئي هئي
لِڏ کڻي هٿن سان مَهٽيائين ته اندران کجور جون ککيون نڪتيون
هڪ دم بَڙ بڙايائين
هي ته مديني جو چارو آهي.
پنهنجي اُٺ تي ويٺو ۽ اهو ڀَڄائيندو اچي قافلي ۾ پهتو ۽ قافلي جو منهن بدر کان ڦيرائي سمنڊ جي ڪنڌيءَ ڏانهن ڪيايائين. جڏهن محفوظ حد تائين اڳتي نڪري ويو ته مڪي مان گهرايل پنهنجي لشڪر کي نياپو مُڪائين ته قافلو بچي ويو آهي.
هاڻي ڀلي موٽي وڃو
پر ابو جهل جي مٿي تي ته موت نچي رهيو هو .
مرڻ جو هنڌ ۽ وقت مقرر ٿي چڪو هئس.
اهي جايون جتي جتي ابوجهل ۽ سندس ساٿي سردارن کي مرڻو هو. آقا ﷺ کي ڏيکاريون ويون هيون.
اهي ٿيل فيصلي کي ڪيئن ٿي ٽاري سگهيا.
ضد تي قائم رهيو
سڄو بنو زهره ٽن سئو همراهن کي وٺي واپس موٽي ويو.
پر هو نه موٽيو
نه ڪنهن کي موٽڻ ڏنائين
سيده خديجه جي ڀائيٽي حڪيم بن خرام آخري ڪوشش ڪئي، قريشن جي سڀ کان جهوني ۽ معزز سمجهيو ويندڙ سردار عتبه بن ربيعه وٽ ويو. کيس چيائين ته جيڪڏهن تنهنجي ڀاڳ ۾ ڪا نيڪي آهي ته هيءَ آخري موقعو اٿئي.
هن چيس: ٻُڌاءِ
حڪيم چيو: ابو سفيان جو قافلو ته بچي ويو
هاڻ ابوجهل عمرو بن حضرمي جي خون جي بدلي اجايو جنگ ۾ اُلجهي رهيو آهي. تون حضرميءَ جو حليف هئين. امير ماڻهو آهين، اهو قصو چُڪائي ان جو خون بها پاڻ ئي ڏيئي ڇڏج، پنهنجي ماڻهن کي هن خوني جنگ کان بچائي.
عتبه بن ربيعه پاڻ به دل ۾ جنگ جي ٽَرڻ لاءِ دعائون گهري رهيو هو. مڪي مان رواني ٿيڻ مهل سندس پراڻو غلام عداس، جنهن آقا ﷺ جي خدمت ۾ تازن انگورن جي پليٽ ڏيئي، آقا ﷺ جي نرڙ کي ادب سان چمي مٿس ايمان آندو هو ۽ هو آقاﷺ جي عظمت کان واقف هو.
جڏهن عتبه ۽ شيبه ٻيئي ڀائر تلوارون کڻي گهران نڪتا هئا ته عداس روئيندي سندس ٽنگن کي چُهٽي پيو.
روئيندي چوندو رهيو، نه وڃو
هُنن پڇيو ڇو؟
عداس چيو : اوهين جنهن سان وڙهڻ پيا وڃون.
اُن سان خدا آهي.
هو الله جو رسول آهي.
خدا جي مُھابي نه وڃو، اوهين جنهن به خدا کي مڃو ٿا،
ترسي پئو
اوهين پنهنجي قتل گاهن ڏانهن پيا وڃو
عداس کي ٽارڻ ڏکيو نه هو
هو ته سندن پنهنجو غلام هو
ٽاري ڇڏيائون.
پر سندن دلين ۾ ڪا ڳالهه ويهي رهي
پوءِ ٿوري دير اڳ قريش جي پنهنجي هڪ پرک رکندڙ سمجهو عمير بن وهب جمحي کي گهوڙي تي ويهاري مسلمانن جي پڙاءَ جي چوڌاري خبر چار وٺڻ جي لاءِ روانو ڪيو. مسلمان اُن وقت پڙاءُ ۾ قطار ۾ بيٺل هئا. سندن چهرن تي غضب جي وحشت هئي. ڍال ۽ زرھ ته ڪنهن وٽ به نه هئي. رڳو چمڪندر تراڙيون هيون، ڄڻ اُڃايل زبانون، اُنهن جي پويان اٺن جو وڏو ميڙ هو. جن جي پاکڙن تي قريشن کي پنهنجن ماڻهن جو موت ٻڌل نظر آيو.
هن پري کان ئي گهوري تي ويٺي ريڪي ڪئي.
رپورٽ ڏنائين
چئي ڏنائين ته اِهي ته ڪا ٻي مخلوق ٿا نظر اچن، جيڪي اڄ رڳو مارڻ جي لاءِ آيا آهن.
اُنهن مان ڪوبه مرڻ کانسواءِ نه مَرندو
جيڪڏهن هيترا همراھ مارائي پوءِ اوهان کين ماريو پوءِ به زندگي ڪيتري نه بي ڪيف بنجي ويندي.
منهنجي مَڃو ته موٽي هلو
نه وڙهو.
هُن اِهي ڳالهيون عتبه بن ربيعه جي سامهون ابوجهل سان ڪيون
پر ابو جهل پنهنجي هوڏَ تي قائم رهيو
حڪيم بن خرام به سڌو سنئون ابوجهل سان ڳالهايو
پُڇيائينس: ٻڌاءِ ته ڪڏهن محمد (ﷺ) ڪوڙ ڳالهايو؟
ابوجهل اقرار ڪيو
هُن ڪڏهن به ڪوڙ نه ڳالهايو
هن ماڻهن کي کارايو پياريو، اسان به کارايو پياريو
سقايه.. رفاده هنن وٽ
جهنڊو ۽ دارلندوه اسان وٽ
اسين برابر ٿيندا پي آياسين
هاڻ وٽن نبوت به هُجي. اها آءٌ ڪيئن هضم ڪريان؟
آءٌ ته وڙهندس..
اُن مھل حڪيم بن خرام، عتبه بن ربيعه کي مڃائي ورتو.
