طائف ڏانهن
سيدنا ابوطالب جي زندگيءَ ۾ آقاﷺ جي خلاف’ دارالندوه‘ جي سازش سميت ڪيترين ئي سازشن جي باوجود، قريش ڪنهن سازش ۾ ڪامياب ٿي نه سگهيا هئا. ڇو ته ابوطالب هڪئي وقت ٻن قبيلن، بنو هاشم ۽ بنو مطلب جو سردار هو. سندس چالاڻي کانپوءِ دشمن رسول ابولهب اُنهن ٻنهي قبيلن جو سردار چونڊيو ويو. دارالندوه جي رسول الله جي دشمنن جون واڇون ئي ٽڙي پيون.
پهرين پهرين، ڪجهه ڏينهن ته عربن جي صديون پراڻي روايتن جي احترام ۾ ابولهب به پنهنجي مَرهيات ڀاءُ سيدنا ابوطالب جي نصيحت موجب آقاﷺ جي سرپرستيءَ جي ڳالهه ڪئي، پر ڪجهه ئي ڏينهن ۾ سندس اندر جو بغض ظاهر ٿي پيو ۽ هُن سرعام اعلان ڪري پنهنجي ڀائيٽي آقاﷺ محمد بن عبدالله جي سرپرستيءَ تان هٿ کڻن جو اعلان ڪري ڇڏيو. عربستان جي انهن ڏينهن واري معاشري کي سمجهڻ وارن کي اِها ڳالهه سمجهي وڃڻ گهرجي ته جيڪو شخص پنهنجي قبيلي جي سرپرستي ۽ حفاظت مان نڪري وڃي ته ان جي حيثيت هڪ آزاد انسان ته ڇا غلامن کان به بَدتر ٿي ويندي هئي. هو اک ڇنڀ ۾ هڪ انسان بدران رستي تي پيل پٿر جهڙو ٿي ويو ٿي. پوءِ جيڪو به گهري کيس ٻڌي کڻي وڃي غلام بنائي يا وڪرو ڪري ڇڏي. جنهن بدفطرت شخص ۾ جهڙي بدي سمايل هجي، اهو اُن موجب سلوڪ ڪري کانئس سڀ ڪجهه کسي وٺي، کيس نقصان رسائي، ايئن عرب جي صحرا ۾ اک ڇنڀ ۾ هڪ انسان جي مقام تان ڪري ريگستان ۾ ڦُٽل اُجڙيل وڻ جهڙو بي وس ۽ لاچار ٿي ويندو هو.
پوءِ جنهن کي وڻي سو کيس پاڙؤن پَٽي ڦٽو ڪري ڇڏي.
آقاﷺ جي لاءِ سندس قبيلي جي بدترين سردار ابولهب آقاﷺ جي سرپرستي تان هٿ کڻي آقاﷺ جي دشمنن جا هٿ کولي ڇڏيا. انهن ڏينهن آقاﷺ جي شان ۾ سندن دشمنن بي شمار گستاخيون ڪيون. ڪنهن واٽ ويندي سندس چهري مبارڪ تي مِٽي اُڇلي ته ڪنهن وري ٻي ڪا حرڪت ٿي ڪئي، اُن چهري تي جنهن جي صدقي خدا سڀئي زمينون ۽ آسمان جوڙيا هئا، هڪ بدبخت ته عين خدا جي گهر ۾ ذبح ڪيل اُٺ جي اوجهري کڻي اچي سندس ڪنڌ مبارڪ تي رکي. اوجهريءَ جي نجاست، گندگي ۽ اُن جي وزن سبب آقاﷺ سجدي مان ڪنڌ به مٿي نه کڻي سگهيا. ۽ آقاﷺ جو ساھ گُهٽجڻ لڳو. ڪنهن اهو اطلاع آقاﷺ جي گهر سيده فاطمهرضه کي ڏنو. هوءَ روئندي آئي ۽ پنهنجي پياري والد جي ڪنڌ تان اُن غلاظت جي ڍڳ کي لاٿو. ايئن ڪيتري ئي دير تائين پاڻ سڳورا