محفوظ ڪيل قدم
جن قدمن کي سنڀاليو ويندو آهي، اِهي وڏي ڀاڳ وارا هوندا آهن، جڏهن ايئن ٿيندو آهي ته اهي رستا به محفوظ ٿي ويندا آهن، جن تي اهي قدم هلندا هئا، اهو هنڌ به سلامتيءَ سان قائم ڪيو ويندو آهي، جتي اِهي ڌُڻيل ڀاڳوان قدم بيهندا هئا، اهڙن ڀاڳن وارن قدمن جون هڙئي نشانيون ٻڌائڻ هر ڪنهن جي وس ۾ ڪونهي.
وڏي نشاني هڪ آهي،
اهڙن قدمن جي ته، اهڙا قدم، وک کڻندڙ پنهنجي مرضيءَ سان نه کڻندو آهي،
جتي کيس نيو ويندو آهي، اُتي هليو ويندو آهي.
جتي کيس بيهڻ جو حڪم ملندو آهي ، اُتي هڪدم رڪجي ويندو آهي،
کيس ڪنهن به رستي تي موڪليو وڃي، هو هلڻ لڳندو آهي. هو اهو نه سوچيندو آهي ته اڳيان رستي ۾ ڇانورو ڪونهي، رستي ۾ پيئڻ جي لاءِ پاڻي ملندو يا نه.
محفوظ ٿيندڙ قدم اهڙي بحث ۾ نه پوندا آهن.
کين پنهنجي عقل جي اک کان وڌيڪ موڪليندڙ جي رضا تي ڀروسو هوندو آهي. اهڙيون وکون کڻندڙ کي خبر هوندي آهي ته هو جنهن جي ڏور جهلي لغڙ بنجي اُڏرندو پيو وڃي، اهو نه بيوقوف آهي ۽ نه هيڻو. سڀئي هوائون ان جي حڪم تي ئي هلنديون آهن. کيس خبر هوندي آهي ته سڀئي زمينون ساهه کڻندي هن جو نالو ئي وٺنديون آهن.
هو ڄاڻندو آهي ته هُن جي حڪم کان سواءِ زمين رستن کي ڪو رستو نٿي ڏي. کيس اها به خبر هوندي آهي ته جڏهن کيس واٽ مليل آهي ته رستي جي ڪابه رنڊڪ، روڪي نٿي سگهي، اهڙا ڀاڳ وارا قدم ، وک وک هلندي پنهنجي اکين ۾ هُن جي رضا رکي هلندا آهن. فاصلو ڏينهن جو هُجي، مهينن جو يا صدين جو هُجي، موڪليندڙ جي حڪم سان سُسندو ويندو آهي، ويڙهبو ويندو آهي، محفوظ ٿي ويندو آهي.
سيدنا ابراهيم ڪيترا سفر ڪيا،
سڄي زندگي سفر ۾ گذاري،
جتي کن پل جي لاءِ قدم روڪڻ جو حڪم مليو، گهڙي به قيام ڪيو.
اُن هنڌ کي محفوظ ڪيو ويو.
سخت پٿر جي ٽڪريءَ جي سيني تي اُن جا ڀاڳوارا پير آيا، ته اهو پٿر ادب سبب ٻيڻون ٿي سندس پيرن ۾ سمائجي ويو. اهو پٿر جيڪو پنهنجي چُهنبدار پٿريلي زبان سان پيرن کي پِٿون ڪرڻ جو عادي هو، اهو انهن برڪت ڀَرين پيرن جي ڇهاءُ جي ڪري مکڻ جو چاڻون بنجي ويو، هن جي پيرن جا نشان پنهنجي دل تي رکي سدائين جي لاءِ اَمر ٿي ويو. پاڻ جهڙن هزارين پٿرن جي ڪڙم مان نڪري ويو.
ممتاز ٿي ويو،
سڳورپ سان ڀرجي ويو،
هر ايندڙ جي اکين جي ماڻڪين ۾ پيهي ويو.
محفوظ ٿي ويو،
پر ايئن ٿيڻ کان اڳ، اڃا گهڻو ڪجهه ٿيڻون هو.
اهو محفوظ ڪيل پٿر ته خدا کي پنهنجي گهر جي چائنٺ تي سجائڻون هو.
سَجائي ورتائين،
گهر اڏيندڙ مزدورن کي ڪڏهن ڪنهن ايتري عزت ڏني آهي؟
اهو گهر، ڪو عام گهر ٿوروئي ڪو هو،
اهو عزت واري جو عزت ڀريو گهر هو، جنهن کي هن زمين جي گولي تي سندس نالي تي ڪيل هر سجدي جو رخ ٿيڻو هو. جنهن کي سندس آخري محبوب رسول ﷺ جي آندل دين جي سُڃاڻپ بنجڻون هو، تنهن ڪري اهڙي عظمت واري گهر کي محبوب آخري رسول الله جي گهر جي سامهون ٺهڻون هو.