هُن اعلان ڪري ڇڏيو
وڙهڻو ناهي
ابوجهل، عتبه جي پويان پئجي ويو
تنهنجو هڪ پٽ حذيفه، محمد (ﷺ)سان گڏ آهي نه؟
هاڻ تون اُن جي اسان جي هٿان ٿيندڙ موت کان ڊڄين ٿو.
تنهنجا ڦڦڙ ڀريل آهن.
تون بُت تي خوشبوء هڻي رَن بنجي وڃي ويھه
نا مرد
عتبه بن ربيعه ڪاوڙ ۾ اچي زرهه پائي ورتي
هيڏانهن ابوجهل، عمرو حضرمي جي ڀاءُ کي ورغلايو.. پنهنجي مُئل ڀاءُ جي بدلي ۾ مسلمانن جو رت گهر.
هاءِ عمرو حضرمي
سندس ڀاءُ پنهنجي مٿي تان چادر هٽائي.. چَرين وانگر بدلي لاءِ رڙيون ۽ واڪا ڪرڻ لڳو..
ڪجهه گهڙيون اڳ جيڪا امن جي آس ٻَڌي هئي. اها ٽٽي پئي
قريشي لشڪر جنگ جي لاءِ تيار ٿي ويو.
هيڏانهن آقا ﷺ پنهنجن معززين کي گڏ ڪيو.
سڀني کي صورتحال کان واقف ڪيائين
آقا ﷺ پاڻ سيدنا زبير بن عوام ۽ طلحه ۽ سعد بن ابي وقاص کي قريشي لشڪر جي طاقت ۽ تعداد جو اندازو لڳائڻ جي لاءِ موڪليو. هو قريشن جو هڪ غلام جهلي آيو. هو ٽيئي اڃا اُن مائنڊ سيٽ ۾ هئا ته متوقع ٽڪراءُ ابو سفيان جي واپاري قافلي سان آهي. هُنن غلام کان پڇيو ته ابو سفيان سان ڪهڙا ڪهڙا ويڙهاڪ آهن.
هن وراڻيو هنن ۾ ابو سفيان ته ڪونهي .
هُنن کيس ٿڦا ٿوڦي ڪئي.
پوءِ هو ماٺ ٿي ويو
وري پُڇيائونس ٻڌاءِ انهن ۾ ڪير ڪير آهن؟
هُن وراڻيو:
ابوالحڪم (ابوجهل) عتبه، شيبه، وليد، اُميه بن خلف، ابوالبختري.
وري به کيس ڪُٽڪو ڏنائون ته ڪوڙ ٿو ڳالهائين.
آقا ﷺ نماز پڙهي رهيا هئا.
سلام ورايائون ته مرڪي فرمايائون
”جڏهن هي سچ پيو چوي ته به اوهين کيس ماري رهيا آهيو.“
غلام کي پاڻ وٽ سڏيائون.
پيار سان ويهاريائون
سڀني جا نالا پُڇيائون
فرمايائون: صحيح پيو چوي
پوءِ پنهنجن ماڻهن کي چيائون
”اڄ مڪي پنهنجي جگر جا ٽڪرا اوهانجي اڳيان اُڇلي ڇڏيا آهن“
پوءِ غلام کان مڪي جي فوج جو تعداد پُڇيائون. هو بي علم ماڻهو هو، ڳڻپ نه ايندي هُيس... کيس تعداد ٻڌائڻ نه پي آيس
آقا ﷺ غلام کان پڇيو
”ڀلا ٻڌاءِ ته رستي ۾ ماني کائڻ جي دوران گهڻا اُٺ ڪُهندا آهن؟“
غلام وراڻيو
”ڪڏهن اٺ ته ڪڏهن نوَ.“
آقا ﷺ فيصلو ٻڌائي ڇڏيو
هو ساڍا نو سئو آهن.
هو ايترا ئي هئا.
هاڻ آقا ﷺ پنهنجي خاص ساٿين جي گڏجاڻي سڏائي ۽ فرمايائون :
”سڄي صورتحال اوهان جي اڳيان آهي.. اسانجو مُهاڏو هڪ لشڪر سان آهي.
مون کي مشورو ڏيو .“
پروانا ته شمع تي قربان ٿيڻ جا بهانا ڳولهي رهيا هئا .
مشورو ڪهڙو ڏين ها.
پر آقا ﷺ کي هڪ اصول طئي ڪرڻو هو.
صلاح مصلحت ۽ مشوري سان سڀ ڪجهه طئي ڪرڻو هو. سيکارڻو هو. حڪم لاڳو ڪرڻو نه هو.
واري واري سان سيدنا ابوبڪر ۽ سيدنا عمر اُٿي بيٺا ۽ آقا ﷺ جي پيرويءَ ۾ جا نثاريءَ جو کليل اظهار ڪيائون .
آقا ﷺ برڪت جي دعا ڪئي ۽ چيو: مونکي صلاح ڏيو.
سيدنا مقداد اُٿي بيٺو. چيائين آقا ﷺ اسين موسيٰ عليه السلام جي قوم بني اسرائيل ڪونه آهيون، جيڪا چوندي هئي ته تون ۽ تنهنجو خدا وڃي وڙهو. اسين گڏ نڪتا آهيون. گڏ وڙهنداسين.. گڏ مرنداسين.. پوءِ ڀلي اوهان اسان کي عربستان جي ٻي ڪنڊ ’برڪ العماد‘ تائين وڙهڻ جي لاءِ وٺي وڃو.
آقا ﷺ برڪت جي دعا ڏني ۽ وري چيو.. مونکي صلاح ڏيو.
اوس جي سردا سعد بن معاذ، آقا ﷺ جو رخ پاڻ ڏانهن ڏسي چيو.. اي الله جا رسول! لڳي ٿو ته اوهانجو سوال اسان کان آهي؟
آقا ﷺ مُرڪيا ۽ هاڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيائون
سيدنا سعد بن معاذ وري اُٿي بيٺو ۽ چوڻ لڳو.
”يارسول الله! اسان اوهان تي ايمان آندو آهي. اسان شاهدي ڏني آهي ته اوهان جيڪو به آندو آهي، اهوئي حق آهي. اسان اوهان سان ساٿ ڏيڻ جو پڪو حلف کڻي چڪا آهيون.
