حبشه ڏانهن هجرت
پهريون ڀيرو جيڪي ٻارهن مرد ۽ پنج زائفائون حبشه ڏانهن هجرت ڪري ويا هئا. سي هڪ غلط فهميءَ جي ڪري ٽن مهينن کانپوءِ موٽي آيا. کين اها غلط خبر ملي ته مسلمانن ۽ قريشن ۾ ٺاھ ٿي ويو آهي. هو کل خوشيءَ مان واپس مڪي وريا. ويجهو پهتا ته پتو پيو ته اِها ته دشمن جي ٽُل هئي. اُلٽو قريشن سختي وڌائي ڇڏي آهي. ڪي تڙ تڪڙ ۾ واپس حبشه موٽي ويا. ڪي وري ٻيهر مڪي ۾ تڪليفون سهڻ جي لاءِ موٽي آيا. حبشه ۾ اِهي ايندڙ پراڻا ڏينهن ياد ڪندا هئا. اتي موسم به سٺي هئي، ساوڪ به هئي ۽ اتي قبائليت وارو اڻ گهڙيل عصبيتي نظام وارو ماحول به نه هو.
اُن زماني ۾ حبشه هڪ تهذيب يافته رياست هئي.
اُتي دنيا جي ترقي يافته عالمي طاقتن روم ۽ ايران جهڙو ترقي يافته نظام هو. بظاهر ته حبشه روم جي سلطنت جي ڏن ڀُرو ۽ وفادار عيسائي رياست هئي، پر رياست گهڻي حد تائين آزاد ۽ مڪمل هئي. اُتي حڪومت هلائڻ جو باقاعده چرخو هو. بادشاھ هو، وزارتون ۽ صلاحڪار هئا، عدالتون هيون، حڪومتي ادارا هئا. محصول اوڳاڙڻ جو نظام هو. ماڻهن جي ڀلائي حڪومتي ذميداري هئي، بادشاھ جو درٻار هال هو. هن جو رهائشي محل هو، شهر ۽ ملڪ جي چڱن مڙسن ۽ معززين جي راءِ ٻڌڻ جي لاءِ هڪ پارليامينٽ جهڙي شوريٰ هئي. سَهپ هئي، تنگ نظري نه هئي. امن، خوشحالي هئي، ڪاروبار هو.
جيڪي ماڻهو اُتي ٽي مهينا ٽِڪي آيا هئا، سي هاڻ مڪي اچڻ تي پڇتائي رهيا هئا. مڪي ۾ مسلمانن جا اهي ئي ازلي ويري ابوجهل، ابو سفيان بن حرب، اميه بن خلف، عتبه، شيب، ابولهب، عاص بن وائل، وليد بن مغيره ۽ عتبه بن ابي معيط هئا ۽ انهن جون اهي ئي فتني خوريون، شرارتون، ظلم، بدڪلامي ۽ بدنيتي هئي. مسلمانن جي عزت نفس ليڙون ليڙون هئي. انهن جو ڪاروبار تباھ ٿي ويو هو ۽ رات ڏينهن جي مصيبت.
اهڙين حالتن ۾ آقاﷺ مسلمانن کي ٻيهر مڪي کان امن طرف هليو وڃڻ جي موڪل ڏيئي ڇڏي، ان وقت اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ مسلمان حبشه طرف روانا ٿيا. انهن جو تعداد هڪ سئو هو. ٽياسي مرد ۽ تيرهن زائفائون هيون، انهن ۾ گهڻائي مڪي جي چڱن شريف ماڻهن جي هئي. مڪي جي معزز ۽ امير گهراڻن جا اڪثر مسلمان اهڙا هئا، جيڪي پنهنجن پنهنجن قبيلن ۾ محفوظ هئا. جهڙوڪ: سيدنا عثمان عفان ۽ سندس زوجه صاحبزادي رسول سيده رقيه، سيدنا جعفر بن ابي طالب ۽ سندس گهر واري اسماء- سيدنا ابو طالب جو تحفظ ته سڀني بنو هاشم ۽ بنو مطلب وارن لاءِ هو. سيدنا جعفر جو ته مڪي ۾ ڪير وار به ونگو ڪري نٿي سگهيو. سيدنا ابوطالب هڪ سگهارو سردار هو. سندس پناھ ۾ ته ابو جهل جي قبيلي بنو مخزوم جا به ڪيترائي مسلمان اچي چڪا هئا. رشتي ۾ هو سيدنا ابو طالب جا ڀائيٽا هئا. هُنن ابوجهل جي شرارتن کان تنگ ٿي سيدنا ابو طالب کان پناھ گهري هئي، جيڪا هُن کين ڏني.