چوڻ تي ته خدا سيدنا ابراهيم ۽ سندس پٽ سيدنا اسماعيل کي ملائڪ موڪلي پنهنجي گهر جو نقشو ڏيکاريو هو. جيتوڻيڪ اُن نقشي ۾ ٻه هزار سال پوءِ پنهنجي محبوب ۽ آخري رسول ﷺ جي هليل هڪ هڪ وک ان گهڙي به خدا جي سامهون هئي، خدا وٽ وقت جي ورهاست اسان جيان ڪونهي، اسان وٽ ته وقت جون سڌيون شڪليون آهن. ماضي، حال ۽ مستقبل. خدا جي اڳيان اهي ٽيئي زمانا ڪنڌ جهڪائي ادب سان ڪَن ڏيو ويٺل هوندا آهن ته ڪڏهن ڪهڙي زماني کي تڪميل جي لاءِ حڪم ملي ۽ هو ڌڻيو وڃي.
ڌُڻيل ماڻهن جي لاءِ وقت به ڌُڻيو ويندو آهي.
چونڊيو ويو.
پر ايئن نه، هڪ وڏي امتحان مان گذارڻ کانپوءِ، سڀني کي ڏيکاري، مَڃرائي ته جيئن ايندڙ وقتن ۾ انسان وڏي انعام جي جڏهن به ڪا پرک ٺاهي ته معيار ساڳيو ئي رهي.
ايثار ۽ قرباني،
قربانين جي ڪنهن به پيرائي ۾ سيدنا ابراهيم، سيدنا اسماعيل ۽ سيده هاجران عظيم ترين قربانيون پيش ڪيون، جن کي محفوظ ڪيو ويو. لاڳو ڪيو ويو، ايندڙن کي اُنهن جي پيروي ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو.
ٿڃ پياڪ ٻارڙي ۽ وفادار زال کي اُٺ جي چاليهن ڏينهن جي مسافريءَ تي هڪ بنجر خشڪ ٽڪرين جي وچ ۾ ڇڏڻ، جتي پيئڻ لاءِ نه پاڻي هجي، نه ڪو ڇانوري جي لاءِ سائو پن. اُتي ٿڃ پياڪ ٻارڙي جي کُڙين سان ٿڌي مٺي پاڻي جو چشمون جاري ٿي وڃڻون هو، هوا، بنجر خشڪ ريگستان جي سيني تي سايون پتيون نڪري آيون، اهو ٽن ڏسائن ڏانهن ويندڙ قافلن جي رستي جي ويساهي کڻڻ جو هنڌ هو. يمن کان ايندڙ هڪ قافلي سيده هاجران کي درخواست ڪئي ته اسين مسافر آهيون، ٿڪل آهيون، اجازت هجي ته اوهان جي چشمي وٽ ترسي پئون، هن برڪت ڀريي پاڻيءَ سان پنهنجي ۽ پنهنجي ڍورن جي اُڃ لاهيون. سيدنا هاجران کين موڪل ڏيئي ڇڏي، ايئن اهو قافلو جيڪو پنهنجي سڃاڻپ ’بنو جرهم‘ ٻڌائي رهيو هو، اتي ٽڪي پيو. هوريان هوريان چشمي جي آس پاس هنن پنهنجا خيما کوڙي ڇڏيا.
خيما هوريان هوريان پٿرن جا گهر بنجندا ويا.
سيده هاجران جو ٿڃ پياڪ سيدنا اسماعيل پيرِڙا کڻندڙ ٻارڙو بنجي ويو. وقفي وقفي سان فلسطين کان چاليهن ڏينهن جي مسافري ڪري اُٺ تي سوار سيدنا ابراهيم پنهنجي ٻارڙي ۽ زال سان ملڻ لاِءِ ايندو۽ ٽڪندو هو. الله وري پيءُ ۽ پٽ ۾ اهڙو ته پيار پيدا ڪيو، جيئن ماکي ۽ مِٺاڻ. سيدنا ابراهيم ٻارڙي کان پري به رهندو هو ته ان جي محبت جي بوندار ۾ ڀڄندو رهندو هو. ٻارڙو وڏو ٿيندي ٿيندي ايتري وهيءَ کي اچي رسيو- جو هو پيءَ جي اڳيان پويان ڊوڙڻ لڳو. ڪڏهن سيدنا ابراهيم ڊوڙي کيس زم زم جي چشمي مان پاڻي آڻي پياريندو هو، ڪڏهن وري هو ٺڪر جي ڇَل پاڻيءَ سان ڀري پيءَ جي پويان ڀڄندو وتندو هو. زم زم جي چشمي کان چاليهه پنجاهه وکون پري اهو سڳورو هنڌ هو، جتي خدا کي پنهنجو گهر ٺاهڻو هو. جيڪو آسمان تي جُڙيل سندس معزز گهر جو هن ڌرتي سان جڙيل سڀني زمينن جي مرڪز تي عڪس هو. جنهن کي اڃا ٺهڻون هو، کيس ٿيندڙ سجدن جو رخ بنجڻون هو، پنهنجو گهر جوڙيندڙن جي لاءِ امتحان اڃا باقي هو، ته جيئن اهو مڃرايو وڃي. ته هي ٻيئي پيءَ ۽ پُٽ هن سڳوري گهر جو پٿر رکڻ جا اهل آهن.