ان اوچتي آفت سبب نيم بي هوش رهيا. نه رڳو، اهو، پر هڪ ڀيري هڪ بي حد بدنيت عقبه بن معيط، جيڪو آقاﷺ جو پاڙيسري هو، حرم جي پاڪ اڱڻ ۾، جيڪو امن جو گهوارو هو، اُتي آقا جي ڪنڌ ۾ ويڙهيل چادر کي ويڙهي ڇڪي وٽڻ شروع ڪري ڏنو، جنهن سبب آقاﷺ جو ساھ گُهٽجڻ لڳو، ان مهل آقاﷺ جوسڀني کان ويجهو دوست سيدنا ابوبڪر ڊوڙندو آيو ۽ اُن دشمن رسول کان آقاﷺ کي ڇڏايائين. کيس دڙڪو داٻ ڪيائين ۽ چيائين ته : شرم ڪر! بي حيا، تون اهڙي مانائتي ۽ شانائتي شخص جي جان وٺڻ ٿو گهرين، جيڪو فقط اهو ٿو چوي ته منهنجو خدا هڪ آهي. توکي اُن خدا کان ڊپ نٿو لڳي، آقاﷺ جا بگڙيل، پاڙيسري آقاﷺ جي دروازي جي اڳيان ڪِن ڪچرو اُڇلي ويندا هئا. ڪجهه ته ايترا دلير ٿي ويا، جو گهر جي اندر گهڙي چُلهه تي چڙهيل ديڳڙي جو ڍڪڻ کڻي ان ۾ غلاظت اڇلي ويندا هئا.
آقاﷺ جي لاءِ ان شهر ۾ رهڻ ڏکيو ٿي پيو.
هڪ ڀيري آقاﷺ فرمايو،”ابوطالب جي وفات تائين قريش مونکي ستائڻ کان ڊڄندا هئا.“
سيدنا ابوطالب جي چالاڻي کانپوءِ آقاﷺ سوچيو ته خدا جي زمين تمام وڏي آهي. شايد ڪٿي ماڻهن جي دلين ۾ تبديلي اچي، هو آقاﷺ جو سهارو بنجي وڃن. نبوت جي ڏهين سال رمضان ۾ آقاﷺ هڪ ٻئي جي پويان ٻه صدما سهي چڪو هو. هاڻ پنهنجي پُٽيلي سيدنا زيد کي پاڻ سان ورتو ۽ پنڌ ئي پنڌ مڪي کان پنجهتر ميل پري هڪ پهاڙي شهر طائف ڏانهن روانا ٿي ويا. اها جون 619ع ڏهين نبويءَ جي ڳالهه آهي.
طائف پنج هزار فوٽ مٿاهينءَ تي هڪ صحت افزا ۽ سرسبز هنڌ آهي، اُن جو پراڻو نالو ”وراج“ هو ، پراچين وقت ان شهر جو هڪ ماڻهو ايران جي بادشاھ جي درٻار ۾ انعام جو حقدار قرار ڏنو ويو ته ايران جي بادشاھ پُڇيس.
ٻڌاءِ! توکي انعام ۾ ڇا ڏنو وڃي.
هن چيو:
بادشاھ منهنجو شهر ڏاڍو سرسبز ۽ صحت افزا آهي. اُتي ميون جا باغ آهن. منهنجي گذارش آهي ته اوهين هڪ مهندس (انجنئير) مون سان گڏي ڇڏيو، جيڪو اسانجي شهر جي چوڌاري هڪ ڀت ٺاهي، سندس عرض اَگهايو ويو ۽ شهر جي چوڌاري هڪ ڀت اَڏجي ويئي.
اُن جي ڪري شهر جو نالو ”طائف“ پئجي ويو. يعني ’ڀت وارو شهر.‘
اُن شهر جي هڪ پاسي هڪ پٿريلي ٽڪريءَ تي لات جو وڏو بُت کتل هو. جنهن جي چوڌاري پناھ جي جاءِ هئي، جنهن کي ”بست“ چيو ويندو هو. طائف ۾ گهڻو ڪري مڪي جي رئيس جا باغ ۽ زمينون هيون.