يارسول الله! اوهين مديني مان ڪنهن ٻي ارادي سان نڪتا هئا.
پر هتي الله ٻي صورت پيدا ڪري ڇڏي آهي.
هاڻ اِهو اوهانجي مرضيءَ تي آهي ته جيڪو به ڪريو. جنهن سان چاهيو واسطو ڳنڍيو، جنهن سان چاهيو لاڳاپو ختم ڪريو. ڪنهن سان ٺاھ ٿا ڪريو يا دشمني. اسين هر حال ۾ اوهان سان گڏ آهيون. اسان جي جان ۽ مال جيڪو به آهي. اهو اوهانجو آهي. اوهين جيڪو حڪم ڏيندا، اسين ان جي پورائي ڪنداسين.
قسم آهي اُن ذات جو جنهن اوهان کي حق سان گڏ موڪليو آهي. اوهان جيڪڏهن اسانکي سمنڊ ۾ ٽُپو ڏيڻ جوحڪم ڏيندا ته ان جي به پورائي ٿيندي. بنا ڪنهن ڊپ جي اُن ۾ ٽپي پونداسين. اسان جو هڪ ماڻهو به پٺتي نه رهندو. اسين دشمنن سان وڙهڻ ڄاڻون ٿا. اسين جنگ ۾ صبر ۽ حوصلي سان وڙهندا آهيون. اسان کي اُميد آهي ته اسان جي جنگي ڪارڪردگي ڏسي اوهانجون اکيون ٿڌيون ٿينديون.
اوهان خدا جو نالو وٺي اڳتي وڌو. (زرقاني)
مهاجرن ۽ انصارن جي اهم ماڻهن جون ڳالهيون سُڻي آقا ﷺ جو چهرو مُبارڪ ٻهَڪڻ لڳو ۽ ارشاد فرمايائون.
”مونکي بشارت ڏني ويئي آهي ته ٻن جماعتن مان هڪ تي ڪاميابي يقيني آهي، يقين سان هيءَ ئي اها جماعت آهي، جو هيڏا وڏا سردار هيڏانهن ڪاهي آيا آهن ۽ مونکي سندن مرڻ جون جايون ڏيکاريون ويون آهن ته ڪير ڪٿي ڪٿي ماريو ويندو.“ ]زرقاني، عيون الاثر، ابداويه و، النهايه[
آقا ﷺ پنهنجي سپاھ کي جنگي ترتيب ۾ آڻڻ جي لاءِ بدر جي ميدان ۾ هڪ هنڌ چونڊيو. انصار جي هڪ ساٿيءَ سيدنا جناب بن منذر ادب سان ويجهو اچي عرض ڪيو ”آقا ﷺ هن هنڌ جي چونڊ اوهان آسماني حڪم سان ڪئي آهي يا انساني جنگي حڪمت جي ڪري ؟“
آقا ﷺ فرمايو
”آسماني وحيءَ سان نه پر انساني انداز سان... جنهن ۾ صلاح مشورو ٿي سگهي ٿو.“
اهو ٻُڌي سيدنا جناب بن منذر وري چيو: منهنجي رٿ آهي ته اسين ڀَر واري ٽڪريءَ تائين وڌي وڃون.. منهنجي ڄاڻ موجب اُتي ڪيترائي کوھ آهن. انهن مان ڪي مٺي پاڻيءَ جا به آهن. انهن جي پويان ساوڪ آهي. اسانجو پاڻيءَ تي ڪنٽرول هوندو. باقي کوھ اسين ڍڪي ڇڏينداسين.“
آقا ﷺ تجويز سان اتفاق ڪيو.
هڪ اصول ٻيو به طئي ڪيو ويو.
سپھه سالار کي به صلاح ڏئي سگهجي ٿي.
۽ صحيح صلاح سپھه سالار مڃي به ،
سيدنا سعد بن معاذ به هڪ صلاح ڏني
چيو آقا ﷺ
اوهين پنهنجي سپاهين جي پويان رهو
پويان اسين اوهانجي لاءِ هڪ تنبو کوڙي ٿا ڇڏيون.
هڪ ڇانورو ٿا ڪري ڇڏيون
اُتي اوهانجي سيڪيورٽي ۽ تحفظ جي لاءِ آءٌ پاڻ پنهنجن چونڊ ساٿين سان موجود رهندس. اُتي تازيون توانا اُٺڻيون تيار بيٺيون هونديون.. خدا نه ڪري جيڪڏهن نتيجو اسانجي حق ۾ نه نڪتو ته اسان وٽ واپسيءَ جي راھ کليل هوندي ۽ مديني ۾ اسان جهڙا سوين ٻيا پروانا موجود آهي. جن کي اسين پنهنجي مدد لاءِ آڻي سگهون ٿا.“
آقا ﷺ اها صلاح به مڃي ورتي.
هڪ ٻيو اصول به طئي ٿي ويو
ته واپسيءَ جي راھ به سدائين رکجي.
اُن تنبوءَ ۾ آقا ﷺ جو يار غار ۽ ٻانهن ٻيلي سيدنا ابوبڪر هر وقت آقاﷺ سان گڏ جنگي حڪمت عمليءَ ۾ اعليٰ فيصلي ساز فورم تي موجود هو.
سيدنا سعد بن معاذ به تلوار کڻيو عرش سائبان جي ٻاهر بيٺو هو.
آقا ﷺ ٻه رڪعتون نماز پڙهي عجيب والهانه انداز ۾ عجز ۽ نوڙت جي تصوير بنيو دعا ۾ ٻُڏي ويو. خدا کان دعا گهرڻ مھل سندس لڙڪن سان زمين ڀِڄي ويئي. چهرو مبارڪ لُڙڪن سان پُسي ويو. خدا کي عرض ڪيائين.
”اي الله! اڄ جيڪڏهن مسلمانن جي هيءَ ننڍڙي جماعت هلاڪ ٿي ويئي ته پوءِ تنهنجي زمين تي وري ڪڏهن به تنهنجي عبادت نه ٿيندي.“
پاڻ سڳورا ايترا ته دعا ۾ محو هئا، جو بار بار سندن ڪلهن تان چادر کسڪي ٿي ويئي. اکين ۾ رسالت جو چنڊ ۽ نظرن ۾ الله جي عظمت جو جلال، لڙڪ ئي لڙڪ، نور ۾ ٻُڏل لڙڪ.