پيءَ هڪ رات عجيب خواب ڏٺو.
جنهن بابت کيس خبر هئي ته اهو خدا جي طرفان حڪم آهي ۽ اُن جي پورائي لازمي آهي. ڏهن ورهين جو پُٽڙو پاڻيءَ جي ڇل ڀري وٽس آيو ته پيءُ ڇَل ڇڏي سندس ڪرائي جهلي کيس گلي لڳايو. سندس نرڙ چميو، ڇل جو سڀ پاڻي کيس ئي پياري ڇڏيائين ۽ پوءِ کيس ٻنهي ڪلهن کان جهلي سندس اکين ۾ ڏسندي، اطمينان سان کيس پنهنجو خواب ٻڌائڻ لڳو، چوڻ لڳو’ پُٽ، مون ڏٺو آهي ته آءٌ توکي خدا جي نالي تي قربان پيو ڪريان. ‘
ڏهن سالن جي جو پٽڙو، خدا جي مام ۽ پيءُ جي رتبي کان ڪيتري قدر شناسا هوندو. هن ڪوبه سوال نه پڇيو، چيائين؛
بابا پوءِ ڇا پيا سوچيو،
حڪم جي پورائي ڪريو،
منهنجو ڪنڌ حاضر آهي،
پيءُ پٽ کي وٺي خدا جي گهر کان پَر ڀرو وڃڻ لڳو، شايد خدا کي اُن عظيم قربانيءَ جي آڙ ۾ پنهنجي عزت واري گهر جون حدون طئي ڪرڻيون هيون.
جتي پيءُ ۽ پٽ وڃي بيٺا، اتي ٺهندڙ گهر جون حدون طئي ٿي ويون،
منيٰ جي ميدان ۾ وڃي پيءُ پٽ کي مُنهن ڀر ليٽايو.
پويان سڪيلڌي پُٽ جي صحرا نشين امڙ ڊوڙندي آئي.
شيطان سڄو منظر ڏسي رهيو هو.
هن ته انسان جي تخليق واري ڏينهن کان، خدا سان، خدا جي هر ٻانهي جي واٽ ۾ ويهڻ جي موڪل گهري ورتي هئي.
خدا به مٿس چٽو ڪري ڇڏيو هو ته تون پنهنجي ڪوشش ڪندو رهج، پر مُنهنجا جيڪي ٻانها آهن، تن تي تنهنجو وس نه هلندو.
ايئن ئي ٿيو.
شيطان ڊوڙندو واري واري سان ٽنهي عظيم هستين کي ورغلائڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو. پهرين پيءُ جي ڪن ۾ خود ڪلاميءَ جي انداز ۾ وسوسا وجهڻ لڳو، شايد تو غلط اندازو لڳايو آهي. منهنجو سڪيلڌو پُٽ ئي منهنجي سُڃاڻپ آهي. هن مان ته منهنجي پيڙهي هلڻي آهي،هي قربان ٿي ويو ته آءٌ بي نشان بنجي ويندس. شايد ايتريون ڳالهيون سيدنا ابراهيم جي وات مان نه نڪتيون هجن، سيدنا ابراهيمعه، جيڪو باهه جي سمنڊ کي گل ۽ گلزار بنائي آيو هو. ڪيئن امتحان جي گلن تي باهه جو شڪ ڪري ها. زمين تي جُهڪي هڪ ٿلهو پٿر کنيائين ۽ شيطان جي ٻُوٿ ۾ هنيائين.
شيطان ننهن کان وٺي چوٽيءَ تائين پٿر بنجي ڄمي ويو.
پر هُن هار نه مڃي،
ٻيو وار هن ننڍڙي معصوم پُٽڙي تي ڪيو.
هن جي دل ۾ وسوسن جو ڄار اُڻي، شڪار ڪرڻ جي نيت سان ويجهو آيس ۽ دل ۾ اهو وسوسو وڌائينس ته ٿورو هوش ڪر.اِها وري ڪهڙي ڳالهه آهي ته خواب پيءُ ڏسي ۽ ڪاتي تنهنجي ڪنڌ تي هلي، ڀڄي وڃ،
هي به رسول زادو هو، پاڻ نبي هو، پيءُ جو هٿ وڌيڪ زور سان جهليائين. هٿ جهلي هلندي هلندي جُهڪي پيءُ جي کنيل پٿر کان به وڏو پٿر کنيائين ۽ وسوسن جي سُس پُس ڪندڙ شيطان جي مٿي تي ٺوڪي ڏنائين.