اها ڳالهه ابو جهل کي گهڻي خراب لڳي.
هن ڏاڍو هُل ڪيو، پر اهو سڀ ڪجهه مڪي جي قبيلن جي طئي ٿيل اصولن جي ڳالهه هئي. جنهن موجب ڪنهن قبيلي جو سردار پناھ گهرندڙ ڪنهن به قبيلي جي فرد کي پناھ ڏيئي سگهيو ٿي. جنهن کي پناھ ملي ويئي. پوءِ سندس دشمن ڀَلي ڪير به هجي، کيس هٿ نٿي لڳائي سگهيو. جيڪڏهن ساڻس ڪنهن کؤنس ٿي ڪئي ته کيس قبيلن سان خوني لڙائيءَ کي منهن ڏيڻون پوندو هو. بنو مطلب ۽ بنو هاشم هڪ جسم، ٻه جان هئا. سيدنا ابو طالب ٻنهي قبيلن جو سردار هو. سندس هڪي اشاري تي قبيلن جي وچ ۾ جنگاڻ شروع ٿي وڃي ها. تنهنڪري ڪيترن ئي اهڙن قبيلن جا مسلمان، جيڪي پنهنجن قبيلن ۾ رهندا هئا، پر پنهنجن وڏن کان ڏکويل هئا، تن کي سيدنا ابو طالب پناھ ڏني هئي. مڪي ۾ بظاهر بدنيت دشمنن کي شريف مسلمانن تي هٿ کڻڻ جي سرعام همت نه پي ٿي، پر هُنن مسلمانن جي ڪاروباري ڌنڌي کي وڏو ڌڪ هنيو هو.
هو مسلمانن سان ڏيتي ليتيءَ جي معاملي ۾ هر رواداريءَ کان پري هئا.
بهرحال هيڏي وڏي انگ ۾، هيترن معزز گهراڻن جي گُڻائتن نوجوانن کي پري حبشه موڪلڻ ۾ آقاﷺ جي دورانديشي ۽ نتيجن جي حوالي سان حڪمت جو گمان ٿئي ٿو. خاص طور تي جڏهن مديني ۾ اسلامي مملڪت جي قيام کانپوءِ انهن حبشه موڪليل نوجوانن مان گهڻن کي بين الاقوامي سفارت، آئيني مشاورت کانسواءِ رياست جي مختلف ادارن جي نئين سر جوڙ جڪ جي لاءِ چونڊيو ويو.
ايئن ٿو لڳي ته حبشه موڪليل هڪ سئو ماڻهن کي تربيتي ڪورس لاءِ موڪليو ويو هو، جن اڳتي هلي مديني ۾ قائم ٿيندڙ پهرين اسلامي مملڪت ۾ رياستي مامرن ۽ رياست جي دنيا جي ٻين مملڪتن سان لاڳاپن قائم ڪرائڻ ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪرڻو هو.
