خندق جي لڙائي
احد جي جنگ کان ٻه سال پوءِ شوال جي مهيني 5 هين هجريءَ ۾ مڪي مان هڪ گهوڙيسوار کي چٺي ڏيئي سيدنا عباس مديني روانو ڪيو.
گهوڙيسوار ٽن ڏينهن کان پوءِ آقا صلي الله عليھ وسلم جي سامهون هو.
خط جو متن ڊيڄاريندڙ هو.
ابو سفيان اُن زماني ۾ عربستان جي تاريخ ۾ سڀ کان وڏو لشڪر تيار ڪري مديني تي چڙهائي ڪرڻ جي لاءِ روانو ٿي چڪو هو. اطلاع موجب لشڪر ۾ ڏهه هزار سپاهي هئا. اُن ۾ قريش کانسواءِ ڪنانه، تهامه جا سڀئي قبيلا،ان سان گڏ آقا صلي الله عليھ وسلم جي دشمن علائقي نجد جا بنو غطقان قبيلا، فزاره، مره، وشج بن عينيه بن حصن، حارث بن عوف ۽ معر بن رخيله جي قيادت ۾ اُنهن جا فوجي دستا به مڪي کان ٻاهر ’مهر الظهران‘ ۾ ابو سفيان جي لشڪر سان اچي گڏيا. بنو اسد به اچي پهتو.
اُن سڄي لشڪر جي تياري، سپاهين جي کاڌي پيتي، هٿيارن پنهوارن، گهوڙن ۽ اٺن تي ٿيندڙ سموري خرچ جي ذميداري خيبر جي يهودين پنهنجي ذمي کنئي هئي. ان کانسواءِ مديني جي اندر منافق ۽ بنو قريظه به ان ۾ ابو سفيان سان ٻٽَ هئا.
هاڻي اهو سڄو لشڪر پنهنجي پَر ۾ مديني جي سلطنت ۾ مسلمانن کي پاڙؤن پٽي ڦِٽو ڪرڻ جي لاءِ اچي رهيو هو. ان جي پهچڻ ۾ رڳو ڇهه ست ڏينهن ئي رهيا ٿي.
لشڪر جو سپهه سالار ابو سفيان بن حرب هو.
آقا صلي الله عليھ وسلم هڪدم پنهنجن صلاحڪارن کي سڏايو.
زميني حقيقتون، دشمن جا ارادا ۽ پنهنجا مقصد سامهون رکيا.
دشمن جا ارادا ته ڀت تي لکيل هئا.
هُنن جي سگهه سان رستي جي واري ڌوڙ بنيل هئي.
جبل ڏڪي رهيا هئا.
مسلمانن جو مقصد اهو هو ته دشمن ڪامياب نه ٿئي.
مدينو بچيل رهي.
مسلمانن وٽ ساڍا ٽي هزار سپاهي هئا.
مقابلو ڪٿي ڪجي؟
سلمان فارسي به صلاحڪارن ۾ ويٺل هو. هن راءِ ڏني ته اسان جي ايران ۾ جڏهن به پاڻ کان وڏي فوج سان مقابلو هوندو آهي ته اسين هڪدم قلعي بند ٿي ويندا آهيون، جي قلعو نه هوندو آهي ته دشمن جي رستي ۾ وڏي خندق کوٽي ويندي آهي. ايتري ويڪري جو ڊوڙندڙ گهوڙو به اِها اُڪري نه سگهي، ايتري اونهي جو ان ۾ ڪريل دشمن ٻاهر نڪري نه سگهي.
اها ڳالهه آقا صلي الله عليھ وسلم کي دل سان لڳي.
مديني جون زميني حقيتون به اُن جي حق ۾ هُيون.
چئني پاسن خندق کوٽڻ جي گهرج به نه هئي.
ٽن پاسن کان قدرت ڀت ٺاهڻ کانسواءِ ئي هن شهر جو بچاءُ ڪري رکيو هو.
اُتر ۽ اولهه طرفن ٻرندڙ جبلن جي لاوي مان ٺهيل ڪاريون ٽڪريون هُيون، جيڪي گهڻيون مٿانهيون ته نه هُيون، پر انهن تي هلڻ محال هو. صدين جي اُس انهن جي اُڀريل ڪُنڊن کي تيز ۽ نوڪدار ڪري ڇڏيو هو. انهن تي رکجندڙ پير جوتن سميت چيرجي ٿي ويا.
پويان ڏکڻ اولهه ۾ ’سلح جبل‘ هو.ان جي وچ ۾ به جابلو ٽڪريون هيون.
ڏکڻ ۾ گهاٽا باغ هئا. گهاٽي آباديءَ واريون گهٽيون، ڳڙهيون ۽ گهر هئا. انهن جي ٻاهر کجين جا وڻ هئا، جيڪي گهڻا وڏا نه هوندا آهن ۽ هڪ ٻئي سان جڙيل هوندا آهن. انهن مان ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻهو ئي ڪنڌ جُهڪائي هلي سگهيو ٿي. اتان سڄو لشڪر لنگهي نٿي سگهيو.
اُن ئي پاسي بنو قريظه جي بستي هئي.
اُنهن جون وفاداريون مشڪوڪ ته هيون، پر هو اڃا سوڌي اعلانيه ”ميثاق مدينه“ مان نه نڪتا هئا ۽ پنهنجي عهد موجب مٿن مديني جي بچاءَ لاءِ مديني وارن جو ساٿ ڏيڻ لازمي هو.
بندوبست شروع ٿي ويا.
پهرين ته شهر جي ٻاهران چراگاهن مان مال وَجهو، اُٺ، ٻڪريون، گهوڙا وغيرهه شهر اندر آندا ويا ۽ انهن جي لاءِ گاهه پٺو ۽ چارو گڏ ڪيو ويو.
گهيرو ڪيترو ڊگهو ٿي سگهي ٿو؟
آقا صلي الله عليھ وسلم جو ذهن هڪ سپهه سالار وانگر سوچي رهيو هو.
آقا ﷺ کي خبر هئي ته شوال کانپوءِ ذيقعد جي اڌ تائين هو هِتي ترسي پي سگهيا.
هڪ مهينو
پوءِ کين حج جي ڏينهن ۾ هر حال ۾ مڪي پهچڻون هوندو.
