شادي مبارڪ
مڪي مان جڏهن به ڪنهن واپاري قافلي جي ڪنهن ڏورانهين شهر ڏانهن رواني ٿيڻ جا ڏينهن ايندا هئا ته سڄي شهر ۾ تياريون شروع ٿي وينديون هُيون. واپاري مَنڊيءَ جي ان شهر ۾ سڀني شهر واسين جي ان قافلي ۾ دلچسپي هوندي هئي. هونئن ته واپاري قافلي ۾ رڳو ڳاڻ ڳڻيا ماڻهو ئي ويندا هئا، پر سامان سان لڏيل اٺن جو تعداد سوين هوندو هو. اُٺن جي پُٺن تي طرح طرح جو سامان هوندو هو، چمڙي جو کلون، ۽ تيل سان ڀريل ڊرم ته مقامي صنعت هئا، خوشبوئن جون بوتلون، خشڪ داليون، چانور، رنگارنگي ريشمي ڪپڙن جا تاڪيا يمن کان اُتي پهتل هوندا هئا.
مزيدار کاڌن جا مصالحه، الائچيون، سونف، جيرو، ڪاريون مِريون ۽ سلائيءَ جا ڌاڳا، سُبڻ جون سُيون، ڪپهه جا بنڊل، ململ ۽ سوٽي ڪپڙو يمن جي رستي هندستان کان آيل هوندو هو.
اهي واپاري قافلا گرمين جي شروع ۾ شام جي سفر تي نڪرندا هئا.
شام جي سرحدي شهر بصريٰ تائين پهچندي پهچندي اُٺن جي انهن قافلن کي مهينو سوا لڳي ويندو هو، ايتروئي وقت واپسيءَ ۾ لڳندو هو. انهن جي تياري ۾ اڍائي ٽي مهينا اڳ ئي شهر جُنبي ويندو هو. واپاري قافلن ۾ اُٺن تي لڏيل سامان رڳو قافلي سان گڏ ويندڙ واپارين جو نه هوندو هو، پر اُن سان سڄي شهر جا خواب اُڻيل هوندا هئا. ماڻهو پنهنجو پنهنجو سامان قافلي وارن کي ٻي شهر ۾ فائدي ۾ وڪڻڻ جي لاءِ ڏيندا هئا. سامان ڏيندڙ جو هر سودي تي پنهنجو ڌار اجورو هوندو هو.
ماڻهو رڳو سامان وٺڻ ۾ ئي دلچسپي نه وٺندا هئا.
پر کين ٻين شهرن مان اهڙو سامان گهرائڻ جو به شوق هوندو هو. جيڪو اُن وستيءَ ۾ نه هوندو هو.
جيڪو سامان موڪليندو هو، اُهو سامان گهرائڻ ۾ به دلچسپي رکندو هو، کيس قافلي ۾ اهڙي شخص جي ڳولا هوندي هئي، جيڪو ايماندار، امانتن جو رکوالو ۽ امين هجي.
سچو هجي،
ڪوڙ نه ڳالهائيندو هجي.
تور صحيح ڪندو هجي
ملاوٽ نه ڪندو هجي
بَدنيت نه هجي.
چُست، ڦڙت، زبان جو مٺو، ٻاڙو ٻوليندڙ نه هجي.
خوش گفتار هجي،
اهڙو شخص جيڪو سامان جي ڏيتي ليتيءَ ۾ ساڻن دوکو نه ڪري.
پنهنجي سُٺي اخلاق جي ڪري سندن مال کي سُٺي اگهه تي وڪرو ڪري.
سٺو نفعو ڪمائي ۽ ڪمايل نفعي ۾ ڏنڊي نه هڻي.
گهر گهر ۾ شام ڏانهن ويندڙ واپاري قافلي جون تياريون هيون.
ڪنهن جا ڪيترا اُٺ پيا وڃن.