اها گهڙي ياد ڪري سيدنا ابوبڪر چوندا هئا ته رسول الله ﷺ کي اُن ڏينهن ڏسي يقين ٿي ويو هو ته سندس دعا قبولجي ويئي آهي.
الله به ملائڪن کي چئي ڇڏيو.
”آءٌ اوهان سان گڏ آهيان. اوهين ايمان وارن جا قدم ڄمايو.. بس ڪافرن جي دلين ۾ ڊپ وجهي ڇڏيو.“ (القران 8-12)
آقا ﷺ کي آسمان جي خبر اچي ويئي.
مُرڪي فرمايائون
ابوبڪر خوش ٿي، الله جي نصرت ]مدد [اچي ويئي.
الله ننڊ طاري ڪري ٿڪل مسلمانن کي تازو توانو ڪري ڇڏيو. مينهن وسائي نرم واريءَ کي مسلمانن جي پيرن ۾ ڄمائي ڇڏيو ۽ اُن مينهن سان مُشرڪن جي پيرن هيٺان زمين تِرڪائي ڇڏي.
اهو 17هين رمضان 2 هجري مطابق 17 مارچ 623ع، خميس جو ڏينهن هو.
جنگ جي لاءِ صف بندي آقا ﷺ پاڻ ئي ڪرائي.
هٿ ۾ لٺ کڻي ماڻهن کي قطار ن ۾ بيهاريو.
پهرينءَ قطار ۾ تيرانداز ويهاربا.
ٻي قطار ۾ نيزي باز، نيزا اُڀا ڪريو چست ٿيو بيٺا هئا.
ٽين قطار تلوار وارن مجاهدن جي هئي. جنگ جي اُگهاڙين تلوارن سان سج به ڊنل هو.
اُس مٿن پيئي ٿي ته رڙيون ڪرڻ ٿي لڳي.
بدر جو کوھ تلوار وارن جي کاٻي هٿ تي هو
ساڄي پاسي اڳيان زبير بن عوام جو گهوڙو هو.
کاٻي طرف مقداد بن عمرو گهوڙي تي سوار هو.
تلوار وارن جي پويان مسلمانن جو پڙاءُ هو
کوھ جي ويجهڙائي جي ڪَري اُتي ساوڪ ۽ کجين جا وڻ هئا. ڇانورو هو،
اُتي ئي آقا ﷺ جو تنبو هو.
ڪمانڊ پوسٽ
اها جاءِ اوچي ۽ نمايان هئي.
اُتان سڄو بدر جو ميدان نظر ٿي آيو.
قطارن جي صف بندي ڪرائيندي آقا ﷺ پاڻ ئي ماڻهن کي سڏي ليڪ تي بيهاري رهيا هئا. ڪن کي هٿ سان ته ڪن کي هٿ ۾ جهليل لٺ سان اشارو ڪري، هڪ ساٿي کي پويان ڪندي آقا ﷺ جي هٿ ۾ جهليل لٺ سندس پيٽَ ۾ لڳي ويئي، هن چيو يارسول الله! اوهان مونکي لٺ سان ڏکويو آهي. اوهان کان وڌيڪ عادل ٻيو ڪير آهي.
مونکي اُن جو قصاص گهرجي.
مونکي به ايئن ئي اوهانجي پيٽ کي ڌڪ هڻڻون آهي.
الله الله جنگ جي حالت
سپھه سالار اعظم
رسول الله ﷺ کان اها تقاضا
دنيا ۾ ڪا ٻي فوج هُجي ها، ڪوبه جرنيل هجي ها ته کيس اُن مھل ئي قتل ڪيو وڃي ها.
پر پاڻ ته رحمت العالمين هئا.
خدا کي اِهو ثابت ڪرڻو هو
آقا ﷺ هٿ کڻي پنهنجو اندر گهڙيل پيٽ سندس سامهون ڪيو،
لٺ به سندس هٿ ۾ ڏنائين،
اهوسواد بن غزيه رضه هو .
چيائين: آقا ﷺ منهنجو پيٽ اگهاڙو آهي.
اوهين به ڪپڙو هٽايو.
آقا ﷺ پنهنجي پيٽ مبارڪ تان ڪپڙو هٽائي ڇڏيو،
پوءِ
سواد بن غزيه هڪ ٻڪري جي ڪُٺل ڇيلي وانگر ٻَڙڪندو جُهڪيو ۽ آقاﷺ جي جسم مبارڪ کي پنهنجا چپ رکي روئڻ لڳو. چمڻ لڳو. هن جي نس نس ڏڪي رهي هئي.
آقا ﷺ پُڇيو،
”سواد تو ايئن ڇو ڪيو؟“
سواد وراڻيو: آقا شهادت جي خواهش کڻي آيو آهيان.
سوچيم: پوءِ شايد اوهانجي جسم مبارڪ کي چُمي نه سگهان،
منهنجي اُن گستاخيءَ کي معاف ڪري ڇڏيو
آءٌ فقط هڪ غلام آهيان. جيڪو اوهانجي جسم کي هڪ چمي ڏيڻ جي خاطر پنهنجي جان هزارين ڀيرا قربان ڪري سگهان ٿو.
آقا برڪت جي دعا ڏني.
ايئن مسلمانن جي اها مختصر فوج پنهنجي تربيت گاھ ۾ اچي ويئي. جنهن جو هاڻ جيئڻ ۽ مرڻ رڳو آقا ﷺ جي خوشنودي، محبت ۽ اطاعت ۾ هو.
مڪي قريش به پنهنجي لشڪر، گهوڙن، ڀالن، نيزن، ڍالن، زرهن، تيرن ۽ تلوارن سان سامهون اچي ويا.