اُنهن جو واسطو به قريشن سان هو.
انهن مان هڪ رئيس عمرو بن عمير هو، جيڪو آقاﷺ جي ڏاڏي عبدالمطلب جو دوست هو، هن جا ٽي هَٺيلا پٽ هئا. عبدياليل، مسعود ۽ حبيب. پنجهتر ميلن جو پنڌ، پنجن هزار فوٽن جي چڙهائي، جون جي سخت گرمي، پري پري تائين نه ڪو پاڇو، نه ڇانورو نظر نه پي آيو، رستي ۾ نديون نالا، کڏا کوٻا، جبلن جون ٽڪريون، نوڪدار پٿر، رستي لاءِ ڪجهه به ثمر ساڻ نه. ڪٿي ڪو ندي نالو نظر ٿي آيو ته ٻه ڍُڪ پاڻيءَ جا پي ٿي ورتائون. ڪٿي جهنگ ۾ ڪو ميوو وڻن تي نظر ٿي آين ته کائي ٿي ورتائون. رستي ۾ ڪو ڳوٺ ٿي آيو ته آقاﷺ انهن کي پنهنجي حق جو پيغام ٿي ٻُڌايو. ته هيترن سارن خدائن جي بدران هڪ اڪيلي خدا کي مڃو.. جيڪو پيدا ڪندڙ، جيئاريندڙ آهي. رحمان آهي، رحيم آهي، ٻاجهارو ۽ مهربان آهي. معاف ڪندڙ آهي. هُن ئي سڄي ڪائنات جي جُوڙ جوڙي آهي، هيءَ سڄي مخلوق سندس ئي پيدا ڪيل آهي، اسان سڀئي انسان هڪ پيءَ ڏاڏي آدم جو اولاد آهيون، سڀ برابر آهيون.
نيڪ عملن جو انعام آهي.
بُڇڙاين جو حساب ٿيندو،
پاڙيسرين سان سُٺو سلوڪ ڪريو،
والدين جي اڳيان جُهڪيل رهو،
پورو توريو. گهٽ نه توريو،
سچ ٻُوليو. سچ سوچيو،
امانت ۾ خيانت نه ڪريو. بُڇڙاين کان بچو،
خدا جي حضور ۾ سندس وڏائي کي مڃڻون آهي
اُن مڃڻ واري کي مسلمان چئبو آهي
اوهين مڃڻ وارن مان ٿيو
آءٌ پنهنجي طرفان ڪا به ڳالهه نٿو ڪريان
جيڪو حڪم آسمان تان اچي ٿو، اهو ئي چوان ٿو
آءٌ اوهان کان ڪنهن ڳالهه جو اجورو نٿو گهران
مونکي پنهنجي نه پر خدا جي عظمت مڃرائڻي آهي.
مڃڻ وارن جي دلين کي سڪون ۽ راحت ملندي آهي
نه مڃڻ وارن ۾ اندر جو فساد ۽ عذاب:
پر اهو زمانو بدبخت هو
اُنهن ماڻهن نه مڃيو.
وک وک تي سفر گذرندو رهيو. رستي ۾ مزدلفه آيو، عرفات آيو، شداد جي ماٿريءَ مان لنگهيا، هده ۽ خله مان ٿيندا ويا. ڪنهن به آقاﷺ جي ڳالهين تي ڌيان نه ڌريو. هلندي هلندي آقاﷺ ۽ غلام زيد طائف پهچي ويا. طائف ۾ عمرو بن عمير جا ٽيئي پٽ عبدياليل، مسعود ۽ حبيب گڏ ويٺل ملي ويا. آقاﷺ انهن جي سامهون پنهنجو پيغام پيش ڪيو. اهي همراھ بدبخت هئا.