شيطان ڄڻ چريو ٿي پيو.
هاڻ هن ٽيون ڀيرو حملي ڪرڻ جي سَٽَ سَٽي.
کيس شايد خبر هئي ته امتحان ۾ ڪاميابيءَ جي صورت ۾ هنن ٻنهي جي هٿان خدا جو عزت وارو گهر بنبو ۽ ان گهر جي پاڙي مان هن جي ئي پيڙهي مان هڪ اهڙي برگذيده آخري رسول جي آمد ٿيندي. جنهن مان هُن انساني نسل کي ڀٽڪائڻ جي سندس سڄي محنت اجائي ويندي. کيس ايندڙ وقتن ۾ پنهنجي حيثيت برباد ٿيندي نظر آئي، پوءِ هو ڇو نه هٿ پير هڻي ها. هن سوچيو، پهرين پهرين جڏهن آدم سندس هٿان ڀُليو ته امان حوا سندس سُس پُس تي ڌيان ڌريو هو.
ڪهڙي خبر بي بي هاجران به امان حوا وانگر هجي؟
ٽي ڀيري هن ٻنهي پيءُ پٽن جي پويان ممتا جي اگهاڙن پيرن کي ورايو . سيده هاجران جي ڪنن ۾ سُس پُس شروع ڪيائين، ايئن ڪو ٿيندو آهي ڇا. پُٽ ڄائو ته چاليهن ڏينهن جي اٺ جي مسافري تي اچي ويراني ۾ ڇڏيائين، هاڻ پُٽ جوان ٿيڻ لڳو آهي ته کيس سدائين جي لاءِ زندگي مان ڪڍيو پيو وڃي، ڊوڙ تکي وڃ، روڪين، پنهنجي پٽ کي بچائي. سيده هاجران جليل القدر نبيءَ جي گهر واري هئي، عظيم الشان نبيءَ جي امڙ هئي، کيس پنهنجي سڪيلڌي پُٽ جي نراڙ تي هن جهان جي عظيم ترين رسول ﷺ جي جد امجد هئڻ جي روشني نظر اچي رهي هئي، هوءَ انهن عظيم پيءَ پٽن ۽ سندن خدا جي راز ۽ نياز ۾ ڪيئن ٿي دخل ڏيئي سگهي. هوءَ به جهڪي
هڪ وڏو پٿر کنيائين ۽ هن جي لوندڙي تي هڻي ڪڍيائين.
شيطان ٽيون ڀيرو به پٿر بنجي ويو، رستي جا سڀئي ڪنڊا نڪري ويا.
پُٽ سرشاريءَ جي حالت ۾ تعميل ۾ ڪنڌ جهڪائي، اکيون ٻوٽي، پٿر تي ڪنڌ رکي ليٽي پيو.
پيءُ آسمان ڏانهن منهن ڪري خدا کي شاهد ٺاهيو ۽ ڪاتي پُٽ جي ڪنڌ تي رکي ڇڏيائين،
ممتا پير روڪي نگاهون مٿي کڻي پنهنجو روح سجدي ۾ رکي ڇڏيو.
آسمان کان زمين تائين نور جي تجلي ٿي،
آواز آيو.
ابراهيم تنهنجي قرباني اسان تائين پهچي ويئي.
تو پنهنجو خواب سچو ڪري ڏيکاريو.
اسان تنهنجو پُٽ هڪ سڳوري قربانيءَ سان بدلائي ڇڏيو.
ڏس، اکيون کول.
سيدنا ابراهيم اکين تي ٻڌل پٽي کولي ته ڏٺائين سندس سامهون سندس فرزند سيدنا اسماعيلعه بيٺو مُرڪي رهيو آهي ۽ اڏيءَ تي هڪ دنبو قربان ٿيو پيو آهي.
آواز آيو. هيءَ مبارڪ قرباني جو مبارڪ بدل آهي،.
اصل وڏي قرباني جو بهتر بدل اُن گهڙيءَ، ان فرمانبردار، جليل القدر صاحبزادي جي نسل مان جنم وٺندڙ سيدنا ابراهيم جي دعا آخري رسول ﷺ جي پاڪ ڪُٽنب جي نالي لکي وئي.
نه ته هڪ دنبو هڪ رسول کان ڪيئن ٿي بهتر ۽ برتر ٿي سگهيو،
اهو ته فرمانبرداريءَ جو انعام هو، ماني جي دعوت هئي.
چيائين؛
هي کائو، هي کارايو.
تون پيءُ، پُٽ ۽ امڙ اُن آزمائش ۾ پورا لٿا آهيو.
مڪي جي بستي آهستي آهستي وڌندي رهي.