اُنهن ۾ ڪهڙو ڪهڙو سامان لڏيل هوندو
ڪير ڪير پيو وڃي
ڪير ڪير پيو موڪلي،
سڄي شهر ۾ اهي ڳالهيون ٿي رهيون هيون.
اُنهن ڏينهن بنو هاشم جي پنجونجاھ سالن جي سردار ابوطالب کي سُڻس پيئي ته مڪي جي هڪ معزز رئيس خاتون سيده خديجهرضه جا اُٺ به ان قافلي ۾ هوندا، سيده خديجه جو واسطو قريش جي ئي بنواسد قبيلي سان هو، ان لحاظ کان سيده خديجه ۽ سردار ابوطالب ٻنهي جا تڙ ڏاڏا پاڻ ۾ ڀائر قريش جي معزز بزرگ قصيءَ جا پُٽ هئا، سردار ابوطالب کي پيل خبر سان ان ڪري وڌيڪ دلچسپي هئي ته سردار ٻڌو هو ته سيده خديجه جي خواهش آهي ته ڪنهن نموني سردار ابوطالب جو پنجويهن ورهين جو ڀائيٽو محمد ﷺ بن عبدالله سندس اٺن جو سامان بصريٰ وٺي وڃڻ تي راضي ٿئي، جيڪو سڄي شهر ۾ سڀني کان وڌيڪ امانتدار، ايماندار، صاف سُٿري ۽ خوش اخلاق جوان طور مڃيو ويندو هو.
شهر ۾ ماڻهو کيس سندس نالي جي بدران ’امين‘ ۽ ’صادق‘ جي لقب سان سڏيندا هئا. هن جي شموليت ڪنهن به واپاري قافلي ۾ هر واپاريءَ جي لاءِ اطمينان جو باعث هوندي هئي.
سردار ابو طالب ٻُڌو ته سيده خديجه پنهنجي پاران موڪليل ماڻهوءَ کي سفر ۾ ٻن اُٺن جو معاوضو ڏيندي آهي، سندس خواهش هئي ته اجورو ٿورو جهجهو هُجي ۽ سفر جي لاءِ سندس ڀائيٽو به راضي ٿي وڃي، جيتوڻيڪ دل ئي دل ۾ هو پنهنجي ڀائيٽي جي بصريٰ طرف سفر کان ٿورو گهٻرايو به پي، ڇو ته تيرهن سال اڳ کيس بصريٰ جي راهب بحيره جون چيل ڳالهيون ياد هُيون، پر گهرو معاملن کي سنئون ڪرڻ ۽ پنهنجي ڀائيٽي جي خوشحال مستقل لاءِ کيس وسيلن جي گهرج هئي، هن پهرين ته پنهنجي ڀائيٽي سان ڳالهايو. کيس سفر جي لاءِ رضامند ڏٺو ته پوءِ هو سيده خديجه ڏانهن ويو.
سيده خديجه سندس سُهڻي نموني آڌرڀاءُ ڪيو ۽ وڏي احترام سان کيس ٻُڌايو ته سندس خواهش آهي ته سردار جو زير ڪفيل جوان ڀائيٽو سندس سامان جا اٺ پنهنجي نگرانيءَ ۾ بصريٰ وٺي وڃي. سردار هاڪار ڪئي ۽ ڪن کڻندي چيائينس ته ”معاوضي طور ٻن اُٺن جو ٻڌو اٿم، منهنجي امين ڀائيٽي لاءِ اهو معاوضو ڪجهه وڌيڪ هئڻ گهرجي.“
سيده خديجه، سردار جي ڳالهه ٻڌي مرڪي ۽ چيائين ’سردار، اوهان ڪنهن ٻي جي لاءِ چئو ها ته اهو اجورو وڌائي ڇڏيان ها، پر اوهين ته هن شهر جي شان ’الامين‘ جي لاءِ پيا فرمايو. ان جو اجورو ٻين کان ٻيڻو هوندو، بس اوهين کيس راضي ڪريو.‘ سردار خوش ٿيو.