سڄي سال ۾ حج جي موسم قريش جي عزت ۽ سڄي سال جي ڪمائيءَ جو وقت هوندو آهي.
اهو طئي ڪيو ويو ته
هر گهر ۾ هڪ مهيني جو سيڌو سامان موجود هُجي.
هاڻ اهو فيصلو ڪرڻون هو ته خندق ڪٿي ڪٿي هُجي.
ڪيتري گهري ۽ ويڪري.
آقا صلي الله عليھ وسلم پاڻ ئي پنهنجن هٿن سان خندق کوٽڻ جي لاءِ ليڪو ڪڍيو. پوءِ ڪوڏر هٿ ۾ کڻي الله جو نالو وٺي زمين تي پهريون ڌڪ هنيو. پاڻ سڳورن جي زبان مبارڪ تي هي لفظ هئا:
بسم الله و بھ بدينا
ولو عبدنا غيره شقينا
حبذا ر با و حبذا دينا
”الله جي نالي سان اسان جو ڪم شروع ٿئي ٿو، اسين هُن کانسواءِ ٻي ڪنهن جي عبادت ڪريون ته بدبخت ۽ بدنصيب ليکجون.هو ڪهڙو نه سُٺو رب آهي ۽ ڪهڙو نه سُٺو دين آهي ]الباري، روض الانف[
آقا صلي الله عليھ وسلم ڏهن ڏهن جون ٽوليون ٺاهيون.
هر ٽوليءَ جي ذمي چاليهه هٿ ڊگهي کاهي کوٽڻي هئي.
کوٽجندڙ زمين ورهائي ويئي.
خندق جي ڪُل ڊيگهه ڇهه ڪلوميٽر ٿي (4، 554 ميٽر)
ويڪر پندرهن فوٽ طئي ٿي (4.7 ميٽر)
۽ اونهائي لڳ ڀڳ ڏهن کان ٻارهن فوٽ سوچي ويئي (3.3 ميٽر)
اها سڄي کوٽائيءَ ڇهن ڏينهن کان اڳ مڪمل ڪرڻي هئي.
سڀني گهرن مان کوٽائيءَ جو سامان گڏ ڪيو ويو.
فيصلو اهو ڪيو ويو ته کوٽائيءَ جي ڪري نڪرندڙ سموري ريتي، واري، مٽي ۽ پٿر مديني جي اندرين پاسي ڍڳ ڪيا ويندا، ايئن دفاعي نقطه نظر سان اها دفاعي لائين طور هڪ مضبوط مورچي جو ڪم به ڏيندي، جنهن جي پويان، جتي به گهرج پوندي ماهر تير انداز پوزيشن وٺي حملي ڪندڙن کي ڀَڄائي سگهن. ان زماني ۾ آقا صلي الله عليھ وسلم اهڙي تيز رفتار جارحاڻي دفاعي فوج جي جوڙجڪ ڪئي، جيڪا ايڪهين صديءَ ۾ آمريڪا ۽ نيٽو اختيار ڪئي ۽ ان کي ’ريپڊ ڊيپلائمنٽ فورس‘ جو نالو ڏنو آهي. مرڪزي ڪمان آقا صلي الله عليھ وسلم پنهنجي هٿ ۾ رکي، ڪمانڊ پوسٽ کوٽائيءَ مهل ته فارورڊ کوٽيل خندق سان گڏ هئي. بعد ۾ اها پويان مرڪز هنڌ سلح ٽڪريءَ جي هنج ۾ اوچي جاءِ تي جوڙي ويئي، جتي اڄڪلهه مسجد فتح جڙيل آهي. اُن جاءِ تان جنگ جو سڄو منظر سامهون نظر اچي ٿو. جيڏانهن به ڪمڪ جي گهرج ٿي پئي، اوڏانهن تيرانداز موڪليا ٿي ويا.
اها سڄي جنگ دشمن جي پهچڻ کان اڳ وڙهي ويئي.
وڙهي به زمين سان ويئي.
زمين ڪٿي ته نرم ٿي نڪتي، گهڻي تڻي پٿريلي ۽ ڪٿي ڪٿي وري زمين جي اندر سنگلاخ ٽڪريون هيون.
آقا صلي الله عليھ وسلم سڀني اصحابين سان گڏ 58 سالن جي عمر ۾ ساڳئي جوش ۽ جذبي ۽ لڳاءُ سان. زور مان ڪوڏر هڻي، اُڏندڙ مٽي، پٿرين، واريءَ کي کوٽي ۽ ٽڪرين کي ٽوڙيو ٿي ويو. ماهه ڪامل پنهنجي اُجري چانڊوڪيءَ سميت مٽي مٽي ٿي ويو.
اُتي سپاهي ۽ سپهه سالار اعظم سڀ هڪ جهڙا هئا.
پري کان خبر ئي نٿي پئي ته ڪير ڪير آهي.
جرنل ڪير آهي ۽ سپاهي ڪير.
صبح کان شام ٿي ويندي هئي.
کوٽائيءَ جو ڪم اندازي کان ڏکيو نڪتو.
اُن کي هر ٻي ڪم تي ترجيح ڏني ويئي
کائڻ، پيئڻ، ٻارڙا، گهر ٻار... ايستائين جو نمازون به قضا ٿيڻ لڳيون.
ڪم رُڳو ڏينهن جو ٿي پي سگهيو.
سياري جا ڏينهن هونئن به ننڍا هوندا آهن.
وري ٿڌيون هوائون...
کوٽائيءَ جا اوزار به معياري نه هئا.
آقا صلي الله عليھ وسلم جنگ جي لاءِ تلوارون، ڍالون، زرهون ته گهڻيون ئي ٺهرايون هُيون، پر اُن گهڙيءَ جو هٿيار ڪوڏر، بيلچو ۽ ٽيڪم هو. کوٽائي ڪندڙن جي مجموعي نفري ۽ کوٽائيءَ جي لاءِ طئي ڪيل هنڌ جو تعين ڪري حساب لڳايو وڃي ته ايئن ٿو لڳي ته ڄڻ اُنهن ڇهن ڏينهن ۾ مديني جي هر جوان ۽ پوڙهي پنهنجي قبر جي سائيز جي جاءِ کي ست ڀيرا کوٽيو.
