مديني ۾ ڀليڪار
شمع رسول ﷺ جا پروانا
بيٺا تڙپي رهيا هئا
آقا ﷺ
اسان جا ڀاڳ جاڳايو
هِتي ئي ٽِڪو
آقا ﷺ فرمايو ٿي:
”اوهان تي خدا جي بَرڪت هجي
مُنهنجي ڏاچي خدا جي حڪم تي پئي هلي
جتي بيهندي
اُتي ئي رهندس.“
مديني جي وسندي ڪشادي، سهڻي ۽ سيبتي هئي.
اُن ۾ 24 کان به وڌيڪ پاڻيءَ جا چشما هئا، جن جو پاڻي مِٺو ۽ ٿڌو هو.
وڏن جبلن جي وچ ۾ ، اُتر ۾ احد، ڏکڻ ۾ جبل عير، اولهه ۾ جبل بني عبيد ۽ وچ ۾ سلح جي ٽڪري هئي، جنهن وٽ ڳتيل آباديءَ ۾ بنو نجار جو محلو هو، جتي آقاﷺ جو ڏاڏو سيدنا عبدالمطلب جنميو هو ، اُتي ئي سندس امڙ سيده سلميٰ زوجه هاشم جو گهر هو. اُن ئي پاڙي جي هڪ گهر ۾ آقا ﷺ جي پيءَ سيدنا عبدالله هي جهان ڇڏيو هو .
اُتي ئي سندس قبر هئي.
اُنهن ئي گهرن ۾ پاڻ سڳورا پهريون گُهمرو ڇهن ورهين جي وهيءَ ۾ پنهنجي امڙ سيده آمنه سان گڏ آيا هئا. اهو ئي سفر سندس پنهنجي امڙ جي آخري ياد هئي ته ان هنڌان نڪري سندس امڙ مڪي تائين نه پهتي. مديني کان ايندڙ رستي ۾ ابواء جي هنڌ تي هوءَ سدائين جي لاءِ ترسي پئي. اُتي ئي دفن ٿي.
کيس خبر هئي ته سندس پُٽڙو وڏي شان وارو آهي.
شايد کيس پنهنجي پُٽڙي جي شان ۽ عزت جو اندازو هو، جنهن کي هوءَ ڇهن سالن جي وهيءَ ۾ ويران بيابان جي رستي ۾ سفر جي حالت ۾ رڳو پنهنجي پالڻهار جي سهاري ڇڏي وڃي پنهنجي ڌڻيءَ کي پَرتي.
آقا ﷺ جي ڏاچي مديني جي گهٽين مان لنگهي جڏهن اُن پاڙي ڏانهن مُڙي ته آقا ﷺ جي ڌيان ۾ اها ڇهن ورهين جي عمر ۾ گذريل ٻٽي يتيميءَ جي ڏکارن ڏينهن جي ڪا تِکي نوڪ چُڀي هوندي.
پر ڏاچي اُن هنڌ نه ترسي، جتي آقا ﷺ جي امڙ ترسي هئي.
گڏ ئي آقا ﷺ جي پيءُ جي قبر وارو گهر هو.
ڏاچي اُن هنڌان به ڪنڌ جهڪائي لنگهي ويئي ،
هاڻ اڳيان آقا ﷺ وسلم جي ڏاڏي سيدنا عبدالمطلب جي امڙ جو گهر هو.
ڏاچي اُتان به هلندي اڳيان وڌي ويئي.
جن پَٽن تي آقا ﷺ ننڍي وهيءَ ۾ کيڏيا هئا. قصويٰ هاڻ انهيءَ رستي تي هلي رهي هئي.
ساڻس گڏ پروانن جو ميڙ به هلي رهيو هو.
ڏاچي اڃا تائين اُن پاڙي مان لنگهي رهي هئي. هُن جي هوريان هوريان کنيل وکن تي سندس راھ روڪيندڙ پرستار پروانن جا پَر سڙي رهيا هئا.
گڏ گڏ اُڀين تراڙن وارن محافظن جو جلوس به هلي رهيو هو.
بني نجار قبيلي جو هر ٻار، ٻُڍو، نوجوان، مرد ۽ عورت، آقا ﷺ جي ماءُ بڻجي دعائون گهري رهي هئي ته آقا ﷺ جي ڏاچي اُن ئي پاڙي ۾ بيهي.
الائجي خدا وٽ ڪنهن جي دعا اَگهي.
بنو نجار جي ئي پاڙي ۾ ڳتيل گهرن واري گهٽي ختم ٿي ته هڪ ميدان اچي ويو،
ڏاچي بيٺي،
اُن سان گڏ هلندڙ ماڻهن جو ساھ به بيهي رهيو
خوشيءَ سبب بيٺل ساهن مان خوش ڪندڙ رڙ نڪتي
ڏاچيءَ ڪنڌ ورائي پويان ڇڏيل ٽن گهرن ڏانهن ڏٺو
ڄڻ فاصلو ماپيو هجي
پوءِ چئني طرفن ڪنڌ ورائي ڏٺو
ڄڻ سڄي جهان جي ڪنارن کي جانچيو هُجيس
پوءِ هوريان هوريان ڪنڌ جُهڪايو ۽ پنهنجا پويان گوڏا موڙي ويهي رهي.