سيدنا ابراهيم پري کان سيده ساران جي گهران ڪلهي تي تير ڪمان لڙڪائي اُٺ تي ايندو ۽ ويندو رهيو. هڪ ڀيري واپس وريو ته هن سيده ساران کي خدا پاران مليل خوشخبري سڻائي. سيده ساران جي پٽ سيدنا اسحاق ۽ اسحاق جي پُٽ يعقوب جي خوشخبري ڏني، پوءِ موٽي مڪي آيو ته سيدنا اسماعيل کي تير اندازي جا سبق ڏنائين، اُن ملاقات ۾ جڏهن سيدنا اسماعيل جي عمر ويهه سال هئي ته سيده هاجران جو وقت ڀرجي آيو، هو جنهن جهوپڙي ۾ رهندا هئا، اُتي ئي پيءُ پٽ کيس دفنائي ڇڏيو. اها خبر ته کين پوءِ پئي ته خدا پنهنجي گهر جي بنيادن جي نشاندهي ڪرڻ مهل سيده هاجران جي قبر کي ڪعبي جي اُترينءَ ڀت ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي.
جيڪو هاڻي حطيم آهي.
پيءُ ۽ پُٽ جي آخري ملاقات ڪعبي جي اڏاوت تي ٿي هئي،
پٽ ٽيهن سالن جو ٿي چڪو هو، پيءُ جي عمر هڪ سئو ٽيهه سالن جي لڳ ڀڳ هئي،
اُن ملاقات کان اڳ پهرين ٻه ڀيرا سيدنا ابراهيم اُن جهوپڙيءَ ۾ پٽ جي ملاقات لاءِ آيو هو،
ٻيئي ڀيرا پُٽ تير ڪمان کڻي ڪيڏانهن ويو.
پهرين ڀيري پيءُ پُٽ جي چائنٺ تي بيهي سڏ ڪيو ته اندران هڪ نا شڪري عورت جو آواز آيو، جيڪا چائنٺ ٽپي ٻاهر نڪري پنهنجي مڙس جي شڪايتون ڪرڻ لڳي،
الائجي ڪيڏانهن ويو آهي،
خبر ئي ڪونهي،
ڪجهه به ٻُڌائي نه ويو آهي، هن ويراني ۾ قيد ڪري رکيو اٿس،
مٿان وري اوهين آيا آهيو پُڇڻ، ڇا ٻڌايان؟ بڙ بڙ ڪندي هوءَ چائنٺ ٽپي واپس اندر وڃڻ لڳي ته سيدنا ابراهيم کيس گهڙي کن روڪيو.
چيائينس؛
تنهنجو وَر اچي ته منهنجو هڪ نياپو ڏيندينس؟
هن گهنڊ وجهي چيو؛ چئو ؟
سيدنا ابراهيم چوڻ لڳو چئجانس ته گهر جي چائنٺ بدلائي ڇڏ.
چئي ڇڏينديس. پر هو منهنجي چيل ڪا ڳالهه ٿوروئي ٻڌي ٿو. هيءَ ئي اڏوهي کاڏل چائنٺ منهنجي ڀاڳ ۾ رهڻي آهي.
سيدنا ابراهيم مُرڪيو ۽ واپس موٽي ويو.
سيدنا اسماعيل پنهنجي گهر آيو.
پُڇڻ لڳو، ڪو ملاقاتي آيو هو ڇا؟ (شايد پيءُ جي خوشبوءِ سندس ذهن ۾ سوال اُڀاريو هجي) سيدنا اسماعيل جي گهر واريءَ ابتا سبتا هٿ هلائي کيس هڪ روشن چمڪندڙ اکين واري اڇي سنواري واري بزرگ جي اچڻ جو ٻڌايو ۽ چوڻ لڳي، عجيب نياپو ڏيئي ويو آهي، اهو بابا ويندي ويندي چوندو ويو ته تنهنجو ور اچي ته چئجانس گهر جي چائنٺ بدلائي ڇڏ. توکان ته اها بدلائڻ پُڄي نٿي، هن ايئن پي چيو ڄڻ تون واقعي به هن جي ڳالهه مڃي وٺندين.
هائو، آءٌ مڃي رهيو آهيان.
اهو بزرگ صحيح چئي رهيو هو.
کيس خبر آهي ته هو جيڪو چوندو آهي، سو آءٌ مڃيندو آهيان.
خبر اٿئي اهو بزرگ ڪير هو؟
مونکي ڪهڙي خبر.؟
مونکي خبر آهي.
ڪير هو ؟
هو منهنجو پيءَ هو، هو اشارو ڏيئي ويو آهي ته آءٌ توکي بدلائي ڇڏيان. تنهن ڪري توکي طلاق ٿو ڏيان. سيدنا اسماعيل ٻي شادي به ’بنو جرهم‘ مان ڪئي، ٻي زال شڪر گذار هئي.