اُنهن ڇهن ڏينهن ۾ ڪيترائي عقل کان مٿانهان واقعا به ٿيا.
ماڻهن جي گهرن ۾ راشن جي کوٽ ٿي پئي.
تازيون ڀاڄيون ۽ ميوات گم ٿي ويون.
ميڙي چونڊي ختم ٿيڻ لڳي.
ٻاهران واپاري اچڻ بند ٿي ويا.
اندريان، ٻاهران ڪجهه به آڻي نه پي سگهيا.
جيڪو ڪمائڻ ۽ ٻارن کي پالڻ جو وقت هو، اهو کوٽائيءَ جي بِلي..
نوبت وڃي فاقن تائين پهتي.
هڪ ڏينهن سيدنا طلحه پنهنجي پيٽ تان پنهنجو ميرو ۽ مٽيءَ سان ڀڀوت ڪپڙو هٽايو ۽ آقا صلي الله عليھ وسلم کي پنهنجو پيٽ ڏيکاري چوڻ لڳو: ”آقاﷺ، ڏسو پنهنجي معدي کي ڀريل هئڻ جو دوکو ڏيڻ لاءِ پيٽ تي هڪ پٿر ٻَڌل آهي.“
آقا ﷺ مُرڪيو ۽ هوريان هوريان پنهنجي پيٽ تان ڪپڙو مٿي ڪيو.
آقا صلي الله عليھ وسلم جي پيٽ تي ٻه پٿر ٻَڌل هئا.
پٿر ٻڌڻ سان معدو دماغ کي پيغام ڏي ٿو ته آءٌ دٻيل آهيان، خالي نه آهيان، تنهن ڪري جسم ۾ بُک جي شدت سان جيڪا هيڻائي ۽ هڪدم ڪجهه کائڻ جو حڪم اچي ٿو، اهو ٽري ٿو وڃي. پر جسم جي هيڻائي ۽ نستائي ته پنهنجي جاءِ تي وڌندي رهندي آهي. بس وقتي طور تي بُک جو خيال محو ٿي وڃي ٿو.
ماڻهو ڏينهون ڏينهن ڪمزور ٿي رهيا هئا.
هڪ هڪ ڪري ڇهه ڏينهن پورا ٿيڻ وارا هئا.
خندق جتي جتي سوچي ويئي هئي، اُتي تيار ٿيڻ واري هئي.
مديني جي آسپاس ابو سفيان جو ڏهن هزارن جو لشڪر پهچڻ وارو هو. ايندڙ لشڪر سبب اُن طرف آسمان تي مٽي ڇانيل هئي.
کوٽائي تيز ڪئي ويئي.
کوٽائي وارن ڏينهن دوران جتي جتي زمين ۾ ڪا سخت ٽڪري ٿي آئي ته ماڻهو ڀڄندو آقا صلي الله عليھ وسلم وٽ ٿي آيو.
آقا صلي الله عليھ وسلم ٽڪري اچي ويئي آهي.
ٽُٽي ئي نٿي.ڪيترا ڀيرا ايئن ٿيو
آقا صلي الله عليھ وسلم اچي ٿي ويا.
خليءَ مان پاڻي ڀري وات ۾ وجهي اندر گهمائي، پوءِ اها گرڙي ٽڪريءَ تي ٿي ڪيائون ته اها ڪجهه ئي گهڙين ۾ نرم ٿي ٽُٽي ٿي ويئي. ڪنهن تي وري هٿ سان پاڻي ڇڻڪائي بسم الله پڙهي ٿي وڌائون ته اها ذريون ذريون ٿي پوندي هئي.
هڪ ڏينهن کوٽائيءَ دوران هڪ وڏي ٽڪري اچي ويئي
ماڻهو ڊوڙندو آقا صلي الله عليھ وسلم وٽ پهتو
آقا پنهنجو ٽيڪم ڪلهي تي رکيو ۽ ان ٽڪري وٽ پهتا.
ٽيڪم جو پهريون ڌڪ هنيو
هڪ چڻنگ نڪتي ۽ ٽڪري ٻه اڌ ٿي پئي. آقا صلي الله عليھ وسلم خوشيءَ مان نعرو هنيو ۽ الحمد لله چيو. پنهنجن ماڻهن کي گڏ ڪيو ۽ ٻڌايو ته ان چمڪ ۾ شام جي ڳاڙهين محلاتن کي ڏيکاري الله انهن جون چاٻيون منهنجي حوالي ڪري ڇڏيون آهن.پوءِ ٻيو ڌڪ هنيائون.
هن ڀيري وڏو ڏار پيو ۽ چڻنگون نڪتيون. آقا صلي الله عليھ وسلم جي مُنهن مبارڪ تي تازگي اچي ويئي ۽ مُرڪي فرمايائون: فارس جي ڪنگرن وارا محل ۽ مدائن جي قصر جون چاٻيون به عطا ڪيون ويون آهن.
پوءِ الله اڪبر چئي ٽيون ڌڪ هنيو..
ٽڪريءَ جي هڪ ڪنڊ ٽڙڪي ڌار ٿي ويئي... چڻنگون وري اُڏيون، آقا صلي الله عليھ وسلم فرمايو يمن ۾ صنعا جا دروازا کلي ويا. انهن جون چاٻيون به ملي ويون. اُن آزمائش جي گهڙين ۾ به آقا صلي الله عليھ وسلم جي ساٿين جي لاءِ ڪيڏيون نه شاندار خوشخبريون هيون، پر جن جي دلين ۾ اونداهي هئي، تن کي پٿر مان نڪرندڙ چڻنگن ۾ ڏٺل بشارتن تي ڪٿي ٿي يقين آيو. جيتوڻيڪ هُنن پاڻ کي عقل وارو ٿي سمجهيو، پر اهي اندر جا ڪارا ۽ منافق هئا. هو هيڏانهن هوڏانهن سُس پُس ڪندي اهو چوندي نظر اچڻ لڳا ته: اسان لاءِ ته ضروري حاجت لاءِ نڪرڻ به ڏکيو ٿي پيو آهي ۽ هيڏانهن هي دنيا جي عظيم سلطنتن جون ڪُنجيون ميڙڻ جي ڳالهه پيا ڪن.