ابو سفيان بن حرب جي زال هنده جو پيءَ عتبه بن ربيعه، هنده جي چاچي عتبه جو ڀاءُ شيبه بن ربيعه ۽ هنده جو ڀاءُ ربيعه جو پُٽ وليد ٽيئي زرھ پوش ٿي مڪي فوج مان اڳيان نڪري آيا ۽ للڪاريندي مقابلي جي دعوت ڏنائون.
مسلمانن پاران اشارو ملندي ئي ٽي انصاري نڪتا.
عوث بن حارث، معوذ بن حارث ۽ عبدالله بن رواحه
عتبه وڏي هَٺ ۽ فخر مان چيو
اوهين ڪير آهيو.. اوهانکي نٿا سڃاڻو.. پوءِ وڏي واڪي چيائين
محمد (ﷺ)اسانجي جوڙ جا همراھ موڪل
اسين پنهنجي قوم جا سردار عتبه، شيبه، ۽ وليد آهيون،
پوءِ هن پنهنجي قبيلي جا ڳُڻ ڳاتا.
آقا ﷺ ٽنهي انصارن کي واپس گهرائي ورتو
۽ اشاري سان پنهنجن ٽن ببر شيرن کي اڳيان ڪيو
ٽيئي زرھ پوش دشمن جي مُنهان مُنهن ٿيا. هنن پنهنجا مُنهن ۽ چهرا چادر سان ڍڪي رکيا هئا. عتبه ٽنهي کي سڃاڻي نه سگهيو . چيائين اوهين ڪير آهيو؟
عتبه جي روبرو رستم قريش شير خدا هو
وراڻيائين آءٌ حمزه بن عبدالمطلب بن هاشم آهيان.
عتبه جو روح رڦي ويو. پر دل ٻڌي چيائين
هائو، تون اسانجي جوڙ جو آهين.
شبيه وچ ۾ هو.. پنهنجي سامهون واري کان پُڇيائين. تون ڪير آهين؟
ٻُٽ ٻڌل مجاهد جو دٻدٻي وارو آواز آيو.
عيبده بن حارث بن عبدالمطلب بن هاشم
شيبه کي به ماٺ وٺي ويئي
وليد جي سامهون شير رسول ۽ شير خدا سيدنا عليرضه هو.
گجگوڙ ڪندي چيائين
تُنهنجي سامهون سردار ابوطالب بن عبدالمطلب بن هاشم جو پُٽ علي آهي.
وليد ته اُن ئي گهڙيءَ اڌ مري ويو
ٻي گهڙيءَ عليءَ هڪ وار ڪيو. وليد جو ڪنڌ زره پوش لوهي ڪَڙين جي اندران گجر وانگر ڪپيو ۽ پري وڃي ڪريو. سيدنا حمزي هڪ ئي وار ڪيو ۽ عتبه بن ربيعه جيڪو مڪي ايندڙ هر زيارتيءَ کي ورغلائڻ جي لاءِ چوندو هو ته هي ساحر ۽ جادوگر آهي، رسول ڪونهي، ڌوڙ ٿي وڃي پُٽ تي ڪريو ۽ تڙپڻ لڳو. شيبه تي به سيدنا عبيده بن حارث هڪ سگهارو وار ڪيو. پر پير ترڪيس، ڪرندي به تلوار، گهمايائين.. سيدنا عبيده جيڪو سڀني مجاهدن ۾ وڏي عمر جو هو، تلوار سان سندس پير تي زخم آيو. پر ٻي گهڙي سيدنا حمزي ۽ سيدنا علي جون تلوارون لهرايون ۽ شيبه به وڃي پنهنجي ساٿين سان گڏيو.
پهرئين ئي گهڙيءَ ۾ قريشن جا ٽي بُرج ڊهي پيا
ٽي سردار مار جي ويا
هو ڊوڙندا پنهنجن سردارن جا لاشا کڻڻ جي لاءِ آيا.
هُنن جي فوج ۾ عجيب قسم جو ڊپ، دهشت ۽ بدنظمي پکڙجي ويئي
مسلمانن زخمي عبيده کي کڻي آقا ﷺ جي تنبوءَ ۾ پهچايو ويو.
سندس زخمي ٽنگن مان رت ڦوهارا ڪري وهي رهيو هو.
لڳو ايئن ٿي ته سندس نس ڪٽجي ويئي آهي.
سندس رنگ هئڊو ٿيندو پي ويو
هٿ پير ٿڌا ٿيڻ لڳس
هن مُحبت سان آقاﷺ جو هٿ جهليو ۽ مُرڪي پنهنجي جسم جي هيٺان پنهنجو هاشمي رت وهندي ڏسي چيو، اڄ جيڪڏهن سيدنا ابوطالب جيئرو هجي ها ته کيس مڃڻون پوي ها ته آءٌ سندس هن شعر جو حقدار هجان ها.
ونسلم حتي نصرع حوله
و نزمل عن ابنائنا والحلائل
”اسين محمدﷺ کي ان وقت ئي دشمن جي حوالي ڪري سگهؤن ٿا، جڏهن اسين سڀ کانئس اڳ ۾ قتل ڪيا وڃون ۽ پنهنجي اولاد کان بي خبر ٿي وڃون.“
اُن کانپوءِ پاڻ آقا ﷺ جي قدمن ۾ پنهنجي جان ڌڻيءَ جي حوالي ڪئي.
آقا ﷺ فرمايو ”آءٌ شاهدي ٿو ڏيان ته تون شهيد آهين.“
هو آقا ﷺ جي قدمن ۾ جان ڏيندڙ پهريون شهيد هو.
مڪي قريشن جا گهوڙا پٿريلي واريءَ تي پنهنجي سُنبن جون چڻنگون اُڏائيندي چرين وانگر مسلمانن تي ڪاهي آيا. رڻ گجيو، راڙو ٿيو... اڳيان ويٺل تير اندازن جن جي ڪمانن ۾ تير چڙهيل هئا. ڪمانون ڇڪيون ۽ اُن وقت ڇڏيون، جڏهن گهوڙن تي ويٺل هَٺيلا ۽ مغرور سوار ايترو ته ويجهو آيا، جو کين تيرن ۾ پُوئي هوا ۾ اڏايو وڃي.. هو ڀڄندا آيا ۽ ڪبابن جيان تيرن تي چڙهندا ويا.