آقا ﷺ واڳ ته اڳ ۾ ئي ڇڏي ڏني هئي.
ماڻهن جون خوشيءَ مان رڙيون نڪري ويون
ڊوڙيا.. ڀڄندا آيا
ڏاچيءَ وري ڪنڌ مٿي کنيو
گوڏا سِڌا ڪيا
اُٿي بيهي رهي
وري هلڻ لڳي
ڪجهه وکون اڳيان
پوءِ بيٺي
مُڙي
جتي اڳ ۾ بيٺي هئي، اُتي اچي ٿورو پويان هَٽي
پوءِ بيٺي
چئني ڏسائن ناسون کولي ڄڻ هوا کي سُنگهيائين، پنهنجي ڪنن کي لوڏي ڄڻ ڪجهه ٻُڌائين.
پوءِ مُڙي
جتي پهرين بيٺي هئي،
بلڪل اُن جاءِ تي اچي ويهي رهي
چئني ٽنگن زمين کي ڇُهيو ۽ پيٽ به ڌرتيءَ سان وڃي لڳس.
بنونجار جي محلي ۾ ” ماھ ڪامل“ لهي آيو.
گڏ هلندڙ ماڻهن کان خوشيءَ ۾ رڙيون نڪري ويون.
آقا ﷺ جي لهندي ئي سڀ کان ويجهي گهر جي ايڪٽيهن سالن جي سُهڻي جوان ابو ايوب انصاريءَ جي ڄڻ ته لاٽري نڪري آئي
هُن ڊوڙندي اچي آقا ﷺ جي قصويٰ جي واڳ ورتي ۽ چيو
آقا ﷺ هو سامهون سڀني کان ويجهو گهر منهنجو آهي.
ميزبانيءَ جو حق مونکي ڏيو
سيدنا اسعد بن زراھ به ڀڄندو آيو
منهنجو گهر به پري ڪونهي، منهنجا آقا ﷺ
آقا ﷺ مرڪيا، چيائون
”جتي سامان هوندو آهي. مهمان اُت ئي ويندو آهي“.
سيدنا اسعد بن زراھ وڏي هيجَ مان قصويٰ جي ڪنڌ تي هٿ ڦيريو ۽ سندس سيوا ڪرڻ جي لاءِ کيس گهر وٺي ويا.
اِها اُهائي قصويٰ هئي،
جنهن اٺ سال مديني ۾ آرام ڪيو ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر خدا جي ڪرم سان جتان لِڪي ڇُپي نڪتي هئي، اُن مڪي شهر کي فتح ڪرڻ جي لاءِ ڏهن هزارن پروانن کي باز (شاهين) بڻائي، آقا ﷺ کي پنهنجي پُٺيءَ تي ويهاري وٺي وئي هئي.
ڪنهن کي خبر هئي ته قصويٰ جا ڀاڳَ ڪيڏا نه بلند آهن.
بخت آوري ته اُن ڏينهن ڪو بنو نجار وارن کان پُڇي ها، جنهن جون ٻارڙيون پنهنجي وقت جو بهترين ساز دفينو هٿن ۾ کڻيو، وڄائي، ڪائنات جي عظيم هستيءَ کي خوش آمديد چئي رهيون هيون.
نحن جوارِِ من بني النجار
يا حبذا محمدصه من جار
]اسين بني نجار جون ڇوڪريون آهيون، محمدصه اسانجو ڪيترو نه سُٺو پاڙيسري بڻجي ويو آهي[
پوءِ هُنن وري نئون گيت ڇيڙيو:
اشرق البدر علينا... من ثنيات الوداع
وجب الشڪر علينا.. ما دعا لله داع
ايها المبعوث فينا- جئت بالامر المطاع.
]اُنهن ڏکڻ جي سُتل جبلن مان
چوڏهينءَ جو چنڊ ظاهر ٿيو آهي اسان لاءِ
ڪهڙو نه سُهڻو دين ۽ تعليم آهي
اسان کي الله جا ٿورا مڃڻ گهرجن
اسان تي تنهنجي حڪم جي اطاعت فرض آهي
توکي جنهن موڪليو آهي...[
ماڻهو خوشيءَ ۾ سرشار هئا.
ٻارڙا جُهومي رهيا هئا
عورتون ڳائي رهيون هُيون
مرد روايتي عربي لباس ۾ نعرا هڻي چَھڪي رهيا هئا
پُوڙها مرڪي رهيا هئا.
آقا ﷺ فرمايو
”هذا ان شاءَ الله المنزل.“
”انشاءَ الله هيءَ ئي اسانجي منزل هوندي.“