هڪ ڀيري ٻيهر سيدنا اسماعيل جي غيرموجودگيءَ ۾ سيدنا ابراهيم آيو، در کڙڪايائين. سيدنا اسماعيل جي وني گرمجوشيءَ سان کيس ڀليڪاريو، سڃاتو ته هن به نه ته دروازي تي ڪير آهي. رڳو هن جي چهري تي وسندڙ نور ۽ هڏ ڪاٺ جي عجيب سڳوري وقار کي ڏسي خوش ٿي ويئي.
خدمت چاڪري ڪرڻ لڳي.
ڇانوري ۾ بستر وڇايائين،
زم زم پياريائين،
ماني کارايائين،
اُٺڻ کي چارو وڌائين.
کانئس سيدنا ابراهيم سندس وَر جي باري ۾ پڇيو، هن وڏي احترام مان چيو، ’گهر جي ڪم ڪار ۾ رڌل رهندو آهي، شايد اچڻ ۾ دير ٿي وڃينس،‘ چيائينس ته تنهنجو ور اچي ته کيس منهنجو هڪ نياپو ڏيندين؟
جي ڇونه .
چئجينس: گهر جي چائنٺ سُٺي آهي، اُن جو خيال رکج،
اهو چئي سيدنا براهيم وري موٽي ويو.
سيدنا اسماعيل جڏهن پنهنجي ونيءَ کان پيءُ جو پيغام ٻڌو ته سندس مٿو چمڻ لڳ، چيائينس: اهو منهنجو پيءُ هو، هو تو مان خوش ٿي ويو آهي، ۽ مونکي پيغام ڏنو اٿس ته آءٌ تنهنجو خيال رکان.
ٻنهي زال مڙسن جو پيار وڌي ويو،
اُن ونيءَ مان سيدنا اسماعيل کي ٻارنهن پٽ پيدا ٿيا.
ٻارنهن پٽن مان ٻارنهن قبيلا ٿيا.
عربستان جي ريگستان جو سڄو عرب نسل انهن مان ٿيو. پر اڃا وڌيڪ عظيم گهر بنجڻون هو.
کيس ٺاهڻ جو حڪم اچي ويو.
سيدنا ابراهيم پهچي ويو، اڳيان وک وک تي جبرائيلعه هليو، سيدنا اسماعيل جهوپڙيءَ سان گڏ، زم زم جي چشمي کان چاليهه وال پري، خدا پنهنجي فرشتي جي وسيلي زمين تي پنهنجي گهر جو نقشو کولي ڇڏيو. ريگستاني ميدان ۾ هيٺاهين مٿاهين پٿرن جي وچ وچ ۾، جتي جتي ڀتيون ٺهڻيون هيون، اتان هوا اڏري، پهرين اُن هوا ٺهندڙ گهر جو طواف ڪيو، پوءِ جتان اُڏي هئي، اهو هنڌ باقي هنڌ کان ڌار ڪري ڇڏيائين، پٽ تي ڪنهن غيبي آڱر سان کوٽيل نقشو اُڀري آيو. چوڪنڊي ڪمري جو نقشو، ٿورو مستطيل، پر چئني طرفن ڀتيون اهڙيون جو ڪا هڪ ڀت سامهون واري ٻي ڀت جي برابر نه هئي.
”ياد ڪريو اهو وقت جڏهن ابراهيم جي لاءِ هن گهر جي جاءِ تجويز ڪئيسون. (القرآن . سوره الحج. آيت 26)
پيءُ پُٽ خدا جي ان عظيم گهر کي ٺاهڻ ۾ جنبي ويا، جنهن کي قيامت تائين سڀني سجدن جو طرف ٿيڻون هو. چون ٿا ڪعبي جي اڏاوت لاءِ خدا دنيا جي پنجن برگزيده پهاڙن جا پٿر کين دستياب ڪري ڏنا. اُنهن ۾ طور جا پٿر به هئا ته سينا جا به، حرا جا به هئا ته ثبير ۽ لبنان جا به. بنيادن ۾ اُٺ جي ٿوهي سان ملندڙ جلندڙ وڏا وڏا ساوا پٿر هئا، جيڪي ايئن جوڙيا ويا هئا، جيئن هٿن جون آڱريون جوڙي هٿن کي هڪجهڙو ڪيو ويندو آهي. اڏاوت جا باقي پٿر مقامي جبل ابو قبيس جا هئا.
ابو قبيس جبل کي امانت دار جبل چيو ويندو آهي،
چيو وڃي ٿو ته ابو قيس جو نالو شايد ان ڪري پيو ته هڪ قبيس نالي شخص هتي اچي ديرو ڄمايو هو. پر امانتدار ان ڪري چيو ويو آهي ته ان جبل ملائڪن جو جنت مان آندل پٿر ”حجر اسود“ پنهنجي هنج ۾ سنڀالي رکيو، ۽ جڏهن ان جي گهرج پيئي ته اهو سيدنا ابراهيم جي حوالي ڪيو ويو، ان امانتدار پٿر جي اڏَ ۾ ڪائنات جي سڀ کان وڏي امانتدار کي پيدا ٿي، امانت جو درس ڏيڻو هو.