ٻيو ريلو آيو
هاڻ نيزي بردار اڳيان وڌيا
حملو ڪندڙن کي کڻي نيزن تي کنيائون
پوءِ تلوارن هليون
هيڏو وڏو لشڪر
ساڍا نَو سئو سپاهي
سئو گهوڙي سوار
اُن ننڍي فوج جي سامهون ايئن منٽن ۾ ڊهي پيا
جيئن عُقاب جي سامهون جهرڪيون
پوءِ ته اچي ڀاڄ پَين ،
قريشي پنهنجن ئي ماڻهن کي چٿيندا، جيڏانهن منهن آين، تيڏانهن وٺي ڀڳا
ڪجهه ڇوڪرا ابوجهل جي ڳولا ۾ نڪتا.
انهن مان هڪ ئي ماءُ غفرا جا ست پُٽ اُن جنگ ۾ شامل هئا.
ان عورت ٻه ڀيرا نڪاح ڪيو هو. پهرين مڙس حارث مان ٽي پُٽ عوف، معوذ ۽ معاذ ڄميس، ٻيو نڪاح بڪير بن ياليل سان ڪيائين. ان مان چار پٽ اياس، عاقل، خالد ۽ عامر پيدا ٿيا.
معاذ ۽ معوذ قريشن جي ڀڄندڙ ميڙ مان سيدنا عبدالرحمان بن عوف وٽ آيا ۽ پُڇيائون
چاچا... هنن ۾ ابوجهل ڪهڙو آهي؟
عبدالرحمان بن عوف ٻارڙن جي عمر ڏسي سوچيو. انصاري آهن. ڪٿي ڪو نقصان نه ٿين.
پُڇيائين: ڀائيٽا ڇو پيا پُڇيو؟
هڪ ڇوڪري وراڻيو: آءٌ خدا سان عهد ڪري آيو آهيان ته يا ته ابوجهل کي ماريندس.. يا پاڻ مري ويندس.. ڇا ڪاڻ ته هو اسان جي آقا ﷺ جو دشمن آهي. اوهين جيڪڏهن مونکي ابوجهل ڏيکاريو ته منهنجو پاڇو کانئس تيستائين ڌار نه ٿيندو ، جيستائين يا ته هو مري يا آءٌ مارجي وڃان . اڃا اهي ڳالهيون ٿي رهيون هيون ته ابوجهل سامهون اچي ويو. عبدالرحمان بن عوف ٻنهي کي اشاري سان ابوجهل ڏيکاريو.
اشارو ملندي ئي ٻنهي باز وانگر جَهڙپ ڏني
ابوجهل کي گهيري مٿس وار ڪيائون
معاذ پهريون ڌڪ هنيس، تلوار وڃي ابوجهل جي ڪنڌ تي لڳي ۽ سندس ڪنڌ مان گهايل اٺ وانگر رت وهڻ لڳو.. ابوجهل مُڙي وار ڪيو ۽ ٻي طرف کان وار ڪندڙ معوذ کي شهيد ڪري ڇڏيائين.. معاذ وري تلوار هلائي ۽ ابوجهل کي ڌوڙ ڪري ڇڏيائين.
ابوجهل جو پُٽ عڪرمه پنهنجي پيءُ جو باڊي گارڊ بنيل هو. پڻهنس ڊٺو ته هُن معاذ جي ڪلهي تي تلوار هنئي. ٻانهن وڍجي ويئي. معاذ لڙڪندڙ ٻانهن سان به وڙهندو رهيو. بُخاريءَ جي روايت آهي ته معوذ ۽ معاذ کي ابوجهل کي ماريندڙ لکيو ويو آهي.
معاذ ۽ معوذ سان گڏ معاذ بن عمرو بن الجموع کي به ابوجهل کي جهنم رسيد ڪرڻ ۾ شريڪ لکيو ويو آهي.
جڏهن جنگ جا ڪَڪر هٽيا ته آقاﷺ، عبدالله بن معوّذ کي ابوجهل جي خبر آڻڻ جي لاءِ موڪليو . لاشن جي ڍڳَ ۾ ابوجهل زخمي حالت ۾ رت ۾ ٻُڏو مٽيءَ ۽ ڌوڙ ۾ ڀڀوت ٿيو پيو هو ۽ پويان پساھ کڻي رهيو هو.
عبدالله بن مسعود فرمائي ٿو
مون ابوجهل کي ڏاڙهيءَ مان جهلي چيو
”اي خدا جا دشمن توکي الله ذليل ۽ خوار ڪيو.“
ابوجهل جيڪو ڌوڙ ۾ ڀڀوت ٿيو، پنهنجي ئي رت ۾ پيو هو. پر اَنا وري ايڏي هُيس، جو چپ به چوري نٿي سگهيو، لفظ به نه ٿي اُڪيلس، ڪن لڳائي ٻڌم ته چئي رهيو هو.
”افسوس مونکي هارين ماري ڇڏيو.. ڪاش منهنجو قاتل ڪو ٻيو هُجي ها.“
هو سڄي عمر مڪي ۾ عبدالله بن مسعود جي به توهين ڪندو رهيو هو.
اُن عبدالله بن مسعود تلوار جهلي ابوجهل جو ڪنڌ ڪپڻ لاءِ ابوجهل جي ڪنڌ تي پير رکيو ته ابوجهل جون مڪار ،۽ تيز گهمندڙ اکيون آخري ڀيرو حيرت مان گهميون ۽ مرڻ مھل نڙ گهٽ مان آواز نڪتس
“او ٻڪريون چاريندڙ.. ڏس ته ڪٿي پير رکيو اٿئي.”
خدا جي ڪرڻي جو غريب ڌراڙ عبدالله بن مسعود جي تلوار به مُڏي هئي.
ابوجهل جي جيئري دماغ تائين پهچندڙ نسون ڪَسيل تلوار سان ڪٽجي رهيون هيون . هو تلوار کي آري وانگر هلائي رهيو هو.