بنو عبدالدار، جيڪو قريشن ۾ علم بردار معزز قبيلو هو، ان قبيلي جو خوبرو پنجويهن سالن جو جوان، ڊگهن ريشمي وارن وارو مُصيب بن عمير حبشه ۾ وقت گذارڻ کانپوءِ مديني ۾ قائم ٿيندڙ رياست کان پهرين تعليم ۽ بين الاقوامي ڊپلوميسيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو نظر ٿو اچي. سيده صفيه جو پٽ زبير بن عوا به حبشه ۾ رهي سلطنت جي معاملن جو راز دان ٿيو. سيدنا جعفر بن ابو طالب ته مسلمانن جو سڀني کان وڌيڪ ڪامياب سفير مڃيو ويو، جنهن حبشه ۾ مسلمانن جو ڪيس وڏي مهارت سان وڙهيو ۽ کٽيو. ٿيو هيئن جو مسلمان ننڍين ننڍين ٽولين ۾ لِڪندي اُٺن تي ۽ پنڌ سمنڊ جي ڪناري تي پهتا، پوءِ اُتان ٻيڙِين تي چڙهي ڳاڙهو سمنڊ اڪري حبشه ۾ وڃي لٿا. هو مڪي کان سٺ ڪلو ميٽر پري شعيبه جي بندرگاھ تان چڙهيا ته جبشه جي ساحل تي مصوع نالي بندرگاھ تي وڃي لٿا. اتان کان حبشه جي گادي جو هنڌ ’اڪسم‘گهڻو پري ڪونهي. مصوع هينئر اريٽيريا جو بندرگاھ آهي، جيڪو مسلمانن جي اڪثريت وارو ملڪ آهي، جنهن تي اڻويهين صديءَ ۾ اٽلي قبضو ڪري ورتو. ٻي جنگ عظيم کانپوءِ اهو ايٿوپيا جي حوالي ڪيو ويو. 1962کان 1993 تائين اهو ايٿوپيا جي قبضي ۾ رهيو. 1993 ۾ کيس آزادي ملي. مسلمانن جو قافلو مصوع بندرگاھ کان سوا ٻن سئو ڪلوميٽرن جو پنڌ ڪري حبشه جي قديم گادي جي هنڌ ’اڪسم‘ پهتو. اڪسوم ۾ نجاشي جي دربار هئي. نجاشي حبشي زبان جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي بادشاھ پهرين صدي عيسوي کان ٻارهين صدي عيسويءَ تائين اتي جو هر بادشاھ نجاشي سڏبو هو. جنهن وقت مسلمانن جا هڪ سئو هڪ ماڻهو هجرت ڪري حبشه پهتا ته ان وقت جي نجاشي جو اصل نالو ’اصحمه ‘هو. هو نيڪ، صالح، صلح پسند ۽ انصاف پسند بادشاھ هو.
مڪي دشمنن کي گهڻي تڪليف پهتي ته مسلمان هيڏي وڏي انگ ۾ سندن ظلم جي ڄار مان نڪري حبشه پهچي ويا آهن. ابو سفيان بن حرب، ابوجهل ۽ ٻيا قريشي اڪابر ’دارلندوه‘ ۾ ڪٺا ٿيا. اهو آقاﷺ ۽ مسلمانن جي خلاف هر گهٽيا سازش ڪرڻ جو هنڌ رهيو هو. سڀ بدنيت همراھ مَٿو مٿي سان ڏيئي ويٺا ۽ پوءِ هُنن فيصلو ڪيو ته وفد حبشه موڪليو وڃي. حبشه جي اميرن ۽ رئيسن کي سوکڙيون پاکڙيون موڪلي، کين ان ڳالهه تي راضي ڪجي ۽ مسلمانن کي حبشه مان ڪڍي مڪي آندو وڃي. اُن مقصد جي لاءِ هنن مڪي جي ٻن عيار ۽ چالاڪ همراھن جي چونڊ ڪئي.
هڪ عمرو بن العاص، جيڪو عاص بن وائل جو پُٽ هو.
ٻيو ابوجهل جي قبيلي جو عبدالله بن ابي ربيعه جيڪو هڪ حوالي سان آقاﷺ جو پُڦاٽ به هو.
ٻيئي ڄڻا حبشه جي شهر’اڪسوم‘ پهتا. نجاشي ۽ سندس وزيرن، اميرن کي پرچائڻ لاءِ تحفي طور هڪ عربي گهوڙو، چمڙي جا نفيس ٽڪرا ۽ نجاشيءَ جي لاءِ ديباح جو ملهائتو جُبو پاڻ سان گڏ کڻي ويا.
ايندي ئي هنن ساز باز شروع ڪري ڏني.
هنن جو واپار جي سلسلي ۾ اڳ ئي اتي وڃڻ ٿيندو رهندو هو. هنن جي جن سان به واقفيت هئي، تن جي ذريعي وڏن آفيسرن ۽ وزيرن تائين رسائي حاصل ڪيائون. کين اهو باور ڪرايائون ته اسانجي شهر جا ڪجهه ڀٽڪي ويل، ڏوهاري، ڀاڄو ڪڙ باغي هتي اچي لڪا آهن، اسين کين وٺڻ آيا آهيون، کين حبشه مان تڙي ڇڏيو. آفيسرن رشوت وٺي مسلمانن کي گهرايو ۽ سڀني کي کڻي زنجيرن ۾ ٻڌو ۽ نجاشي کي اطلاع ڏنائون.