چيائين.
هو راضي آهي.
سيده جي چهري تي خوشي مِڙي آئي.
خوشيءَ مان ڪپڙن ۾ ئي نه پي ماپي.
هُن پنهنجي خاص غلام ميسره کي سڏيو ۽ کيس سردار جي خدمت ۾ پيش ڪندي چيو، سردار! سفر ۾ هي اوهانجي ڀائيٽي جو خدمتگار رهندو، سندس هر حڪم مڃيندو، هن لاءِ هر طرح جون آسانيون پيدا ڪندو. سردار ابو طالب خوش ٿي دعائون ڪندو روانو ٿي ويو،
قافلو تيار ٿيو ۽ بصريٰ جي لاءِ روانو ٿي ويو.
سيده جو غلام ميسره، جنهن کي سيده البشر محمد ﷺ جي لاءِ آسانيون پيدا ڪرڻ جو حڪم مليو هو، اُهو سڄي سفر ۾ حيرت انگيز خوشيءَ سبب ٺينگ ٽپا ڏيئي رهيو هو ته سيده البشر جي ساٿ ۾ گذريل سفر ۾ قدرت پاران مٿن وک وک تي ڪهڙيون نه نعمتون نازل ٿي رهيون هيون.
رستي ۾ جيڪو به اجنبي مليو ٿي، سو ’الامين‘ جي سُهڻي اخلاق جو مداح بنجي ٿي ويو، گرم موسم ۾ ريگستان ۾ اُس جي شدت محسوس نه پي ٿي.
ميسره ويچاريو.
هڪ ٿڌي ڪڪري گرم اُس ۾ ڇانوري جيان الامين ﷺ سان گڏ گڏ هلندي ٿي رهي، اهو جنهن کي آسانيون پيدا ڪرڻ جوحڪم ڏيئي موڪليو ويو هو، ان جي طفيل آسانين ۾ سفر ڪندو رهيو.
بصريٰ پهچي قافلي اُتي ئي لڏو لاٿو.
تيرهن سال پراڻي هنڌ تي شهر جي ٻاهران ٺهيل ديول وٽ هڪ گهاٽي وڻ جي هيٺان، هي اهو ئي وڻ هو، جنهن جي هيٺان ڪڏهن سيدالبشر محمد ﷺ ٻارهن ورهين جي عمر ۾ پنهنجي وڏي چاچي ابوطالب سان گڏ آيو هو، ۽ ان وقت اُن ديول ۾ راهب بحيره رهندو هو. هاڻ ان ديول جو راهب نصطورا هو. ميسره، آقاﷺ کي وڻ جي هيٺان ڇڏي نصطورا وٽ ويو ته نصطورا کڻي کيس ٻانهن مان جهليو ۽ اکيون ڦاڙي اشتياق ۽ ادب سان پُڇڻ لڳو ته هن وڻ جي هيٺان ڪير ويٺو آهي.
ميسره، سيدالبشر ﷺ جو نالو ورتو ته نصطورا چوڻ لڳو،
”هن وڻ جي هيٺان جيڪو ويٺو آهي اهو ڪو نبي آهي.“
ميسره جي لاءِ اهو واپاري سفر سيد البشر جي ساٿ ۾ حيرت جو سفر هو
برڪتن جو وسيلو هو.
انڪشافن جو بهانو هو
واپاري نفعو به ٻيڻون ٿيو.
دل ۽ دماغ آسودگين سان ڀرجي ويو.
جيئن وسڻ لاءِ ايندڙ ڪڪرن جي اڳيان ٿڌيون هوائون، ڄڻ خوشخبري ٻڌائڻ جي لاءِ ڪُڏنديون اينديون آهن. تيئن ئي قافلي جي مڪي پهچڻ کان اڳ سُرهاڻيون موٽَ کائي مڪي پهتيون ته قافلي جي موٽي اچڻ جي خبر مڪي پهچي ويئي.