حالانڪه تاريخ ڏٺو ته اُن واقعي جي ڏهن پندرهن سالن جي اندر اندر اهي سڀئي سلطنتون ۽ بادشاهتون آقا صلي الله عليھ وسلم جي غلامن جي پيرن جي هيٺان هُيون، جن جون ڪُنجيون اُن گهڙيءَ آقا صلي الله عليھ وسلم کي خدا بخشيون هُيون.
آقا صلي الله عليھ وسلم کي خدا جي سڀ کان وڏي نعمت سندس ساٿي هئا. هو جنهن لڳاءَ، محبت ۽ جذبي سان آقا صلي الله عليھ وسلم جي هر حڪم جي پابندي ڪري رهيا هئا، اُن جو مثال تاريخ ۾ شايد ئي ڪٿي ملي. هو کاهي کوٽيندا ۽ هي شعر گيت جي صورت ۾ پڙهندا ويا.
نحن الذين بايعوا محمدا
علي الجهاد ما بقينا ابدا.
”اسين اهي ماڻهون آهيون، جن محمد صلي الله عليھ وسلم جي هٿ تي بيعت ڪئي آهي، جيستائين سِسيءَ ۾ ساهه اٿئون، اسين ڪافرن سان جهاد ڪنداسين.“
آقا صلي الله عليھ وسلم ساٿين کان اهو سُڻي فرمائيندا هئا.
اللٰهٰم لاعيش الا عيش الآخرة
فا غفر الانصار و المهاجره
”اي الله بيشڪ زندگي ته صرف آخرت جي زندگي آهي... تنهن ڪري تون انصار ۽ مهاجرين جي مغفرت فرمائي...“
آقا صلي الله عليھ وسلم مٽي ڍوئيندي هي گيت به چوندا هئا. خاص ڪري عبدالله بن رواحه جو هي گيت:
اللٰهم لولانت ما اهتد ينا
ولا تصدقنا ولا طينا
فانزلن سکينھ علينا
وثبت الاقدام ان لاقينا
ان الالي قد بغوا علينا
اذا ارادوا فثنه ابينا
” اي الله جيڪڏهن تون نه هُجين ها ته اسان کي هدايت نه ملي ها
نه صدقو ڏيون ها، نه نماز پڙهئون ها
تنهن ڪري تون اسان تي سڪون ۽ اطمينان نازل فرماءِ
جيڪڏهن دشمن سان مُهاڏو اٽڪي ته اسان کي ثابت قدم رکج
هُنن ماڻهن اسان تي گهڻو ظلم ڪيو آهي
جيڪڏهن هو اسان کي فتني ۾ وجهڻ گهرن ته
اسان کي جُهڪائين متان- (بخاري)
هيڏانهن خندق کوٽجي رهي هئي.
هوڏانهن دشمن جي ويجهي اچڻ جون خبرون اچي رهيون هُيون،
ڪم ۾ تيزي اچي ويئي
کاڌي پيتي جو به هوش نه رهيو.
سيدنا جابر، آقا صلي الله عليھ وسلم جي چهري تي بُک ڏٺي ته تڙپي پنهنجي گهر ويو. هڪ ڇيلو ڪُٺائين، زال کي ڏيڍ ڪلو کن جوَ پيهڻ جو چيائين- ماني ٿوري هئي، تنهن ڪري هوريان هوريان آقا صلي الله عليھ وسلم جي ويجهو آيا ۽ عرض ڪيائون.
آقا صلي الله عليھ وسلم گهر ۾ اوهان جي لاءِ ڪجهه رڌيو اٿئون.
هلو، اسان جي عزت افزائي ڪريو.
آقا ﷺ کيس برڪت جي دعا ڏني ۽ سڀني خندق کوٽيندڙن کي سَڏيو اچو ته هلئون
جابر ماني ڪئي آهي
اِهي همراهه مٽي ڇنڊي هٿ ڌوئڻ لڳا
هُنن جو انگ هڪ هزار کان به مٿي هو
سيدنا جابر پريشان ٿي ويو.
ماني ته رڳو ڪجهه ماڻهن جيتري هئي.
هاڻي ڇا ٿيندو؟
آقا صلي الله عليھ وسلم سيدنا جابر جي پريشاني سمجهي ويا.
سيدنا جابر ٻوڙ جي ديڳڙي آقا صلي الله عليھ وسلم جي اڳيان رکي. اُن سان گڏ مانين جي دَٻڪي به، جنهن جي مٿان ڪپڙو ويڙهيل هو. آقاﷺ بسم الله پڙهي لنگر ورهائڻ شروع ڪيو. هڪ هزار کان به وڌيڪ ماڻهن ڍؤ ڪري ماني کاڌي.
ديڳڙيءَ ۾ ٻوڙ اوتري جي اوتري پئي هئي.
ماڻهو چون ٿا ته آقا صلي الله عليھ وسلم جي محبت ۾ کارائجندڙ اڄ جي هر لنگر ۾ برڪت به اُن ڏينهن جي حوالي سان آهي.
سيدنا لقمان بن بشير جي ڀيڻ مُٺين ۾ کجور کڻي آئي ته جيئن پنهنجي پيءُ ۽ مامي عبدالله بن رواحه کي کائڻ لاءِ ڏي. آقا ﷺ وٽان لنگهي ته ٿوري کجور آقاﷺ جي خدمت ۾ به پيش ڪيائين. آقا ﷺ پَٽ تي ڪپڙو وڇايو ۽ ان تي کجور پکيڙي ڇڏيائين. پوءِ خندق کوٽيندڙن کي سڏيائين.
هيڏانهن اچو
ٿوري ساهي کڻو
کجور به آئي آهي.
سڀني گڏجي کاڌي. جيتري کاڌائون ٿي اوتري وڌي ٿي ويئي.
هيڏانهن خندق مڪمل ٿي.
هوڏانهن ابو سفيان جو لشڪر به پهچي ويو.
ڏهن هزارن تي مشتمل فوج
ڌوڙ ئي ڌوڙ
مِٽي ئي مِٽي
دشمن سپاهين احد جبل جي اوڀري پاسي ’ذنب نقمي‘ ۾ لڏو لاٿو.