نجاشي هڪ نيڪ ۽ عادل بادشاھ هو.
کيس خبر هئي ته الزام جي صورت ۾ جوابدار کي صفائي ڏيڻ جو حق حاصل هوندو آهي. هن چٽن لفظن ۾ چئي ڇڏين ته اوهانجي ڀاڄو ڪڙن جي راءِ ٻڌڻ کانسواءِ ڪوبه فيصلو نه ڪندس. ٻي ڏينهن سڀني کي نجاشيءَ پنهنجي درٻار ۾ گهرايو. پنهنجا وزير، امير گهرايا ۽ مڪي مان جيڪي قريشن جا عيار سفير پهتا هئا، اهي به بيهاريا ويا. هڪ سئو هڪ مسلمان مرد ۽ زائفائون به گهرايا ويا. قريشن جي بدنيت سفير عمرو بن العاص اهي ئي الزام ورجايا ۽ گذارش ڪئي ته کين ملڪ مان تڙي ڪڍيو وڃي. مسلمانن کي حبشه جي عملدارن رشوت کائي قيدين وانگر ٻڌي کڻي بيهاريو هو. هنن جي هٿن ۾ هٿ ڪڙيون ۽ پيرن ۾ ٻيڙيون هيون. هو سڀ درٻار ۾ بيٺا هئا. عمرو بن العاص جا الزام سُڻڻ کانپوءِ نجاشيءَ مسلمانن کي مخاطب ٿيو ته اوهين پنهنجي صفائيءَ ۾ ڇا ٿا چوڻ گهرو.
سيدنا حضرت جعفر بن ابو طالب پنهنجي ڳالهه شروع ڪئي.
پهرين هن چيو:
بادشاھ آءٌ پنهنجو بيان ڏيڻ کان اڳ قريش جي عمرو بن عاص کان ٽي سوال پڇڻ ٿو گهران.
نجاشيءَ هاڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻي چيو: هائو ڀلي پُڇ؟
سيدنا جعفر چيو: بادشاھ! هنن کان پُڇو ته اسان مان ڪو ڪنهن جو غلام آهي، جيڪو پنهنجي مالڪ سان دوکو ڪري ڀڳو آهي؟
نجاشي عمرو بن عاص ڏانهن ڏنو.
عمرو بن عاص ناڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو ۽ چيو: نه.
سيدنا جعفر چيو: بادشاھ هُن کان منهنجو ٻيو سوال اهو آهي ته اسان مان ڪير ڪنهن جو خون ڪري يا ڪنهن کي زخمي ڪري آيو آهي؟
عمرو بن عاص چيو: نه
درٻار ۾ درٻارين جي قطارن ۾ شهر جي مَکين جهڙي چُڻ ڀُڻ ٿيڻ لڳي.
سيدنا جعفر ٽيون سوال پڇيو: بادشاھ هن کان پُڇو ته اسان مان ڪنهن ڪا چوري ڪئي آهي، يا ڪنهن جو مال لٽيو آهي يا ڪنهن کي ڪو مالي نقصان رسايو آهي؟
درٻار جي ماڻهن جا ڪن جواب ٻڌڻ جي لاءِ اُڀا ٿي ويا. بادشاھ به مُرڪي عمرو بن عاص جي خاموش سوچيندڙ چهري کي ڏسي اکين جا ڀڃڻ مٿي کڻي اشارو ڪرڻ لڳو.
چئو؟
عمرو بن عاص چيو: نه.
درٻارين جي ميڙ ۾ ماڻهن جي چهرن تي اهڙو تاثر اُڀريو ڄڻ سيدنا جعفر پنهنجو دفاع مڪمل ڪري ورتو هجي، پر سيدنا جعفر ته اڃا به ڳالهائڻ جي لاءِ تيار ٿي رهيو هو، نيٺ هن پنهنجي جذبن تي قابو پائي چوڻ لڳو:
’اي عادل بادشاھ!