مڪي جا ماڻهو پنهنجن پنهنجن مِٽن مائٽن جي اوسيئڙي ۾ دروازان سان لڳي بيهي رهيا. مڪي جي خوشبخت سيده خديجه به پنهنجي ٻه ماڙ پُر وقار ۽ اوچي گهر جي بالڪوني ۾ اولهه ۾ لهندڙ سج جي رخ ۽ بيٺي پنهنجي ڀاڳن ۾ اُڀرندڙ مهتاب جي راھ تڪڻ لڳي. کيس قافلي جي اچڻ ۽ پنهنجي اندازي کان جهجهي فائدي کانسواءِ موڪليل سئوٽ تي گذريل حيرتن جي ڪجهه سُڻس اڳ ۾ ئي ملي چڪي هئي.
قافلو مڪي پهچي چڪو هو.
ميسره احترام ۾ مڪي جي ڀرسان، مهر ظهران ۾ ٽڪي پيو، جيئن پهرين آقاﷺ مڪي ۾ گهڙيا، قافلي جا واپاري اٺ مڪي جي واپاري منڊي ۾ گڏ ٿي ويا، ۽ آقا ﷺ پنهنجي اُٺ تي هوريان هوريان سيده خديجه جي گهر طرف وڃي رهيا هئا.
شام جو ٽاڻو هو.
مڪي جي ٽڪرين جي اوٽ ۾ سج لهڻ جي لاءِ ادب سان جُهڪي رهيو هو ۽ سيده جي گهر طرف ڪائنات جي دل سُهائيءَ جو مرڪز سيد البشر ﷺ جو اٺ هوريان هوريان وکون وڌائي رهيو هو. سيده پنهنجي گهر جي ڇت تان پري کان ئي آقاﷺ کي سُڃاڻي ورتو. لهندڙ سج جي ترڇي اُس ۾ ڪوبه ڪرڻو آقا ﷺ جي چهري تي نه پيو. چهرو پوءِ به اُڀرندڙ سج وانگر چمڪي رهيو هو. سندس مٿي جي مٿان اُس جي رخ تي به پکي پَر پکيڙي ڇانورو ڪري اُڏار ڪري رهيا هئا.
سيده، پاڻ بيٺل پنهنجي ساهيڙي نفيسه کي ڪلهي مان جهلي لوڏيو ۽ هٿ جي اشاري سان اوڏانهن ڌيان ڏياريو، جتان آقا ﷺ جن عقابن جي ڇانوري ۾ اُٺ تي ويٺو هُنن طرف اچي رهيو هو. سيده ۽ سندس ساهيڙيءَ نفيسه، آقا ﷺ جي اٺ جي کنيل هڪ هڪ وک کي ڏٺو، لمحي لمحي هو قريب اچي رهيو هو، سندس چهري تي مهينن جي گرم اُس ۽ ريگستان جي ساڙيندڙ گرميءَ جو ڪوبه اثر نه هو. چهرو شام جي ڇانوري ۾ صبح جي اُڀرندڙ سج جيان شفاف ۽ بي داغ هو.
آقا ﷺ ، سيده جي دروازي تي پهتا ته سيده تڪڙي تڪڙي هيٺ لٿي.
هن پنهنجي سؤٽ جي خدمت چاڪري ڪئي.