هٺ، آڪڙ، تڪبر ۽ ڪفر جي ماريل مغروريءَ مان هڪ چيو: هو ڪعبي جو ڪپڙو ڦاڙي ڇڏيندو. جيڪڏهن الله توکي رسول بنايو آهي. جنهن وٽ چڙهڻ جي لاءِ سواري به نه هجي. ٻي نڪ ڦونڊي اکين ۾ طنز جو زهر ڀري چيو:
”الله کي توکانسواءِ ٻيو ڪوبه نه مليو. جنهن کي رسول ڪري موڪلي ها.“
ٽيون، جيڪو سڀني کان وڌيڪ بدنيت هو، نفرت ۽ وڏائيءَ مان سندس منهن ڪارو ٿي رهيو هو. چيائين: آءٌ توسان هر گز نه ڳالهائيندس. جيڪڏهن تون واقعي خدا جو رسول آهين ته پوءِ منهنجي لاءِ تنهنجي ڳالهه رد ڪرڻ خطرناڪ آهي، پر جي تون ڪوڙ پيو ڳالهائين ته پوءِ اها ڳالهه منهنجي شان جي خلاف آهي ته آءٌ هڪ ڪوڙي سان ڳالهايان.
انهن بُڇڙن ماڻهن نه رڳو آقاﷺ جي بي حرمتي ڪئي، پر هُنن شهر جي رولو، بشني، ۽ لوفر ڇورن کي آقاﷺ جي پويان لڳائي ڇڏيو. رولو ۽ بُڇڙن ماڻهن جو ميڙ گڏ ٿي ويو. انهن ماڻهن گاريون ڏيڻ، تاڙيون وڄائڻ سان گڏ آقاﷺ تي پٿر به وسائڻ شروع ڪري ڇڏيا. آقاﷺ جو آزاد ڪيل غلام تڙپندو پنهنجي هٿن ۽ جسم سان آقاﷺ کي پٿرن کان بچائيندو رهيو.
سيدنا زيدرضه جو جسم به رتو رت ٿي ويو.
ڪو پٿر مٿي ته لڳس ۽ مٿي مان رت ٺينڍيون ڪري وهڻ لڳس.
ڪو پٿر ٻانهن تي لڳس، ٽنگن تي زخم لڳس، اُن جي هوندي به پٿر سيدنا زيد جي جسم تي لڳي آقاﷺ جي پيرن کي وڃي لڳا. گهرا زخم آيس. آقاﷺ جي جسم مُبارڪ مان پاڪ رت وهڻ لڳو.
سڳورن پيرن مان رت وهڻ لڳس.
هفتن، مهينن جي ڊگهي سفر جي ڪري ڇڳل جُتي رت سان ڀرجي ويئي.
بُکايل، اُڃايل، بي وطن، بي آسرا، ٿڪل ٽٽل، نٻل ۽ هيڻن جسمن مان آقاﷺ ۽ غلام زيد پٿرن جي وسڪاري ۾ رتو رت ٿي بستيءَ مان ٻاهر نڪتا.
غلام، آقاﷺ کي کنيو.
۽ شهر کان ٻاهر هڪ باغ طرف ويندي پاڻيءَ سان آقاﷺ جا زخم ڌوتا. پيرن مان جتي لاهڻ جي ڪوشش ڪيائين ته چَپل رت سبب پيرن سان چُهٽي پئي هئي. سيدنا زيد پنهنجن زخمن کي وساري، آقاﷺ جي زخمن کي ڌوئڻ لڳو ۽ روئڻ به لڳو.
آقاﷺ جي اکين ۾ به لُڙڪ لَڙي آيا. پاڻ سڳورن آسمان ڏانهن ڏسي اُن ڏينهن پنهنجي خدا کان اهڙي دعا گهري، جهڙي هن اڳ ۾ ڪڏهن به نه گهري هئي.