اسين دنيا جي جاهل قوم هئاسين، بُتن کي پُوڄيندا هئاسين، مردار کائيندا هئاسين، اسان ۾ حلال ۽ حرام جي تميز نه هئي،‘ حرام کي اسان حلال ڪري رکيو هو، اسان وٽ انسانيت جي ڪنهن به قدر جي اهميت نه هئي، اسين بي رحمي ڪندا هئاسون، پاڙيسرين جا حق کائيندا هئاسين، والدين جي عزت نه ڪندا هئاسين. اسان وٽ انساني خون ۽ حُرمت جي سُڃاڻپ نه هئي، اسين اَنا خاطر جيئندا، مرندا هئاسين ۽ ماريندا هُئاسين. اسان جو ڏاڍو هيڻي کي اُڀرڻ نه ڏيندو هو، اسان جي قبيلن ۾ انساني رواداي، مساوت ۽ برابري جو ڪوبه اصول نه هو، ڪا به اهڙي بڇڙائي نه هئي، جيڪا اسان ۾ نه هئي. اهڙي حالت ۾ خدا جي رحمت نازل ٿي ۽ خدا اسان وٽ هڪ سچي ۽ امين هستيءَ کي رسول ڪري موڪليو. هن جو حسب نسب اعليٰ، شرافت، سخاوت، ايمانداري، درگذر، پاڪائي ۽ پرهيزگاريءَ کان اسين چاليهن سالن کان واقف هئاسين، هُن رسول اسان کي بي شمار بُتن ديوتائن ۽ ديوين جي پوڄا ڪرڻ جي بدران فقط هڪ خدا جي عبادت جو حڪم ڏنو، صرف ان خدا جي جنهن اڪيلي هن ڪائنات جي جوڙ جوڙي، اُن رسول کي اسان پنهنجو آقا بنايو، اسانجي آقا اسان کي حڪم ڏنو ته سدائين سچ ڳالهايو، گلا نه ڪريو، رشوت ڏيو نه وٺو، يتيم جو مال نه کائو، وعدو ڪريو ته پاڙيو، حرام نه کائو، تور ۾ گهٽتائي نه ڪريو، جيڪو ڪمايو، ان ۾ مٽن مائٽن مسافرن بيواهن، مجبورن ۽ مسڪينن جو حصو رکو. هن اسان کي ٻڌايو ته اسان جي ڪمائي ۾ پهريون حصو اسانجي والدين جو آهي، جن اسان کي پاليو آهي، آقاﷺ اسانکي تهمت هڻڻ کان منع ڪئي آهي، هن اسان کي ٻڌايو ته انسان مٽيءَ مان ٺهيو آهي ۽ سڀ انسان برابر آهن، ڪنهن ڳوري کي ڪاري تي ، ڪنهن عربيءَ کي عجميءَ تي فوقيت ڪونهي. وڏائي صرف خدا جي لاءِ آهي ۽ انسانن ۾ معزز اُهو آهي، جنهن جا عمل سٺا آهن. آقاﷺ اسانکي حڪم ڏنو آهي ته جيڪو پاڻ کائو، اُهوئي پنهنجي غلام کي کارايو، جيڪو پاڻ پهرين اهو پنهنجي غلام کي اوڍايو. آقاﷺ اسان کي اسراف کان منع ڪئي، پر مهمان جي ميزبانيءَ ۾ اها حد کڻي ڇڏي آهي، آقاﷺ اسان کي ڊيڄاريو ته هن دنيا کانپوءِ ٻيهر اسانکي اُٿاريو ويندو ۽ اتي وري خدا جي عدالت قائم ٿيندي- جتي عدل ٿيندو. گناهگارن کي سندس ڪيتي جي سزا ملندي ۽ نيڪو ڪارن کي انعام سان نوازيو ويندو.
بادشاھ!
اسانجي قوم اسانکي رڳو اُن ڪري اذيتون ڏنيون. اسان جي ڪمزورن کي ماريو ڪُٽيو، اسانجي ماڻهن کي ڦريو. اسانکي ڊيڄاريو، ڌمڪايو. هنن اسان تي هر سختيءَ وارو حربو استعمال ڪيو ته جيئن اسين نيڪيءَ جي واٽ ڇڏي ڏيون ۽ وري اهڙا ٿي وڃو، جهڙا اڳ هئاسين. هُنن مڪي جي سرزمين جيڪا اسانجي جنم ڀومي آهي، اسان تي تنگ ڪري ڇڏي ۽ اُتي اسانجو جيئن جنجال ڪري ڇڏيو. ان وقت اسانجي آقاﷺ اسانکي اوهان ڏانهن وڃڻ جو حڪم ڪيو ۽ چيو ته وڃو اتي انسانيت جي قدرن جي سُڃاڻپ آهي ۽ اتي اوهان ماڻهن سان عدل ۽ احسان جو سلوڪ ٿيندو. تنهنڪري اي بادشاھ اسان پنهنجو وطن ڇڏي اوهانجي پاڙي ۾ رهڻ کي ترجيح ڏني.