خدا تعاليٰ ابوجهل جو ڪنڌ به هوريان هوريان ڪٽرائڻ جو بندوبست ڪيو هو. ابو جهل جي پنهنجي تلوار ڏاڍي سُٺي ۽ تکي هئي. خود ابوجهل جنهن تلوار سان آقا ﷺ تي وار ڪرڻ آيو هو، اُن تلوار ڏانهن اشارو ڪري هن عبدالله بن مسعود کي چيو هو. هن سان منهنجو ڪنڌ وڍ.
پر ڏس! آءٌ سردار آهيان. منهنجي ڳچي ڊگهي وڍج.
اُن ئي تلوار سان سندس ڪنڌ ڪپيو ويو
اُن تلوار جو نالو ذوالفقار هو، جيڪا پوءِ آقا ﷺ جي حصي ۾ آئي.
جڏهن ابوجهل جو وڍيل ڪنڌ آڻي آقا ﷺ جي قدمن ۾ رکيو ويو
ته آقا ﷺ ٽي ڀيرا چيو
”سڀ ساراهون الله جي لاءِ آهن، جنهن اسلام ۽ مسلمانن کي عزت بخشي.“
جنگ ختم ٿي
مرڻ وارا ڳڻيا ويا.
قيدين جي ڳڻپ ڪئي ويئي
چوڏهن مسلمان شهيد ٿيا. ڇھه مهاجر، اٺ انصاري .
مڪي جا ستر مُشرڪ ماريا ويا. جن ۾ جنگ ۾ آيل لڳ ڀڳ سڀ سردار شامل هئا. ستر کن مُشرڪ قيدي بنايا ويا. باقي سڀ مُشرڪ پاڻ سان آندل ڳائڻ وارين رنن سميت ڀڄي ويا.
جنگ جو ميدان دشمن جي لاشن ۽ ڀڄندڙن جي جوتن، بوٽن، ڍالن، نيزن، ڀالن، ٽٽل ۽ سالم تلوارن سان ڀريو پيو هو. اُتي ئي سندن ستر قيدي ٻڌا پي ويا.
دشمن جي لاشن کي دفنائڻ به آقا ﷺ جي ذميداري بڻي.
پهريون چوڏهن مسلمانن کي عزت، شان ۽ مان سان دفنايو ويو.
ستر مُشرڪن لاءِ ڌار ڌار قبرون ڪير پيو کو ٽي ها.
اُتي ڪنهن زماني ۾ بني نجار قبيلي جي ڪنهن شخص هڪ کوھ کوٽيو هو. اُن مان پاڻي ته شايد نه نڪتو هو، البت اهو سڄي ماٿري جي سڄي گندگي ۽ غلاظت جي جاءِ بنجي ويو. جن ڏينهن بدر جي ميدان ۾ ميلو لڳندو هو، انهن ڏينهن ماڻهو ان کوھ ۾ گندگي ۽ غلاظت اُڇليندا هئا. خدا جي قدرت ته مڪي جي گهڻن سردارن جا لاش ان جي آسپاس اچي ڪريا.
اُن ڪِني کوھ ۾ مڪي جي ستر مان 24 سردارن جي لاشن کي گهيلي اُڇليو ويو. انهن ۾ ابوجهل جو وڍيل ڪنڌ ۽ ڌڙ به هو، ان ئي کوھ ۾ عتبه، شيبه، وليد ۽ ٻين مغرور مڪي جي رئيسن جا لاش به اُڇليا ويا.
جڏهن لاش ڦٽا ڪري دنگ ڪيا ويا ته آقا ﷺ ان کوھ جي ڪنڌيءَ تي وڃي بيٺا ۽ هڪ هڪ جو نالو وٺي فرمايائون. اي عتبه، اي شيبه بن ربيعه، اي ابوجهل، ڇا اوهانجي لاءِ اهو چڱو نه هُجي ها ته اوهين الله ۽ سندس رسول جي اطاعت ڪريو ها. اسان سان اسانجي رب جيڪو وعدو ڪيو ، اهوئي حق ۽ سچ پاتوسين. ڇا اوهان ڏٺو ته الله اوهان سان جيڪو وعدو ڪيو هو. اهو سچ نڪتو. (بخاري)
ابن اسحاق جي روايت آهي ته آقا ﷺ اهو به فرمايو.
”اي کڏ وارؤ! اوهين پنهنجي نبيءَ جي قبيلي ۽ ڪُٽنب جا بُڇڙا ماڻهو ثابت ٿيا- اوهان مون کي ڪوڙو قرار ڏنو، جڏهن ته ٻين منهنجي تصديق ڪئي. اوهان مون کي وطن مان ڪڍيو، ٻين مونکي پناهه ڏني. اوهان مون کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏهن ته ٻين منهنجي مدد ڪئي. اوهان هڪ امين کي جادوگر چيو ۽ هڪ صادق کي ڪوڙو چيو... الله اوهان کي بُڇڙي سزا ڏيندو.“
آقا ﷺ کي کڏ وارن سان ڳالهائيندي ڏسي سيدنا عمر بن خطاب عرض ڪيو:
”يا رسول الله! اوهين اهڙن جسمن سان ڳالهيون پيا ڪريو. جن ۾ هاڻ روح ڪونهن.“ آقا ﷺ فرمايو.
”قسم آهي خُدا جو جنهن جي قبضي ۾ منهنجي جان آهي- آءٌ جيڪو ڪجهه چئي رهيو آهيان، اوهان انهن کان وڌيڪ ڪونه پيا ٻُڌو. پر هي جواب نٿا ڏيئي سگهن.“
]بخاري، مسلم، زرقاني، البدايه والنهايه، مسند احمد[
هڪ ٻيو اصول به طئي ٿي ويو.
مُردا قبرن ۾ سُڻندا آهن.
بدر جي جنگ جي فيصلي وارو ڏينهن جمع جو هو. 17 رمضان- 2 هجري، 17- مارچ 623عيسوي .
هيڏي وڏي سوڀَ جي خبر هڪدم مديني پهچڻ گهرجي.
اها خوشخبري مديني پهچائڻ لاءِ آقا ﷺ ٻن ماڻهن کي چونڊيو. مديني جي هيٺين حصي جي لاءِ سيدنا زيد بن حارث ۽ مديني جي مٿئينءَ حصي جي علائقي عوالي لاءِ سيدنا عبدالله بن رواحه-
ٻيئي اُٺ ڊوڙائيندا روانا ٿي ويا.