سيدنا ابراهيم پٽ کي موڪليو هو ته ڪو خاص پٿر کڻي اچ، جنهن کي آءٌ خدا جي گهر جي هڪ ڪنڊ ۾ ايئن هڻان جو اهي ماڻهو ان کان ئي گهر جو طواف شروع ڪن ۽ اهو خدا جي گهر جي مٽي جو جهومر هجي.
ڪنڊ تي لڳل، واهه جو ٺهي،
سيدنا اسماعيل ڳچ دير تائين پهاڙن تي ڪو اهڙو پٿر ڳولهيندو رهيو، واپس وريو ته ڏٺائين ته سيدنا ابراهيم هٿ ۾ بلور وانگر چمڪندڙ ”حجر اسود“ کڻي جهومي رهيو آهي، پُٽ کي ايندو ڏسي چيائين:
ڏس هيءَ پٿر اُن موڪليو آهي، جيڪو مونکي پاڻ کانسواءِ ٻيو ڪنهن جو به محتاج نٿو رکي،
هي پٿر انوکو ۽ وڏو سڳورو آهي.
هر زيارتيءَ کي هتي اچي پهرين هن کي چمڻون آهي يا هن جي سِڌائيءَ ۾ اشارو ڪري ادب سان سلام ڪري ، هن گهر جي جو طواف شروع ڪرڻو آهي، ڏس، ڪيترو نه بلوري اڇو آهي، هن جي سفيديءَ جي باري ۾ لڳي ٿو ته هي مَن جي ميرن زيارتين جي ميرائيءَ سان ڪارو نه ٿي وڃي، ماڻهن جي دلين جي ڪاراڻ، چُهي نه وٺي،
اچ ته گڏجي اهو هڻون.
شايد ٻنهي پيءُ پٽن کي خبر هئي ته هڪ وقت اهڙو ايندو جڏهن هن گهر ۾ هي پٿر سندس ئي آلعه مان آيل آخري رسول ﷺ جي هٿن سان لڳندو، سَجندو.
خدا جو پهريون گهر بنجي ويو، سادو ۽ شانائتو.
گهڙيل، اڻ گهڙيل ننڍن وڏن پٿرن جي چو ديواريءَ وارو ٿورو مستطيل ڪمرو، جنهن تي ڇت نه هئي، ڀتيون به عام انساني قد کان ڏيڍ فوٽ اوچيون، اٺن نون فوٽن جي لڳ ڀڳ، ٻه دروازا هئا، هڪ اوڀرندو دروازو، جيڪو هينئر به موجود آهي، ٻيو اولهائون دروازو، هڪ اندر وڃڻ جي لاءِ، ٻيو ٻاهر اچڻ جي لاءِ .
اندر گهڙڻ جي لاءِ دروازو اڃا به آهي،
ٻاهر نڪرڻ جو دروازو آخري رسول ﷺ جي اچڻ سان گڏ ئي ختم ٿي ويو. دروازن جي چائنٺ به هيٺ هئي، اُن وقت زمين سان برابر چائنٺ تي نه ڪو در لڳل هو، نه ڪا تختي، نه ڪو تختو، نه ئي ڪو پردو، صفا کليل جوڙيو ويو هو، منهنجي الله جو گهر، چيو اهو ويو آهي ته هي اهو اوهانجو گهر آهي، سلامتيءَ وارو. کيس نماز پڙهڻ، اعتڪاف ۾ ويهڻ، طواف ڪرڻ ۽ حج ڪندڙن جي لاءِ صاف سٿرو رکو.
حج جا جيڪي رُڪن سُڻايا ويا آهن، اهي ته سڀئي سيدنا ابراهيم جي ڪٽنب جي ذاتي يا گهريلو زندگيءَ جا آسوده نشان هئا.
ڪعبي جي ڀت کان چاليهن والن تي زم زم جو کوهه هو، (اڄ ڪلهه جي ماپ موجب 21 ميٽر ٿيو). جنهن جو ٿڌو مٺو پاڻي طواف ڪري پوءِ پيٽ ڀري پيئڻون هو. جيڪو بُکايل لاءِ کاڌو ۽ پيٽ ڀرڻ وارن جي لاءِ شفا آهي، زم زم ۽ ڪعبي جي وچ ۾ مقام ابراهيم آهي، اهو آسماني ياقوت جنهن تي سيدنا ابراهيم جي پيرن جا نشان هئا، آڱر جيترا اونها، هڪ تي 9 سينٽي ميٽر ۽ ٻي تي 10 سينٽي ميٽر دٻيل آهن. سيدنا ابراهيم ڪعبي جي اڏاوت ۾ رڌل هو ۽ خدا سندس پيرن جي عڪس کي محفوظ ڪري رهيو هو. چون ٿا ته جڏهن سيدنا ابراهيم مٿي اُٿندو هو ته اهو پٿر به کيس کڻي مٿي اُٿي بيهندو هو.