رستي ۾ ايندي دشمن الائجي ڪهڙيون ڪهڙيون سَٽون سَٽي پهتو هو. هتي پهتو ته ڏٺائون ته شهر ڏانهن ويندڙ رستي جي وچ ۾ هڪ وڏي ۽ تازي کاهي کوٽي پئي آهي.
هو سخت پريشان ٿيا.
عربستان جي ريگستان ۾ اها دفاعي حڪمت عملي نئين هُئي.
خندق جي ويجهو ٿيڻ جي ڪوشش ٿي ڪيائون ته مديني واري پاسي خندق جي ڪناري تي مٽيءَ جي ٺهيل وڏن مورچن مان مٿن تيرن جو مينهن ٿي وسي ويو.
هاڻ ڇا ڪجي؟
هو خندق جي ٻاهر ڪنڌيءَ تي گهوڙا ڊوڙائڻ لڳا
ڏسون ته ڪٿي ويڪر گهٽ آهي.
۽ هو گهوڙن کي ڊوڙائي کاهي ٽپي سگهن.
هڪ ٻن جڳهين تي آقا صلي الله عليھ وسلم شايد ڄاڻي ٻُجهي ويڪر گهٽ رکي هئي ته جيئن دشمن جو ڪو مَٿو ڦِريل سورمو هيڏانهن ٽپي اچي ۽ کيس گهيري ماريو وڃي.
ايئن ئي ٿيو
ٻن هفتن تائين ڀڄ ڊُڪ کانپوءِ دشمن اهي گهٽ ويڪر واريون جايون ڏسي ورتيون. ڪجهه قريش سردار عمرو بن عبدؤو، عڪرمه بن ابوجهل، هيبره بن وهب، ضرار بن خطاب ۽ نوفل بن عبدالله ان ئي هنڌ تان واري واري سان ڊوڙندڙ گهوڙن سان خندق پار ڪري ورتي.
هيڏانهن سيدنا علي سندن اوسيئڙي ۾ بيٺا هئا.
پهرين ته هُنن جي واپسيءَ جو گهٽ بند ڪيائين
پوءِ سندن سامهون آيو.
پهرين عمرو بن عبدؤو سامهون آيو، تڪبر ۽ لوهه جي زرهه ۾ غرق.
حقارت مان چيائين: ٻار آهين... ڪنهن وڏي کي موڪل.
سيدنا عليءَ کيس ڪا اهڙي ڳالهه چئي جيڪا کيس ڏکي لڳي
ڪاوڙ ۾ گهوڙي تان لَٿو.
سيدنا عليءَ کي اُن گهڙيءَ جو اوسيئڙو هو.
اهڙو وار ڪيائينس جو هو ڪٽجي ٻه اڌ ٿي اچي ڪريو.
نوفل بن عبدالله به خندق ٽپي گهوڙي کي ڊوڙائيندو پي آيو، جو سندس گهوڙو ڇرڪيو ۽ هو گهوڙي سميت وچ خندق ۾ ڪري پيو. ماڻهن کيس پٿر هڻڻ شروع ڪيا.
رڙ ڪري چيائين پٿرن سان نه مون کي تلوار سان ماريو
عزت سان ماريو
آءٌ قريش جو سردار آهيان
سيدنا علي خندق ۾ لٿو ۽ کيس پورو ڪري ڇڏيائين.
قريش سندس لاش وٺڻ آيا
۽ پاڻ سان ڏهه هزار درهم به آندائون
آقا صلي الله عليھ وسلم لاش مفت ۾ واپس ڪري ڇڏيو. ٻُڌائڻ جو مقصد اهو هو ته اسين لاش نه وڪڻندا آهيون.
اهو مسلمانن جي لاءِ آزمائش جو وقت هو.
قرآن پاڪ خود اُن ڪيفيت جي منظر ڪشي ڪئي آهي.
”مسلمانو، ياد ڪريو اُن وقت کي جڏهن دشمن اوهان جي مٿان اچي پهتو هو، مٿان کان به ۽ هيٺان کان به، اوهان جون اکيون کيريون ٿي ويون ۽ جگروات ۾ ٿي آيا. ۽ الله تعاليٰ سان طرح طرح جا گمان ڪرڻ لڳا. ان هنڌ ايمان وارا آزمايا ويا ۽ خوب آزمايا ويا. (الاحزاب- قرآن)
اها خوفناڪ حالت اُن وقت ٿي جڏهن مسلمانن کي خبر پئي ته مديني جي ڏکڻ ۾ بنو قريظه وارن مسلمانن سان غداري ڪري قريش سان ڳٺ جوڙ ڪري ورتو آهي. مٿان ڏهن هزارن جو لشڪر ۽ هيٺ يهودين جي قلعن طرف رستي ۾ ڪابه رڪاوٽ نه هئي. آقا صلي الله عليھ وسلم احتياط طور اُن پاسي هڪ ڪئمپ هڻي ڪجهه محافظ اُن پاسي مقرر ڪري ڇڏيا ۽ مديني جا ٻار ۽ زائفائون به اتي گڏ ڪيا. ان ڪئمپ جو هڪ واقعو آهي ته اتي بنو قريظه وارن هڪ جاسوس موڪليو ته خبر چار وٺي اچ ته ڪيترا چوڪيدار آهن. هيڏانهن آقا صلي الله عليھ وسلم جي پُڦي، سيدنا حمزي جي ماءُ ڄائي ننڍي ڀيڻ صفيه اُن جاسوس کي ڏسي ورتو
چوڪيءَ ته شاعر حسان بن ثابت هو
کيس چيائين ته جَهلينس
هن هَڄي وراڻيو
آءٌ ته شاعر آهيان. ويڙهه وارو ڪم نٿو اچيم.
سيده صفيه ڪاوڙ ۾ اچي منهن ۽ مٿو ڍڪي، تنبوءَ جو ڪِلو کڻي ويئي ۽ اُن يهودي جاسوس کي ماري ڇڏيائين. پوءِ وري اچي حسان بن ثابت کي چيائين ته ”آءٌ کيس ماري آئي آهيان. تون وڃي سندس زرهه لاهي اچ. زائفان هئڻ جي ناتي مون اها نه کولي. اها زرهه به تنهنجي ٿي ۽ اُن جي تلوار به تون کڻج.“
حسان بن ثابت اڃا تائين هَڄيل هو.