آقاﷺ خدا جي حضور هٿ کنيا ۽ خدا جي حمد ۽ واکاڻ کانپوءِ عرض ڪيو:
”اي الله! آءٌ پنهنجي ڪمزوري، بي وسي ۽ ماڻهن جي نظرن ۾ پنهنجي بي قدري ۽ انهن جي ناسمجهي جي رڳو توسان ئي شڪايت ڪريان ٿو. اي ٻاجهارا، مهربان، سڀني کان وڌيڪ مهربان، هيڻن جاهمراھ، تون ئي منهنجو رب آهين. پوءِ تون مونکي ڪنهن جي حوالي ڪري رهيو آهين؟ ڇا تون مونکي ڪنهن ڌارينءَ جي حوالي ڪري رهيو آهين. جيڪو مون سان نفرت ۽ حقارت سان پيش اچي، يا تو ڪنهن دشمن کي منهنجي معاملي جو مختيار بنائي ڇڏيو آهي؟ جيڪڏهن تون مون کان ناخوش نه آهن ته پوءِ مُونکي انهن سڀني، ڏکن، سورن ۽ تڪليفن جي پرواھ ڪونهي. تنهنجي عافيت ۽ بخشش منهنجي لاءِ تمام وڏي ۽ ڪافي آهي. آءٌ پنهنجي گهايل جسم سان تنهنجي عافيت جي پناھ ٿو وٺان. تنهنجي چهري جو اهو نور، جنهن سان اونداهيءَ ۾ روشني ٿي وڃي ٿي، اُن ڏانهن وران ٿو. تنهنجي جنهن نور سان بگڙيل ڪم سَنورجي وڃن ٿا، تنهنجي ان نور ۾ پناھ ٿو وٺان. آءٌ پناھ ٿو گهران اُن شئي کان، جنهن سان تنهنجو ڏمر ۽ عذاب مون تي نازل ٿئي، توکي ان وقت تائين راضي ڪرڻون اٿم، جيستائين تون راضي نه ٿئين.
اي الله! آءٌ ڪمزور آهيان. مون ۾ نه طاقت آهي نه زور.
جيڪا به طاقت آهي، اها تنهنجي ڏنل آهي. جيڪا به قوت آهي، اِها تنهنجي عطا ڪيل آهي. آءٌ ته ڪجهه به ناهيان، منهنجي ڪابه تدبير ڪارگر ناهي. تون ئي ڪارساز آهين. تون ئي هر بگڙيل کي سنوارڻ وارو آهين. تون ئي منهنجو خدا آهين. سڀني مهربانن کان وڏو مهربان“.
مهربان خدا سڀ ڏسي ۽ ٻُڌي رهيو هو.
اها دعا آقاﷺ جي مبارڪ زبان مان نڪري آسمان تائين پهتي ته جبرائيلعه جبلن جي ملائڪ کي وٺي حاضر ٿيو ۽ عرض ڪيائين، آقاﷺ هي هنن جبلن جي مٿان مقرر ٿيل آهن ۽ خدا کيس اوهانجي ڪمان ۾ ڏئي موڪليو آهي ته جيڪڏهن اوهين حڪم ڏيو ته اُنهن نافرمانن کي ٻنهي جبلن جي وچ ۾ پيهي ڇڏي، جن اوهان کي ڏک پهچايو آهي. کين هن ڌرتيءَ تان ميساري ڇڏي، اوهانجي رت جي هڪ ڦُڙي جي بدلي ۾ هنن جي ايندڙ نسلن کي ختم ڪري ڇڏي، اوهين رڳو حڪم ڪيو، اهو پورو ٿيندو.
آقاﷺ هڪدم ڏکويل چهري، رت ڄميل مُرين ۽ پيرن ۾ چُهٽيل بوٽن سان تڙپي اُٿيا ۽ چيائون:
نه.. نه..
ايئن نه ڪر.
جيڪڏهن هي نه ته سندن ايندڙ پيڙهيون خدا جي پيغام کي پکيڙينديون،
کين ڪجهه نه چئو.
جڏهن آسمان مان خدا جبلن ۽ زمينن جون سڀئي ڪُنجيون آقاﷺ جي پيرن ۾ اچي رکيون ته اُن شهر طائف جي ڀت سان انگور جي وَل جي ڇانوري ۾ آقاﷺ ۽ سندس غلام کي ويٺل ڏسي ٻن مغرور مڪي مشرڪن ۽ رسول خدا جي دشمن سردارن شيبه بن ربيع ۽ عتبه بن ربيعه جي پٿر دلين تي راڄ ڪندڙ خدا هڪ خيال وڌو.