هيٺ ٿيندو هو ته هيٺ دٻجي ويندو هو.
اهو پٿر محفوظ ڪيو ويو.
اُن کي هڪ ڏينهن ان رسول جو مصلو بڻجڻو هو.
جنهن کي هن جي پيڙهيءَ مان ٿيندي ٿيندي نبين جي آخري مُهر بنجڻو هو.
اها ديوار هاڻ ڪعبي کان 14 ميٽرن جي فاصلي تي آهي،
اُتي يا اُن جي آسپاس نماز پڙهڻ جو حڪم آهي.
خانه ڪعبه مقام ابراهيم، زم زم کانپوءِ حج يا عمري جا ارڪان ڏسو، صفا ۽ مروه جي وچ ۾ هلڻ.
ڇو _ ؟
ڇاڪاڻ ته سيده هاجران اُتي هلي هئي،
ٻنهي ٽڪرين جي وچ ۾ ڊوڙندڙ سڳوري ممتا کي جڏهن پنهنجو ٻچڙو نظر نه ايندو هو ته ڊوڙڻ لڳندي هئي، هاڻي به اهو ئي حڪم آهي، ته انهن هنڌن تي رفتار وڌائي ڇڏيو. صفا ۽ مروه جي ٽڪرين جي وچ ۾ سيده هاجران ست ڀيرا ڊوڙي هئي، ست ڀيرا هر زيارتي ڊوڙي. ڳالهه ته سڄي وحدانيت جي آهي، ڪير به ڪونهي جيڪو الله جي بادشاهي ۾ شامل هجي، هائو تخت شاهيءَ جي آسپاس جيڪي به خاص واقعا ٿيا، اُنهن کي محفوظ ڪيو ويو ۽ ماڻهن کي بار بار ايئن ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو. اهو نه چيو ويو ته ان شخصيت جو بُت ٺاهي، ان جي ڳچيءَ ۾ هار وجهو. هن جي نالي جا نعرا هڻو، هُل بکيڙو ڪريو، نه
چيو ويو، هيئن منهنجي پياري هستيءَ عمل ڪيو، اوهين به ايئن ڪريو، ڪعبي شريف کان 130 ميٽرن جي فاصلي تي صفا جي ٽڪري آهي، جتان کان محبت نباهڻ جي ڪوشش شروع ڪرڻي پوي ٿي. ڪوشش کي ئي ’سعي‘ چئجي ٿو، ٻنهي ٽڪرين جي وچ ۾ پهرين جيڪا چهنبدار پٿريلي جاءِ هوندي هئي، ان کي سعي چئبو هو، هاڻ به چئجي ٿو، هاڻ اُهو آرام وارو محلاتي رستو آهي. فاصلو هيئنر به اوترو ئي آهي، صفا ۽ مروه جي وچ ۾ لڳ ڀڳ چار سئو وال (344.5 ميٽر) جو فاصلو آهي، ست ڀيرا اهو رستو هلڻون پوندو آهي، ست ئي چڪر ماپجن ته ٽن ڪلو ميٽرن جيترو پنڌ ٿئي ٿو.
پوڻن ٻن ميلن جي لڳ ڀڳ
صفا ۽ مروه اُن ئي گهراڻي جون نشانيون آهن. مروه تي سيده هاجران کي وڻندڙ پاڪ مٺي پاڻي جي خوشخبري ملي، ۽ صفا تي ايندڙ زماني ۾ سچار امانتدار آخري رسول ﷺ کان مٺو پاڻي ۽ سهڻو پيغام ’اسلام‘ ملڻون هو.
مليو
ڳالهه اُن ئي گهراڻي ۾ رهي.
پنهنجي گهر جي هڪ هڪ سر اُن ئي گهراڻي کان لڳرائي ۽ پوءِ چئني ڏسائن پنهنجي حرم جون جڏهن حدون مقرر ڪرايون ته ٻيهر اُن ئي گهراڻي جي ڳالهين کي سڄي انسانيت جي رستن جو نشان بنائي ڇڏيو.
منيٰ جي قرباني ۽ شيطان جي ورغلائڻ تي پٿر،
عرفات جو مقام
حرم جي هڪ طرف کان حد طئي ٿي ويئي،
اوڀرندي حد،
اڄ جي ماپَ موجب ڪعبي کان ٻاويهه ڪلو ميٽر پري ، حجر اسود جي بلڪل سڌائي ۾ آهي،
باقي طرفن کان به حدن جي مقرري ٿيڻي هئي.