سيدنا جعفر جون ڳالهيون ٻڌي نجاشيءَ جي دل تي گهرو اثر ٿيو. ۽ هو عجيب اشتياق ۽ محبت مان سيدنا جعفر کي تڪڻ لڳو، پوءِ نجاشيءَ پڇيو خدا جي ان رسول تي ڪو خدا جو ڪو پيغام به لٿو هوندو؟
هائو- سيدنا جعفر سوره مريم پڙهي:
”شروع الله جي نالي سان جيڪو نهايت مهربان ۽ رحم ڪرڻ وارو آهي.
ڪھٰيٰعص. هي تنهنجي پروردگار جي مهربانيءَ جو بيان آهي، جيڪا هُن پنهنجي ٻانهي ذڪريا تي ڪئي هئي، جڏهن هن دٻيل آواز ۾ پنهنجي پروردگار کي سَڏيو، منهنجا پروردگار پوڙهائپ سبب منهنجون هڏيون هيڻيون ٿي ويون آهن ۽ مٿي جا وار سڙيل گاهه وانگر آهن ۽ مُنهنجا پالڻهار آءٌ توکان گهري ڪڏهن به محروم نه رهيو آهيان ۽ آءٌ پاڻ کانپوءِ پنهنجي مائٽن کان ڊڄان ٿو ۽ منهنجي زال سُنڍ آهي، تنهن ڪري پاڻ وٽان مونکي ڪو وارث بخش- جو منهنجو وارث ٿئي ۽ يعقوب جي اولاد جو به وارث ٿئي ۽ اي منهنجا پالڻهار! اُن کي صالح ڪر- اي ذڪريا! اسان توکي هڪ پُٽ جي مبارڪ ڏيون ٿا، جنهن جو نالو يحييٰ آهي، اڳ اهڙي نالي وارو ڪو شخص پيدا نه ڪيو- چيائين اي منهنجا پالڻهار! مون کي پُٽ هن حالت ۾ ڪيئن ٿيندو، جو منهنجي زال سُنڍ آهي ۽ بيشڪ آئون پيريءَ کان جهورائيءَ کي پهتو آهيان- حڪم ٿيو ته تنهنجي پالڻهار فرمايو آهي ته اهڙي طرح ٿيڻو آهي، ۽ اهو منهنجي لاءِ آسان آهي ۽ بيشڪ هِن کان اڳ توکي پيدا ڪيو اٿم ۽ تون ڪجهه نه هئين- ذڪريا چيو: اي منهنجا پالڻهار منهنجي لاءِ ڪا نشاني ڪر- فرمايائين ته تنهنجي نشاني هيءَ آهي ته تون لڳاتار ٽي (ڏينهن) راتيون ماڻهن سان ڳالهائي نه سگهندين. پوءِ هو حجري مان نڪتو ۽ پنهنجي قوم وٽ آيو ۽ کين اشاري سان چيائين ته صبح ۽ سانجهي پنهنجي پروردگار جي پاڪائي بيان ڪريو- چيوسون ته اي يحييٰ! ڪتاب کي مضبوطي سان وٺ ۽ کيس ٻاراڻي وهيءَ ۾ علم ڏنوسون ۽ پاڻ وٽان کيس شفقت ۽ پاڪبازي ڏني سون ۽ (هو) پرهيزگار هو ۽ پنهنجي ماءُ پيءُ سان نيڪي ڪرڻ وارو هو ۽ هَٺيلو ۽ نافرمان نه هو ۽ جنهن ڏينهن ڄائو ۽ جنهن ڏينهن وفات ڪندو ۽ جنهن ڏينهن جيئرو ٿي اُٿندو، مٿس سلام هُجي ۽ ڪتاب ۾ مريم جو به ذڪر ڪر، جڏهن هوءَ پنهنجن گهر وارن کان ڌار ٿي اُڀرندي هنڌ هلي ويئي. پوءِ کانئن هڪ اوٽ ورتائين ۽ پوءِ ڏانهنس پنهنجو هڪ ملائڪ موڪليوسون. پوءِ هو اُن جي اڳيان پورو ماڻهو وانگر (بڻجي) بيٺو. مريم چيو: جيڪڏهن تون