هو سوچڻ لڳا ته هي ڪهڙو نه عجيب انسان آهي
جسم زخمي اٿس،
اُڃايل آهي،
بُکايل آهي،
شهر جي ٻاهر جنهن ڀت سان ٽيڪ ڏيئي ويٺو آهي، اُن ڀت تي رسيلا ۽ خوشبودار انگور سندس زخمي هٿن وٽ لڙڪي رهيا آهن، چهري جي آسپاس پڪل انگورن جي ڇُڳا لڙڪي رهيا آهن، پر هي ڪيڏو نه امانت دار آهي، جو انگورن جو هڪ داڻو به نه پيو ڇني. بدبخت ترين ماڻهن جا ارادا به خدا جي وس ۾ ئي هوندا آهن انهن ٻن دشمن رسول عتبه ۽ شيبه پنهنجي غلام عداس کي چيو ته هڪ پليٽ ۾ ڪجهه تازا انگور کڻي وڃي انهن ٻنهي زخمين کي ڏئي اچ، اهي ٻيئي عتبه ۽ شيبه ڪيترين ئي پيڙهين کان آقاﷺ کي سُڃاڻندا هئا. کين خبر هئي ته اهو صادق ۽ امين آهي. هنن جو ۽ آقاﷺ جو تڙ ڏاڏو هاشم ۽ عبد شمس پاڻ ۾ جاڙا ڀائر هئا. پر هنن جو ڪيترين ئي پيڙهين کان آقاﷺ سان بغض هلندو پي آيو. ٻنهي کي خبر هئي ته آقاﷺ ئي سيدنا هاشم جا پَڙپوٽا آهن، جن تي سڄو قريش فخر ڪندو هو. جيڪو بُکايلن کي شام ملڪ مان مانيون پَچرائي، اٺ جي گوشت جي رس ۾ وجهي چورو ڪري کارائيندو هو. هُنن انگور موڪلي ڄڻ ته پنهنجي گڏيل وڏڙن جي مهمان نوازيءَ جو ٿورو حق ادا ڪيو. عداس انگور کڻي حاضر ٿيو، آقاﷺ ”بِسمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيمِ“ چئي انگورن ۾ هٿ وڌو.
عداس ڇرڪيو
هو ته هڪ غلام. پر علم جي سُتي پيل هيس.
پُڇيائين: سائين اوهان جيڪو هي ڪلمو پڙهيو، هتي جا ماڻهو ته اهو نٿا پڙهن.
آقاﷺ پُڇيس. تون ڪٿي جو آهين؟
عداس وراڻيو: آءٌ نينوا جو آهيان.
آقاﷺ مُرڪيا ۽ فرمايائون تون صالح مرد يونس بن متيءَ جي شهر جو رهاڪو آهين.
عداس وري ڇرڪيو: اوهان کي ڪيئن خبر پئي؟
آقاﷺ فرمايو هن ۾ ۽ مون ۾ هڪ رشتو آهي، هو به نبي هو ۽ آءٌ به رسول آهيان.
اهو ٻُڌي عداس پيرن تائين ڏڪي ويو.
مُحبت سبب هو آقا ڏانهن جُهڪي ويو. هن آقا جي ڪلهن ۽ مٿي کي ڇهيو ۽ چيائين آءٌ عيسيٰ ابن مريم جو مڃيندڙ آهيان، جنهن آخري نبيءَ جي بشارت ڏني هئي ۽ چيو هئائين ته اُن جي جتي جا ڌاڳا کولڻ به سندن لاءِ اعزاز هوندو. هينئر ان نبي جي اچڻ جو وقت آهي. اوهين ئي اهي رسول برحق آهيو. آخري رسول. اوهانجي جُتي ۾ پيل زخمي پيرن کي زور ڏيڻ منهنجي لاءِ سعادت آهي. اهو چئي عداس هڪ ڀيرو ٻيهر جُهڪيو ۽ آقاﷺ جي پيرن کي هٿ لڳايو ۽ ادب سان آقا جي زخمي پيرن کي پنهنجي پُسيل پَلڪن سان صاف ڪيو ۽ عقيدت مان هڪ ڀيرو ٻيهر آقاﷺ جي پيرن کي چمي ورتو.