آقا ﷺ جهڪيل اکين ۽ کليل لفظن سان هوريان هوريان ڳالهه ٻولهه ڪئي. سفر جو مختصر احوال ڏنو، سامان سَڙي جو ذڪر ڪيو. اندازي کان وڌيل مليل فائدي جي ڳالهه ڪئي، ۽ موڪلائي واپس هليو ويو. سيده، آقا ﷺ کي ڏسي، ٻُڌي، ڄڻ پٿر جي مورتي بنجي وئي ۽ ڳچ دير تائين مَنڊ ۾ مَنڊيل اُتي بيٺي رهي. سيده جي ساهيڙي نفيسه به ڇت تان لهي واپس اچي بيٺي، هِن ڀيري هُن ڪلهو لوڏيس ۽ مرڪي پُڇيو:
ڇا ٿيو ؟
سيده چاليهن سالن جي با وقار، با اختيار، باهمت، خوبرو خاتون هئي، سندس ٻه شاديون ٿي چڪيون هيون. پهرين شادي ابوهاله بن تاش تميمي سان ٿيس، جنهن مان ٻه پُٽ هاله ۽ هند ٿيا. پهرين گهر واري جي وفات کانپوءِ ٻي شادي عتيق بن عابد مخزوميءَ سان ٿيس، جنهن مان هڪ نياڻي هند ٿيس. ٻي مڙس کي وفات ڪندي به ڪجهه وقت گذري ويو هو، مڪي جي ڪيترن ئي رئيسن کيس شاديءَ جا پيغام موڪليا هئا. پر پاڻ هاڪار نه ڪيائين، پر لڳو ايئن پي ته هن گهڙي پاڻ ڪنهن فيصلي تي پهچڻ واري آهي.
رات جو سندس غلام ميسره به پهچي ويو.
ميسره آقا ﷺ جي ساٿ ۾ جيڪي حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهيون ڏٺيون هيون، اِهي سڀ سُڻايون.
آقا ﷺ جي مُروت، مُحبت، خلوص، سچائي، ديانت، امانت ۽ سُهڻي اخلاق جون ڳالهيون ڪيون.
مهينن جي ڊگهي سفر ۾ ڪنهن هم سفر جي باري ۾ ڪابه ڳالهه لڪيل نٿي رهي سگهي.
سڀ ڳالهيون چٽيون ٿي ويون هيون.
اُس ۾ ڪڪرن جو ڇانورو، وڻ جي ٽارين جو ادب جي لاءِ ڇانوري جي لاءِ جهڪڻ ۽ نصطوارا جا چيل لفظ به هن اکر به اکر ڪري سُڻايا. سيده ته اڳ ۾ پنهنجي اکين ۾ تارا سجائي آقا ﷺ جي باري ۾ سوچي رهي هئي . ميسره جون ڳالهيون سُڻي ڊوڙندي پنهنجي سؤٽ عالم ۽ ڏاهي ڀاءِ ورقه بن نوفل وٽ پهتي. ٿي سگهي ٿو ته پاڻ ورقه بن نوفل جي ڀيڻ اُم قتيله سان ڳالهه ڪئي هُجيس، جيڪا چوويهه سال اڳ آقاﷺ جي والد عبدالله جي نرڙ تي الاهي نور کي ڏسي سندس شادي واري ڏينهن ساڻس شادي جو مطالبو ڪري ويٺي هئي. اُم قتيله سرمدي نور جو قصو پنهنجي ڀاءُ ورقه بن نوفل کان ئي ٻُڌو هو. ورقه بن نوفل سيده کان وهيءَ ۾ گهڻو وڏو هو ۽ حق جي ڳولا ۾ نه رڳو ڪيترائي ڊگها سفر ڪيا هئائين. پر قديم سڳورن مخطوطن جي لکتن کان به واقف هو. هن سچائي جي ڳولا جي سفر ۾ پنهنجو مذهب به بدلائي ڇڏيو هو. هو پنهنجي وقت جي بهترين مذهب عيسائيت تي هو ۽ حضرت عيسيٰ عليه السلام جي سڀني بشارتن ۽ خوشخبرين کان واقف هو.
سيده خديجه وٽس پهچي ويئي. هن سيده کان اِهي ڳالهيون ٻُڌيون ته ڪجهه گهڙيون ادب ۾ خاموش ٿي ويو.
پوءِ اٽل فيصلي ڪندڙ انداز ۾ ساڄي هٿ جي شاهدي واري آڱر اُڀي ڪندي چيائين: خديجه.