چيائين: مون کي زرهه ۽ تلوار جي ضرورت ڪونهي.
آءٌ نٿو وڃان.
پر بنو نضير جو سردار حئي بن اخطب، جنهن کي سڄي قبيلي سميت مديني مان تڙيو ويو هو، اهو لِڪندو ڇُپندو خيبر مان مديني پهچي ويو. هن بنو قريطه جي سردار ڪعب بن اسد جو دروازو کڙڪايو. ڪعب بن اسد دروازي جي جهروڪي مان حئي بن اخطب کي ڏٺو ۽ چيو.
حئي تون منحوس ماڻهو آهين
آءٌ دروازو ڪونه کوليندس.
مون محمد صلي الله عليھ وسلم سان عهد ڪري رکيو آهي ۽ مَنجهس سچائي ۽ عهد کي پورو ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه ڏٺو آهي.
حئي سَرٻاٽ ڪيو
ڪعب تون درواو ته کول.
آءٌ تنهنجي لاءِ دائمي عزت جو سامان کڻي آيو آهيان. قريش ۽ غطفان جو اهو وڏو سمنڊ محمد (صلي الله عليھ وسلم) ۽ سندس ساٿين کي تباهه ۽ برباد ڪرڻ کانسواءِ هِتان نه چُرندو. اهو هُنن جو مون سان وعدو ڪيل آهي.
ڪعب وراڻيس
خدا جو قسم! تون مون وٽ سدائين ذلت ۽ خواريءَ جو وسندڙ ڪڪر بنجي آيو آهين، جيڪو پنهنجي لاءِ ئي گپَ ڪري ٿو... تون وڃ... توسان ڪو واسطو نه اٿم.
پر حئي ٽرڻ وارو ڪٿي هو.
نيٺ ڪعب کي اُن ڳالهه تي راضي ڪري وڌائين ته مسلمانن سان ڪيل معاهدو ٽوڙي ڇڏ.
هُن ٽوڙي ڇڏيو.
آقا صلي الله عليھ وسلم کي خبر پئي.
تصديق جي لاءِ سيدنا سعد بن معاذ، سعد بن عباده، سيدنا عبدالله بن رواحه ۽ سيدنا خوات بن جبير کي موڪليو ويو. اُن سان گڏ اها به تاڪيد ڪيائون ته جنگ جي حالت ۾ آهيون، تنهن ڪري واپسيءَ تي خبر مبهم لفظن ۾ ڏجو، جيئن خراب خبر سبب بَددلي نه پکڙجي.
صورتحال ڏاڍي نازڪ هئي.
پر چڱا مڙس ويا
ڪعب بن اسد کي سندس عهد ياد ڏياريائون.
هو بنهه بدليل شخص هو.
گارين ڏيڻ تي لهي آيو.
توهين جي حد ڪري ڇڏيائين
ڪهڙو عهد؟
ڪهڙو رسول الله؟
موڪليل چڱا مڙس موٽي آيا
سندن مُهانڊن تي چوڻ آکڻ کانسواءِ سڀ ڪجهه لکيل هو.
آقا صلي الله عليھ وسلم ماڻهن ۾ ويٺل هئا.
مبهم انداز ۾ خبر ڏيڻ جي لاءِ کين بيئر معونه ۽ رجيع جي دوکو ڏيندڙ قبيلن جا نالا ياد اچي ويا. عفل ۽ قاره... اِهي ٻُوليائون.
آقا صلي الله عليھ وسلم ڪنڌ گوڏن تي رکيو
چهري تي ڪپڙو وڌائون.
خبر ڪونهي ڇا سوچيائون، چهري تي ڪهڙو تاثر اُڀريس
يا آسمان تان ڪا خبر لٿي.
ڏسندي ئي ڏسندي ڪنڌ مٿي کنيائون ۽ آقا صلي الله عليھ وسلم فرمايو
”الله اڪبر... مسلمانو... خوشخبري آهي.“
آقا صلي الله عليھ وسلم بنو قريظه طرف لشڪر موڪلي ڏنو
۽ بچاءُ جون تدبيرون وڌائي ڇڏيائون
صورتحال ڏاڍي خراب ٿي ويئي
سامهون ڏهن هزارن جو لشڪر مديني کي ڀيلڻ جي لاءِ تيار بيٺو هو.
پويان رياست جي وفاداريءَ ۾ ساٿ ڏيندڙ يهودي قيبلو باغي ٿي، دشمن سان ملي ويو. اُن پاسي ته نه ڪا رڪاوٽ هئي، نه ڪا خندق.
آقا صلي الله عليھ وسلم، الله جي حضور ۾ دعا جي لاءِ هٿ کنيا
”اللهم استر عوراتنا وامن روعاتنا“
”اي پالڻهار! اسان جي عيبن جي ڍَڪ رکج ۽ اسان کي خطرن کان محفوظ رکج ]فتح الباري، زرقاني[
پوءِ زوال مهل آقا ﷺمسجد ۾ بيهي الله جي اڳيان ليلائڻ لڳا.
”اللهم منزل الڪتاب، سريع الاحساب، وهازم الاحزاب، اهزمهم وانصرنا عليهم.“
”اي الله! ڪتاب نازل ڪرڻ وارا، جلد حساب وٺڻ وارا، هِنن لشڪرن کي شڪست ڏي، کين شڪست ڏي ۽ اسان کي مَٿن سوڀ ڏي.“ (بخاري/زرقاني)
آقا صلي الله عليھ وسلم جيڪو چيو... اهو الله سُڻي ورتو.
اُن کان اڳ جو الله زمين ۽ آسمان جي وچ ۾ پنهنجي هوائن کي طوفان ۾ ويڙهي هنن ڏانهن موڪلي، الله هڪ مُشرڪ نعيم بن مسعود اشجيءَ جي دل ۾ جيڪو بنو عطفان مان هو، ايمان جي بتي ٻاري ڇڏي ۽ تدبيرن جو واچوڙو هلائي ڇڏيو.
نعيم کي ابو سفيان ۽ بنو قريظه جي سردار ڪعب بن اسد ٻنهي جو ڀروسو حاصل هو. هُن جي دل ڏسندي ئي ڏسندي آقا ﷺجي غلام بنجي ويئي.