پرهيزگار آهين ته آءٌ توکان خدا جي پناھ ٿي گهران- ملائڪ چيو: آءٌ تنهنجي پروردگار جو هِن لاءِ موڪليل آهيان ته توکي هڪ نينگر بخشيان (مريم) چيو: مونکي ٻار ڪيئن ٿيندو جو مونکي ته نه ڪنهن ماڻهوءَ ڇُهيو آهي ۽ نڪي آءٌ بدڪار آهيان. (ملائڪ) چيو ته اهڙي طرح ٿيڻون آهي. تنهنجي پالڻهار فرمايو ته اِهو مون تي سوَلو آهي ۽ (هن لاءِ) ته ان کي ماڻهن جي لاءِ پنهنجي طرف کان نشاني ۽ ٻاجهه جو وسيلو ڪريون ۽ (اهو) ڪم طئي ٿيل آهي. پوءِ ان مان حمل ٿيس ۽ اُن سان گڏ پرڀري هلي ويئي. پوءِ ويم جي سورن کجي جي ٿڙ ڏانهن نيس- چيائين ته جيڪڏهن هن کان اڳ مران ها ۽ اصل وسري ويل هُجان ها. ان وقت سندس هيٺين طرف کان ملائڪ سڏيس ته ڏک نه ڪربيشڪ تنهنجي پالڻهار تنهنجي هيٺان هڪ چشمو پيدا ڪيو آهي ۽ کجيءَ جي ٿُڙ کي پاڻ ڏانهن ڌوڻ ته توتي تازيون کارڪون ڇاڻي. پوءِ کاءُ پي ۽ نيڻ ٺار، پوءِ جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي ڏسين ته چئو مون الله جي لاءِ روزو باسيو آهي، تنهنڪري ڪنهن ماڻهوءَ سان اڄ اصل نه ڳالهائينديس. پوءِ هوءَ اُن کي کڻي پنهنجي قوم وٽ آئي. هو چوڻ لڳا. اي مريم! هي بُڇڙو ڪم ڪيو اٿئي. اي هارون جي ڀيڻ! نڪي تنهنجو پيءُ بڇڙو هو ۽ نڪي ماءُ بدڪار هئي ته مريم اُن نينگر ڏانهن اشارو ڪيو- چيائون ته جيڪو پينگهي ۾ ٻار آهي، تنهن سان ڪيئن ڳالهايون (عيسيٰ) چيو ته آءٌ الله جو ٻانهو آهيان. مون کي ڪتاب ڏنو اٿس ۽ مونکي پيغمبر ڪيو اٿس ۽ جتي هوندس، اُتي مونکي برڪت وارو ڪيائين ۽ جيسين جيئرو هوندس تيسين مونکي نماز پڙهڻ ۽ زڪوات ڏيڻ جو حڪم مليو آهي ۽ پنهنجي ماءُ سان چڱائي ڪندڙ ۽ هٺيلو بدبخت نه ڪيو اٿس ۽ جنهن ڏينهن آءٌ ڄايس ۽ جنهن ڏينهن مَرندس ۽ جنهن ڏينهن وري جيئرو ٿيندس، تنهن ڏينهن مون تي سلام آهي. اهو عيسيٰ پٽ مريم جو آهي- سَچي ڳالهه آهي، جنهن ۾ ماڻهو شڪ ڪندا آهن.“
قرآن پاڪ جي زباني لفظن جي جاذبيت، معنويت جو ڪمال ۽ حسن ڪلام بادشاھ ۽ درٻار جي سڀني ماڻهن ۾ چُر پر پيدا ڪري ڇڏي. بادشاھ ۽ درٻارين جي اکين مان محبت ۽ عقيدت جا ڳوڙها ڳڙڻ لڳا. لڙڪن سبب نجاشيءَ جي ڏاڙهي ڀڄي ويئي. سيدنا جعفر جڏهن قرآن پاڪ جي تلاوت ختم ڪئي ته نجاشي چيو: بخدا! هي ڪلام جيڪو تو پڙهيو آهي ۽ جيڪو ڪلام سيدنا عيسيٰعه کڻي آيو هو، ٻيئي هڪئي شمع جا ٻه عڪس آهن.