جيڪو ڪجهه تون چئي رهي آهين، اهو جيڪڏهن ايئن ئي آهي ته اهو شخص هن قوم جو نبي آهي.
۽ هن جهان جي سڀني جهانن جو ڇوٽڪارو ڏياريندڙ.
ورقه بن نوفل، سيده خديجه جون ڳالهيون ٻُڌي ان ئي مهل هڪ قصيدو لکيو آقاﷺ جي شان ۾ ،جنهن جا ڪجهه شعر هيئن آهن:
”اي خديجه ! تو کان بار بار نبيءَ جون صفتون ٻُڌي، مونکي اُن جي ظهور جو شدت سان اوسيئڙو آهي.
مونکي اُميد آهي ته مڪي يا طائف مان تنهنجي قول موجب آءٌ ضرور اُن نبيءَ جو خروج ڏسندس،
گوشئه نشين عالم جو اهو ٻول جيڪو تو ٻُڌايو آهي. آءٌ نٿو سمجهان ته اُن ۾ دير يا غلطي هُجي.
اها خبر هيءَ آهي ته جلد ئي محمد ﷺ اسانجو سردار هوندو ۽ سندس جيڪو به مقابلو ڪندو، اهو سندس هٿان هارائيندو.
۽ سڀني شهرن ۾ سندس نور هوندو ۽ ماڻهو اُن نور مان گڏ حق ۽ سَنئين واٽ اختيار ڪندا.
ساڻس جيڪو مقابلو ڪندو، اهو نقصان کڻندو، جيڪو سُٺو پيش ايندو، تنهن کي آسائش ملندي.
ڪاش آءٌ ان وقت موجود هجان،
۽ آءٌ سڀني کان وڌيڪ سندس پيروي ڪندڙ هوندس
آءٌ ان دين ۾ داخل آهيان، جنهن کي قريشي خراب سمجهندا ۽ هُل بَکيڙو ڪندا، جيڪڏهن آءٌ مري ويس ته جيڪو شخص جوان آهي، جلد ئي اهو سندس خروج ڏسندو“ . ]ابن هشام[
شايد، سيده پنهنجي بزرگ سؤٽ سان پنهنجي دل جي ڳالهه به ڪئي هجي، بهرحال ٻي ڏينهن سيده پنهنجي ساهيڙيءَ نفيسه کان ڪجهه به نه لڪايو.
نفيسه، آقا ﷺ وٽ پهتي.
اُن واپاري سفر ۾ آقا ﷺ کي طئي ٿيل ٻيڻي منافعي کان به وڌيڪ منافعو مليو هو. چئن اُٺن جي بدران اٺ اُٺ مليا هئا. ان زماني ۾ هڪ اٺ چئن سؤ درهمن جي لڳ ڀڳ هو. انهن ڏينهن هڪ سفر ۾ ٽن هزار درهمن کان مٿي فائدو، ڪافي مناسب سمجهيو ويندو هو. نفيسه بنت هنيه، آقا ﷺ کي چوڻ لڳي:
ابن عبدالله ﷺ اوهين جوان آهيو.
سُهڻي صورت وارا آهيو.
پوءِ ڪهڙي ڳالهه آهي جو اوهين اڃا نه پرڻيا آهيو؟
آقا ﷺ وراڻيو: وسيلا ٿيا ته شادي ڪندس.
نفيسه چيو: جيڪڏهن وسيلن جو مسئلو نه رهي ته پوءِ سوچيندا؟
آقا ﷺ چيو
ڪيئن ؟
هؤ مُرڪندڙ آقا ﷺ کي ڏسي ڪجهه چوڻ جو سوچي شرمائڻ لڳي.
آقا ﷺ خاموش رهيا.
نفيسه وري چيو..