هُن وات مان ڪٿي به ايمان جو اظهار نه ڪيو هو. آقا صلي الله عليھ وسلم جي حضور ۾ حاضر ٿيو. دل جي ڪيفيت ٻُڌائي، ايمان جو اقرار ڪيو ۽ ان جنگ کي امن ۾ بدلائڻ جي لاءِ پنهنجون خدمتون پيش ڪيون.
پهرين هو بنو قريظه جي سردار ڪعب وٽ ويو.
چيائينس: ابو سفيان ۽ غطفان وارا ته وڙهي جُڙي هليا ويندا، توکي ۽ تنهنجي قبيلي کي هِتي رهڻو آهي. جيڪڏهن پوءِ مسلمانن اوهان جو گهيراءُ ڪيو ته ڪيڏانهن ويندا ۽ هو ڪٿان اوهان جي مدد لاءِ ايندا؟
ٿورو سوچي وَٺ.
ڪعب سوچ ۾ پئجي ويو.
پوءِ چيائينس:
ڇا ڪجي..؟
نعيم رازداريءَ سان کيس ڪجهه چوڻ جي لاءِ سندس ويجهو ٿيو ۽ سندس ڪن ۾ هڪ تجويز وڌي.
ڪعب جون وساميل اکيون ٻيهر چمڪڻ لڳيون. پُڇيائينس: ابو سفيان مڃيندو؟
توکي مڃرائڻ گهرجي، جي نه مڃي ته سمجهي وٺجو ته هو توکي پنهنجي فائدي جي لاءِ استعمال پيو ڪري.
ڪعب ڪنڌ ڌوڻيو. چيائين: تنهنجي رٿ ته سُٺي آهي.
نعيم اها رٿ ڏني هئي ته ابو سفيان کي چئج ته پنهنجا ڪجهه چڱا مڙس اوهان وٽ ضامن طور اسان جي نگراني ۽ حفاظت ۽ اطمينان جي لاءِ ڇڏي، پوءِ ئي اوهين مسلمانن تي پويان حملو ڪندا.
نعيم جو مقصد هو ته تون تحفظ جي گارنٽي حاصل ڪري وٺ.
ڪعب اها رٿ مڃي ورتي.
اُتان اُٿي نعيم سڌو ابو سفيان وٽ ويو. چيائينس: ڪعب سان ملي پيو اچان.
ابو سفيان پُڇيس: سُڻائي ڪهڙي خبر چار آهي.
نعيم مُنهن ڀيلو ڪيو ۽ وڏي ڏک مان مُنهن ڦٽائي چيائين.
ڪعب مسلمانن جي داٻي ۾ اچي ويو آهي. اُنهن تي حملو ته پري جي ڳالهه، مُرڳي هو اوهان جا ڪجهه خاص خاص چڱا مڙس دوکي ۽ چالاڪيءَ سان جهلي مسلمانن جي حوالي ڪرڻ ٿو گهري ته جيئن هو مسلمانن کان بچيل رهي.
ڇا مطلب؟ ابو سفيان اُٿي ويٺو.
نعيم وري رازداريءَ مان ابو سفيان ڏانهن جُهڪيو ۽ چيائين: هو توکان تحفظ ۽ نگرانيءَ جي بهاني ڪجهه ماڻهو گُهرندو... پر تون متان سندس ڳالهه مَڃين، نه ته بنو قريظه وارا اِهي ئي همراهه مسلمانن جي حوالي ڪري پنهنجي وعدي خلافيءَ جو ازالو ڪندا.
ابو سفيان جون اکيون ڪاوڙ ۽ حيرت ۾ ڀڙڪڻ لڳيون.
هڪدم پنهنجا ماڻهو بنو قريظه وارن ڏانهن ڳالهين لاءِ موڪليائين ۽ چيائين. اوهين بنو قريظه وار هڪدم حملو ڪريو.
ڪعب وراڻيس... هڪ ته ڇنڇر جو ڏينهن آهي ۽ ٻيو ته پنهنجا ڪجهه همراهه اسان وٽ ڇڏ.
ڪعب اهو ئي مطالبو ڪيو
ابو سفيان ٻڌو ته ڪنڌ ڌوڻيو... نعيم ٺيڪ چئي رهيو هو.
ٻنهي طرفن بداعتمادي ٿي ويئي.
مٿان وري خدا روڪيل هوائن جي ڳنڍ کولي ڇڏي.
لڱ ڄمائيندڙ ٿڌيون هوائون
طوفان جي صورت ۾ ڪاهي آيون
مٿان وري ڪَڪر به مِڙي آيا.
تيز مينهن، تکين هوائن ۾ پٿرين جيان وسڻ لڳو. طوفان ايترو ته سخت هو جو ابو سفيان جي فوجين لاءِ چُلهه تي چڙهيل ديڳيون به اُبتيون ٿي ويون. باهه ڪٿي ڀڙڪي ٿي پئي ته ڪِٿي اُجهامي ٿي ويئي.
تنبو اُبتا ٿي پيا.
تنبو ڦاٽي پيا.
بانس اُکڙي ويو.
رسيون ڇِڄي پيون
ابو سفيان جي پڙاءُ ۾ طوفان سڀ ڪجهه هيٺ مٿي ڪري ڇڏيو
صحرا جو غبار
مٿان وري بُت ڇليندڙ تيز مينهن
هٿ کي هٿ نه سُجھي
آسمان تان وحي لهي آقا صلي الله عليھ وسلم کي سڄو منظر ڏيکاري ڇڏيو.
”اي ايمان وارؤ! الله جي اُن انعام کي ياد ڪريو، جيڪو اوهان کي اُن وقت مليو، جڏهن ڪافرن جا ڪيترا ئي لشڪر اوهان جي مٿان اچي ڪَڙڪيا هئا. ان وقت اسان اوهان جي دشمنن تي هڪ انڌو طوفان موڪليو ۽ آسمان تان اوهان جي مدد لاءِ اهڙا لشڪر لاٿا، جيڪي اوهين ڏسي نٿي سگهيا ۽ الله اوهان جي عملن کان چڱي پَر واقف آهي. ]سوره الاحزاب[
رات ڏاڍي ٿڌي هئي.
ڊسمبر جي پوين راتين مان هڪ.
ذيقعد جو مهينو هو.