هاڻ بادشاھ حڪم ڏنو ته قريش جي سفيرن کي سوکڙيون پاکڙيون ۽ هديھ واپس ڪيا وڃن، هِنن مظلومن کي ڇڏيو وڃي، کين ڪنهن به حالت ۾ ڪنهن جي حوالي نه ڪندس.
نجاشي جا دڙڪا ٻُڌي به عمرو بن العاص آسرو نه پليو.
پاڻ سان گڏ آيل عبدالله بن ابي ربيع مخزومي کي چيائين: سڀاڻي آءٌ درٻار ۾ انهن مسلمانن جي خلاف هڪ اهڙي ڳالهه ڪندس، جنهن سان هو بچي نه سگهندا. پنهنجي هوڏ تي قائم اُن بدنيت شخص ٻي ڏينهن بادشاھ کي درٻار ۾ چيو: عاليجاھ! هِنن کان پُڇو ته هو اوهانجي پيغمبر عيسيٰ ابن مريم جي باري ۾ ڪهڙو عقيدو ٿا رکن، ڇو ته اهي اُن جو درجو گهٽائي سندس شان ۾ بي ادبي ڪن ٿا. ڀلا کين گهرائي پُڇي ته ڏسو-
نجاشيءَ ٻيهر مسلمانن کي گهرايو ۽ پُڇيو ته ٻڌايو ته اوهين سيدنا عيسي ابن مريم جي باري ۾ ڪهڙو عقيدو رکو ٿا.
مسلمان پهرين ته گھٻرائجي ويا. پوءِ سيدنا جعفر اهوئي چيو جيڪو قرآن چوي ٿو، جيڪو آقاﷺ چيو هو. چوڻ لڳو: اي بادشاھ! اسانجي پيغمبرﷺ ٻڌايو آهي ۽ مٿس لٿل ڪتاب ۾ لکيل آهي ته ”عيسيٰ ابن مريم خدا جو پيغمبر، ڪليم الله اُن جو پيارو ٻانهو آهي“-
اهو ٻڌي نجاشي درٻار ۾ ڪنڌ جهڪايو، زمين تان هڪ ڪک کنيو ۽ چيو، ”اوهان سيدنا عيسيٰ ابن مريم جي جيڪا تعريف ڪئي، والله، سيدنا عيسيٰ ان کان هڪ ڪک به وڌيڪ ڪونهي“.
پوءِ مسلمانن کي مخاطب ٿي چيائين ”اوهين مون وٽ بلڪل امن ۽ سڪون سان، جيستائين رهڻ گهرو، رهي سگهو ٿا. مونکي جيڪڏهن ڪو سون جو جبل به ڏي ته به آءٌ اوهان کي ستائڻ پسند نه ڪندس، نه وري ٻي ڪنهن کي اهڙي موڪل ڏيندس.“
درٻار ختم ٿي .
مسلمان مُرڪندي درٻار مان نڪتا.
اهو ڏسي عمرو بن العاص خاموشيءَ سان ڪنهن ٻي دروازي مان کسڪي ويو.
بادشاھ نجاشي ’سيدنا اصحمه‘ مسلمانن جي سفيرسيدنا جعفر کي هڪ پاسي سڏيو ۽ کيس گلي لڳائي محبت ۽ عقيدت مان چيو:
”مرحبا- اوهانکي به ۽ اوهان جي رسولﷺ کي به، جنهن وٽان اوهين آيا آهيو- آءٌ شاهدي ٿو ڏيان ته پاڻ سڳورا، آقاﷺ جو رسول آهي ۽ بيشڪ اهوئي آخري پيغمبر آهي، جنهن جي بشارت ۽ خوشخبري سيدنا عيسيٰ ابن مريم ڏني هئي.“
قريشن جا فتني خور همراھ مسلمانن کي حبشه مان ڪڍرائڻ ويا هئا، پر الله تعاليٰ حبشه جي بادشاھ کي آقاﷺ جو غلام بنائي ڇڏيو. ڪجهه سالن کان پوءِ مديني هجرت ڪري وڃڻ بعد جڏهن اتي آقاﷺ کي سيدنا نجاشي اصحمه جي وفات جي خبر پيئي ته آقاﷺ ان مسلمان بادشاھ سيدنا نجاشيءَ جي غائبانه جنازي نماز خود مديني ۾ پڙهائي هئي.