منهنجي ساهيڙي خديجه جي باري ۾ ڪهڙي راءِ اٿوَ ؟
آقا ﷺ حيرانيءَ مان نفيسه کي ڏٺو، ڄڻ پُڇي رهيو هجي، ان جو ذڪر ڇو کڻي آئي آهين.
هِن ڀيري نفيسه دل کولي مُرڪي ۽ پوءِ هوريان هوريان پُڇڻ لڳي.
اوهان خديجه سان شادي ڪندا ؟
آقا ﷺ هڪ گهڙيءَ جي لاءِ ته ڪجهه به نه ڪڇيا.. پوءِ ڄڻ خود ڪلامي ۾ چيائون
خديجه مون سان ڇو پَرڻبي ؟
نفيسه مرڪي ۽ چيائين .. اوهان اها ڳالهه مون تي ڇڏي ڏيو.. پنهنجي مرضي ٻڌايو.
آقا ﷺ جون پروقار اکيون حيا سبب جُهڪي ويون.
ڪنن جي پاپڙين تي لالاڻ جي هڪ لهر آئي.
بند ٿيل چپ هڪ گهڙيءَ جي لاءِ کليا ۽ آواز آيو.
جيستائين منهنجو تعلق آهي ته آءٌ راضي آهيان.
نفيسه خوشيءَ وچان زمين تان ڄڻ ٻه هٿ مٿي کڄي ويئي. ڊوڙندي سيده وٽ پهتي ۽ مُرڪندي کيس ڀاڪرن ۾ ڀري خوشخبري ٻُڌائڻ لڳي. سيده جي گهر جا در ۽ دريون مُرڪڻ لڳا.
ڳالهه وڏڙن تائين پهتي .
سيده جو والد خويلد گذاري ويو هو، ڳالهه سندس چاچي عمرو بن اسد تائين پهچائي ويئي. اُنهن ڏينهن سيده جي ڀاءُ عوام جي شادي، آقا ﷺ جي ننڍي پُڦي صفيه سان ٿي هئي. صفيه آقا ﷺ جي هم عمر چاچي حمزه جي ماءُ ڄائي ڀيڻ هئي. صفيه کان حمزه ۽ حمزه کان ڳالهه سردار ابو طالب تائين پهتي. سردار رشتي جي لاءِ حمزه کي ئي باقاعده پيغام رسائڻ جي لاءِ چونڊيو.
ڳالهه پَڪي ٿي ويئي،
شادي جي تاريخ طئي ٿي ويئي.
سردار ابو طالب پنهنجي قبيلي بنو هاشم جي ڄَڃ وٺي آقا ﷺ کي گهوٽ بنائي سيده جي گهر پهتو. سيده جي چاچي پنج سئو درهم حق مهر تي سيده خديجه کي آقا ﷺ کي پرڻائي ڏنو. نڪاح جي خطبي جا ٻول هيئن هئا.
” اَما بعد! محمد ﷺ قريشن مان هڪ اهڙو نوجوان آهي، جيڪو پنهنجي شرافت، فضيلت، عزت ۽ ڏاهپ ۾ جيڪڏهن ڪنهن سان ڀيٽيو وڃي ته پاڻ سڳورا مٿانهان رهندا. جيتوڻيڪ پاڻ سڳورا مال ۾ گهٽ آهن. پر مال ته هٿ جي مِير آهي. جيڪو ڪڏهن به ڪنهن وٽ نٿو رهي. هي خديجه بنت خويلد سان نڪاح تي راضي آهي. ۽ ساڳئي طرح خديجه به پاڻ سڳورن سان نڪاح تي راضي آهي.(الروض النف)
شام جي سفر جي واپسي کان ٻه مهينا پنجويهه ڏينهن پوءِ اهو شاديءَ جو مبارڪ ڏينهن هو، شادي ٿي ويئي.
آقا ﷺ سيده جي خواهش کي مان ڏيندي، پنهنجي چاچي سردار ابو طالب جو گهر ڇڏي، سيده جي شاندار گهر ۾ رهڻ لڳا.