گهيري کي هڪ مهينو ٿي چڪو هو.
ابو سفيان جي لشڪر جي رسد ختم ٿي چڪي هئي
اڳيان حج جو مهينو هو،
کيس مڪي به پهچڻون هو.
غطقان قبيلن ۾ به مايوسي هئي
ابو سفيان کي بنو قريظه پاران بدگماني پيدا ٿي چڪي هئي.
۽ مٿان وري ههڙي طوفاني رات.
سڀ ڪجهه اُبتو ٿي ويو
پڙاءُ ۾ سڀ ڪجهه ظاهر ٿي ذرو ذرو ٿي ويو.
هيڏانهن مديني ۾ ان سرد رات جو آقا ﷺخندق جي ڪناري هڪ خيمي ۾ چادر ويڙهيو ويٺا هئا. تنبوءَ جون رسيون لڏي رهيون هُيون. تنبوءَ جو ڪپڙو ڦڙ ڦڙائي رهيو هو. مينهن پئجي رهيو هو.
آقا ﷺسيدنا حذيقه بن اليمان کي سڏيو
هو جاسوسيءَ جو ماهر هو.
آقا صلي الله عليھ وسلم کيس چيو ته، قريش جي ڪئمپ ۾ وڃ
خبر چار وٺي اچ
ٻيو ڪجهه به نه ڪج
دعا ڪيائينس ته الله هر طرف کان تنهنجي حفاظت ڪري.
سيدنا حذيفه، آقا صلي الله عليھ وسلم جي دعا ٻُڌي شينهن بنجي ويو. اهڙي ڀُوائتي موسم ۾ بَدن تي چادر ويڙهيائين ۽ روانو ٿي ويو ۽ ابو سفيان جي لشڪر جي رهائشي هنڌ تي پهچي ويو.
اُتي ته منظر ئي ٻيو هو.
پڙاءُ کڄي چڪو هو
اونداهي اهڙي جو اک نه ڏسي گوڏو
تيز هوائون، ڌوڙ، مٽي، گپَ
ڪريل اُڏرندڙ تنبو
مانيءَ جون اُبتيون ٿيل ديڳيون
سانت
شائين شائين ڪندڙ تيز طوفاني هوا.
تيز وسندڙ مينهن پاڻي... گپَ
وِڄن جا وَراڪا
ڪڪرن جو دل ڏاريندڙ گوڙ...
روح فنا ڪندڙ منظر هو.
ماڻهن ۾ ڊپ جي لهر ۽ بي ربط ڀڄندڙ قدم.
ايتري ۾ حذيفه کي اونداهيءَ ۾ هڪ طرف ڀڄندڙ ابو سفيان بن حرب جو ڪَن تي آواز پيو-
اي قريشو
هاڻ ترسڻ جي جاءِ ڪونهي
اسان جا وَهٽ مري ويا آهن
بنو قريظه وارا به ڦِري ويا آهن
طوفان سڀ ڪجهه اُبتو ڪري ڇڏيو آهي.
منهنجي مَڃو ته موٽي هلو.
پوءِ ابو سفيان جهڙپ ڏيئي پنهنجي اُٺ ڏانهن ويو.
ٽپ ڏيئي اُٺ تي ويٺو. کيس اٺ کي ڀڄائڻ جي ايتري ته تڪڙ هئي جو اهو به وساري ويٺو ته ويٺل اُٺ جي گوڏن کي هن ٻڌي ڇڏيو هو. ان اُٿڻ جي ڪوشش ڪئي ٿي ته وري ويهي ٿي رهيو.
ابو سفيان جي ڪنهن ساٿيءَ اُٺ جا گوڏا کوليا.
ڀڄندڙن ۾ ابو سفيان جو اُٺ سڀني کان اڳيان هو.
هڪ هنڌ ابو سفيان، حذيفه جي ايترو ته ويجهو آيو، جو، چاهي ها ته کيس تلوار جي هڪ وار سان پورو ڪري ڇڏي ها، پر کيس آقا صلي الله عليھ وسلم جو حڪم ياد اچي ويو. ٻيو ڪجهه به نه ڪج... رڳو خبر چار وٺي اچ...“ ]زرقاني[
هو ڊوڙندو واپس آيو
آقا صلي الله عليھ وسلم کي خوشخبري ٻُڌايائين.
آقا ﷺالله جي اڳيان ٿورا مڃيندي شڪراني جي سجدي ۾ هليا ويا.
صبح ٿيو ته مديني جي سامهون ميدان خالي پيو هو. دشمن جو نالو نشان به نه هو.
”اعز جنده و نصر عبده، و هزم الاحزاب وحده“
”پنهنجي لشڪر کي عزت بخشي، پنهنجي ٻانهي جي مدد ڪئي ۽ اڪيلي ئي سڄي لشڪر کي شڪست ڏني.“ ]الاحزاب[
جنهن طوفاني رات ابو سفيان پنهنجو لشڪر وٺي واپس مڪي ڀڳو. آقاﷺ فرمايو:
”هاڻي دشمن ڪڏهن به اسان تي حملو نه ڪندو. هاڻي اسين مٿن هَلان ڪنداسين.“
جنهن ڏينهن آقا ﷺخندق کان واپس آيا، اهو اربع جو ڏينهن، ذيعقد جي 22 هين تاريخ ۽ 5 هجري هئي. ابو سفيان ۽ سندس آندل ڏهن هزارن جو لشڪر هزارين درهم، وقت ۽ پنهنجن جانورن جو ذيان ڪرائي بُڇڙو ٿي، ناڪام ۽ نامراد ٿي ڀڄي چڪو هو. پنهنجا ٽي چڱا مڙس نفل بن عبدالله، عمرو بن عبدؤو ۽ منبه بن عبيد به مسلمانن جي هٿان مارايائون. ڇهه مسلمان به شهيد ٿيا. اوس جو سردار سعد بن معاذ به زخمي ٿيو، سندس ٺونٺ ۾ تير لڳو. سندس گهڻو رت وهيو. مسجد نبويءَ ۾ سندس علاج لاءِ تنبو هنيو ويو. هڪ عيسائي عورت رفيده اسلميه سندس علاج تي مقرر هئي.
کيس اڃا تاريخ جو هڪ وڏو فيصلو ڪرڻون هو.