خوشي ۽ جوش مان.
حيرت ۾ وجهندڙ ولولي سان.
هيڏانهن مديني ۾ منافقن اِهو افواهه پکيڙي ڇڏيو هو ته مسلمانن هارايو آهي ۽ نعوذ بالله آقا ﷺ قتل ڪيا ويا آهن.
جنهن مهل سيدنا زيد بن حارث، آقا ﷺ جي اُٺڻ قصويٰ کي ڊوڙائيندي مديني ۾ داخل ٿيو ته هڪ منافق، ماڻهن کي هن ڏانهن اشارو ڪندي چيو.
لڳي ٿو ته رڳو هي هڪ ئي بچيو آهي.
ڏسو، اُٺڻ به اُن جي آهي، جيڪو مري ويو. نعوذ بالله.
ماڻهو اڳ ۾ ئي سوڳوار بيٺا هئا.
بقيع قبرستان ۾ آقا ﷺ جي نياڻي سيده رقيه کي دفنائي، اُن جي قبر تي مٽي وجهي رهيا هئا- اُنهن سان گڏ سيده جو گهر وارو سيدنا عثمان بن عفان به قبر جي ڪنڌيءَ تي ويٺو روئي رهيو هو ۽ سيده رقيه جي بيماريءَ جي ڪري، آقا ﷺ، سيدنا عثمان کي پويان مديني ۾ ڇڏي ويا هئا.
ماڻهو رسول اللهﷺ جي نياڻيءَ جي وفات ۽ ان افواهه جي ڪري اندر ئي اندر ۾ رتورت ٿي چڪا هئا.
اهڙي ڏکاري ماحول ۾ سيدنا زيد بن حارث شاندار فتح جي خبر سُڻائي ته ماڻهن کي ڄڻ ته يقين ئي نه آيو. هو نالا وٺي رسول خدا جي دشمنن جي باري ۾ ٻُڌائڻ لڳو ته فلاڻا فلاڻا سڀ مارجي ويا آهن. مرندڙ ۽ قيدين جو تعداد ٻڌايائين. ماڻهو پهرين ته ڳالهه ٻڌي ڄڻ مَنڊجي سيدنا زيد کي تڪڻ لڳا. پوءِ جيئن ئي کين يقين ايندو ويو ته سندن حالت بدلجڻ لڳي.
افواهه جو ايترو ته زور هو، جو سيدنا زيد جو پندرهن سالن جو پٽڙو اُسامه بن زيد پيءُ کي ڌار وٺي وڃي پُڇڻ لڳو
بابا! ڳالهه ته صحيح ٿا چئو نه-؟
سيدنا زيد، اُسامه کي زور سان ڇڪي ڇاتيءَ سان لاٿو ۽ منهن چُميو ۽ چيائين: پُٽڙا صبح جي سج وانگر سچ پيو چوان. اسان عظيم سوڀَ ماڻي آهي. اسامه ڊوڙندو ان منافق وٽ ويو، جنهن اها ڪوڙي خبر پکيڙي هئي.
چيائينس: اڙي ڪوڙا ڪوڙ پيو بَڪين.
هُن نرڄائيءَ مان چيو: مون ته ايئن ئي ٻُڌو هو.
ڪنهن کان ٻُڌئي؟
ڳالهه جو پيرو کنيو ويو ته اُن جا سِرا رئيس المنافقين عبدالله بن ابي سلول تائين وڃي پهتا. اُنهن افواهن پکيڙڻ ۾ يهودي به شامل هئا. خاص ڪري شاهوڪار سونارو قبيلو بنو قنيقاع، جيڪو اُن ئي عبدالله بن ابي سلول جو حليف ۽ سرپرست هو.
آقا ﷺ خوشخبري ڏيندڙ کي موڪلي پاڻ پنهنجن ساٿين ۽ ستر قيدين کي ساڻ ڪري مديني روانا ٿيا.
”روحا“ واري هنڌ تي مديني جا ماڻهو استقبال ڪرڻ جي لاءِ پهچي چڪا هئا.
ماڻهن جو جوش، جذبو ۽ خوشي ڏسڻ وٽان هئي. خوشيءَ جي ڪري ماڻهن جي اکين مان لڙڪ جاري هئا. خدا جي حضور شڪراني جون صدائون هيون.
هيڏي وڏي سوڀَ.
فتح مُبين
اسلام جي مٿڀرائپ سج جيان روشن هئي ۽ مسلمانن جي هٿان قريش جي شڪست ۽ رُسوائي.
منافق هَڄي ويا.
عبدالله بن ابي سلول به استقبال ڪندڙن ۾ اچي بيٺو.
وٽس ڏيکاءُ ۽ پنهنجي سلامتيءَ جي لاءِ ٻي ڪا راهه به نه بچي هئي. هن به سرعام ڪلمون پڙهيو.
لا الھ الا الله محمد الرسول الله
پر سندس من ۾ اهائي مَدي هئي.
اندر ۾ هو ”لا“ کان اڳتي وڌي نه سگهيو.
حقيقت ۾ اُن ڏينهن عربستان جي نقشي تي هڪ ڌار مسلمان اُمت ۽ ان جي سلطنت مديني جو خاڪو عرب جي قبيلن کي نظر اچڻ لڳو.
جنهن ڏينهن آقا ﷺ اها جنگ جيتي گهر آيا.
اهو اربع جو ڏينهن هو.
23 رمضان- ٻي هجري جي تاريخ هئي.
بمطابق- 23 مارچ-623عيسوي.
اهو اسلام جو پهريون رمضان هو... جنهن جا روزا فرض هئا. اُن کانپوءِ جيڪا عيد آئي، اها پهرين عيدالفطر هئي، جيڪا ملهائڻ جي لاءِ آسمان تان حڪم لٿو هو. اُن عيد تي آقا ﷺ پهريون خطبو ڏنو- ٻه رڪعتون عيد نماز پڙهائي.
سوچيو ته سَهي... اهو عيد جو ڏينهن ڪيترو نه نج-نبار خوشيءَ جو ڏينهن هو.